ساقي عبداللطيف

ساقي عبداللطيف

ساقي عبداللطيف

ساقي، عبداللطيف: پاڪستان جي مشهور فلمي اداڪار ساقيءَ جو اصل نالو عبداللطيف بلوچ هو. هن 2 اپريل 1925ع تي بغداد ۾ جنم ورتو، جتي سندس والدين رهائش پذير هئا. عبداللطيف ساقيءَ جو ڀاءُ، عبدالڪريم بلوچ ۽ ڀائٽيو هارون رند، پاڪستان ٽيليويزن جا مشهور سنڌي پروڊيوسر ٿي گذريا آهن، عبدالڪريم بلوچ، پي. ٽي. وي جو ڊائريڪٽر جنرل به ٿيو. ساقي 1950ع ڌاري فلم ’التجا‘ سان پنهنجي فلمي سفر جي شروعات ڪئي ۽ مجموعي طور 484 فلمن ۾ ڪم ڪيائين، جن مان 6 سنڌي، 379 اردو، 78 پنجابي ۽ 21 فلمون پشتو جون هيون. ساقيءَ جي مشهور فلمن ۾ ’همراهي‘، ’راز‘، ’لکپتي‘، ’بيٽي‘، ’آسرا‘، ’مٺي ڀر چاول‘، ’لاکون ۾ ايڪ‘، ’محبت زندگي هي‘، ’انصاف‘، ’يوسف خان‘ ۽ ’شريف بانو‘ شامل آهن.
ساقيءَ ٽيليويزن جي مشهور ڊراما سيريلن: ’ديوارين‘، ’جنگل‘ ۽ ’گردش‘ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ساقيءَ جي آخري فلم ’دشمني‘ هئي، جيڪا سندس وفات کانپوءِ 1990ع ۾ رليز ٿي هئي.
سنڌ جي هن نامياري اداڪار، 22 ڊسمبر 1986ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽڙي (ضلعي ڄامشوري) جي هڪ قبرستان ۾ مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.04.02  عيسوي

پاڪستان جي مشهور فلمي اداڪار ساقيءَ جو اصل نالو عبداللطيف بلوچ هو. هن 2 اپريل 1925ع تي بغداد ۾ جنم ورتو،


1986.12.22  عيسوي

سنڌ جي هن نامياري اداڪار، 22 ڊسمبر 1986ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي ۽ ڪوٽڙي (ضلعي ڄامشوري) جي هڪ قبرستان ۾ مدفون آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد سڪندر ملڪ
ابن سعد
جيلاني سيد شيراز شاهه
سيد محمد عالم شاهه شيرازي
عصمت ڏاهري
صاحب دولت مائي
شيخ عبدالرئوف
ارل اسٽين
سليم الزمان صديقي
آخوند هدايت الله مشتاق هالائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون