زراعت: وسيع مفهوم ۾ زراعت زمين جي تياري، فصل جي پوکائي ۽ واڌ ويجهہ، فصل کي محفوظ رکڻ لاءِ ورتل اُپائن، چوپائي مال کي زرعي توڙي ڪاروباري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ، ڊيري فارمنگ ۽ باغباني وغيرہ کي چئبو آهي.
زرعي تاريخ جي حوالي سان تحقيق مان پتو پوي ٿو تہ انسان 10 کان 12 هزار سال اڳ هن ڪِرت جو آغاز ڪيو، جڏهن انسان ڄاتو تہ ڪيئن جهنگلي ٻوٽا، سندن توڙي جانورن جي غذائي ضرورت جو پورائو ڪن ٿا. پوءِ ٻوٽن ۽ جانورن جو گهريلو استعمال شروع ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح خوراڪ جي ڳولا لاءِ خانہ بدوشيءَ واري زندگيءَ ۾ تبديلي آئي، ڳوٺ ۽ شھر ٺھڻ لڳا.
انسان شڪاري دور ۾ ڪنهن هڪ هنڌ ٿانيڪو ٿي نہ ويهندو هو. جتي بہ کيس پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ ملندي هئي اتي رهي پوندو هو. عالمن جو خيال آهي تہ ننڍي کنڊ ۾ زراعت جي شروعات 9000 سال ق.م ۾ ٿي، جو اهڙا آثار مختلف ماڳن تان پوکي راهيءَ جي اوزارن مان مليا آهن. انسان جڏهن ڪن جانورن کي پاليو تہ کيس ضرورت محسوس ٿي تہ هو هڪ هنڌ ويهي، جنهن ڪري هن پاڻيءَ جي ڪنارن سان پنهنجون بيٺڪون اڏيون. ڪڻڪ، جَوَ ۽ ٻاجهري پوکڻ جا قديم ترين نشان مھر ڳڙھہ مان ملن ٿا. مھر ڳڙھہ جا ماڻهو ئي هئا، جن حالتن موجب هتان لڏي اچي عظيم سنڌو تھذيب جو بنياد وڌو. اهو مھر ڳڙھہ جو 9000 ق. م کان 6000 ق. م جو دور ليکيو وڃي ٿو. انهيءَ ئي دور ۾ ماڻهن رڍن، ٻڪرين، هاٿين، ڪتن کي گهرو جانور طور پاليو. کاڌي ۽ اناجن کانسواءِ هتان ڪپھہ جي پوکيءَ جا آثار بہ ملن ٿا. جيڪا هن خطي ۾ 5000 ق.م ۾ پوکي ويندي هئي. سنڌ ۾ اعليٰ درجي جي ڪپھہ پوکي ويندي هئي ۽ ان کي ٽاڻڻ ۽ ڌاڳي ٺاهڻ جو هنر بہ سنڌين وٽ هو. موهن جي دڙي مان ڪيترائي ٻج مليا آهن جيڪي اتي پوکيا ويندا هئا.
سنڌ سميت چين جي ’هوانگ هي‘ علائقي توڙي ميڪسيڪو جي ‘Tehuacan’ وادي زراعت جي لحاظ کان گهڻي قديم تاريخ رکي ٿي. شڪار سان خوراڪ جو ذخيرو ۽ پوءِ خوراڪ جي پيداوار لاءِ ڪوششون ۽ اوزارن جي تياري آهستي آهستي وڌندي رهي. زراعت جا اوائلي اوزار پٿر ۽ ڪاٺيءَ مان ٺهيل مليا آهن، جڏهن تہ پوءِ لوھہ جو استعمال بہ شروع ٿيو. 2500 ق. م ۽ 500 عيسوي جي وچ واري عرصي ۾ دنيا اندر زراعت هڪ صنعت جو روپ ورتو ۽ مختلف شيون تيار ٿيون. 2900 ق.م جي مصري رڪارڊ ۾ انگور ۽ شراب جو ذڪر ملي ٿو، بصر، کير ۽ هنداڻي توڙي ڪن سبزين ۽ ميون جي پوک موجودہ عراق جي اُتر واري علائقي ۾ ٿيڻ لڳي. چين، مصر ۽ وچ اوڀر ۾ آبپاشي نظام متعارف ٿيو. 2000 ق.م ۾ سنڌ ۽ هند ۾ ڪپھہ جي پوک جو آغاز ٿيو. وچ اوڀر ۾ کجين ۽ انجير جا باغ پوکيا ويا ۽ اڳتي هلي اناج جي اُپت ۾ اضافو ٿيو. ڪڻڪ ۽ چانورن سميت مالٽن، ليمن ۽ ناسپاتي جي پوک بہ عام ٿي. ٻارهين صدي عيسوي ۾ وچ اوڀر جي زراعت کي ڪجهہ ڌڪ رسيو، منگولن آبپاشي نظام تباھہ ڪيو تہ ميسو پوٽيما پنھنجي غذائي ضرورتن کي بہ پورو نہ ڪري سگهي، پر پوءِ يورپي ملڪن، اسلامي ملڪن سان ڪپھہ، ريشم ۽ ميون جي پيداوار بابت سهڪار ڪيو. جڏهن تہ هندستان ۾ اناج توڙي ڪپھہ جا فصل ٿيندا رهيا. ارڙهين صديءَ دوران برطانيہ ۾ زراعت جي شعبي ۾ آيل تبديلين ۽ جديد سائنسي اصولن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان ان عرصي کي ’زرعي انقلاب وارو عرصو‘ سڏيو وڃي ٿو.
پاڪستان هڪ زرعي ملڪ سڏجي ٿو، هتي چارئي مندون، مناسب آبهوا ۽ زرخيز زمين زراعت جي صنعت لاءِ ترقيءَ جو باعث آهن. جديد سائنسي ذريعن سان بہ هتي هر قسم جو فصل پوکجي ٿو. زراعت جي ترقيءَ لاءِ مختلف يونيورسٽين اندر تحقيقي ڪم ٿيندا رهيا آهن ۽ مختلف ميون توڙي اناج جون مختلف جنسون متعارف ٿيون آهن. هتان جي مُکيه فصلن ۾ ڪڻڪ، ڪپھہ، چانور سڻي ۽ ڪمند آهي. آبادگارن جي تربيت ۽ سندن مالي مدد لاءِ حڪومت پاران قرض طور ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ قرض ۽ آسان قسطن تي ٽريڪٽر بہ فراهم ٿيندا رهيا آهن. ان کانسواءِ فصلن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ پڻ مختلف وسيلا ڳوليا ويا آهن.