
زلزلو

ڌرتيءَ جي تخريبي جڙيل تاسر جو زلزلائي ڏيک

زلزلو

ڌرتي ڌوڏ/زلزلي جي شڪل

زلزلو

چين جو قديم زماني ۾ زلزلي جو ڏس ڏيندڙ اوزار

زلزلي جي جسامت ڏيندڙ ريڪٽر اسڪيل

2001ع ۾ گجرات ۾ آيل زلزلي جي تباهيءَ جو ڏيک

2005ع ۾ پاڪستان ۾ آيل زلزلي جي تباهيءَ جو ڏيک

زلزلي جي حرڪت ٻڌائيندڙ اوزار
زلزلو (ڀونچال: (Earthquake: زلزلو، ڌرتيءَ جي ڌوڏ يا ڀونچال (Earthquake)، ڌرتيءَ جي اندرين حرڪت جو هڪ قسم آهي، جيڪا جڙيل تاسرين (Tectonic plates) جي مختلف رُخن ڏانهن حرڪت ۽ زمين يا سمنڊ اندر آتش فشاني عمل (Volcanic Activity) سبب اچي ٿو. انهيءَ حرڪت جي ڪري ڌرتيءَ جي سطح واري ڀون ڪڙيءَ (Earth crust) جي تمام گهڻي اونهاين ۾ ٿيندڙ زلزلي جي اُٿڪ سبب ڀون ڪڙي (Crust) تي تمام گهڻي ڌوڏ ۽ لوڏ (Shaking & Vibrating) پيدا ٿيندي آهي ۽ ڪن صورتن ۾ زمين جي اندران تتو ڳار (Magma)، تتي ريج يا لاوا (Lava) جي شڪل ۾ نڪري سمنڊ اندر يا ڌرتيءَ تي وهڻ لڳندو آهي، جنهن جي ڪري ڌرتيءَ جي قدرتي ماحول (Natural Environment of Earth) ۾ تمام گهڻي طبعي ڦيرگهير (Physical Variation) اچي ٿي. زمين ۾ ڏار پوڻ (faults)، ڌرتي ڦاٽڻ ۽ ڌُٻڻ
(Thrust And Compression) جي ڪري تمام گهڻي تباهي اچي ٿي ۽ شھر ۽ ڳوٺ تباھہ ٿي وڃن ٿا، کوھہ سُڪي وڃن ٿا. درياھہ رُخ مٽائي وڃن ٿا، نديون خشڪ ٿي وڃن ٿيون. ڌرتيءَ ڌڏڻ جي ڪري زمين ڦاٽڻ سان ان مان گئسن جو خارج ٿيڻ ۽ وايومنڊل ۾ پکڙجڻ وارو لقاءُ بہ ڪٿي ڪٿي نظر اچي ٿو.
ڌرتيءَ تي گهڻا زلزلا، ڌرتيءَ اندر 100 ڪلوميٽر کان بہ هيٺ ۽ ڪي وري 60 ڪلوميٽر هيٺان، ڀون ٿار (Lithosphere) واري تھہ کان شروع ٿيندا آهن ۽ زلزلي جي مرڪز (Focus) کان زلزلائي لهرون (Seismic waves) سڌو 90 درجي تي ڀون ڪڙي (Crust) جي مٿاهين زلزلي واري مرڪز (Epicenter) تي پهچنديون آهن، جيڪو زلزلائي لهرن جو ڌرتيءَ جي مٿاڇري جو پهريون مرڪز هوندو آهي. اتان زلزلائي لهرون چؤڏسائن ۾ پکڙجنديون آهن. زلزلي جي شدت جو دارومدار زلزلي جي مرڪز (Focus) جي گهرائيءَ موجب ٿيندو آهي.
زلزلن جا ڪارڻ (Causes of Earthquake): ڌرتيءَ ڌُڏڻ ۽ زلزلي جا مختلف ڪارڻ هوندا آهن.
زلزلي جا ڪارڻ (Causes Reasons of Earthquake): هڪ ڪارڻ، ڌرتيءَ جي تاپ يا حرارت (Temperature of Earth) ۽ ڌرتيءَ جي داٻ (Pressure of Earth) جي مٽ سٽ (Exchange) وارو عمل ۽ ٻيو ڪارڻ، جڙيل تاسرين (Tectonics Plates) جي هڪٻئي منجهہ لھي ويندڙ، هڪ ٻئي کان پري ٿيندڙ ۽ لاڳيتو وڌڻ ڪنارن جي حدن واري حرڪت (Subduction, Extrurim and Accretion) ، جنهن ۾ اهي ٻن اهم ’هم مرڪز جڙيل تاسرين جا تخريبي ڪنارا‘ (Destructive Margin of convergent Plates) هڪ ٻئي ۾ 45° (پنجيتاليھہ ڊگرين) تي اندر لھي وڃن ٿا، جنهن سان اُڇل (Thrust) پيدا ٿئي ٿي ۽ ڌرتيءَ مان تتوڳار (Magma)، تتي ريج/لاوي (Lava) جو ٻاهر نڪرڻ وارو عمل بہ ڪي قدر زلزلي جو سبب بڻبو آهي.
مهاساگري رجندڙ هنڌن (Oceanic Hot Spot) وارو باھہ جو گولو (Ring of Fire) جيڪو گهڻو تڻو سانتيڪي ساگر/ پئسفڪ سمنڊ (Pacific Ocean) واري علائقي ۾ حرڪت ڪري رهيو آهي. پئسفڪ سمنڊ جي ڪٺار وارن علائقن ۾ ايندڙ زلزلا، سوناميون، تهدار ۽ آتشفشاني جبلن جو جڙڻ، انهن هم مرڪز پليٽن (Convergent Plates) جي چرپر (Movement) جو نتيجو آهن. سانتيڪي مهاساگري علائقي ۾ اهڙا زلزلا تمام گهڻا اچن ٿا. ان ڪري جو ڌرتيءَ جي اها سانتيڪي جڙيل تاسر (Pacific Tectonic plate) تمام گهڻي متحرڪ آهي. اتي دنيا جو وِيھہ سيڪڙو (% 20) آدم آباد آهي، جڏهن تہ ٻئي قسم جي ’تشڪيلي جڙيل تاسرين‘ (Transform Tectonic Plates) جا ڪنارا هڪ ٻئي ڀرسان ترڪي (transform) يا چڙهي (Accretion) حرڪت ڪن ٿا، انهيءَ رڳڙ واري عمل سان ڀونچال/ زلزلا تہ اچن ٿا، پر ڪو بہ تتوڳار (Magma) وغيرہ نٿو وهي نڪري. ٽئين قسم جي پکڙجندڙ جڙيل تاسرين (Divergent Plates) جي حرڪت آهي، جيڪي تاسريون هڪ ٻئي کان پري ٿيڻ واري حرڪت وارو عمل ڪنديون آهن. ان عمل جي ڪري تعميري ڪنارا (Constructive Margin) سمنڊ جي تري کي نئون ڪندا رهن ٿا. انهن پکڙجندڙ تاسرين (Divergent Plates) جي حرڪت سبب ڇيڄ/ڏار (Rift) پيدا ٿئي ٿي، جنهن مان تتو ڳار (Magma) نڪري ٿو، جيڪو نئون مهاساگري ترو (Oceanic floor) جوڙيندو رهي ٿو. گرم چشما (Geysers) ۽ ’مهاساگري ڪاڏ‘ (Oceanic Ridge) جڙڻ انهن پکڙجندڙ تاسرين جو قدرتي لقاءَ آهي. (وڌيڪ ڄاڻ لاءِ پڙهندا: ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جلد ٻيو، صفحي 510 کان 513 تائين.).
ان کان سواءِ عام ۽ هلڪي ۽ گهٽ هاڃيڪار زلزلن جا ٻيا بہ ڪارڻ ٿيندا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:
زلزلي جا غير قدرتي ڪارڻ (Un Natural Reasons of Earthquake): پاڻيءَ جي غير قدرتي ذخيرن لاءِ ڊيم جوڙڻ، جبلن کي ٽُڪي انهن مان رستا ٺاهڻ، زمين ۾ سَل ڪرڻ (Drilling) ۽ کاڻيون کوٽڻ (Mining) ۽ اهڙن ٻين ڪمن ۾ ڌماڪن ۽ پٿرن ٽوڙڻ لاءِ ڊائناميٽ جي استعمال سان ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان زمين جي اندر تائين تبديليون اچن ٿيون، جنهن جي ڪري ڌرتيءَ جي قدرتي سگهہ متاثر ٿئي ٿي ۽ زلزلا اچن ٿا. اهي زلزلا مڪاني سطح جا ۽ گهٽ جسامت (Magnitude) وارا ۽ هلڪي شدت (Intensity) وارا هوندا آهن. زلزلي جو هڪ خوفناڪ قسم
’آب پار‘ (سونامي: Tsunami) بہ آهي، جنهن جون لهرون، زلزلي جي مٿاڇري مرڪز (Epicenter) کان ساڄي طرف هلنديون آهن. ان جو ڪارڻ سامونڊڪي تري وارين هم مرڪز جڙيل تاسرين (Convergent Tectonic Plates) جي ڪنارن (boundaries) جي پاڻ ۾ حرڪت سان پيدا ٿئي ٿو ۽ ان لاءِ سمنڊ جي ڀونءِ چالڪ تري مان اٿندڙ زلزلائي لهرن جي ڪري سمنڊ جي اندرئين تھہ واري پاڻيءَ ۾ وڏيون لهرون پيدا ٿين ٿيون. اهي لهرون 640 ڪلوميٽرن جو مفاصلو هڪ ڪلاڪ ۾ طئي ڪري اڳتي وڌن ٿيون، انهن سان سمنڊ جو مٿاڇرو وڌيڪ مٿي ٿي ويندو آهي. اهي لهرون سمنڊ ۽ ان جي ڪنارن وارن علائقن ۽ شهرن (Coastal Towns & Cities) کي سخت نقصان پهچائينديون آهن. اهي لهرون شروعات ۾ اڌ ميٽر تائين اُڀري ۽ هوريان هوريان ڇھہ ماڙ عمارتن کان بہ مٿي اُسري ڪنارن وارن شهرن کي ٻوڙي تباھہ ڪري ڇڏينديون آهن. دنيا جي اسي سيڪڙو (80%) آبادي سامونڊي ڪنارن واري ايراضيءَ (Coastal Area) وارن شهرن ۽ بندرگاهن تي رهي ٿي، اِها انساني آبادي، اهڙين سونامين (آب پار: پرلئه) جي ڪري تمام گهڻي متاثر ٿئي ٿي.
ڀونءِ چالڪ لهرون (Seismic waves): ڀونءِ چالڪ لهرن جا ٽي قسم هوندا آهن. هي لهرون ڌرتيءَ جي ڀونءِ ٿار (Lithosphere) واري تھہ مان زلزلائي مرڪز (Focus) کان شروع ٿي چئني ڏسائن ڏانهن توانائي (Energy) ڇڏين ٿيون. اها توانائيءَ واري سگهہ، ڀون ٿار (Lithosphere) جي مٿاڇري واري زلزلي جي مرڪز (Epicenter) تي90° (نوي ڊگري) تي اثر انداز ٿي، ڌرتيءَ تي وڏو ڌوڏو آڻينديون آهن، جن سان شروعات ۾ زورائتي ڌوڏ ۽ آخر ۾ هلڪا هلڪا ڌوڏا ڪي ڏينهن ۽ ڪيترا هفتا ايندا رهندا آهن. اهي مٿاڇرئي لهرون (Surface Waves) ڌرتيءَ تي ڀڃ ڊاھہ جو ڪارڻ بڻجنديون آهن.
اوائلي لهرون (Primary Waves): هي لهرون ڇھہ ڪلوميٽر في سيڪنڊ (6 km/s) جي رفتار سان فاصلو طئي ڪنديون آهن. پٿرن ۾ انهن جي چرپر کان پوءِ اهي پٿر ساڳي حالت ۾ اچي ويندا آهن. ان عمل کي لچڪيدار نظريو (Elastic Rebound Theory) بہ چيو وڃي ٿو. سامونڊي ڀونءِ ڪڙي (Oceanic Crust) مان اهي لهرون 8 ڪلوميٽر في سيڪنڊ
(8 km/s) جي رفتار سان هلنديون آهن. زلزلي جي مرڪز کان زمين جي اندر ڀونءِ ٿار ۾ کول- بند (Compress & Expand) وانگر حرڪت ڪنديون آهن.
ٻئي درجي واريون لهرون (Secondary Waves): هي ٻئي درجي واريون لهرون، اوائلي لهرن مان جنم وٺن ٿيون، اهي لهرون ڇٽيھہ ڪلوميٽر في سيڪنڊ (36 km/s) جي رفتار سان ڌرتيءَ کي هڪ پاسي کان هيٺ، مٿي (Up & Down) حالت ۾ ٻئي ٻٽي ڪنڊڙي جي شڪل ۾ اڳتي پوئتي ڌوڏينديون هلنديون آهن، جڏهن تہ مهاساگري ڀونءِ ڪڙي (Oceanic Crust) ۾ انهن لهرن جي رفتار ستيتاليھہ ڪلوميٽر في سيڪنڊ (47 km/s) هوندي آهي. اهي لهرون پاڻياٺ مان بہ لنگهي نٿيون سگهن، جڏهن تہ پهرئين ۽ ٻئي درجي واريون لهرون، نهرن، پاڻياٺن ۽ گرم مادن مان گذرڻ جي صلاحيت پڻ رکن ٿيون. زلزلي بابت اوائلي ڄاڻ انهن وسيلي ئي ملندي آهي. زلزلي پيما (Seismograph) پڻ انهن کي رڪارڊ ڪندو آهي. هنن ٻئي درجي وارين لهرن کي سطحي لهرن جي شڪل وٺڻ سان سندن گهڻي قوت زمين اندر ضايع ٿي ويندي آهي.
سطحي لهرون (Surface Waves): هي ٽئين درجي واريون لهرون آهن، جيڪي ٻئي درجي وارين لهرن مان جنم وٺنديون آهن ۽ زميني ميدان جي هيٺان هلنديون آهن. ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي پهچي، مٿاڇري وارين لهرن کي جنم ڏين ٿيون. سطحي لهرون هڪ مادي کان ٻئي مادي ۾ داخل ٿيڻ مهل، موڙ (Turn) کائينديون آهن. اهي لهرون زلزلي جي مرڪز (Focus) يا زلزلي جي مٿاڇري واري مرڪز (Epicenter) کان ساڄي پاسي حرڪت ڪنديون آهن ۽ انهن جي حرڪت ڊگهائيءَ واري صورت ۾ هوندي آهي. اهي لهرون پهرئين ۽ ٻئي درجي وارين لهرن جي ڀيٽ ۾ هوريان هوريان حرڪت ڪنديون آهن. جيئن تہ سامونڊي لهرون هيٺ مٿي ٿي لڏندي لمندي هلنديون آهن، تنهنڪري زمين جي مٿاڇري تي اڏاوتن کي ٻنهي پاسن کان ڌوڏي تباھہ ڪري ڇڏينديون آهن.
دنيا ۾ يورپ جي ملڪ يونان (Greece) ۾ گهڻا زلزلا ايندا آهن.
زلزلي ماپ (Seismograph): زلزلي جي شدت (Intensity) جنهن اوزار سان ماپي ويندي آهي، ان کي ’زلزلي ماپ‘ چيو ويندو آهي. زلزلي اچڻ جي شروعات ۾ زلزلي جي پهرين جسامت (Magnitude) کي ماپبو آهي ۽ ان کانپوءِ زلزلي جي شدت (Intensity) ماپبي آهي. ’زلزلي ماپ‘ هڪ اهڙو حساس اوزار ۽ آلو آهي، جيڪو زمين جي اندرين هلڪي چُرپر، ڌوڏ ۽ جنبش بہ رڪارڊ ڪري وٺندو آهي. ڀلي اهو اوزار ڪيترو پري ڇو نہ رکيل هجي، هن اوزار ۾ هڪ پاڻمرادو ڪم ڪندڙ دٻو (Drum) لڳل هوندو آهي، جيڪو ڌرتيءَ ڌوڏ کي ان ۾ لڳل پني تي ليڪائين شڪل ۾ پـاڻمـرادو ٺـاهـي وٺـندو آهي. جنهن جي مدد سان زلزلي جي رُخ، فاصلو، گهرائيءَ (Focus)، جسامت (Magnitude) جو اندازو ۽ شدت (Intensity) جو پتو پئجي ويندو آهي. جديد ۽ خاص زلزلائي سُڌ ڏيندڙ مرڪزن ۾ اهڙا ٽي (3) زلزلي ماپَ لڳايا ويندا آهن، جن مان هر هڪ پنھنجي طور تي، زلزلي دوران ڌرتيءَ جي سنوت واري حرڪت (Horizontal Movement) يعني ’اوڀر- اولهائين حرڪت‘ (East- West ward Movement)، اُتر- ڏاکڻائين حرڪت (North- Southern Movement) ۽ ’اُڀي حرڪت‘ (Vertical Movement) جو تفصيل ڏسيندو آهي. ان ريت زلزلي وارين ٽنهي قسمن جي لهرن جي وچور وسيلي، زلزلي جي اندرئين مرڪز (Focus)، مٿاڇري واري مرڪز (Epicenter)، ان جي جسامت (Magnitude) ۽ شدت (Intensity) جي پڪي پُختي ڄاڻ حاصل ٿي ويندي آهي.
سال 1962ع ۾ دنيا ۾ هڪ ’عالمگير معياري زلزلي ماپ جو تاڃي پيٽو‘ (World Wide Standard Seismographic Network= WWSSN) جوڙيو ويو، جيڪو زلزلي جي ڄاڻ دنيا اندر ڏهن منٽن ۾ پهچائيندو آهي. انهيءَ وسيلي زلزلي جي ’انگ اکري ڄاڻ‘ (Data) ڪمپيوٽر ڏانهن موڪلي ويندي آهي، جنهن سان زلزلي مرڪز (Focus) ۽ مٿاڇرائي مرڪز (Epicenter) جي ڄاڻ حاصل ٿي ويندي آهي. زلزلي جي شدت (Intensity) ريڪٽر اسڪيل (Richter Scale) تي ملندي آهي. زلزلي سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو، زلزلي جي زمين اندر گهرائيءَ واري مرڪز (Focus) موجب لڳائبو آهي. اهو جديد زلزلي ماپ ’ريڪٽر اسڪيل‘ (Richter Scale) آهي، جيڪو هڪ آمريڪي سائنسدان، چارلس ايف. ريڪٽر (Charles F. Richter) 1935ع ۾ ٺاهيو هو.
