
سانگي ڪي ساريام
سانگي ڪي ساريام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشھور شاعر ۽ نقاد شيخ عبدالرزاق راز جي لکيل خاڪن (profiles) تي مشتمل آهي. ليکڪ ڪتاب جو انتساب پنھنجي شريڪِ حيات جي نالي ڪيو آهي. ليکڪ لکي ٿو تہ: ”سنڌي ادب ۾ خاڪا نگاريءَ جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي، شايد ڀرپور شخصيتون نظر نہ اچن، پر رڳو شخصيتن جون ڪي جهلڪيون ڏسڻ ۾ اچن، جي ائين ٿيو تہ مان پنهنجو ڪارج سڦلو سمجهندس.“
’راز‘ صاحب هن ڪتاب ۾ شيخ اياز، استاد حامي، شاھہ صاحب (شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ)، پروفيسر عبدالمجيد (ميمڻ)، آغا سليم، نارائڻ شيام، عبدالحليم جوش، اياز قادري، غلام رباني ۽ پروفيسر (رام) پنجواڻيءَ بابت خاڪا لکيا آهن، جن بابت لکي ٿو تہ: ”ڪن شخصيتن کي پڙهيو اٿم، ڪن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، انهن سان ڪي قرب جون گهڙيون گهاريون اٿم، اڄ انهن کي ساٿي ۽ سڄڻ سمجهي ياد ڪيو اٿم. کين ڪردار بڻايو اٿم، ڪجهه حقيقتون بيان ڪيون اٿم، ڪؤڙيون ۽ مٺيون، ڪن افسانن جي پردہ پوشي ڪئي اٿم، انتها پسنديءَ کي پاسي رکيو اٿم. ڪردار وارا ۽ بي ڪردار ماڻهو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ نظر ايندا آهن. هروڀرو ائين بہ نہ آهي تہ صاحبِ ڪردار سڄو سون هوندا آهن، انهن ۾ بہ ڦيٽ هوندي آهي.“
ڪرائون سائيز جي 123 صفحن تي مشتمل هيءُ خاڪن جو ڪتاب ڊسمبر 1972ع ۾ آفاق صديقي، سيڪريٽري لطيف ڪاميٽي سکر ڇپايو ۽ ان جي قيمت ڏيڍ روپيو آهي.