زيارت، جنپير ٻيلي جي ڪري گهڻو مشھور آهي. هيءُ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ٻيلو آهي، جيڪو 2470000 ايڪڙن (1000 km2)تي پکڙيل آهي. هن ٻيلي ۾ هر قسم جا ' />
زيارت شهر جو هڪ ڏيک

زيارت شهر جو هڪ ڏيک

زيارت: جناح ريزيڊنسي

زيارت: جناح ريزيڊنسي

زيارت

زيارت: بلوچستان جو مشھور شهر، جيڪو اتر کان ڏکڻ''47'22 ۰ 30 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ ''38'53 ۰ 67 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي سمنڊ کان 2543 ميٽرن جي بلنديءَ تي واقع آهي. زيارت تي هي نالو اسلامي مقبري جي ڪري پيو آهي، ان جاءِ تي ڪنهن دؤر ۾ بلوچستان جي وڏي ڪمشنر جي آرام گاھہ هوندي هئي، جتي هو اونهاري جون موڪلون گذارڻ ايندو هو.
زيارت، جنپير ٻيلي جي ڪري گهڻو مشھور آهي. هيءُ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ٻيلو آهي، جيڪو 2470000 ايڪڙن (1000 km2)تي پکڙيل آهي. هن ٻيلي ۾ هر قسم جا جانور ۽ پکي موجود آهن. ٻيلي جي فطري جڙي ٻوٽين مان ڪيتريون طبي دوائون ۽ نسخا تيار ڪيا وڃن ٿا. جڏهن برف پوندي آهي، ان وقت جنپير جي ماٿري ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
زيارت جي مقام کي ان حوالي سان بہ وڏي اهميت حاصل آهي تہ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح پنھنجي زندگيءَ جا بيماريءَ وارا آخري ڏينهن هتي گذاريا هئا.
زيارت هڪ مشھور تفريحي مقام آهي، زيارت جي ماٿريءَ ۾ اونهاري سياري تمام گهڻو ميوو ٿيندو آهي، اونهاري ۾ ٻير ۽ سياري ۾ صوف ڏاڍا لذيذ ٿيندا آهن. زيارت جي قديم رهائش گاھہ 1892ع ڌاري تعمير ڪئي وئي، جيڪا هڪ خوبصورت تعميري فن پارو آهي. هيءَ عمارت ڪاٺ مان دلڪش نموني ٺهيل آهي، هيءَ عمارت ڪنهن وقت برطانوي فوج جي سرگرمين جو مرڪز هئي، جنهن کي بعد ۾ گورنر جنرل جي ايجنٽ جي رهائش گاھہ ۾ تبديل ڪيو ويو. اڄڪلھہ هيءَ عمارت قومي يادگار طور مشھور آهي. چئني طرفن سرسبز ماٿري ۽ پهاڙن جي ڪري زيارت سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز آهي.
زيارت ۾ اونهاري جي موسم خوشگوار ۽ سيارو تمام ٿڌو ٿيندو آهي. هتي جا اصل رهاڪو پشتون آهن، جن جي اهم قبيلن ۾ ڪاڪڙ، دوتاڻي، تاري، دمر وغيرہ شامل آهن. انهن سڀني قبيلن ۾ ڪاڪڙن جي اڪثريت آهي، جيڪي آباديءَ جو 50 سيڪڙو آهن. زيارت ۾ ڪَواسَ نالي هڪ وڏو ڳوٺ آهي، جتي دوتاڻي قبيلي وارا اڪثريت ۾ آهن. ڪاڪڙ ذات وارا ننڍين ننڍين نکن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پنيزئي، سارنگزئي، ياسترا ۽ آدم خيل شامل آهن. پنيزئي تمام ذهين، تعليم يافتہ ۽ زيارت جا خوشحال ماڻهو تصور ڪيا وڃن ٿا. هتي ڪيترن ئي اولياءُ ۽ صوفي بزرگن جا مقبرا آهن. جن ۾ بابا هزارويءَ جو مقبرو زيارت شھر کان 8 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي.


لفظ زيارتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو