سانگهڙ
اڇڙو ٿر سانگھڙ
مکي ڍنڍ سانگھڙ
چوٽياريون ڍنڍ سانگھڙ جو هڪ منظر
برهمڻ آباد جا کنڊر
رتو ڪوٽ
چاڪر ڪوٽ
بچو بادشاهه حر فقير سانگهڙ
گڙنگ بنگلو
شهداد پور ويجھو قبه يگان
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سانگھڙ
سانگهڙ ۽ هنر
سانگهڙ (ضلعو): سانگهڙ ضلعو، سنڌ جو راجسٿان سان لڳندڙ سرحدي ضلعو آهي. جاگرافيائي حوالي سان سانگهڙ ضلعي جي اُتر ۾ ضلعو خيرپور، اُتر اولهه ۾ ضلعو بينظير آباد (نوابشاهه)، اولهه ۾ ضلعو مٽياري، ڏکڻ ۾ ضلعو ميرپورخاص، ڏکڻ اوڀر ۾ ضلعو عمرڪوٽ ۽ اوڀر ۾ راجسٿان جون جيسلمير ۽ جوڌپور رياستون لڳن ٿيون.
سانگهڙ، سنڌ پرڳڻي جي چئن ڊويزنن: ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر مان پراڻي حيدرآباد جي ستن ضلعن مان هڪ آهي. سانگهڙ کي پهريون ڀيرو اپريل 1946ع ۾ ضلعي جو درجو ڏنو ويو، جيڪا حيثيت پوءِ ختم ڪئي وئي. ان بعد سيپٽمبر 1953ع ۾ سانگهڙ کي ٻيو ڀيرو ضلعي جي حيثيت ڏني وئي، جيڪو ان وقت چئن تعلقن: سانگهڙ، کپري، سنجهوري ۽ شهدادپور تي مشتمل هو، جن مان پهريان ٻه ٿرپارڪر ضلعي مان ۽ پويان ٻه نوابشاهه ضلعي مان ورتا ويا. سال 1977ع ۾ کپري تعلقي تي مشتمل سب ڊويزن قائم ڪئي وئي ۽ شهدادپور تعلقي کي ٽوڙي ٽنڊي آدم تعلقي جو درجو ڏنو ويو ۽ سنجهورو تعلقو، جيڪو شهدادپور سب ڊويزن ۾ هو، ان کي سانگهڙ ڊويزن ۾ شامل ڪيو ويو. ان بعد سال 1989ع ۾ شهدادپور سب ڊويزن ۽ تعلقي کي ٽوڙي سرهاڙي، جيڪو شهدادپور تعلقي جو سرڪل هو، ان کي تعلقي جو درجو ڏئي نوابشاهه ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. هي هڪ سياسي فيصلو هو، ۽ اهڙي ئي هڪ سياسي فيصلي موجب هڪ سال کانپوءِ 19 آگسٽ 1990ع ۾ وري ان جو تعلقي وارو درجو ختم ڪري ٻيهر شهدادپور ۾ شامل ڪيو ويو. سال 1990ع جي پڇاڙيءَ ۾ وري هڪ نئين تعلقي هن ضلعي مان جنم ورتو، جنهن کي ڄام نواز عليءَ جو نالو ڏنو ويو، جنهن جو هيڊڪوارٽر ڄام ڳوٺ، جيڪو سنجهوري تعلقي جي نئون آباد ويجهو واقع آهي، مقرر ڪيو ويو. هن نئين تعلقي جي وجود ۾ اچڻ ڪري هن ضلعي جي جاگرافيائي حدن ۾ واڌ آئي، ڇو ته نئين تعلقي ۾ تعلقي ميرپورخاص، ضلعي ميرپورخاص ۽ تعلقي ٽنڊي الهيار مان 19 ۽ ضلعي حيدرآباد مان 6 ديهون ورتيون ويون. هن تعلقي ۾ ڪل 82 ديهون آهن، جيڪي تعلقي سنجهوري، ٽنڊي آدم، ٽنڊي الهيار ۽ ميرپورخاص تعلقن مان ورتيون ويون. اهڙيءَ طرح ساڳئي سال وري ٽنڊي آدم ۽ ڄام نواز علي تعلقن تي مشتمل هڪ نئين سب ڊويزن ٽنڊو آدم وجود ۾ آئي، جنهن جو هيڊڪوارٽر پڻ ٽنڊو آدم مقرر ڪيو ويو.
ضلعي جو هيڊڪوارٽر سانگهڙ شهر ۾ آهي. هن ضلعي جا هن وقت ڇهه تعلقا: سانگهڙ، سنجهورو، شهدادپور، کپرو، ٽنڊو آدم ۽ ڄام نواز علي آهن.
’سانگهڙ‘ نالي بابت روايت آهي ته اهو نالو هڪ ڳوٺ ’سنگهار‘ جو بدليل روپ آهي، جيڪو ڳوٺ، ميرن جي دور ۾ مهاڻن جو ننڍو ڳوٺ هو ۽ اهو هڪ عورت جو نالو هو. انگريز ’سنگهار‘ کي Sanghar لکندا هئا، پر اُن جو اُچار ’سانگهر‘ ڪندا هئا، جو پوءِ ڦري ’سانگهڙ‘ ٿي ويو.
هڪ ٻي روايت آهي ته ’سانگهڙ‘ تي هي نالو ’سنگهري سنگهار ڪئنال‘ تان پيو.
هيءُ ضلعو سنڌ جي زرخيز ضلعن مان هڪ آهي، جنهن ۾ وونئڻ، ڪمند ۽ ڪڻڪ جو فصل عام ٿئي ٿو. ربيع جا مکيه فصل: ڪڻڪ ۽ تيلي ٻج آهن، جڏهن ته خريف جا مکيه فصل وونئڻ، ڪمند ۽ جوئر وغيره آهن. 1984ع جي جاگرافيائي رپورٽ مطابق سانگهڙ کي ايراضيءَ جي لحاظ کان سنڌ جو ستون نمبر ۽ پاڪستان جو ستاويهون نمبر ضلعو قرار ڏنو ويو هو.
1990ع جي جاگرافيائي رپورٽ مطابق سانگهڙ ۾ 6 تعلقا ۽ 442 ديهون شامل آهن. ضلعي جي پکيڙ 10229 چورس ڪلوميٽر آهي.
جاگرافيائي بيهڪ موجب سانگهڙ ضلعو 68° 24’ ۽ 70° 13’ اتر ويڪرائي ڦاڪن ۽ 21° 30’ ۽ 26° 28’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪن تي واقع آهي.
ضلعي سانگهڙ ۾ 55 يونين ڪائونسلون آهن، جڏهن ته هڪ ضلعي ڪائونسل آهي. ضلعي سانگهڙ جي آدمشماري 1421977 آهي. سانگهڙ ضلعي ۾ تعليم ۽ خواندگيءَ جي شرح 30.49 سيڪڙو آهي.
سانگھڙ ضلعي ۾ 2842 پرائمري اسڪول آهن، جن ۾ 2500 ڇوڪرن جا اسڪول ۽ 243 ڇوڪرين جا اسڪول، 79 مڊل اسڪول (44 بوائز ۽ 35 گرلس) ۽ 68 سيڪنڊري اسڪول (54 بوائز ۽ 14 گرلس) آهن. سانگهڙ ضلعي ۾ هاير سيڪنڊري اسڪولن جو تعداد 11 آهي، جن مان 8 بوائز ۽ 3 گرلس اسڪول آهن. ضلعي سانگهڙ ۾ ڪمرشل ووڪيشنل ۽ مونوٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جو تعداد 10 آهي، جن مان 7 ڇوڪرن لاءِ ۽ 3 ڇوڪرين لاءِ آهن، جڏهن ته ڊگري ۽ انٽرميڊئيٽ ڪاليج 9 آهن، جن مان 6 ڇوڪرن جا ڪاليج ۽ 3 ڇوڪرين جا ڪاليج آهن.
هن ضلعي ۾ اڪثريت سنڌي ڳالهائيندڙن جي آهي، جڏهن ته سرائيڪي، پنجابي، اردو، بلوچي، گجراتي، مارواڙي ۽ پشتو ٻوليون ڳالهائيندڙ به آباد آهن. سانگهڙ ضلعي جا اقتصادي وسيلا زراعت، مڇي ۽ ڪجهه قدر صنعت آهن.
سانگهڙ ۾ واپار جون مکيه جنسون: ڪپهه، ڪڻڪ ۽ تيلي ٻج آهن. سانگهڙ ضلعي جا شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ کپرو تعلقا اهم واپاري مرڪز آهن. شهدادپور ڪپهه جي واپار جي حوالي سان اهم آهي، جتي تمام گهڻيون ڪاٽن جِننگ فيڪٽريون آهن.
ان کانسواءِ ٽنڊي آدم ۾ ٻه ماچيس فيڪٽريون به آهن. ضلعي سانگهڙ ۾ 58 ڪاٽن جننگ فيڪٽريون آهن ۽ 23 وڌيڪ فيڪٽريون ٺهي رهيون آهن. ان کانسواءِ سانگهڙ ضلعي ۾ هڪ شگر مل پڻ آهي. سانگھڙ ضلعي ۾ هڪ ڌاڳي جي مِل، 3 فلور ملون، ڇهه آئل ملون، دوائن جي هڪ انڊسٽري ۽ هڪ فوڊ انڊسٽري ’پولي‘ جي نالي سان قائم آهي.
سانگهڙ واري ريگستاني علائقي کي ’اڇڙو ٿر‘ چيو ويندو آهي، جيڪو 1500 چورس ميلن تي مشتمل آهي. اڇڙي ٿر جي ماڻهن جو گذرسفر برساتي پوک ۽ مال تي آهي. سانگهڙ ضلعي ۾ چوپايو مال ماڻهن جي اقتصاديات جو اهم ذريعو آهي. چوپائي مال ۾ مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون اچي وڃن ٿيون.
سانگهڙ ضلعي ۾ سالياني برسات جو تناسب 100 ملي ميٽر آهي.
سانگهڙ ضلعو ڏهن هزارن سالن کان وٺي 4 هزارن سالن تائين ٽن وڏن درياهن جو سنگم رهيو آهي.
سنڌو درياهه جي مکيه اوڀارئين شاخ، جيڪا نواب شاهه ضلعي وٽان ڦٽندي هئي، اها پوءِ دلو راءِ مان ٿيندي اڳتي وهندي هئي. هاڪڙي يا سرسوتيءَ جو وهڪرو پڻ سانگهڙ ضلعي مان هو. هي واهه روهڙيءَ کان پنج ميل مٿي آلي واهڻ وٽان سنڌو درياهه مان ڦٽندو هو، اهو واهه موجوده جمڙائوءَ جي منڍ وٽ اچي دوآٻو ٺاهيندو هو، جنهن مان هڪ موجوده جمڙائوءَ وارو رستو وٺي جهول وٽان دلوراءِ مان ٿيندو، مٿئين واهه سان گڏبو هو. ٻيو ناري جي موجوده جاءِ تان وهندو هو ۽ وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
درشاد وئتي نالي ندي پڻ هتان وهندي هئي، جيڪا سهارن پوريءَ جي اتر کان نڪري هاڪڙي سان وڃي ملندي هئي. اتان اهي ٽئي پراڻ ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا. پراڻ سمنڊ سان ڳنڍيل هئي ۽ ان دور ۾ اتي وڏو بندر هو.
انهن واهن جي ڪري سانگهڙ ۾ 200 ڍنڍون ۽ ڍورا وجود ۾ آيا، تنهنڪري هن علائقي ۾ مڇي، بهه ۽ پٻڻ جام ٿيندي هئي. ان ڪري ميربحر سمنڊ ڇڏي اچي هن علائقي ۾ رهيا هئا.
پراڻي سانگهڙ ۾ وڏو شهر چانهونءَ جي دڙي وارو هو، جيڪو موجوده نوابشاهه جي اوڀارئين شاخن تي آباد هو. قديم ميربحرن جي مڇي مارڻ جا اوزار، جيڪي الچنس (Allchins) نئـشـنـل هاءِ وي جي ميل نمبر 101 وٽان لڌا آهن، سي چيو وڃي ٿو ته سانگهڙ جي ميربحرن جا هئا.
موسمن جي تبديليءَ جي ڪري آهستي آهستي مينهن گهٽ پوڻ لڳو، جنهنڪري هاڪڙي ۾ پاڻي گهٽجڻ لڳو ۽ ميربحرن جو گذران ڏکيو ٿي ويو، جنهنڪري گهڻا ميربحر هي علائقو ڇڏي وري سنڌو درياهه ڏانهن هليا ويا.
لڳ ڀڳ 500 ق. م ۾ هڪ شهر آباد ٿيو، ان وقت جي گرامر جي ماهر پاڻيڻي (Panini) لکيو آهي ته هيءُ شهر سنڌ جي وچولي واري علائقي ۾ درياهه جي کاٻي ڪپ تي ٻَڌل هو، جنهن کي برهمنڪا (Brhmanka) پڻ سڏيو ويندو هو، پوءِ ان شهر تي عربن قبضو ڪري، ان جو نالو منصوره رکيو.
آخر ۾ 854ع ۾ مقامي عرب جيڪي هباري قبيلي سان تعلق رکندا هئا، حڪمران ٿيا، ان قبيلي 1011ع تائين حڪومت ڪئي. 1043ع ۾ خفيف سومرو هن شهر جو حڪمران ٿيو. هن شهر کي محمود غزنويءَ تباهه ڪيو، ڇو ته کيس فاطمين جي حڪومت پسند نه هئي. هن هر ڳوٺ ۽ وسنديءَ ۾ جهنڊو لڳل ڏٺو، ان ڪري سومناٿ وٽان موٽندي هن شهر کي نابود ڪيائين. اهڙي تباهيءَ جي باوجود سانگهڙ پنهنجي حيثيت قائم رکي، پر 1226ع ڌاري هاڪڙي جي صفا سُڪي وڃڻ ڪري هتي جي اقتصاديات کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. درشاد وئتي ندي سُڪي وئي، درياهه پنهنجو رخ ڦيرائي اڏيري لال کان نصرپور ڪري ڇڏيو، جنهنڪري هتان ميربحر لڏي ويا.
اندازاً 1859ع ۾ هڪ انگريز مسٽر فائيف (Mr. Fife) پراڻي هاڪڙي کي سنڌو درياهه مان روهڙيءَ جي جڳهه وٽان وري وهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهو اصل جڳهه وٽان ته نه وهيو، پر پراڻي ناري ۾ داخل ٿيو، جيڪو ’ڪاري ناري‘ جي نالي سان مشهور هو.
نارو روهڙيءَ کان ريتي، گڙنگي کان ٿيندو بقار ۾ گڏ ٿيندو هو ۽ پوءِ اتان خيرپور، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ وڃي ڍورو نارو ٿئي ٿو. نارو ڪلهوڙن جي دؤر ۾ به وهندو هو. چيو وڃي ٿو ته ڪلهوڙو حاڪم مائي مٺان تي عاشق هو، جنهنڪري هن درياهه جو پاڻي ٽنڊي مٺا خان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن بعد سندس شادي ٿي. بعد ۾ اها مائي اتان لڏي جوڳين جي ڀِٽ (ٽنڊي مٺا خان ويجهو) وٽ اچي ويٺي ۽ اتي هڪ مسجد ٺهرايائين. چوٽيارين جي عالمن فتويٰ جاري ڪئي، ته جيئن ته اها مسجد بادشاهه جي پئسن مان ٺهي آهي، ان ڪري ان ۾ نماز جائز نه آهي. مائي مٺان پوءِ ڀرت ڀري پنهنجي پئسن مان مسجد ٺهرائي، جيڪا اڄ به مشهور آهي.
انگريزن موجوده ناري کي جمڙائوءَ جي منڍ وٽ بند ٻَڌي 1896ع ۾ جمڙائو واهه ڪڍايو، اتان ناري کي ٻه ڇنڊڻون ڏنيون ويون. وري ناري مان مٺڙائو ۽ کپرو واهه ڪڍيا ويا. نارو اڳتي هلي بقار، ٽنڊي، کپري، هٿونگي ۽ ڀٽ ڀائٽيءَ وٽان ٿيندو فرش وٽ ختم ٿئي ٿو، جتان ڍوري ناري جي شڪل ۾ وهي وڃي پراڻ ذريعي سمنڊ ۾ پوندو هو.
سانگهڙ ۾ ڪيتريون مشهور ڍنڍون آهن، جن ۾ مکي ڍنڍ، چوٽياريون ڍنڍ، ڪاڪاهو ڍنڍ ۽ ڀٽارو ڍنڍ وغيره اچي وڃن ٿيون.
مکي ڍنڍ سانگهڙ ضلعي جي مشهور ڍنڍن مان هڪ آهي. هن ڍنڍ جي ڊيگهه کڏڙي کان ٿيندي ٿرپارڪر ضلعي تائين آهي. ويڪر ۾ کڏڙي کان نوابشاهه ضلعي جون حدون ٽپي خيرپور ضلعي مان ٿيندي جمڙائو منڍ جو مٿيون پاسو ڏئي ٿر تائين وڃي ٿي، جـنهن ۾ هـٿونگي جـي مشهور ڪاڪاهو ڍنڍ به مکـي ڍنـڍ ۾ شـامـل هـئـي، چـون ٿـا ته مکي ڍنڍ جو نالو اصل ۾ ماکي هو، ڇو ته ان جي ٻيلي ۾ ماکي جام ٿيندي هئي، ان ڪري ماڻهو سڏيندا ئي ’ماکي ڍنڍ‘ هئس، پر پوءِ انگريـزن ان کي ماکيءَ بدران مکي سڏيو، آهستي بگڙجي مکي لفظ ٿي ويو ۽ عام ماڻهو به ان کي مکي ڍنڍ سڏڻ لڳا. سانگهڙ ضلعي ۾ ميربحرن جو وجود تمام آڳاٽو آهي. ناري سان جيڪي به ڳوٺ ۽ واهڻ ۽ وسنديون آباد آهن، سي سڀ ميربحرن آباد ڪيون هيون. خود سانگهڙ بابت روايت آهي ته ان جو نالو خود سنگهار نالي ميربحر عورت تان پيو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ دادوءَ جا ميربحر لڏي مکي ڍنڍ جي بچاءُ بند ويجهو مياڻيون ٺاهي ويٺا، انگريزن جي اوائلي دور ۾ سکر کان پڻ ميربحر لڏي هتي آيا. اوائلي ميربحرن جو ڳوٺ بقار مشهور آهي. مکيءَ جي ميربحرن جا ٻه وڏا قبيلا مسائو ۽ سيئل چيا وڃن ٿا. مکي ڍنڍ جي اهميت حر تحريڪ جي حوالي سان وڏي آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ ڍنڍ انگريزن جي خلاف حرن جو وڏو مورچو هو، جنهن تي اڳتي هلي انگريزن تي قبضو ڪري پنجاب ۽ بلوچستان مان پنهنجي وفادار قبيلن کي آڻي هتي آباد ڪيو.
چوٽياريون، سانگهڙ ضلعي جي هڪ اهم ڍنڍ آهي، جنهن تي چوٽياريون ڊئم قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو ضلعي سانگهڙ ۾ آبپاشيءَ جي خيال کان وڏي اهميت جو حامل آهي. چوٽياريون بند سانگهڙ کان اوڀر طرف 35 ميل پري جمڙائو هيڊ کان 30 ڪلوميٽر پري، سامونڊي سطح کان 60 ميٽر اوچو هٿرادو پاڻي گڏ ڪرڻ جو بند آهي. هي بند 2003ع ۾ ناري ڪئنال جي کاٻي ڪناري اڏيو ويو آهي.
ضلعي ۾ ڪيترا ٻيلا ۽ ڍنڍون ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهن. سانگهڙ جي ڍنڍن جي مڇي مشهور آهي، جيڪا سنڌ جي ٻين شهرن ۽ پنجاب ڏانهن به موڪلي وڃي ٿي. ناري جا واڳون به مشهور آهن. جهنگلي جيوت ۾ ڦاڙها، سوئر، مور، هرڻ ۽ جهنگراڙ ٻلا شامل آهن. ’ڪيٽي‘، ’ڀوپي‘، ’تراڇو‘، ’وارهيان‘، ’کوڙي‘، ’نياڻ‘، ’سرينواري‘ ۽ ’ٽنڊو مٺا خان‘، سانگهڙ ضلعي جا مشهور ٻيلا آهن.
سانگهڙ ضلعي جا شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ ڄام نواز علي تعلقا روهڙي ڪئنال جي پاڻيءَ تي ۽ سنجهورو، سانگهڙ ۽ کپرو تعلقا، مٺڙائو ۽ نارا ڪئنالن جي پاڻيءَ تي آباد ٿين ٿا. تعلقي کپري جو اڇڙي ٿر وارو حصو واريءَ جي دڙن تي مشتمل آهي.
اسلام کان اڳ واري دؤر کان وٺي سنڌو درياهه جي ٻن مکيه شاخن هاڪڙي (اڀرندي ناري) ۽ ’مهراڻ‘ (لُهاڻي/ اولاهين ناري) موجوده ضلعي سانگهڙ جي ايراضيءَ کي آباد ٿي ڪيو. هاڪڙي (اڀرندي ڪاري ناري) جا نشان تعلقي سانگهڙ ۽ تعلقي کپري ۾ ملن ٿا. ’مهراڻ‘ چوٿين صدي عيسويءَ تائين تعلقي سنجهوري جي حدن مان وهندو هو. ايراني حاڪم ’بهمن ارد شير‘ سنڌو ماٿريءَ تائين پنهنجو زور وڌائي سانگهڙ ضلعي جي حدن ۾ هڪ شهر آباد ڪيو، جيڪو ’بهمن آباد‘ سڏيو ويو. چوٿين صدي عيسويءَ ۾ برهمڻ راجا ’ڪضند‘ (گوبند) طاقت ۾ آيو ته بهمن آباد جو نالو مٽجي ’برهمڻ آباد‘ ٿيو. محمد بن قاسم 712ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن اهو شهر ‘لوهاڻي‘ (تعلقي شهدادپور، ٽنڊي آدم ۽ سنجهوري جي حدن تي مشتمل) جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ مهراڻ جي هڪ شاخ ’جلواني/ ڄراڙيءَ‘ جي ڪنڌيءَ تي آباد هو. برهمڻ آباد جا کنڊر جهول کان ٽي ميل اولهه ۾ ’ڏيپر گهانگهري‘ جي نالي سان سڏجن ٿا، جتي ٻڌ ڌرم جو ’اسٽوپا‘ ۽ ٻيا مٽيءَ جا دڙا مليا آهن ۽ اهي آثار اڄ تائين موجود آهن. عربن جي سنڌ تي قابض ٿيڻ بعد ’اميه گهراڻي‘ جي حڪومت دوران گورنر الحڪم (729ع کان 739ع) جي جرنل بن محمد بن قاسم'>عمرو بن محمد بن قاسم پنهنجي طاقت کي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تائين وڌايو ۽ ’منصوره‘ جو شهر اڏايو، جيڪو عربن جو تخت گاهه بنيو. منصوره شهر جا کنڊر تعلقي سنجهوري ۾ جمڙائو ڪئنال تي موجود دلور موريءَ کان اوڀر ۾ آهن. منصوره ان دؤر ۾ علم، سکيا ۽ واپار جو مرڪز هو، منصوره اميه ۽ عباسي دؤر دوران دارالسلطنت به رهيو. عباسي گهراڻي جي بغداد ۾ مرڪزي طور ڪمزور ٿيڻ بعد مقامي قبيلن، ملتان ۽ منصوره ۾ خودمختيار حڪومتون قائم ڪيون. منصوره ۾ آخري عباسي گورنر هارون 854ع ۾ مقامي لڙاين ۾ قتل ٿي ويو. ان بعد بن عبدالعزيز هباري'>عمر بن عبدالعزيز هباري سنڌ جي حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون. خليفي سان نالي ماتر وفاداريءَ جو اظهار ڪندي، هباري خاندان سنڌ جي خودمختياري ۽ آزادي حاصل ڪري ورتي. منصوره انهن جو تختگاهه هو. هتي اٽڪل ستن حاڪمن حڪومت ڪئي. انهن مرڪز (بغداد) کان آزاد ٿي، سنڌ جو پنهنجو سِڪو به جاري ڪيو. اُهي سڪا مختلف عالمن وقت به وقت دڙن جي کوٽاين دوران حاصل ڪيا. 1010ع ڌاري هباري ختم ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي سومرا دور حڪومت شروع ٿيو. ابتدا ۾ سندن تختگاهه پڻ منصوره هو. مقامي حڪومتون ڏهين صدي عيسويءَ جي ٻئي اڌ ڌاري مصر جي بنو فاطمي حڪومت جي اثر هيٺ آيون. بعد ۾ يارهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ مٿن محمود غزنويءَ حملا ڪيا. محمود غزنويءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته 1010ع ۾ سنڌ جي موجوده سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر مان لنگهندي، منصوره ۾ هن پنهنجو وفادار حڪمران مقرر ڪيو هو. سومرن جي دؤر ۾ حاڪمن ’ٺري‘، ’وڳهه ڪوٽ‘، ’روپا‘ ۽ ’محمود طور‘ پنهنجا تخت گاهه قائم ڪيا ۽ يارهين صدي عيسوي جي ٽئين حصي ۾ سنڌو درياهه جي اولاهين شاخ جيڪا منصوره وٽان گذرندي هئي، ان پنهنجو رخ مٽائي منصوره کان 14 ڪلوميٽر اولهه طرف وهڻ شروع ڪيو. ان تبديليءَ سبب منصوره ۽ هن علائقي جي خوشحالي ۽ اهميت کي ڌڪ لڳو. سمن جي دؤر ۾ به لاڙ ۾ ٺٽي کي تخت گاهه بڻايو ويو. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر (1520ع کان 1736ع) دوران موجوده سانگهڙ ضلعي جون ڪي ايراضيون چٽيون نظر اچن ٿيون. هنن پنهنجا نوان انتظام ڪندي شهدادپور جو اولاهون اڌ هالا ڪنڊي ضلعي جي حدن ۾ داخل ڪيو، اوڀاريون پاسو ۽ سنجهوري تعلقي جو ڏکڻيون حصو نصرپور سان شامل ڪيو، کپري ۽ سانگهڙ جي ايراضي وري عمرڪوٽ سان شامل ڪئي. ترخان دؤر ۾ مرزا جان بابا پنهنجي ڀاءُ مرزا باقي خلاف بغاوت ڪرڻ بعد پڻ هن علائقي ۾ آيو. هن 1568ع ۾ ’متهلي‘ وٽ انڙن ۽ جوڻيجن جو لشڪر ڪٺو ڪيو هو (متهلي جو ڳوٺ تعلقي ’سنجهوري‘ ۾ ديهه ’متهلي‘ ۾ موجود آهي). جان بابا ويڙهه جي سگهه نه ساري اتان نڪري تعلقي کپري جي ’رتي ڪوٽ‘ ۾ آيو، جتي ’ويرسي‘ سوڍن جي سرداري هئي. هن ويرسي سوڍن سان ملي عمرڪوٽ جي سوڍن خلاف عهدنامو ڪيو هو، جيڪي مرزا باقيءَ جا وفادار ۽ ويرسي سوڍن جا سخت مخالف هئا. مرزا جان بابا جي مارجڻ کانپوءِ مرزا باقي ’شاهه قائم خان‘ کي نصرپور جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن شهدادپور واري ايراضيءَ ۾ انتظام هلائڻ لاءِ هڪ ڪچو قلعو تعمير ڪرايو هو، جنهن جا نشان هن وقت تعلقي ٽنڊي آدم ۾ ’سئي ڪندر‘ وٽ موجود آهن.
1701ع ڌاري هالا، نصرپور ۽ موجوده سانگهڙ ضلعو ٺٽي پرڳڻي جي ضابطي ۾ هئا، جتي مغلن جو نواب حڪم هلائيندو هو. مغل حاڪمن جي تائيد سان شهزادي معزالدين شهدادپور، ٽنڊي آدم ۽ سنجهوري تعلقن واريون ايراضيون مير شهداد خان ٽالپر کي جاگير طور ڏنيون. مير شهداد خان ٽالپر بعد ۾ ’شهدادپور‘ آباد ڪري اتي قلعو تعمير ڪرايو ۽ سندس پٽ مير چاڪر خان، شاهپور چاڪر شهر جو بنياد وجهي اتي ڪچو قلعو ٺهرايو. ٽالپر سردارن ’شاهو واهه‘ ۽ ’شهداد واهه‘ کوٽايا، جيڪي هن علائقي جي خوشحاليءَ جو سبب بنيا، بعد ۾ مير بجار خان، ڪلهوڙن سان ٽڪر کاڌو، جنهنڪري 1716ع ۾ تعلقي سنجهوري جي ديهه لانياريءَ وٽ ٻنهي ڌرين جي لشڪرن ۾ ويڙهه ٿي. ڪلهوڙن جي لشڪر جي اڳواڻي ’تاجو ليکي‘ ڪري رهيو هو. جنگ ۾ ڪلهوڙن کي شڪست آئي ۽ مير بجار خان ان جاءِ تي ڪچو قلعو ٺهرايو، جيڪو ’ڪوٽ بجار‘ جي نالي سان سڏيو ويو، جنهن جا نشان تعلقي سنجهوري جي ديهه ’ڪوٽ بجار‘ ۾ اڄ به موجود آهن. مير بجار خان ’بجار ونجي‘ نالي هڪ واهه کوٽايو، ان جاءِ تي 1932ع ۾ انگريزن نئين آبپاشي نظام هيٺ واهه کوٽايا. ڪلهوڙن جي آخري حڪمران ميان عبدالنبي 1782ع ۾ مير فتح علي خان هٿان هالاڻيءَ ۾ شڪست کاڌي، ان ڪري شهدادپور، ٽنڊي آدم، سنجهوري ۽ سانگهڙ تعلقن جا ڪجهه حصا حيدرآباد جي ٽالپرن جي هٿ هيٺ آيا. سانگهڙ تعلقي جو باقي رهيل حصو ۽ کپري تعلقي واري ايراضي ميرپورخاص جي ماڻڪاڻي ٽالپرن جي هٿ هيٺ آئي.
سانگهڙ شهر ٽالپرن جي آخــري دؤر (1840ع کان 1843ع) ۾ هڪ ڳوٺ جي صورت ۾ هو، منجهس مهاڻا رهندا هئا ۽ ’سنگهار‘ سڏبو هو. 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي بعد مير شير محمد، شهدادپور واري ايراضيءَ ۾ شاهپور ويجهو ’ڪونهيريءَ‘ وٽ انگريزن سان جنگ وڙهيو، پر کيس شڪست ملي.
انگريزن جي دؤر ۾ سانگهڙ ضلعو ڌارين حڪمرانن خلاف مزاحمتي تحريڪ جو وڏو مرڪز رهيو. حرن، انگريزن خلاف گوريلا ويڙهه ڪئي، حُر تحريڪ ’سيد احمد شهيد‘ ۽ ’پير صبغة الله شاهه اول‘ جي ملاقات کانپوءِ وجود ۾ آئي. جڏهن سيد احمد شهيد 1826ع ۾ راجسٿان رستي کان سنڌ ۾ حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن سان مدد لاءِ مليو، پر کيس ڪا موٽ نه ملي، جنهن بعد هن جي پير ڳوٺ ۾ پير پاڳاري صبغت الله شاهه اول سان ملاقات ٿي، جنهن کيس 600 مجاهدن جو لشڪر مدد طور ڏنو، انهن کي پير صاحب ’احرار‘ جو نالو ڏنو. ان جٿي ۾ سانگهڙ جا ڪيترا حُر به شامل هئا. احمد شاهه ۽ حُر تحريڪ جا ڪيترائي سپاهي سکن خلاف وڙهندي ’بالاڪوٽ‘ مقام وٽ شهيد ٿيا.
1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن پير صاحب پاڳاري جي حرن پاڻ کي منظم ڪيو. انگريز، احمد شاهه شهيد جي پاڳاري پاران مدد ڪرڻ ڪري سبب شاڪي هئا ۽ کين ڊپ هو ته پير صاحب جي جماعت ڪٿي بغاوت نه ڪري. ان ڪري انگريزن، پاڳاري خاندان ۽ حُر جماعت تي ڪڙي نظر رکي. ٻئي طرف حرن به انگريزن خلاف جدوجهد ڪئي، جنهنڪري ڪيترن حرن خلاف ڪوڙا وارنٽ ڪڍيا ويا ۽ کين تنگ ڪيو ويو. حُرن، انگريزن کان بغاوت ڪندي ’مکي ڍنڍ‘ ۾ پنهنجو هيڊڪوارٽر قائم ڪيو ۽ حڪومت خلاف ڪارروايون ڪيون. ’بچو بادشاهه‘، ’پيرو وزير‘ ۽ ’گلو گورنر‘ انگريزن خلاف ’حر حڪومت‘ قائم ڪئي. انهن جي ’بادشاهي‘ گهڻو مشهور آهي. مشهور ٻارهن ٻهروٽيا، جن جو حر تحريڪ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، انهن جو مختصر ذڪر هتي پيش ڪجي ٿو:
• بچو پٽ وريام خاصخيلي، ويٺل ’مٺڙائو‘، تعلقي سانگهڙ جو هو. جيئن ته هي پهريون حر فقير هو، تنهنڪري حرن کيس پنهنجو اڳواڻ مقرر ڪري ’بادشاهه‘ جو لقب ڏنو، جيڪو پوءِ ’بچو بادشاهه‘ جي نالي سان سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو. 1998ع ۾ پيش پيو. ميرپورخاص جي اسپيشل جج ’هارٽ ڊيويز‘ مقدمو هلائي، عيسيٰ ڏاهريءَ سان گڏ کيس ڦاهي ڏني.
• پيرو پٽ صالح فقير وساڻ، ويٺل ’ڪنڊو‘ تعلقي سنجهوري جو هو. 1898ع ۾ ’جهوڙي لئي‘ واري مقام تي، ’ليوڪس‘ سان وڙهندي مارجي ويو.
• تڳيو پٽ دوسو چانگ، ويٺل ڳوٺ ’سماٿري‘ تعلقي سانگهڙ جو هو، جيڪو پڻ 1898ع ۾ ’جهوڙي لئي‘ وٽ ’ليوڪس‘ سان وڙهندي شهيد ٿيو.
• گلو پٽ پريو موچي، ويٺل ڳوٺ ’نظاماڻي‘ تعلقي سانگهڙ جو هو، جيڪو ’جهوڙي لئي‘ وٽ ’ليوڪس‘ سان وڙهندي مارجي ويو.
• ڀلو پٽ گلو ڳاهو، ويٺل ڳوٺ ’موجن‘ تعلقي خيرپور جو هو. مکيءَ وٽ غلام محمد جي گهٽ جي پريان ٽڪنڊي وٽ پنهنجن ٻن ساٿين: مصري ڳاهي ۽ عثمان هنڱوري سان گڏ ’ليوڪس‘ سان وڙهندي مارجي ويو.
• مصري پٽ خانڻ ڳاهو، ويٺل ڳوٺ ’بحر واهه‘ تعلقي شهدادپور جو هو. مکيءَ وٽ غلام محمد جي گهٽ جي پريان، ٽڪنڊي وٽ، ’ليوڪس‘ سان وڙهندي مارجي ويو.
• عثمان پٽ ملوڪ هنڱورو، ويٺل ڳوٺ ’ڇرائو‘ تعلقي ٽنڊي الهيار جو هو، جيڪو پڻ ’ليوڪس‘ سان وڙهندي مکيءَ وٽ مارجي ويو.
• عيسو ڏاهري، هالن واري ٿاڻي تي پيش پيو، جتان ’ليوڪس‘ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن کيس مقدمو هلائي ’بچو بادشاهه‘ سان گڏ ڦاسي ڏيارائي.
• خميسو پٽ سچل وساڻ، ويٺل ڳوٺ ’باکوڙو‘، تعلقي سانگهڙ جو هو، جيڪو گم ٿي ويو.
• سومار ڳاهو، پير صاحب جي انهيءَ نوڪر کي مارڻ ويو، جنهن پير صاحب طرفان حرن کي انگريزن وٽ پيش پوڻ جو اعلان ڪيو هو، پر پاڻ مارجي ويو.
• ڦتلو، سومار ڳاهي سان گڏ مارجي ويو.
• راڻو وساڻ، ويٺل ڳوٺ ’باکوڙو‘ تعلقي سانگهڙ جو هو. مرشد جي حڪم موجب پيش پيو، جنهن کي ست سال ٽيپ ڏئي ’ڪاري پاڻي‘ موڪليو ويو.
حڪومت حرن مٿان قانون ٽوڙڻ جا ڪيس داخل ڪري، جولاسنگهه جي اڳواڻيءَ ۾ خاص پوليس جو جٿو موڪليو، پر حرن کيس قتل ڪري ڇڏيو. 1921ع ۾ پير پاڳارو صبغة الله شاهه ثاني (عرف سورهيه بادشاهه) گادي نشين ٿيو ۽ هن انگريزن خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو.
حرن جي جدوجهد دوران پير صاحب پاڳاري کي گرفتار ڪيو ويو، مٿس ڪوڙا ڪيس لاڳو ٿيا ۽ سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي وئي ۽ اڳتي هلي 20 مارچ 1943ع تي کيس ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.
سانگهڙ حُر تحريڪ جو مرڪز هو. ڪيترن حرن شهادتون ماڻيون. پير صاحب جي ڦاسيءَ بعد سانگهڙ ضلعي ۾ حُرن، انگريزن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون. انگريزن جا قانون مڃڻ کان انڪار ڪيائون ۽ سرڪاري ڍل ڏيڻ کان ماڻهن کي روڪي ڇڏيو.
انگريزن جي هندستان خالي ڪرڻ ۽ پاڪستان جي قيام بعد، سانگهڙ ضلعي جا ڪيترا حر، پير پاڳاري ’شاهه مردان شاهه‘ جي حڪم تي ’مجاهد فورس‘ ۾ ڀرتي ٿيا، جن 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين ۾ حصو ورتو.
هن ضلعي ۾ ڪيترا تاريخي ماڳ مڪان آهن. تاريخ کان اڳ جي دور جا ڪجهه قديم دڙا، ديهه ماڙي سبڙ ۾ نواز ڏاهري ريلوي اسٽيشن لڳ موجود آهن، جيڪي هن وقت زرعي آباديءَ هيٺ اچي چڪا آهن، انهن مان هڪ دڙو 300 سؤ فوٽ ڊگهو ۽ 200 سؤ فوٽ ويڪرو آهي، جتي سرون ۽ ٺڪراٺو پکڙيل آهي، اتان ڳاڙهين ٺڪرين تي ڪاري رنگ جي استعمال جا نمونا ۽ هڪ ڍڳي جي شڪل وارو رانديڪو به مليو آهي، جيڪي ’موهن جي دڙي‘ ۽ ’هڙپا‘ جي تهذيب سان هڪجهڙائي رکن ٿا. ان کانسواءِ پوءِ واري دؤر جون ڪيتريون تاريخي جايون، مقبرا، قديم آثار ۽ درياهي وهڪرا ملن ٿا، جن مان ’دلور جا دڙا‘ تعلقي سنجهوري ۾ ٽنڊي آدم جهول روڊ تي، جمڙائو ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي آهن.
1854ع ۾ مسٽر اي. ايف. بيلاسس ۽ سي. ڊبليو رچرڊسن هنن آثارن جي کوٽائي ڪئي، سندن خيال موجب هي شهر ’برهمڻ آباد‘ هو، جيڪو قلعي بند هو. هي هڪ واپاري شهر هو، جنهن ۾ مختلف قسمن جا دڪان ۽ فوجين جي رهڻ جون بيرڪون هيون، شهر اٽڪل چئن ميلن ۾ پکڙيل هو. 1871ع ۾ اليگزينڊر ڪننگهام هن ماڳ کي جاچيو، جنهن پڻ هن هنڌ کي ’برهمڻ آباد‘ ۽ ’منصوره‘ سان تعبير ڪيو. 1892ع ۾ ’راورٽي‘ پنهنجي ڪتاب ’مهراڻ آف سنڌ‘ ۾ ’مجعمل التواريخ‘ جي نظريي جي حمايت ڪئي، جنهن موجب ايران جي بادشاهه ’بهمن‘ سنڌ جي ٻُڌ پرڳڻي جو علائقو قبضي هيٺ آڻي ’بهمن آباد‘ جي نالي سان آباد ڪيو. اڪثر محقق هن نظريي جي حمايت ڪن ٿا ته هي آثار ’بهمن آباد‘ جا آهن، جنهن کي پوءِ ’برهمڻ آباد‘ سڏيو ويو. 1962ع کان 1965ع جي وچ ڌاري پاڪستان جي آثار قديمه جي ڊائريڪٽر ايف. اي. خان کوٽائي ڪندي هنن دڙن کي عربن جي شهر ’منصوره‘ جا آثار سڏيو.
جنرل هيگ 1884ع ۾ هنن آثارن کي ’برهمڻ آباد‘ شهر سڏيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هنن آثارن کي ’برهمڻ آباد‘ مڃي ٿو.
کپري تعلقي ۾ شهر کپري کان 10 ميل اوڀر نارا ڪئنال جي کاپي ڪپ تي ’رتوڪوٽ‘ جا دڙا آهن، جتي ٺڪراٺو جام پکڙيل آهي، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا، چاندي جا ڳهه، شيشي جا ٽڪر، مٽي ۽ پٿر مان ٺهيل ماڻهن جي شڪلين جا ٽڪرا مليا آهن.
شهدادپور کان ست ميل اولهه ڳوٺ ڀڙي سان لڳ روهڙي ڪئنال جي ڪپ تي ’سون چڙي جو ڀڙو‘ آهي، جيڪو چئن ايڪڙن تي 20 کان 25 فوٽ مٿاهينءَ تي آهي. مٿس ڪجهه قبرون ۽ ٺڪراٺو موجود آهي. شهدادپور شهر ۾ ’سهڻيءَ ۽ ميهار‘ جا مقبرا ڌار ڌار جاين تي موجود آهن. سهڻيءَ جو مقبرو شهدادپور شهر کان ٻاهران ۽ ميهار جو مقبرو شهر جي وچ ۾ آهي. ٽنڊي آدم کان چار ميل اولهه اتر طرف ’سئي ڪندر‘ جو مقام آهي، جيڪو ستين صدي هجريءَ جو ٻُڌايو وڃي ٿو. عالمن هن قبرستان کي ترخان دؤر کان پوءِ جو سڏيو آهي. هن قبرستان ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻن ڀائرن جون قبرون به ٻُڌايون وڃن ٿيون.
ٽنڊي آدم تعلقي ۾ ديهه احدي جوڻيجي ۾ سنڌوءَ جي پراڻي وهڪري لهاڻي ڍوري جي ڪپ تي اٽڪل چئن ايڪڙن تي مشتمل 5 کان 6 فوٽ اوچو دڙو واقع آهي، جيڪو ’احديءَ جو دڙو‘ سڏجي ٿو.
شهدادپور کان ٽي ميل ڏکڻ طرف ٽنڊي آدم روڊ تي لهاڻي ڍوري جي ڪنڌيءَ تي ٻه دڙا ۽ هڪ قبو موجود آهي، جن کي ’قبه يگان‘ سڏيو وڃي ٿو.
شاهپور چاڪر کان 4 ميل اتر، اولهه طرف ’سدا واهه‘ جي ساڄي ڪپ تي ميرن جو خانداني قبرستان آهي، جيڪو شهدادپور جو بنياد وجهندڙ ’مير شهداد خان‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. هي قبرستان 16 ايڪڙن تي مشتمل آهي، منجهس 3 مسجدون ۽ ڪيترائي قبا اڏيل آهن.
شاهپور چاڪر جي ڀرسان ڪوٽ چاڪر خان ٽالپر جا نشان موجود آهن. هي ڪوٽ مير شهداد خان ٽالپر جي پٽ ’مير چاڪر خان‘ ٻارهين صدي هجريءَ ۾ هڪ ميل پکيڙ ۾ ٺهرايو هو، جيڪو ڪچو هو ۽ ان کي ’ڪوٽ چاڪر‘ سڏيو ويو. تعلقي سنجهوري ۾ جهول کان 2 ميل ڏکڻ طرف ’ڪوٽ بجر‘ جا نشان به ملن ٿا.
کپري کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف کاڻي واري روڊ تي خان مري'>آدم خان مري جو قبو آهي. خان مري'>آدم خان مري شهر ٽنڊي آدم جو بنياد وڌو هو.
انهن قديم آثارن کانسواءِ ’سمير جو دڙو‘، ’طلاء شاهه‘، ’ڪاڪ جا دڙا‘، ’باکوڙي لڳ ڀڙو‘، ’ڄامان جون مسجدون‘، ’ميهارڪو ڀڙو‘، ’اوڏ جي قبر‘، ’ڪونرؤ جون ماڙيون‘، ’راڻڪ ڏهر‘، ’شهڪ مري مسجد‘ ۽ کپري کان 20 ميل ڏکڻ طرف، ڦلهڏيون لڳ مٺي فقير جو دڙو ’ڍير مٺو فقير‘ به موجود آهي. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي قبا ۽ دڙا هن ضلعي جي تاريخي ورثي ۾ شامل آهن.
سنڌ جو هيءُ علائقو ڪنهن دؤر ۾ ’لوهاڻي‘ پرڳڻي جي حيثيت سان مشهور هو.
علم ادب: ٻاهرين سياحن ۽ تاريخدانن جي ڪتابن ۾ پتو پوي ٿو ته عربن جي دؤر ۾ ’منصوره‘ شهر علم و ادب جو مرڪز هو، جتي ڪيترائي عالم، اديب ۽ فاضل رهندا هئا، ان وقت هتي سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. قاضي ابو محمد منصوريءَ جي هڪ وڏي درسگاهه هوندي هئي. ابن حوقل لکي ٿو ته، ”منصوره ۽ ان جي آسپاس سنڌي ۽ عربي ڳالهائي ويندي هئي.“ ان دؤر ۾ سنڌي ٻولي جي لکت لاءِ ڏکڻ سنڌ ۾ کاري تائين ’مالو شائو‘ نالي رسم الخط (’مالواڙي‘) استعمال ٿيندو هو. بهمنوا (منصوره) ۾’سئنڌو‘ رسم الخط استعمال ٿيندو هو. ان وقت منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباريءَ، ڪشمير جي هڪ راجا ڏانهن اسلامي عقيدن بابت ڪتاب لکائي موڪليو. هڪ سنڌي ڄاڻندڙ عالم قرآن مجيد جو پهريون سنڌي ترجمو به ڪيو.
هن خطي جي ادبي تاريخ ڪلهوڙن جي دؤر کان سلسليوار ملي ٿي. سڄيءَ سنڌ وانگر سانگهڙ واري خطي جي شاعرن ۽ اديبن هن دؤر ۾ گهڻو لکيو. ان وقت چوٽيارين ۾ تاريخي درسگاهه قائم ٿي، جيڪا سڄيءَ سنڌ توڙي ٻين ملڪن تائين مشهور هئي. مشهور بزرگ، عالم ۽ شاعر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي به چوٽيارين جي درسگاهه ۾ پڙهيو هو. هيءَ درسگاهه 1947ع تائين علم و ادب جي خدمت ۾ اڳڀري رهي. تعلقي سانگهڙ ۾، ’درسگاهه سرينواري‘ به علم جو وڏو مرڪز هئي، جنهن جو باني مخدوم ميان تاج محمد ڪيريورح هو، جيڪا پڻ ساڳي عرصي دوران قائم ٿي. شاهه لطيف جو ويجهو ساٿي عنايت ڏيرو به هن خطي جي ’سئي ڪندر‘ ڳوٺ سان وابسته هو، جيڪو بهترين شاعر به هو.
سياست جي حوالي سان اڳوڻو وزيراعظم پرويز اشرف'>راجا پرويز اشرف، سانگهڙ ۾ ڄائو. سانگهڙ ضلعي مان ڄام خاندان، راشدي، راڄڙ، نظاماڻي، مري، ٿهيم، وساڻ، جوڻيجا ۽ ٻيا مشهور رهيا. ڄام صادق علي، سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو. شازيه مري ۽ عبدالسلام ٿهيم صوبائي وزير رهيا. شاهنواز جوڻيجو ۽ حاجي خدا بخش راڄڙ وفاقي وزير رهيا. موجوده سياستدانن ۾ شازيه عطا مري، شاهد ٿهيم، ڄام مدد علي، فدا حسين ڏيرو، راڻا عبدالستار ۽ سرفراز راڄڙ سياسي طور شهرت رکن ٿا. 2007ع تائين چونڊيل نمائندن ۾ علي محمد مري، شمس الدين راڄڙ، انور عادل هنڱورو، ماهي خان وساڻ، امام الدين شوقين ۽ افتخار احمد ڪامياب ٿي اسيمبلين تائين پهتا. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ حاجي خدابخش نظاماڻي، قاضي فيض محمد راڄڙ، ڄام صادق علي (وزيراعليٰ)، عطا محمد مري (ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي)، ڄام معشوق علي ۽ مير محمد وساڻ، صوبائي اسيمبلين ۾ چونڊجي آيا هئا.
2013ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تي مسلم ليگ (فنڪشنل) جا اميدوار: پير صدرالدين شاهه راشدي، پير بخش جوڻيجو ۽ امام الدين شوقين ڪامياب ٿيا، جڏهن ته صوبائي اسيمبليءَ جي ٻن سيٽن تي پ پ پ جا اميدوار: فراز ڏيرو ۽ شاهد سلام ٿهيم ڪامياب ٿيا آهن.
سانگهڙ ضلعي ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن، جن جو هن خطي سان تعلق هو، انهن ۾ فقير غلام الله لغاري (1838ع کان 1885ع)، پير حسن بخش جيلاني ڊٺڙي وارو (1845ع کان 1900ع)، خليفو ڇٽو درس پلي (1858ع کان 1910ع)، حاڪم فقير مري (1865ع کان 1927ع)، منٺار فقير راڄڙ (1865ع کان 1933ع) ۽ ورهاڱي کانپوءِ وارن شاعرن ۽ اديبن ۾ الهڏنو فقير ماڇي، عليم فقير درس، پرسرام ضيا، قائم فقير ماڇي، وحدت فقير نقرچ، حاجي عمر مري، حاجي محمد خان مري، ٻاجهي فقير لغاري، شاهنواز شاهه ’عارف الموليٰ‘، فقير يار محمد مري، فقير ولي بخش راڄڙ، صادق ڀنڀرو، سيد سمن شاهه، ميوو خان ’موج‘ لغاري، امير بخش مري، بچو خان مري شامل آهن، جڏهن ته موجود دؤر جي شاعرن ۾ سرفراز راڄڙ، عاجز اڄڻ، منور سلطانه، سلطانه وقاصي، الهواريو بهڻ اداسي، محمد دائود ڀٽو، عاجز منگي، بخشڻ مهراڻوي، معصوم سانگهڙائي، عزيز گوپانگ، نور چاڪراڻي ۽ صابر مهر قابل ذڪر آهن.
سنڌ جي جڳ مشهور عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر بلوچ عمر جو ڳچ عرصو تعليم، لوڪ ادب ۽ لغات جي تحقيقي ڪم لاءِ وقف ڪيو. نثري تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ۾، خاص ڪري لوڪ ادب، موسيقي ۽ لطيفيات ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادب ۾ خدمت ڪري تمام گهڻو پاڻ مڃايو. ان کان پوءِ استاد لغاري به شاهه جي رسالي تي ڪافي ڪم ڪيو آهي. ان کان سواءِ خليفو محمد امين پلي، مولانا عبدالله لغاري، عبدالله خان ورياهه، گل محمد گلاڻي، پروفيسر نعيم نقوي، محمد ابراهيم ڪنڀر، حبيب الله ملوکاڻي، سيد محسن علي شاهه بخاري، محمد اسماعيل احمداڻي، جمال رند، الهورايو اداسي، آفتاب نظاماڻي، ڊاڪٽر عاشق حسين بدوي، ملهار فقير، منٺار فقير خاصخيلي، حاجي محمد رحيم ڪنڀار، مفتي عبدالقادر لغاري، عبدالرشيد لغاري، امير بخش شر، رمضان راهي، مير محـمد نظاماڻي، اسـتاد نظاماڻـي، امر لغاري، مبين وساڻ، گل حسن گل لاکو، ساگر ڏهراج، دودو پهنور، حسن وساڻ، حڪيم امام بخش مڱريو، رضا ڏاهري، عاشـق سـولـنگي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
سانگهڙ جي سگهڙن لوڪ ادب ۾ هن خطي جو مان مٿاهون رکيو، انهن سگهڙن ۾ لعلڻ خان لغاري، احمد خان مري، خان محمد ڪيريو، رئيس جاڙو خان مري، استاد بخشو شر، لونگ فقير جوکيو، مريد مري، صاحب خان ڪوش، محمد صادق ٿهيم، الهڏنو سولنگي، شير محمد لغاري، الهرکيو ڪلوئي، خان محمد جهلوجو، محمود شيخ، ٻيڙو شر، فيض محمد پنيارو، صوف شر، مير حجم، عبدالله ڪنڀار، امام بخش سنجراڻي، سڪيلڌو سنجراڻي، غلام محمد ڇٽو، بولو ڪيريو، حاجي ميوو رند، حاجي مينهون لغاري، مورڻ جلالاڻي، نبن ڏيٿو، چاندي فقير چانڊيو، ستابو خاصخيلي، واسو فقير ڏاهري، صادق ڏاهري، ميهر علي مري، يامين ڪيريو، عارف چانڊيو، هاشم ڪنڀار، حاجي عابد لغاري، فقير دين محمد ڪنڀار، ربنواز هنڱورو، عبداللطيف لغاري، علي نواز لغاري، گهنور ڏيٿو، حاجي گهمٽ ۽ نورالدين بروهي شامل آهن.
سانگهڙ ضلعو پورهئي ۽ هنر ۾ به ڪنهن سڌريل خطي کان گهٽ نه رهيو آهي، هتي اڻاوت جو ڪم شاندار نموني جو ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٽُڪ، ڀرت، آر ۽ ڇُر جو ڪم مشهور آهي. ان کانسواءِ هتي سٺيون رليون، کٿا، اجرڪ ۽ کيس به ٺهن ٿا. هنا ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ سانگهڙ جي ڪاريگرن جا ٺهيل سڄي ملڪ ۾ سٺي ساک رکن ٿا. جُتين تي مڙهه جو ڪم هتان جا ميگهواڙ تمام بهتر ڪن ٿا. سانگهڙ ۽ شهدادپور ۾ جديد دستڪاريءَ جا اسڪول پڻ قائم ٿيل آهن، جتي عورتن کي هنري ڪمن جي سکيا ڏني ويندي آهي.
سانگهڙ ضلعي جي ڇهن ئي تعلقن ۾ لوهارڪو ۽ واڍڪو ڪم تمام سٺو ٿيندو آهي. کپري جي لوهارن جون ٺاهيل ڪوڏرون ۽ هنڱورني جون ڪهاڙيون سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهن. هتان جا ماڻهو چوپايو مال جام پاليندا آهن. سٺي نسل جون سنڌي ٻڪريون به هن خطي جي مشهوري آهن. هتان جي ماڻهن جي خاص ڪرت ٻني ٻارو آهي، هتي جا ڪپهه، ڪڻڪ، ڪمند، مرچ ۽ تيلي ٻج خاص فصل آهن، سنڌ ۾ انهن فصلن جو خاص حصو هن ضلعي جي پيداوار آهي. سنڌ ۾ ڪپهه جي مجموعي پيداوار جو اٽڪل ڇهون حصو ۽ ڪمند جي مجموعي پيداوار جو اٽڪل نائون حصو هيءُ ضلعو ڏئي ٿو. هن ضلعي ۾ ڀاڄيون به ججهي تعداد ۾ پوکيون وڃن ٿيون. هن ضلعي ۾ ٿيندڙ ميون ۾ انب ۽ ڪيلو وڌيڪ ٿئي ٿو. هتان جون زمينون گهڻي ڀاڱي واهن جي پاڻيءَ تي آباد ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته ڪجهه اهڙي به ايراضي آهي، جتي ٽيوب ويل ذريعي پوکي ڪئي ويندي آهي. کپري تعلقي جو ٿر وارو ڀاڱو برساتن تي دارومدار رکي ٿو. ان برساتي پاڻيءَ تي ٻاجهر، گوار، تر، مڱ ۽ ٻيا فصل پوکيا ويندا آهن.
سانگهڙ ضلعي جي تعلقي سانگهڙ ۽ تعلقي کپري ۾ ڪيترائي ٻيلا آهن، جن مان عمارتي ڪاٺ، ٻارڻ جون ڪاٺيون، مال جي چارڻ لاءِ پلڙا، ٽاري، کونئر، لاک ۽ ماکي ملي ٿي. کپري تعلقي ۾ ڪيتريون لوڻ جون کاڻيون آهن، ايشيا ۾ گهڻي ۾ گهڻو لوڻ تعلقي کپري جي ڍنڍن مان ملي ٿو. کپري تعلقي جي ڍليار واري ايراضيءَ ۾ لوڻ گهڻي مقدار ۾ ملي ٿو. هن ضلعي ۾ فارم فاريسٽري جي نالي سان ٻيلي کاتي جي نگرانيءَ ۾ هڪ اسڪيم هلندڙ آهي، جيڪا زرعي فصلن سان گڏ وڻ لڳائي ٿي، جنهن سبب ضلعي جي ڪافي اپت وڌي آهي.
سانگهڙ ضلعو بنيادي طرح زرعي اقتصاديات وارو آهي. هتي ڪافي تعداد ۾ ڪارخانا آهن، جن ۾ گهڻائي ڪپهه جي ڪارخانن جي آهي، ان کانسواءِ مختلف ننڍا وڏا ڪارخانا آهن. ٽنڊي آدم تعلقي ۾ 1955ع کان ڪپڙي جو ڪارخانو هلي رهيو آهي، جتي وڏي تعداد ۾ علائقي جا ماڻهو روزگار سان لڳل آهن. ٽنڊي آدم جي فيصل فلور مل تمام وڏي ۽ جديد مشينن واري آهي، جتي روزاني 150 ٽن ان پيهجي ٿو. هتان ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن اٽو موڪليو ويندو آهي. ان کانسواءِ ’احسن ڊرگس ڪمپنيءَ‘ نالي سان دوائن جو ڪارخانو آهي، جنهن ۾ ڪافي دوائون ٺهن ٿيون. ’پاڪستان ٽنڊو آدم بون ملز‘ نالي سان هڏن جي مِل آهي، جتان هڏن جو پائوڊر ڪافي دوائن ۽ پولٽري فارمن لاءِ فراهم ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ٽنڊي آدم ۾ ماچيس ٺاهڻ جون فيڪٽريون، تيل جا ڪارخانا، صابڻ ۽ برف جا ڪارخانا آهن. سڄي ضلعي ۾ تيل ۽ برف جا ڪارخانا ۽ سرن جا بٺا آهن، جن ذريعي لکين ماڻهو روزگار ڪن ٿا.
صحافت: سانگهڙ ضلعو صحافت جي حوالي سان به اڳڀرو رهيو آهي، جڏهن سانگهڙ اڃا ضلعو ڪونه ٿيو هو، ان وقت کان نوابشاهه مان ڪيترا هندو صحافي اخبارون ڪڍندا هئا، جن مان سيٺ تلوڪچند هفتيوار ’هند سماچار‘ اخبار ڪڍندو هو، جيڪا سانگهڙ جي حدن ۾ گهڻي مقبول هوندي هئي. ورهاڱي کان اڳ غلام شبير ملتاني هفتيوار اخبار ’پرواز‘ ڪڍندو هو، جيڪا هڪ وقت ٽن ٻولين (سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ) ۾ شايع ٿيندي هئي. اها اخبار ورهاڱي بعد ڪيتري عرصي تائين جاري رهي. 1954ع ۾ خان غازي ٽنڊي آدم مان هفتيوار اردو اخبار ’جمهور‘ جاري ڪئي، ان بعد 1953ع کان 1954ع ڌاري فقير محمد رحيم مهر، سانگهڙ مان ’الفقراءَ‘ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪئي، جيڪا حيدرآباد ۾ ڇپي ويندي هئي، اڳتي هلي 1971ع ڌاري فقير محمد رحيم سانگهڙ ۾ پنهنجي پريس قائم ڪري اخبار کي ٽه روزه ڪيو. شهدادپور ۾ ڪامريڊ شوڪت پنهنجي نالي پٺيان ’شوڪت نيوز سروس‘ جاري ڪئي ۽ سنڌ مان نڪرندڙ سڀني اخبارن کي خبرون پهچائيندو هو. ان دؤر ۾ شهدادپور مان حڪيم حبيب الحسن بدايوني پنهنجي نالي قائم ڪيل ليٿو پريس مان هفتيوار اخبار ’ترڪش‘ جاري ڪندو هو. هن پنهنجي حڪمت خاني ۾ اخبار جو دفتر به قائم ڪيو. 1955ع ۾ ون يونٽ لاڳو ٿيڻ بعد، سيٺ شاهه محمد ميمڻ هفتيوار اخبار ’قائد‘ جاري ڪئي، جيڪا سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين ۾ ڇاپي ويندي هئي. اها اخبار ڪجهه عرصي بعد بند ٿي وئي. ان کانپوءِ هڪ ٽيلر ماسٽر علي محمد سولنگيءَ هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪئي. ٽنڊي آدم مان عبدالرزاق سومري ’شاهين‘ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪئي، جيڪا ڪجهه سالن بعد بند ٿي وئي. محمد اشرف دائودپوٽي 1965ع ۾ هفتيوار اخبار’مجاهد‘ جاري ڪئي، جنهن کي پنهنجي پرنٽنگ پريس مان ڇپائيندو هو. اها اخبار جيڪب آباد مان شايع ٿيندي هئي، جنهن جو ٻيو ايڊيشن سانگهڙ مان 1965ع کان نڪرندو هو. هن اخبار زراعت جي حوالي سان ڪيترا ايڊيشن شايع ڪيا. محمد اشرف دائودپوٽي جي وفات بعد سندس پٽ اخبار جي اشاعت جاري رکيو اچي. سانگهڙ ضلعي جي بيباڪ صحافين ۾ بادل ٿري، عاجز منگي، نواز ڪنڀر، حسن لانڍر، اسحاق مڱريي کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگهجي.
سـانگهـڙ ضلـعـي ۾ ڪيتريون پرنٽنگ پريسون قائم ٿيون، جن ۾ ’شهدادپور پرنٽنگ پريس‘، ’ٽنڊو آدم آرٽ پريس‘، ’سانگهڙ پرنٽنگ پريس‘ ۽ ’نظاماڻي پرنٽنگ پريس‘ سميت ٻيون به شامل آهن.
سانگهڙ ضلعي ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي سڀني اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جا نمائندا مقرر آهن. هن وقت سانگهڙ، ٽنڊي آدم، کپري، سنجهوري، شهدادپور، ڄام نواز علي سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پريس ڪلبون قائم آهن.
ثقافت ۽ ميلا: سانگهڙ ضلعو ثقافتي ميلن جي حوالي سان خاص اهميت رکي ٿو. هن ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي قديم آثار ملن ٿا، اتي بزرگن ۽ صوفي سنتن جون خانقاهون به آهن، انهن بزرگن ۽ صوفين مان ڪيترن جي خانقاهن ۽ درگاهن تي ميلا لڳن ٿا. جن مان تعلقي ٽنڊي آدم ۾ حسن بخش شاهه ڊٺڙي واري ۽ کپري تعلقي ۾ صوفي شاعر ۽ بزرگ منٺار فقير راڄڙ جا ميلا پنهنجي نوعيت جا بيمثال ميلا آهن، جتي ادبي ڪانفرنسن سان گڏ سنڌ جا بهترين فنڪار سرن جي ورکا ڪندا آهن. ان کانسواءِ بهرام فقير بريءَ جو به شاندار ميلو لڳندو آهي، جنهن سان به تاريخي قصا لاڳاپيل آهن.
مشهور بزرگ ۽ شاعر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ تي هر چنڊ جي پهرئين سومر جي رات ميلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ صوفي راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن.
ان کانسواءِ ضلعي جي مختلف درگاهن ۽ خانقاهن تي ساليانا ميلا ٿيندا آهن، جتي راڳ جي محفل کانپوءِ ملهه ملاکڙو، گهوڙن ۽ ڏاندن جي گوءِ جا مقابلا به ٿيندا آهن.