
سارنگا

سارنگا
سارنگا (رسالو): سارنگا، حيدرآباد، سنڌ مان نڪرندڙ هڪ ٽماهي (مُندوار) پرچو آهي، جنهن جو ايڊيٽر (اعزازي) اسحاق سميجو آهي، جڏهن تہ ايڊيٽوريل بورڊ جي ميمبرن ۾ شوڪت حسين شورو، جامي چانڊيو، سردار شاھہ، اڪبر لغاري، علي دوست عاجز، منظور ميراڻي ۽ ارشاد ڀٽي آهن. هن ادبي رسالي جا جنوري 2008ع کان سيپٽمبر 2012ع تائين 19 پرچا نڪتا آهن، جن مان 5-4، 8-7، 12-11، 14-13، 16-15، 19-18 شمارا (يعني ڇھہ پرچا) گڏيل نڪتا آهن. هن ادبي رسالو جو نالو ’سارنگا‘ ننگرپارڪر ۽ ڪارونجهر جبل جي دامن ۾ جنم وٺندڙ هڪ لوڪ رومانوي داستان ’سڏونت ۽ سارنگا‘ جي سُورميءَ ’سارنگا‘ جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي، جڏهن تہ ٿر جي هن عشقيہ قصي ’ڪجلاسر‘ جي ڪناري تي جنم ورتو هو، اُن نسبت سان اداريي جو عنوان ’ڪجلاسر‘ تجويز ڪيو ويو آهي. رسالي جو مقصد سنڌيءَ جي حقيقي آرٽ، ڪلچر ۽ ادب کي اتساهڻ، روشن خيال، جدت ڀرئي ۽ تجربي جو ساهس ساريندڙ تخليقن کي همٿائڻ، هند ۽ سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ موجود سَنڌن کي گهٽائڻ، ترجمن وسيلي سنڌي ادب جو دامن وسيع ڪرڻ ۽ بهتر ۽ مثبت تنقيدي روايت کي اڳتي وڌائڻ ڄاڻايو ويو آهي. هن وقت تائين نڪرندڙ شمارن جو وچور هن ريت آهي:
سارنگا-1: جلد پهريون، شمارو پهريون (سيارو: 2008ع)
سارنگا-2: جلد پهريون، شمارو ٻيو (بھار: 2008ع)
سارنگا-3: جلد پهريون، شمارو ٽيون (اونهارو: 2008ع)
سارنگا 5-4: جلد پهريون/ ٻيو، شمارو چوٿون- پنجون (سيارو- بھار:09-2008ع)
سارنگا-6: جلد ٻيو، شمارو ڇهون (اونهارو: 2009ع)
سارنگا-8-7: جلد ٻيو، شمارو ستون- اٺون (سرءُ- سيارو: 2009ع)
سارنگا- 9: جلد ٽيون، شمارو نائون (بھار: 2010ع)
سارنگا- 10: جلد ٽيون، شمارو ڏهون (اونهارو: 2010ع)
سارنگا 12- 11: جلد ٽيون، شمارو: يارهون- ٻارهون (اونهار- سيارو: 2010ع)
سارنگا 14-13: جلد چوٿون، شمارو: تيرهون- چوڏهون (جنوري- مئي 2011ع)
سارنگا 16-15: جلد چوٿون، شمارو: ٽيون/ چوٿون، جون- ڊسمبر 2011ع
سارنگا- 17: جلد پنجون، شمارو: پهريون (2012ع)
سارنگا- 19-18: جلد پنجون، شمارو: سترهون- ارڙهون، اپريل- سيپٽمبر 2012ع.