سڄيءَ دنيا ۾ اڳوڻي وقت ۾ زلزلي جي ڄاڻ مختلف طريقن سان حاصل ڪئي ويندي هئي. سنڌ ۽ ننڍي کنڊ ۾ آڳاٽي وقت ۾ اهڙي اڳواٽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اونڌو ٿالھہ زمين تي رکي، ان جي مٿان وڏي ٿالھہ يا تاسر ۾ ننڍا گول پھڻ يا بلور رکيا ويندا هئا، جيڪي ڌرتيءَ جي پري واري ڌوڏ تي کڙ کڙ ڪري وڄندا هئا، جڏهن تہ چين وارن هڪ اهڙو پتل جو ٽڀو جوڙيو هو، جنهن جي مٿئين حصي ۾ چوڏسائن ۾ سندن قديم تصوراتي باھہ اوڳاڇيندڙ ۽ اڏندڙ اجگر (ڊريگون) جي مُنڍين جا بُوتا ٺهيل آهن، زلزلي جي حرڪت سبب ٽڀي ۾ پيل پتل جا بلور اجگرن جي وات مان نڪري، هيٺ تري ۾ پتل جي ٺهيل ۽ اُڀ ڏانهن نهاريندڙ ڏيڏرن جي بوتن جي کليل واتن ۾ وڃي ڪِرندا هئا ۽ ٺڙڪن تي ماڻهن کي خبر پوندي هئي تہ زلزلو اچڻ وارو آهي. انهن اوزارن جو آڳاٽي زماني ۾ استعمال ٿيندو هو. زلزلي جي اڀياسي تختي/ پَٽي‘ جيڪا زلزلي جي جسامت، خاصيت، سالياني سراسري انگ ۽ شدت کي ظاهر ڪري ٿي، اها هيٺينءَ ريت آهي:
زلزلي جي جسامت ڏسيندڙ ريڪٽر اسڪيل (The Richter Scale of Earthquake Magnitude):
هن دؤر ۾ زلزلائي اڀياس ۾ وڌيڪ نيون تبديليون آنديون ويون آهن. ”زلزلي ماپ“ جي استعمال کي وڌيڪ بهتر ۽ جديد بڻايو ويو آهي، جڏهن تہ ان جا بنيادي اڀياسي اصول اڄ بہ ساڳيا آهن.
قديم سنڌو ماٿر ۽ پاڪستان ۾ زلزلا:
• 893-894ع: ديبل بندر (سنڌ جي ڊيلٽا) ۾ 7.5 درجي جو زلزلو آيو، جنهن ۾ 110000 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترا شھر تباھہ ٿيا.
• مئي 1688ع ۾ شاهبندر ويجهو'00°24 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '00°68 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي سنڌ جي ڊيلٽا ۾ زلزلي جو رڪارڊ ملي ٿو.
• 16 جون 1819ع ﷲ بند (پاڪ هند سرحدي خطي ۾) '60°69 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '60°32 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ آيل زلزلو 7.5 طاقت جو هو، جنهن ۾ 32000 ماڻهو مارجي ويا ۽ ٿر سميت ڪڇ جا ڪيترا درجن ڳوٺ تباھہ ٿي ويا هئا. هن زلزلي سبب ڪافي زميني تبديليون آيون. هن واقعي سبب 90 ڪلوميٽرن جي پٽيءَ ۾ زمين جي سطح 4 ميٽر اُڀري آئي، جنهن کي ﷲ بند چيو ويو. هن زلزلي جو ڌوڏو سڄي اُپکنڊ ۾ ڪلڪتي تائين محسوس ڪيو ويو هو.
• 26 سيپٽمبر 1827ع تي لاهور ويجهو، '30°74 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي '60°30 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ آيل جهٽڪي ۾ هڪ هزار کن ماڻهو مارجي ويا هئا.
• 24 جنوري 1852ع تي ڪاهان (بلوچستان) ۾'80°68 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '30°29 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي مَري ٽڪرين ۾ زلزلي سبب اڍائي ٽي سؤ ماڻهو مارجي ويا. مال مري ويو ۽ ڪيتريون عمارتون ڊهي پيون.
• 1865ع ۾ ڪاهان ويجهو آيل زلزلي سبب ڪيئي عمارتون ڊهي پيون.
• 1883ع ۾ جهالاوان (بلوچستان) ۾ زلزلو آيو.
• 20 ڊسمبر 1892ع ۾ چمن، افغانستان ۽ موجودہ پاڪستاني سرحد تي 6.8 درجي جو زلزلو آيو. جنهن جو مرڪز خوجڪ جابلو سلسلي ۾ هو، جنهن کي سموري بلوچستان ۾ محسوس ڪيو ويو. ان واقعي ۾ 200 ڪلوميٽرن اندر تباهي آئي، جنهن ۾ ريلوي لائين سميت ٻيون تنصيبون متاثر ٿيون هيون.
• 20 آڪٽوبر 1909ع تي سبي ۽ لورالائيءَ وچ تي باغ ۽ شاهپور ويجهو '00°68 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '00°30 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي 60 ڪلوميٽرن جي گهرائيءَ ۾ 7.0 درجي جو زلزلو آيو. هن واقعي ۾ 100 کن ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪافي ڳوٺ تباھہ ٿي ويا.
• پهرين فيبروري 1929ع تي بونير ۽ هزاره جي وچ ۾ ايبٽ آباد کان ٿورو اتر ۾ رات جو پوڻي يارهين وڳي ڌاري 180 کان 220 ڪلوميٽر گهرائيءَ ۾ وڏو جهٽڪو آيو.
• 25 آگسٽ 1931ع تي شاريخ بلوچستان ۾ '00°67 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '00°30 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي 7.2 درجن جو زلزلو آيو، جنهن جي گهرائي زمين اندر تمام گهٽ هئي، ان ڪري بي شمار ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا.
• 27 آگسٽ 1938ع تي مَڇ (بلوچستان) ۾ '30°67 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '80°29 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۾ 7.0 درجي جو زلزلو آيو، هيءُ بلوچستان جي لڳ ڀڳ ساڳئي علائقي ۾ فقط ٻن ڏينهن جي فرق سان ساڳي شدت جو جهٽڪو هو، جيڪو اڪثر بلوچستان ۽ سنڌ ۾ محسوس ڪيو ويو. ڪافي جاني نقصان ٿيو ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪافي گهر ڊهي پيا.
• 30 مئي 1935ع تي ڪوئٽا ۾ '75°88 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '39°27 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي 8.1 درجي جو شديد ترين زلزلو آيو، جنهن جي اونهائي فقط 17 ڪلوميٽر هئي. هن واقعي ۾ 30000 ماڻهو زندہ دفن ٿي ويا ۽ شھر مڪمل تباھہ ٿي ويو. هي بلوچستان (بلڪہ سنڌو ماٿر) جي تاريخ جو سڀ کان وڏو زلزلو هو.
• 21 نومبر 1939ع افغانستان جي صوبي بدخشان ۾ 6.9 درجي جو زلزلو آيو، جيڪو 220 ڪلوميٽر اونهائيءَ ۾ هو، اهو جهٽڪو اتر اولھہ افغانستان پاڪستان جي اتر، گلگت، دروش، کان سواءِ سرينگر، ڄمون، ڪشمير، هندستاني پنجاب ۾ بہ محسوس ڪيو ويو.
• 27 نومبر 1945ع تي مڪران ساحل کان اندر '00°63 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '50°24 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ خطي تي 7.9 درجي جو 25 ڪلوميٽرن جي اونهائيءَ ۾ جهٽڪو آيو. هن زلزلي ۾ بلوچستان ۽ ايران جا 2000 کن ماڻهو مارجي ويا. هن واقعي سان سوناميءَ جون 12 ميٽر اوچيون لهرون مڪران ساحل سان ٽڪريون هيون. ان سان وڏي پئماني تي نقصان ٿيو. سونامي ڪڇ ۽ ممبئيءَ ۾ ترتيبوار 6 ۽ 2 ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.
• 5 آگسٽ 1947ع تي مڪران جي ساحل کان اندر ڊگريون '40°63 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '10°25 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ خطي ۾ 7.2 درجي جو زلزلو آيو.
• 28 ڊسمبر 1974ع تي مالاڪنڊ '87°72 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '05°35 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي 6.2 طاقت جو 22 ڪلوميٽر اونهائيءَ ۾ زلزلو آيو. ان واقعي ۾ اٽڪل 5000 ماڻهو مارجي ويا.
• 12 سيپٽمبر 1981ع تي گلگت وزارت (ڄمون ۽ ڪشمير) ۾ 6.1 درجي جو زلزلو '59°37 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '69°35 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي 33 ڪلوميٽرن جي اونهائيءَ تي آيو، جنهن ۾ 220 ماڻهو مارجي ويا. هي جهٽڪو سرينگر، اسلام آباد ۽ پشاور تائين محسوس ڪيو ويو.
• 30 ڊسمبر 1983ع تي هندوڪش جبل (افغانستان) ۾ 7.4 درجي جو زلزلو آيو، جنهن جو مرڪز 215 ڪلوميٽر هيٺ هو. هن زلزلي ۾ بہ جاني نقصان ٿيو ۽ ان جو اثر اتر افغانستان، تاجڪستان، ازبيڪستان، ڪرغستان، اتر پاڪستان ۽ اتر هندستان ۾ بہ محسوس ڪيو ويو.
• 29 جولاءِ 1985ع تي هندوڪش افغانستان ۾ 7.4 درجي جو زلزلو 99 ڪلوميٽرن جي گهرائيءَ مان اڀريو، جنهن سان چترال، سوات، تاجڪستان ۽ افغانستان جا ڪجهہ حصا متاثر ٿيا. جهٽڪو دهلي ۽ تاشقند تائين محسوس ڪيو ويو.
• 31 جنوري 1991ع تي هندوڪش جبل ۾ وري زلزلو آيو، جيڪو 6.7 درجي و ۽ 142 ڪلوميٽر هيٺ هو، هن جو نقصان ۽ اثر بہ تقريباً ايترو هو، جيترو هن کان اڳين جهٽڪن سبب ٿيو هو.
• 9 آگسٽ 1993ع تي هندوڪش جبل افغانستان ۾ 7.0 درجي جو زلزلو 215 ڪلوميٽرن جي گهرائيءَ مان اڀريو، جيڪو ايشيا ڪوچڪ کان ملتان تائين محسوس ڪيو ويو.
• 27 فيبروري 1997ع تي هرنائي (بلوچستان) ۾ '20°68 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '97°29 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي 7.3 درجي جو زلزلو 33 ميٽرن جي اونهائيءَ مان اٿيو، جيڪو پاڪستان جي زوردار زلزلن مان هڪ هو. هن واقعي سبب ڇپون ڪرڻ سان روڊ ۽ ريلوي لائنون بلاڪ ٿي ويون، هن جهٽڪي سبب ڪوئٽا، سبي ۽ هرناءِ ۾ ڪيئي موت واقع ٿيا ۽ سڄو مرڪزي بلوچستان اثر انداز ٿيو.
• 26 جنوري 2001ع تي ڀاچائو (گجرات) ۾ 7.6 درجي جو زلزلو '32°70 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ '46°23 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي 22 ڪلوميٽرن جي اونهائيءَ جو زلزلو آيو جنهنڪري گجرات (هندستان) ۽ سنڌ ۾ 12000 کن ماڻهو مارجي ويا. ڪڇ ۽ سوراشٽر جي علائقن ۾ گهڻو نقصان ٿيو. ان جو اثر مڌيا پرديش، مهاراشٽر ۽ راجستان ۾ بہ ٿيو. هيءُ جهٽڪو بنگلاديش تائين محسوس ڪيو ويو، هن ڀونچال ۾ بہ ڪڇ ۽ سنڌ جي ٿر ۾ زمين ڦاٽڻ جا واقعا سامهون آيا. حيدرآباد سنڌ تائين ان جو اثر ٿيو. هنن واقعن سبب ڪن هنڌن تي وڏا کڏن جھڙا سوراخ پيدا ٿي پيا، جن مان زهريلو گرم پاڻي گپ وانگر ٻڙڪندو رهيو.
• پهرين نومبر 2002ع تي گلگت- استور خطي ۾"00'64°74 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ"00'54°35 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ اڳ تي 33 ڪلوميٽرن جي اونهائيءَ تي آيل زلزلي سبب قراقرم شاهراھہ ۽ ٻئي علائقي ۾ ڇپون ڪريون ۽ رستا بند ٿي ويا.
• 3 نومبر 2002ع ۽ وري 20 نومبر 2002ع تي گلگت- استور ۾ هڪٻئي پٺيان 5.3 ۽ 6.3 درجن جا زلزلا آيا.
• 8 آڪٽوبر 2005ع تي ڇنڇر ڏينهن صبح جو نائين وڳي پاڪستان جي اترين علائقن ۾ قيامت جهڙو زلزلو آيو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ چار لک ماڻهو متاثر ٿيا. 7.6 درجي واري هن زلزلي جو مرڪز اسلام آباد کان ڪجهہ اتر ۾ فقط 10 ڪلوميٽر جي اونهائيءَ مان اڀريو ۽ بالاڪوٽ، مظفرآباد، هزاره، مانسهره ۽ سرينگر سميت پاڪستان جي اڪثر خوبصورت ماٿرين ۽ ڪشمير ۾ وڏو نقصان ٿيو.
ان ريت پاڪستان ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن: گجرات، مڇ، بونير، هزاره ۾ انيڪ زلزلا آيا، جن ۾ هزارين انسان مارجي ويا ۽ سوين ڳوٺ ۽ واهڻ متاثر ٿيا. انهن مان هڪ ٻہ ذڪر جوڳا زلزلا آهن. 30 مئي 1935ع تي ڪوئٽا- بلوچستان ۾ 8.1 جسامت وارو زلزلو آيو، جنهن ۾ سڄو ڪوئٽا شھر تباھہ ٿي ويو ۽ اٽڪل 30000 انسان مارجي ويا. اهڙي 8.1 درجي وارا زلزلا 200 ق. م ۾ انڊونيشيا ۽ ميڪسيڪو ۾ بہ آيا هئا.
زلزلا ۽ سنڌ جي تاريخ (Earthquake and History of Sindh): 1600 ق. م ۾ سنڌو سلطنت (Indus Empire) جي ڏاکڻين صوبي جو قديم بندرگاھہ، صنعتي ۽ واپاري مرڪز لوٿل (Lothal)، 2350، 2200 ۽ 2000 ق. م ۾ سامونڊي ٻوڏ/ سونامي (Tsunami) سبب ٽي ڀيرا اُجڙيو ۽ وري ساڳين بنيادن تي آڳاٽن سنڌو لوڪن، انهيءَ تجارتي شھر ۽ بندرگاھہ جي تعمير ڪئي. سن 171ھہ/ 787ع ۾ هارون الرشيد جي زماني ۾ زلزلي سبب گهارو سُڪي ويو ۽ ان درياهي ڇاڙ تي قائم ڀنڀور بندر ۽ شھر ويران ٿي ويا.
سن 94- 893ع ۾ ديبل پاسي 7.5 جسامت (Magnitude) وارو زلزلو آيو، ان ۾ ڏيڍ لک کان مٿي ماڻهو مارجي ويا. ان زلزلي جي ڪارڻ سونامي آئي. اهڙي ئي ديبل پاسي آيل ٻئي زلزلي، جيڪو تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري آيو هو، تنهن تي پير پَٺي ديبلائيءَ (1150-1248ع) جو چيل اهو بيت انهيءَ دؤر جي سوناميءَ جي ڪري آيل تباهيءَ جي ڪهاڻي ٻُڌائي ٿو، جنهن ۾ ماڻهن مڪليءَ وارو پاسو آباد ڪيو ۽ ڪيترائي انسان سنڌ جي ٻين ڀاڱن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا:
ديبل پاسي ڌڪيلجي، آيو آب اپار،
مڪلي ماڳ مٿاهينءَ، ٿياسون ڌارو ڌار.
سن 1226ع ۾ آيل زلزلي سبب هاڪڙي ۽ سانوڻيءَ وارين ندين، چتانگ سنڌ جي اُڀرندي پاسي کان انهيءَ دؤر ۾ وهڻ بند ڪيو. ڍورو، پراڻ ۽ پٽيهل واريون درياهي ڇاڙون بہ ان دؤر ۾ وهڻ بند ٿيون.
تيرهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ آيل هن وڏي زلزلي جي ڪري طبعي زميني تبديليون واقع ٿيون. هاڪڙو درياھہ سُڪي ويو. سنڌوندي عمرڪوٽ کان رخ مٽائي موجودہ چور لڪ (Gorge) وارو رستو ورتو. ان سبب سومرا راڄ (Soomra Dynasity) جو زوال ٿيو ۽ سمن پاسي درياھہ وهڻ جي ڪري هُنن خوشحالي ماڻي ۽ سنڌ جي حڪمراني حاصل ڪئي.
ڪوھہ سُڪين ڍور، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا.
-
سُڪي ڍورو ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
پاڻي پٽيهل ۾، اڳيون نہ آيو،
ماڻهن ميڙائو، ڪهين ڪهين ڀيڻيين.
لطيف سائينءَ مٿيان بيت انهيءَ دؤر جي يادگيريءَ لاءِ چيا هئا.
انهيءَ زلزلي سبب ڪڇ جا بندر ۽ بازاريون متاثر ٿيا. ٿر جي هڪ وڏي عالمي مارڪيٽ، جيڪا گجرات، راجستان، ڪڇ ۽ سڄيءَ سنڌ جي راهمڪي بازار هئي، سا انهيءَ ڪري تباھہ ٿي ڀڙڀانگ ٿي وئي ۽ ڪيترائي شھري ماڳ تباھہ ٿيا. 2 مئي 1668ع تي، ٺٽي جي شاهبندر علائقي ۾ 7.5 جسامت وارو زلزلو آيو، جنهن شاهبندر کي تباھہ ڪري ڇڏيو. 16 جون 1819ع تي سنڌ جي ڏاکڻين قديم علائقي ڪڇ لڳ، تمام وڏو زلزلو آيو، جنهن جا ڌوڏا ڪلڪتي تائين محسوس ڪيا ويا. اهو 7.5 جسامت وارو زلزلو هو.
هن زلزلي جي ڪري ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي 1763ع ۾ ڪڇ تي ڪيل ڪاھہ ۽ ڪڇين کي سيکت ڏيڻ لاءِ پراڻ نديءَ جي موريءَ واري علائقي وٽ ڏياريل ’الا بند‘ بہ ٽٽي پيو، سندڙيءَ وارو بند، زمين هيٺ ٿيڻ جي ڪري تباھہ ٿي ويو. اهو سندڙي بند، علي بندر کان 20 ميل ۽ لکپت کان 30 ميلن جي فاصلي تي هو. هن زلزلي سان ڪڇ جو زميني ليٽو 4 ميٽر مٿي اُسري آيو. ان ريت ڪڇ جي علائقي پهرين 400ع ۽ پوءِ 1226ع ۾ سمنڊ کان 400 ميل ۽ 700 ميل زميني ليٽو ڇڏرايو ۽ ڪڇ جو رڻ وسيع ٿيو، پر ان سان ڪڇ جي درياهي ۽ سامونڊي ڪڇ واري نار (Gulf of Kuch) جي سطح مٿي ٿيڻ جي ڪري اچ وڃ وارا سنڌ جا واپاري رستا بند ٿي ويا ۽ ڪيترا بندر بہ تباھہ ٿي ويا. هن زلزلي ۾ 2300 ماڻهو مارجي ويا. 26 جنوري 2001ع تي ڪڇ، ڀُڄ ۽ گجرات طرف زلزلو آيو، جنهن ۾ 11500 ماڻهو ڏکڻ گجرات ۾، 20 ماڻهو سنڌ ۾ موت جو کاڄ بڻيا ۽ ڌرتيءَ جو تمام گهڻو مٿاڇرو اُٿل پُٿل جو شڪار ٿيو.