زرتشت مت جو علامتي نشان
زرتشت مت/زردشت مت (مذهب): قديم دؤر ۾ ايران جي سر زمين (فارس) تي اسرندڙ هي قديم هند- ايراني مذهب 600 کان 1000 ق. م جي وچ ۾ وجود ۾ آيو ڪن مؤرخن موجب هن مذهب جو تعلق تاريخي ويدڪ ڌرم سان به جڙي ٿو اهي اويستا جي ’اهورا‘ ۽ ويدڪ ’اسورا‘ ۾ تعلق جي به ڳالهه ڪن ٿا. ان ڪري ٻنهي ۾ڪافي مشابهت موجود آهي. هن مذهب تي اهو نالو زرتشت (Zoroaster) نالي پيغمبر تان پيو، جنهن انتهائي قديم دؤر ۾ به ڪثرت پرستي جي مخالفت ڪئي ۽ وحدانيت جي تعليم کي عام ڪيو. هن مذهب کي ’مزدائي‘ (Mazdaism) به چون. هن جو بنيادي اصول حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ، سٺا ڪم ڪرڻ ۽ براين ۽ ڪڌن ڪمن کان پنهنجي نفس کي پري رکڻ آهي. زرتشت مت/زردشت مت جي تعليم ۾ خدا جو تصور سڀ کان پراڻو ۽ اعليٰ آهي. زردشت مت جي مذهبي خدا جو نالو اهورمزدا (Ahur Mazda) آهي، جنهن لاءِ مختصر لفظ ”هرمزد“ يا صرف مزدا به استعمال ڪيو وڃي ٿو. لفظ اهور جي معنيٰ ’آقا‘ ۽ مزدا جي معنيٰ ’ڏاهپ‘ يا ’روشني‘. اهور مزدا جي ظاهري طور ڪا به شڪل شبيهه ڪانهي ان ڪري زرتشت مت جا عقيدتمند، خدا جي علامت طور باهه جي عبادت ڪندا آهن ان سبب جي ڪري عموماً کين ’اگني پرست‘ يا ’آتش پرست‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. ان کان علاوه دنيا جي مختلف حصن ۾ مقيم زرتشتي/زردشتي قبيلن کي پارسي جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو آهي ڇو ته اهي تجارت ۽ ٻين سببن جي ڪري ايران (قديم نالو فارس/پارس) مان لڏي وڃي ٻين ملڪن توڙي شهرن ۾ آباد ٿيا. هن مذهب کي پهريون لوڏو سڪندر اعظم جي ايران تي حملي سبب آيو، ان کانپوءِ اسلام اچڻ سان پڻ ان تي اثر پيو ۽ ان جي مڃيندڙن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي هئي.
دنيا جي ٻين مذهبن وانگر زرتشت مت ۾ به برائي (شيطان) جو تصور ملي ٿو، جنهن کي بک، بيماري، موت، انساني ۽ سماجي زندگي ۾ انتشار جو ڪارڻ سمجهيو ويندو آهي. زرتشت مت ۾ شيطاني تصور کي اهرمن (Angra Mainyo) سڏيو ويندو آهي. هي مذهب ٽن بنيادي ڳالهين تي انحصار رکي ٿو، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
(1) هُمتا (Humata)= سٺا خيال
(2) هخته (Hukhta)= سٺي گفتار
(3) هُرشٽا (Hurashta)= سٺو ڪردار
زردشت مذهب ۾ خدا (اهور مزدا) تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ مٿين اصولن جو پابند هجڻ ضروري آهي. زرتشت مت ۾ اهور مزدا جي بيان ڪيل رهنما اصولن ۾ اميشا اسپنتاس (Amesha spentas) معاون ۽ مددگار اصول ثابت ٿيا. اهي فيض پهچائيندڙ روحاني اصول سندس ئي (اهور مزدا) طاقت جي هڪ پهلوءَ کي ظاهر ڪن ٿا. اميشا اسپنتاس، فرشته صفت خوبين کي ظاهر ڪندا آهن پر روحاني نظريي تحت اهي اصول خدائي تجلين جو پرتوو آهن، جن کي هر ماڻهو پنهنجي اندر ۾ پيدا ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ سان انسانيت جي مٿانهين درجي تائين پهچي سگهي ٿو. زرتشت مت مطابق اهي بنيادي ڇهه اميشا اسپنتاس (اصول) هيٺينءَ ريت آهن:
(1) ووهو مانا (Vohu Mana): مطلب سٺي ذهن جو جذبو رکڻ، سٺي ذهن مان سٺا خيال جنم وٺندا ۽ سٺا خيال سٺن لفظن جي پوئواري ڪندا ۽ سٺا لفظ سٺي ڪردار جو سبب بڻجندا. زرتشت مذهب مطابق زندگي گذارڻ لاءِ زرتشتي عقيدتمندن تي لازم آهي ته اُهي پنهنجي اندر کي سٺو رکڻ جي ڪوشش ڪن. هيءُ اصول، ماڻهن کي انهن جي زندگي ۾ سٺي ۽ خراب ۾ فرق ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو.
(2) اشا وَهِسٽا (Asha Vahista)
هن اصول جو مقصد ماڻهن ۾ سچ، صداقت ۽ صحيح راهه تي هلڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ آهي. عام طور تي اشا کي احشاهه (Ahshah) ڪري اچاريو ويندو آهي، جيڪو صحيح، سچ، انصاف، دانشمندي ۽ ترقي واري راهه تي هلڻ جو ڏس ڏئي ٿو. هيءُ رستو نجات ۽ خدائي رحمتن طرف وٺي وڃي ٿو.
(3) خشٿرا وئريا (Khshathra Vairya)
هن اصول موجب طلبيندڙ، اختياري يا حڪومت (جنت جي حاصلات) لاءِ اهورمزدا جي احڪامن جي پورائي ۽ فرمانبرداري انتهائي ضروري آهي. بحيثيت خدا جي اهورمزدا کي اهو حق ۽ طاقت حاصل آهي ته هو جنهن کي چاهي پنهنجي نعمتن سان نوازي. اهڙي ريت اهي نعمتون انهن ماڻهن کي عطا ڪيون وينديون، جيڪي سٺي ذهنيت رکندا، نيڪ عمل ڪندا، سڌي راهه
(Asha) تي هلندا، انساني ڀلاين کي فروغ ڏيندا ۽ براين جو خاتمو آڻيندا.
(4) اسپنتا ارمائٽي (Spenta Armaity)
هن اصول تحت زرتشتي پوئلڳن کي انسانيت سان محبت، هڏ ڏوکي ٿيڻ ۽ ڀلائي ڪرڻ جو درس ڏنو ويو آهي. هيءَ اصول، پوري انسانيت سان محبت طرف مائل ڪري ٿو.
(5) هؤرواتت (Haurvatat)
ڪامل يقين سان خيرو عافيت واري زندگي بسر ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ.
(6) اميرا تت (Ameratat):
مرڻ کانپوءِ دائمي بقا ۽ بهشت واري زندگي جي ڪيفيت ۽ مستقل امرتا جي حاصلات جو جذبو پيدا ڪرڻ.
تاريخي حوالي سان زرتشت مت جي اؤسر قديم دور اندازً ٻي صدي ق. م کان ٿيل ٿي ڏسجي جڏهن ته تاريخي ماخذن ۾ هن مذهب جو ابتدائي دؤر پنجين صدي ق. م جو وچ وارو دؤر ڄاڻايو ويو آهي. ان لحاظ سان زرتشت مت دنيا جي ٻين مذهبن کان تمام آڳاٽو ۽ ٻڌمت کانپوءِ ٻيو وڏو مذهب هو، بعد ۾ آڳاٽين تهذيبن جي زوال پذيري ۽ ڪامل دين اسلام جي رائج ۽ عام پکيڙ ٿيڻ ڪري زرتشت مت جو اثر انتهائي حد تائين گهٽجي ويو. هن مذهب جا پوئلڳ تمام ٿورائي ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ آباد آهن. هن وقت سڄي دنيا ۾ زرتشتين (پارسين) جي مجموعي آبادي تقريباً 145000 کان 210000 (گهٽ وڌ) آهي.
ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هندستان ۾ زرتشتين جو تعداد وڌيڪ يعني 69601 جي لڳ ڀڳ آهي. ايران ۾ مسلم فاتحن جي حملن دوران، زرتشتي مذهبي رسمن جي ادائيگي جو دائرو تنگ ٿيڻ سبب لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيا ۽ ايراني نار (Persian Gulf) وسيلي خراسان جبل، هورمز کان ٿيندا ديو (Diu) ۾ 19 سالن تائين رهائش پذير ٿيا بعد ۾ گجرات جي رياست سنجڻ (Sanjan) ۾ اچي آباد ٿيا ۽ آهستي آهستي گجرات جي ٻين رياستن سورت ۽ نوسيري ۾ ڦهلجي ويا، جتي انهن زرتشتي ادارا قائم ڪيا. جيڪي نسل در نسل اڄ تائين هندستان ۾ آباد آهن. پاڪستان ۾ زرتشتي/پارسي 5000 کان 6000 جي تعداد ۾ اقليتي صورت ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ مقيم آهن ۽ ملڪي واپار ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهي گهڻو ڪري گجراتي ٻولي ڳالهائيندا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌي به ڳالهائيندا هئا. زرتشت مت ۾ مذهبي گڏجاڻين ۽ رسمن جي ادائيگي لاءِ مقدس عمارتون (آتش ڪدا) ٽن درجن ۾ ورهايل آهـن. جـن مـان آتـش بـهـرام
(Atash Behram) کـي مـٿـانـهين، آتش آدرن (Atash Adaran) کي ٻي ۽ آتش دادگا (Atash Dadga) کي ٽئين درجي جي حيثيت حاصل آهي. آتش بهرام کي اگني (باهه) جي مرڪزي ۽ ضلعي ڪليسا جو درجو حاصل هوندو آهي، جنهن ۾ ڪل زرتشتي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن. دنيا ۾ هن قسم جا ڪُل 10 آتش ڪده موجود آهن جن مان اٺ (8) هندوستان ۾ ۽ ٻه ايران ۾ آهن. آتش بهرام کانپوءِ ٻئي درجي تي آتش ادارن آهي، جنهن ۾ پڻ مذهبي رسمون ۽ شادي وغيره جون رسمون ادا ڪيون وينديون آهن. آخري ۽ ٽئين درجي جو آتش ڪدو، آتش دادگا جي نالي سان مشهور آهي. هندستان ۾ هن قسم جي آتش ڪدي کي آگياري (Agiary) ۽ اُتر آمريڪا ۾ درب مهر يا درِ مهر پڻ ڪوٺيو ويندو آهي. آتش بهرام جي مقابلي ۾ هتي مذهبي رسمون گهٽ ادا ڪيون وينديون آهن. ان کانسواءِ دخما (Tower Of Silence) نالي کوهه نما هڪ الڳ اسٿان هوندو آهي، جتي ماڻهوءَ جي مرڻ کانپوءِ ان جو لاش ٺلهه تي رکيو ويندو آهي. انهيءَ ٺلهه تي رکيل لاش کي ڳجهه ۽ ٻيا گوشت خور پکي کائيندا آهن. (ڏسو: دخما-جلد-5).
زرتشت مت جو مذهبي ڪتاب ”زند- اَوِستا“ آهي، جيڪو پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. اوستا جو آڳاٽو ماخذ گاٿڪ اوستان ٻولي ۾ زرتـشـت جـو تـحرير ڪيل آهي، جنهن ۾ سترنهن ڀڄن ۽ مناجاتون شامل آهن. ماهرن جي راءِ موجب اوستا جو اهو پهريون حصو خود زرتشت لکيو ۽ باقي پنج حصا ڪجهه عرصي کانپوءِ عالمن تحرير ڪيا، جن کي مجموعي طور Young Avesta چيو ويندو آهي. اوستا جا اهي پنج حصا هيٺينءَ ريت آهن:
(1) ياسنا (Yasna): هن حصي ۾ عبادت ۽ قربانيءَ جو ذڪر ملي ٿو. هيءُ، اجتماعي عبادت متعلق گاٿائن ۽ زرتشت مت جي بنيادي تعليمات تي مشتمل ڪتاب آهي.
(2) وسپراد (Visperad): اوستا جي هن ٻئي حصي ۾ خدا جي ساراهه، زرتشتي صوفين ۽ خدائي مخلوق کان خاص ۽ مقدس ڏينهن تي گهريون ويندڙ دعائون بيان ٿيل آهن.
(3) ياشت (Yashts): هيءُ حصو زرتشتي صوفين، فرشتن ۽ يزاد جي ساراهه ۾ چيل ڀڄنن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ زرتشت جي سڌارن کان اڳ ايراني مذهب جي ديوين ۽ ديوتائن جي ساراهه پڻ بيان ٿيل آهي.
(4) وينديداد (Vendidad)
هن حصي ۾ پادرين لاءِ مذهبي رسمن جي ادائگي جا طور طريقا، قاعدا ۽ نفس جي پاڪائي بابت علامتي نظام جو ذڪر ڪيل آهي.
(5) خورده اوستا (Khorda Avesta)
هــي مـخـتـصـر دعـائـن جـو مـجـمـوعـو آهي، جنهن ۾ نيايش ۽ گاهه
(Nyayash & Gah) اچي وڃن ٿا. زرتشتي، باهه کي خالص تخليق سمجهندا آهن ان ڪري باهه زرتشت مت جي خاص علامت آهي. هندستان ۽ ايران ۾ قائم آتش ڪدن ۾ مخصوص جڳهه تي هر وقت باهه ٻرندي رهندي آهي. زرتشتي ماڻهن ۾ مذهبي رسمن کي انتهائي اهميت حاصل آهي. زرتشت ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي 7 کان 15 سالن جي عمر دوران بيعت جي رسم ادا ڪرڻي هوندي آهي. هي رسم نوجوت يعني روحاني طور نئين جنم جي علامت هوندي آهي. بيعت لاءِ ٻارن کي اڇي رنگ جي صدري پارائي ويندي آهي ۽ چيلهه جي چؤگرد هڪ ڏوري (ڪشي) ٻڌبي آهي، بيعت کانپوءِ هر روز صبح جو دعائون پڙهڻ دوران صدري ۽ ڏوري ٻيهر پائيندا آهن. سنڌ ۾ زرتشت مت وارن مان مشهور شخصيتون ناميارو ليکڪ ارد شير ڪائوسجي، سر ڊنشا مينڪجي، مصالحه ٽي. وي جي پروگرام ’فوڊ ڊائريز‘ جي ميزبان زرنڪ دادا ڀائي نوروز جي، ڪارڪا دوسا ڀائي وغيره شامل آهن.
زرخيزيءَ جي پوڄا (Fertility Cult): جڏهن دنيا اندر زرعي انقلاب آيو ته ماڻهو درياهن جي ڪنارن تي ڳوٺ اڏي رهڻ لڳا. اڳتي هلي ڳوٺ شهرن ۾ تبديل ٿيا. ’تمدن‘ جو بنياد مدن لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ شهر آهي. اُر، بابل، هڙپا، موهن جو دڙو، نينوا ۽ ميسوپوٽيميا قديم تمدن وارا هنڌ شمار ٿين ٿا، جتي مختلف قبيلن جون راڄڌانيون قائم هيون، اتي قانون ۽ ملڪي نظام جا اصول ٺهيا. هڙاپا ۽ موهن جي دڙي مان هڪ ترقي يافته تمدن جا آثار لڌا آهن. هتان جيڪي شيون لڌيون آهن، تن ۾ چوڪنڊيون مهرون خاص ڪري دلچسپيءَ جو باعث آهن. هن دؤر جي تمدن کي ’زرعي تمدن‘ ۽ ’درياهي تمدن‘ سڏيو ويو آهي. دجله، فرات، نيل، سنڌو ۽ ينگ سي يانگ ندين جي ڪنارن واري زمين زرخيز هئي، جتي سٺا فصل ٿيندا هئا، ان ڪري هنن کي زرخيزيءَ جو سبب ڄاڻائيندي اتان جي درياهن کي ديوتائن جو درجو ڏنو ويو ۽ اهي ديومالائن ۾ شامل ٿي ويا. نيل ندي ’امن جو اوتار‘ سڏي وئي. قديم عهدنامي ۾ ’فرات‘ کي انهن چئن درياهن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي بهشت ۾ موجزن آهن. يهودين دجله ۽ فرات جي وچ واري زرخيز ۽ ميدان کي ’عدن‘ (جنت) سڏيو آهي. جتي آدم ۽ حوا پنهنجا اوائلي ڏينهن خوشيءَ سان گذاريا هئا.
سٺن فصلن جو دارومدار زمين جي زرخيزي تي هو، ان ڪري انهيءَ دؤر ۾ زرخيزيءَ جي پوڄا عام جام ڪئي وئي. هن دؤر جي انسان زمين جي زرخيزيءَ کي قائم رکڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا. ان ڪري ديو مالائي قصن، مذهبي رسمن، سائنس جي تجربن ۽ جادو جي ٽوڻن ڦيڻن جا اهڙا آثار چٽا ڏسجن ٿا. آسمان مان مينهن وسندو هو، ان لاءِ آسمان کي شفيق پيءُ جو درجو ڏنو ويو. يونان ۾ آسمان کي زيوس پيٽر ڪري سڏيندا هئا جنهن کي روم ۾ ’جيوپيٽر‘ ڪري سڏڻ لڳو. اتان ئي رومي ڪليسا جي ’آسماني پيءُ‘ جو تصور کنيو ويو آهي. قديم هندستان ۾ اهو ئي ديوس پتا/پتر سڏيو ويندو هو. زمين ماتا ديوي هئي، جنهن جي ڪک مان سلا اڀرن ٿا، انڪري ڏسبو ته Matter ۽ Mother لفظن جو ڌاتو هڪڙو ئي آهي ۽ ساڳي مناسبت لفظ ’مادي‘ ۾ به نظر اچي ٿي. لفظ Nature جي لغوي معنيٰ آهي ’ٻار ڄڻڻ واري‘، مصر جي عزا، انگريزن جي سبيلي، يونانين جي رميتير، هندن جي دُرگا، روم جي سيرس ماتا ديويون هيون. جيڪي تخليق، قبيلي جي واڌ، حياتي ۽ پيدائش جو اهڃاڻ ڪري ليکبيون هيون. پروفيسر گلبرٽ مُري لکي ٿو ته ”قديم مذهب ۾ زمين جي زرخيزي ۽ قبيلي جي واڌ کي هڪ ئي قسم جو عمل ڪري سمجهيو ويندو هو. ڌرتيءَ کي ماءُ ڪري سمجهندا هئا ۽ انساني ماءُ کي هَرُ ڏنل ٻني سمجهندا هئا. هي ماتا ديوي دنيا جي سڀني تهذيبن ۾ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود رهي آهي بهار ۾ کيس ڪنواريءَ جي لقب سان نوازيندا هئا. جڏهن ته لاباري مهل ان کي ماءُ ڪري سڏيندا هئا. سرءُ جي موسم ۾ چوندا هئا ته کيس چاهيندڙ ڀڄائي ويو آهي، بهار اچڻ تي وري تصور ڪيو ويندو هو ته هوءَ هاڻ زميني تهه خانن مان ٻاهر نڪتي آهي ۽ سندس وري موٽي اچڻ تي خوشيون ڪيون وينديون هيون. جيئن پروفيسر گلبرٽ مُري لکيو آهي ته پوک جي عمل ۽ جنسي عمل ٻنهي کي هڪ جهڙو سمجهيو ويندو هو، ان ڪري اشورين جي عشارت، آرمينياين جي انائيس، قديم ايرانين جي اناهتا، يونانين جي افروڊائيٽ، جنسي محبت جون ديويون هيون. جن جي پوڄا ان لاءِ به ڪئي ويندي هئي ته جيئن فصل ڀلا ٿين. ڪلداني زبان ۾ ان کي مولوداتا چوندا هئا، جيڪو عربيءَ ۾ ’مولده‘ ٿي ويو.
مصر جي ديوي عزا وانگر بابل جي عشتار ديويءَ کي هڪ ئي وقت زرعي ديوي، ماتا ديوي ۽ جنسي ميلاپ جي ديويءَ جو درجو حاصل هو. هنن ديوين جي مندرن ۾ جنسي ميلاپ جي عام اجازت هئي. ڪارنيٿ جي ايفروڊائيٽ جو نالو ’هائرو ودلي‘ هو، جنهن جي پوڄا گهر ۾ 10000 ديوداسيون رهنديون هيون، جتي ياترين ۽ پوڄارين کي جنسي ميلاپ جي اجازت هئي ۽ ديوداسيون پنهنجي آمدني ڪل گرو يا پروهت جي حوالي ڪنديون هيون. مورخ اسٽرابو لکيو آهي ته انهن عورتن سبب شهر ۾ هجوم موجود هوندا هئا، ماڻهو مجبور ٿي سامان گروي رکي، وياج تي پئسا وٺندا هئا. جهازران سموري مُوڙي وڃائي موٽندا هئا. ڪارنيٿ جا شهري کين عزت جي نگاهه سان ڏسڻ سان گڏ کين شهر لاءِ رحمت سمجهندا هئا.
مصري عزا ديويءَ جا بت سنواري رکندا هئا. ديويءَ جا پوڄاري ڏاڙهي، مڇون ۽ ڀرون ڪوڙائي، صبح شام ديويءَ جي شان ۾ سُر سان ڀڄن ڳائيندا هئا. ڪنواريون ڇوڪريون ڪنوارپڻي جو ٻل ڏينديون هيون. عزا جي سالياني ميلي تي ملڪ ۾ جنسي ميل ميلاپ جا عام مظاهرا ٿيندا هئا. بابل ۾ عشتار ديويءَ جو عظيم پوڄا گهر هو، جنهن ۾، هيرو ڊوٽس جي لکيو آهي ته هر عورت پاڻ کي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو ڪنهن ڌارئي جي حوالي ٿيڻ پنهنجو مذهبي فرض سمجهندي هئي. وڏن اميرن جون زالون پالڪين ۾ چڙهي ان مقصد لاءِ مندرن ۾ اينديون هيون. جيمس فريزر موجب عزا ديويءَ جي پوڄا وارين رسمن رومي ڪليسا جي ڪيترن شاعرن تي گهرو اثر ڪيو. هن هڪ لکت ’ادونس‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”هر ڊسمبر جي آخر ۾ عزا ديويءَ کي پنهنجي ننڍڙي پٽ هورس ديوتا کي کير ڌارائيندي چِٽيو ويندو هو. انهن ڪهاڻين عيسائيت جي عقيدن ۽ رسمن کي ڪافي متاثر ڪيو، پراڻا عيسائي عزا ۽ هورس جي بت آڏو سجدو ڪندا هئا. ان جو ڪارڻ عورت جو تخليقي عنصر هو ، جنهن ترقي ڪري ’مقدس ماءُ‘ جو درجو حاصل ڪيو. فريزر جي خيال موجب اوسائرس، عزا ۽ ان جو ٻار هورس ڪن مذهبن ۾ٽمورتيءَ جا پراڻا اهڃاڻ آهن. قديم مصر ۾ صليب جي نشان کي ميل ميلاپ (دوستيءَ يا محبت) جي نشانيءَ طور ڳچي ۾ پاتو ويندو هو. ساڳئي ليکڪ جو خيال آهي ته عيسائين جو مشهور ڏڻ ڪرسمس ’مٿرا مت‘ تان ورتل آهي ۽ ايسٽر ڏڻ عشتار ديويءَ جي ڏڻ جو نقل آهي، جيڪو بهار ۾ ملهايو ويندو هو. مذهبي ڪسب پڻو بابل، شام ۽ هندستان ۾ صدين تائين هلندو رهيو، جنهن جو مقصد اهو هو ته زمين جي زرخيزي بحال رهي. زمين جي زرخيزيءَ جي بحالي ۽ فصلن جي سٺي ڦوٽهڙي لاءِ اُن زماني ۾ ’زرعي ڏڻ‘ پڻ ملهايا ويندا هئا. اهڙن ڏڻن جو ذڪر ڪندي برفالٽ پنهنجي ڪتاب Sex In Civilization ۾ لکي ٿو ته اهڙي قسم جا ڏڻ، جن جو واسطو خاص طور سان فصلن جي پوک ۽ لاباري سان هو، سي دنيا جي هر حصي ۾ ملهايا ويندا هئا. زرخيزي ۽ زرعي معاشري ۾ لِنگ جي پوڄا به ڪئي ويندي هئي. هندستان ۾ لِنگ جي پوڄا جو رواج اڄ به موجود آهي. شوي ڀڳت پنهنجي پيشانيءَ تي لنگ جي صورت پڻ ٺهرائيندا آهن.
سر جان مارشل جو خيال هو ته قديم سنڌو ماٿريءَ ۾ ماتا ديويءَ ۽ شِوَ جي پوڄا ٿيندي هئي جنهن سان ڪي ٻيا ليکڪ متفق ناهن. البت ٻنين جي زرخيزيءَ ۽ جنس جو تصور ان تهذيب ۾ ملي ٿو. هتان هڪ اهڙي مهر ملي آهي جنهن ۾ عورت جي گرڀ مان ٻوٽو ڦٽندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پوءِ وارن دورن ۾ ڌرتيءَ کي ماءُ سمجهڻ جو تصور پڻ انهيءَ عقيدي ڏانهن اشارو ڪري ٿو.