زينت شيخ

زينت شيخ

زينت شيخ

زينت شيخ: مشھور لوڪ فنڪارہ زينت شيخ 1940ع ۾ ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿي. سندس والد جو نالو محمد صالح شيخ آهي. هن ڳائڻ جو سلسلو 10 سالن جي عمر کان شروع ڪيو. پنهنجين فنڪاراڻين صلاحيتن ذريعي نہ رڳو لوڪ موسيقيءَ ۾ پر اداڪاريءَ ذريعي بہ بھترين فن جو مظاهرو ڪري پاڻ مڃرايو. هن پي. ٽي. وي تان نشر ٿيل مشھور ڊرامي ’راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ‘ ۾ رابيل جو ڪردار ادا ڪري خوب نالو ڪمايو. زينت شيخ سنڌي ٽيلي فلم ’گهاتو گهر نہ آيا‘ ۾ مائي ڪولاچيءَ جو يادگار ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تہ نور الهديٰ شاھہ جي ڊرامي ’جنگل‘ ۾ بہ هن بھترين اداڪاري ڪئي. هن ريڊيو تي بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن جي ڳايل لوڪ گيت ’منهنجا رئن ٿا نيڻ نماڻا، اباڻا مارو نہ ٿا وسرن‘ کي تمام گهڻي مقبوليت ملي، ان سميت سندس ٻيا بہ ڪافي لوڪ گيت مشھور ٿيا. سندس ڪيترائي آڊيو ۽ وڊيو البم رڪارڊ ٿيل آهي. سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي اوارڊ ملي چڪا آهن.
ڪجهہ عرصو اڳ فالج جي حملي سبب هيءَ بيماري جي بستري تي رهي 4 ڊسمبر 2012ع تي وفات ڪري وئي، کيس تاريخي قبرستان مڪليءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. زينت شيخ کي اولاد ۾ هڪ نياڻي بيگو ۽ هڪ پٽ نور محمد عرف بابو شيخ آهي.


لفظ زينت شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو