
زيدي مصطفيٰ
زيدي، مصطفيٰ: اردو ٻوليءَ جي مشھور شاعر مصطفيٰ زيديءَ جو اصل نالو مصطفيٰ حسيني هو. هن 1930ع ڌاري ﷲ آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مقامي اسڪول ۾ ورتائين ۽ ان کانپوءِ 1952ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ پهرين اسلاميہ ڪاليج ڪراچي ۽ پوءِ پشاور يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر رهيو. 1956ع ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ برطانيہ ويو ۽ پوري يورپ جو سفر بہ ڪيائين. وطن واپس اچي سيالڪوٽ، ديري غازي خان ۽ مريءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر رهيو. ڪجهہ عرصو لاهور ۾ ڊپٽي سيڪريٽري تعليم بہ رهيو. ان بعد جهلم، نواب شاھہ، خيرپور، ساهيوال ۽ لاهور جو ڊپٽي ڪمشنر بہ رهيو. کيس ڊسمبر 1969ع ۾ نوڪري تان معطل ۽ مئي 1970ع ۾ نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي. مصطفيٰ زيدي شروعات ۾ ادبي دنيا ۾ ’تيغ الھہ آبادي‘ جي تخلص سان مشھور ٿيو ۽ ڪافي پذيرائي حاصل ڪيائين. جوش مليح آبادي ۽ پير علي محمد راشديءَ سان گهرا تعلقات هئس. زيديءَ جي شاعري جي مجموعن ۾: ’يي هين زنجيرين‘، ’روشني‘، ’ڪوھہ ندا‘،
’شھر آذر‘، ’موج مري صدف صدف‘، ’گريبان‘ ۽ ’قبائي ساز‘ شامل آهن. مصطفيٰ زيديءَ جي شھرت ان وقت وڌيڪ ٿي جڏهن سندس تعلق شھناز گل نالي هڪ عورت سان ٿيو. مصطفيٰ زيديءَ جو هڪ شعر تمام گهڻو مشھور آهي:
انهي پٿرون په چل که اگر آ سڪو تو آئو
ميري گهر ڪي راستي مين ڪوئي ڪهڪشان نهين هي
مصطفيٰ زيديءَ 13 آڪٽوبر 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو.
1970.10.13 عيسوي
اردو ٻوليءَ جي مشهور شاعر مصطفيٰ زيديءَ جو اصل نالو مصطفيٰ حسيني هو. هن 1930ع ڌاري الله آباد ۾ جنم ورتو.13 آڪٽوبر 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو.