سئٽلائيٽ
سئٽلائيٽ (Satellite: مصنوئي گرهه): سئٽلائيٽ هڪ اهڙو جسم ٿئي ٿو، جيڪو خلا ۾ ڪنهن ٻئي جسم جي چوگرد گردش ڪندو رهي ٿو. زمين کي رڳو هڪڙو گرهه آهي، جنهن کي چنڊ سڏجي ٿو. جڏهن ته مصنوعي اپگرهه (satellites) ڪيترائي آهن. مصنوعي اپگرهه انسان جي ايجاد آهي، جيڪي زمين جي مٿاڇري تان راڪيٽ رستي خلا ۾ اماڻيا وڃن ٿا ۽ پوءِ جڏهن گهربل محور ۾ پهچن ٿا ته اتي انهن جي چرپر کي قائم رکيو وڃي ٿو. سوويت يونين 4 آڪٽوبر 1957ع تي پهريون ڀيرو مصنوعي اپگرهه اسپوتنڪ 1 (Sputnik 1) خلا ۾ اماڻيو. 31 جنوري 1958ع تي آمريڪا پنهنجو پهريون مصنوعي اپگرهه خلا ۾ موڪليو ۽ ان جيڪا معلومات گڏ ڪئي، اها زمين جي چوگرد ڇلي نما ٻن پٽن جي هئي، جن ۾ طاقتور توانائيءَ جا پرقدار پارٽيڪل ڦرندا رهن ٿا. هيءَ an Allen Radiation Belts جي سلسلي ۾ هڪ تمام ڪارائتي ڄاڻ هئي. اڄ ڌرتيءَ جي محور ۾ هزارين مصنوعي اپگرهه گردش ڪندا مختلف قسمن جا ڪم ڪندا رهن ٿا، جهڙوڪ: فون جا پيغام هڪ هنڌان ٻئي هنڌ رسائڻ، ٽي ويءَ جا پروگرام نشر ڪرڻ ۽ موسمن جون خبرون چارون ۽ معلومات گڏ ڪرڻ ۽ ڏيڻ وغيره. خلائي کوجنا جي پهرئين ڏهن سالن دوران سمورا مصنوعي اپگرهه اماڻيندڙ مُلڪ يا ته آمريڪا هو يا روس. جڏهن ته اڄ درجن کان مٿي اهڙا ملڪ آهن، جن وٽ خلا ۾ اپگرهه موڪلڻ لاءِ ٽيهن کان به وڌيڪ اهڙا ماڳ آهن يا اهي ٺاهي رهيا آهن.
مصنوعي اپگرهن کي هيٺين پنجن مکيه قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: (1) کوجنا (research)، (2) پيغام رسائي (communication)،
(3) مـوسـمـي ڄـاڻ (eeather)، (4) جـهـازراني (navigational) ۽
(5) اطلاقي (application).
سئٽلائيٽ ڪميونيڪشن (satellite communication) ۾ هڪ مصنوعي اپگرهه، عالمي سطح تي پيغام رسائيءَ جي هڪ حصي طور ڪم ڪري ٿو. 1960ع ۾ ايڪو 1 (Echo 1) پيغام رسائيءَ لاءِ پهريون موڪلجندڙ اپگرهه هو، جنهن هيڻي طريقي سان زمين ڏانهن پئي سگنل موڪليا. پوءِ اهڙا اپگرهه روانا ڪيا ويا، جن سان اليڪٽرانڪ مشينون/ اوزار به لڳل هئا، جيڪي سگنل گڏ ڪندا، انهن کي طاقتور بڻائيندا ٻيهر نشر ڪري زمين ڏانهن موڪليندا رهيا. 1962ع ۾ اهڙو هڪڙو ريلي- 1 (Relay 1)
نالي ناسا (National Aeronautical and Space Administration) موڪليو هو ۽ اهو ٽيلي اسٽار- 1 (Telestar 1) جو بڻياد بڻيو، جيڪو اصل ۾ هڪ تجرباتي اپگرهه هو. اهڙا محور، جن کي جيوسنڪرونس
(Geosyrichrorious) محور سڏجي ٿو، انهن ۾ اپگرهه ڪنهن هنڌ ٽڪيل رهي ٿو، تن جو سڀ کان پهريون ڀيرو استعمال ناسا جي سنڪام سيريز (Syncom Series) ۽ ارليبرڊ (Earlybird) ڪيو، جنهن کي اڳتي هلي انٽيلسيٽ- 1 (Intelsat 1) جو نالو ڏنو ويو. اهو دنيا ۾ پيغام رسائيءَ جو پهريون تجارتي اپگرهه هو. 1962ع ۾ آمريڪي ڪانگريس، ڪميونيڪيشنس سئٽلائيٽ ائڪٽ (Communication Satellite Act) منظور ڪيو، جنهن هيٺ ڪامسئٽ (Communication Satellite Corporation) وجود ۾ آئي. 1964ع ۾ دنيا جي 17 ملڪن ڪامسئٽ ۾ شريڪ ٿي ’انٽيلسئٽ‘ (International Telecommunication Satellite Consortium) وجود ۾ آندي ته جيئن عالمي سطح تي تجارتي پيغام رسائيءَ جو هڪ ڄار پکيڙي سگهجي، جنهن کي 1974ع ۾ انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سئٽلائيٽ آرگنائيزيشن جو نالو ڏنو، جيڪو سال 2000ع کان هڪ خانگي اداري طور ڪم ڪري رهيو آهي. انٽيلسئٽ جو هن وقت، جيو سنڪرونس محورن ۾ 28 اپگرهن جو ڄار پکڙيل آهي، جتان ٿڏي تي سڄي دنيا کي معلومات پهچائي وڃي ٿي.
1979ع ۾ انمارسئٽ (Inmarsat) قائم ٿي، جنهن هيٺ جهازن جي سار سنڀال/ چرپر تي اک رکڻ، لاچاريءَ/ هنگامي حالتن ۾ ۽ سلامتيءَ لاءِ اپگرهن رستي هڪ سرشتو جوڙيو ويو. انمارسئٽ اصل ۾ هڪ بين الحڪومتي تنظيم هئي، جنهن کي انٽرنيشنل مئري ٽائيم سيٽلائيٽ آرگنائيزيشن (International Maritime Satellite Organization) سڏيو ويندو هو، پر اڳتي هلي ان جو نالو مٽائي انٽرنيشنل موبائل سئٽلائيٽ آرگنائيزيشن رکيو ويو ته جيئن ان جي زميني، هوائي ۽ ڪنهن ٻيءَ چرپر دوران به رابطن ۾ اهميت کي واضح ڪري سگهجي. 1999ع ۾ اها انمارسئٽ (Inmarsat) نالي هڪ خانگي ڪمپني ٿي وئي. جڏهن ته انٽرنيشنل موبائل سئٽلائيٽ آرگنائيزيشن، انمارسئٽ جي ڪمن ڪارين تي نظر رکڻ لڳي. هن وقت ان جا استعمال ڪندڙ اهڙا هزارين فرد آهن، جيڪي پرانهن هنڌن تي رهندڙ يا ڪم ڪار ڪندڙ آهن ۽ وٽن رابطي جو ڪو به ڀروسي جوڳو سرشتو موجود نه آهي. هن وقت انمارسئٽ کي جيو سنڪرونس محورن ۾ 25 اپگرهه آهن.
انٽيلسئٽ ۽ انمارسئٽ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي اپگرهه موجود آهن، جن مان ڪي خانگي ڪمپنين ته ڪي حڪومتن جي ملڪيت آهن، جيڪي انفرادي ملڪ ۽ تنظيمون استعمال ڪن ٿيون ۽ تجارتي ۽ فوجي مقصدن لاءِ ڪتب اچن ٿا. اپگرهن جو هڪ اهڙو نئون نسل به وجود ۾ اچي رهيو آهي، جن کي ڊاريڪٽ براڊڪاسٽ سئٽلائيٽ (direct-broadcast satellites) سڏجي ٿو، جيڪي ننڍن گهرن ۾ لڳل اينٽينائن کي سنئون سڌو سگنل پهچائين ٿا. بلڪل ائين جيئن ڪيبل رستي سگنل مهيا ڪيا وڃن ٿا.
پاڪستان پنهنجو پهريون ڪميونيڪيشن سئٽلائيٽ، پاڪستان-IR (Pakistan- IR) 14 آگسٽ 2011ع تي چين جي سئٽلائيٽ ويڪل رستي زنچانگ لانچ سينٽر (Xinchang Launch Centre) تان خلا ۾ روانو ڪيو، جنهن ۾ ڪل 30 ٽرامسپانڊر (Tranmsponders) سي بئنڊ ( C- Band) ۽ 18 ڪو بئنڊ (Ku-band) هئا، اهو اپگرهه جيو اسٽيشنريءَ جي 380E محور ۾ 36000 ڪ. م مٿي ڇڏيو ويو، جنهن اڳ ۾ موجود پاڪستان- I جي جاءِ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
پاڪستان - IR، 15 سالن تائين ڪم ڪندو رهندو ۽ ان عرصي دوران ڊجيٽل ٽي. ويءَ جا پروگرام براڊ بينڊ انٽرنيٽ، رورل ٽيليفون، ايمرجنسي ڪميونيڪيشن، ٽيلي ايجوڪيشن ۽ ٽيلي ميڊيسن جهڙا پروگرام موڪليندو رهندو. هن اپگرهه رستي پاڪستان ۾ سڀني هنڌن تي رابطي جون سهولتون موجود ٿي سگهيون آهن.
ان کانسواءِ پاڪسئٽ-IR (Paksat-IR) ۽ پاڪستان ريموٽ سينسنگ سئٽلائيٽ (Pakistan Remote Sensing Satelite / PRSS) جنهن کي ريموٽ سينسنگ سئٽلائيٽ سسٽم جي نالي سان به سڏجي ٿو، جهڙا ٻه اپگرهه سال 2014ع ۾، خلا ۾ ڇڏيا ويندا، اهي اپگرهه چين جي فني ۽ مالي سهڪار سان تيار ڪيا ويا آهن.
16 جولاءِ 1990ع ۾ پاڪستان جو پنهنجو تيار ڪيل هڪ اپگرهه بدر- اَي (Badar-A)، چين جي زيچانگ لانچ سينٽر تان راڪيٽ رستي بيضوي محور ۾ اماڻيو ويو هو، جنهن جو وزن 150 پائونڊ هو، هن اپگرهه خلا ۾ ڪاميابيءَ سان پنهنجو مدو پورو ڪيو.
پاڪستان جو هڪ اهڙو ٻيو اپگرهه بدر- بي (Badar-B) مشاهدو ڪندڙ اپگرهه هو، جيڪو ڊسمبر 2001ع ۾ زينت -2 ( Zenit-2) راڪيٽ رستي ڪازخستان جي بيڪنر ڪامسوڊروم (Baiknur Cosmodrome) تان ڇڏيو ويو هو، جنهن جي ڊزائين انگلنڊ جي هڪ ڪمپنيءَ، ’اسپيس انويشن لميٽيڊ‘ تيار ڪئي هئي.
پاڪستان-I پاڪستان جو پهريون جيو اسٽيشنري اپگرهه هو، جيڪو اصل ۾ پلاپا سي1- (Palapa C-1) هو ۽ 1996ع ۾ انڊونيشيا لاءِ خلا ۾ ڇڏيو ويو هو. منجهس اليڪٽراني نقص پيدا ٿيڻ کانپوءِ اناٽوليا -1 (Anatolia-1) جي نالي سان سڏجڻ لڳو ۽ سال 2002ع ۾ وري ان جو نالو مٽائي پاڪسئٽ-1 رکيو ويو. ان جي اصل ۾ ڊزائن بوئنگ (Boeings) ڪمپنيءَ تيار ڪئي هئي.
1958.01.31 عيسوي
31 جنوري 1958ع تي آمريڪا پنهنجو پهريون مصنوعي اپگرهه خلا ۾ موڪليو
1990.07.16 عيسوي
16 جولاءِ 1990ع ۾ پاڪستان جو پنهنجو تيار ڪيل هڪ اپگرهه بدر- اَي (Badar-A)، چين جي زيچانگ لانچ سينٽر تان راڪيٽ رستي بيضوي محور ۾ اماڻيو ويو هو، جنهن جو وزن 150 پائونڊ هو، هن اپگرهه خلا ۾ ڪاميابيءَ سان پنهنجو مدو پورو ڪيو.