سانوڻ

سانوڻ: برسات جي مهيني کي ’سانوڻ‘ سڏجي ٿو. هي ڏيهي سنڌي ڪئلينڊر جو پنجون مهينو آهي، جيڪو ’آکاڙ‘ ۽ ’بڊي‘ مهينن جي وچ تي، يعني 16 جولاءِ کان 15 آگسٽ تائين ايندو آهي. هندو ڌرم موجب، توڙي سنڌ جي موسمي حالتن مطابق سانوڻ مهيني کي خاص اهميت حاصل آهي، ڇو تہ هي مهينو، مينهن/ برساتن جو مهينو آهي. برسات جي موسم کي ’سانوڻيءَ جي مند‘ بہ چوندا آهن. هن مهيني ۾ درياھہ ۾ چاڙھہ ايندو آهي ۽ ٿر بر ۾ ’وسڪارو‘ ٿيندو آهي. وسڪاري کي سڄي سنڌ ۽ خاص ڪري ’ٿر‘ (ريگستان) جا ماڻهو زندگيءَ جي علامت سمجهندا آهن. ٿري ماڻهو ’سانوڻ‘ مهيني جو وڏو اوسيئڙو ڪندا آهن.
سانوڻ، سرهائي، سک، سلامتيءَ ۽ سونهن جي علامت آهي. سنڌ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعرن، سانوڻ کي خوب ڳايو آهي.
شاھہ جي رسالي ۾، سر سهڻي، سر بلاول ۽ سر سارنگ ۾ شاھہ لطيف جا سانوڻ بابت ڪيترا بيت ملن ٿا:
واهڙَ ڀيريون نہ پاءِ، تو پڻ ليکو ڏيئڻو،
سدا ’سانوڻ‘ ڏينهڙا، هينئين نہ هونداءِ،
وهاڻيءَ وينداءِ، اوڀر اُتانهان لھي!
شاھہ لطيف ٿر جي ماڻهن ۽ ساهوارن جي ان اوسيئڙي واري ڪيفيت جو ذڪر پنھنجي شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي:
سارنگ کي سارين، ماڻهو، مرگهہ، مينهيون،
آرون‘ ابر آسري، تاڙا تنوارين،
سپون جي سمونڊ جون، نئين سج نهارين،
پلر پيارين، تہ سنگهارن سک ٿئي!
ٿري/ ڍاٽڪيءَ ۾ ’سانوڻ‘ کي ’سرامڻ‘ بہ چوندا آهن، جيڪو سنسڪرت لفظ ’شرامڻ/ شروڻ‘ آهي.
”سرامڻ آيو سُرنگو، آئي نويلي ٽيج“
[اجهو سهـڻن رنگن وارو سانوڻ آيو آهي، ڄاڻ تہ سانوڻ ٽيج بہ آئي.]
سانوڻ مهيني ۾ ٿر جا مارو لوڪ، ڏهوڪي، موري، ڏيئل ڏو، وڻجاري، ڀئيي، ڍولي، ڍاٽيڙي، همرچي، ڪجليي، هينڍامڻي، منڍوڙي، ورساڙي، چوماسي، سانوڻ ٽيج، پڻهياري، جلاليي، جوڌيي، رومال ۽ ڪونجل جھڙا لوڪ گيت ڳائي خوشيون ملهائيندا آهن.
ٿر ۾، سانوڻ مهيني ۾ ڪيترا ڏڻ/ تهوار ملهايا ويندا آهن، جن کي عام طور ڌرمي رنگ ڏنو ويندو آهي، پر اصل ۾ اهي ڏڻ زرعي ۽ ثقافتي ڏينهن آهن، جن مان ڪي ڏڻ/ تهوار هن ريت آهن:
ٽيج: هي سانوڻ مهيني جو اهم تهوار آهي، جنهن ۾ نوجوان عورتون ورت رکنديون آهن ۽ پوئينءَ رات جو جڏهن آسمان تان ڪڪر وکرندا آهن تہ ورت ڇوڙينديون آهن (وڌيڪ ڏسو: سانوڻ ٽيج).
رکڙيءَ جو تهوار/ راکي ٻنڌڻ: هن رسم موجب ڀيڻ پنھنجي ڀاءُ کي ٻانهن ۾ راکِي يا رکڙي ٻڌندي آهي. هيءَ رسم سنڌ جي قديم ثقافتي رسم آهي، جيڪا بہ سانوڻ مهيني ۾ ادا ڪئي ويندي آهي. (وڌيڪ ڏسو: راکي ٻنڌڻ، جلد ڇهون).
ٿڌڙي: هي اهم تهوار، سانوڻ جي رُت پوري ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ملهايو ويندو آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٿڌڙي، جلد ٻيو).
ڪانهوڙو/ جنم اشٽمي: هن تهوار کي جنم اشٽمي، گوڪلا اشٽمي، ڪرشنا جيئنتي چوندا آهن ۽ ان کي ٿر ۾ ڪانهوڙو سڏيندا آهن. هي تهوار سانوڻ جي اونداهي اٺينءَ تٿ تي سنڌ ۽ سڄيءَ دنيا جا هندو، وچ آگسٽ ڌاري ملهائيندا آهن. ٿر ۾ هن ڏينهن کي خاص اهميت آهي. (وڌيڪ ڏسو: جنم اشٽمي، جلد پنجون- ضميمو).
گوگو تهوار: هن اهم تهوار تي ٿر ۽ راجسٿان جا هندو، نانگن جي بادشاھہ/ ديوتا ’گوگي چوهاڻ‘ جي پوڄا ڪندا آهن، جنهن جو مقصد اهو هوندو آهي تہ کين نانگن بلائن کان پناھہ ملي سگهي. روايت آهي تہ گرو گورکناٿ، گوگي چوهاڻ جي ماءُ بڇال (جيڪا تنور راجپوت هئي) کي گگرال پرشاد طور ڏنو ۽ چيو تہ هي کائڻ سان کيس پُٽ ڄمندو، گگرال جي ڪري هي گوگو سڏجڻ ۾ آيو. سندس جنم جيوَر چوهاڻ ۽ راڻي بڇال جي گهر ۾ 900ع ڌاري راجسٿان ۾ ٿيو هو. گوگي جو وڏو ميلو راجسٿان جي ضلعي هنومان ڳڙھہ جي شھر گوگاميديءَ ۾ لڳندو آهي، جتي چون ٿا تہ هن سماڌي ورتي هئي. گوگي چوهاڻ کي راجسٿان ۽ سنڌ (خاص ڪري ٿرپارڪر) جون هندو جاتيون جھڙوڪ: ڀيل، راجپوت، ريٻاري وغيرہ نانگن جي ديوتا طور پوڄيندا آهن. هر سال بڊي مهيني جي اونداهي اَٺين تِٿ تي ڀاوَ چاڙهيندا آهن.
ان کانسواءِ سانوڻ مهيني ۾ ڪيتريون ئي ثقافتي ۽ مذهبي رسمون پڻ ادا ڪيون وينديون آهن.
شيخ اياز بہ پنھنجي هڪ وائيءَ ۾ ’سانوڻ‘ کي هيٺينءَ ريت ڳايو آهي:
سانوڻ ڪيئن اڪيلو آئين،
ساجن کي بہ تہ آڻ!
سانوڻ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سارنگ‘ بہ سڏيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ: ’ميگهہ، جهڙالو، ملهار، سانوڻ جي موسم‘ آهي. شاھہ لطيف جي رسالي ۾ ’سارنگ‘ بابت هڪ مڪمل سُر شامل آهي.


لفظ سانوڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو