
ساڌنا شوداساڻي
ساڌنا شوداساڻي: هندي فلمن جي نامور سنڌي اداڪارہ ساڌنا شوداساڻيءَ جو جنم حيدرآباد، سنڌ ۾، 2 سيپٽمبر 1941ع تي ٿيو. سندس وڏا اڳتي هلي ڪراچيءَ وڃي رهيا. ورهاڱي سبب سندس خاندان سنڌ ڇڏي ڀارت ۾ پهرين اتر پرديش ۾ رهيو ۽ پوءِ 1950ع ڌاري بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي 1957ع ڌاري هن مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جئہ هند ڪاليج بمبئيءَ ۾داخلا ورتي. هن پندرهن سالن جي عمر ۾ ڪاليج جي زماني ۾ شري 420 (1955ع) فلم جي گاني ’ايچڪ دانا، بيچڪ دانا‘ تي صداڪاري ڪئي هئي. مشھور اداڪار هري شوداساڻي سندس چاچو ۽ ناليواري سنڌ ڄائي فلمي اداڪارہ ببيتا سندس سوٽ هئي. گهريلو ماحول سبب اداڪاريءَ جو شوق منجهس ننڍي هوندي کان ئي هو. هن باقاعدي 1958ع ڌاري فلمي دنيا ۾ پير پاتو. سندس پهرين فلم ’اباڻا‘ هئي، جيڪا اڄ بہ سنڌيءَ جي مقبول ترين فلم سڏي وڃي ٿي. سنڌي فلم ’اباڻا‘ کانپوءِ هن 1960ع ڌاري هندي/ اردو فلم ’لَوِ اِن شملا‘ ۾ ڪم ڪيو، جيڪا هن جي پهرين هندي/ اردو فلم هئي، جنهن ۾ هن هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو. سندس اها فلم 1960ع جي سڀ کان بھترين فلم قرار ڏني وئي. فلم جي ڪاميابيءَ کانپوءِ فلماليا طرفان ساڻس ٽن سالن جو معاهدو ڪيو ويو ۽ سندس شمار هندستان جي چند بھترين اداڪارائن ۾ ٿيڻ لڳو. 1961ع ۾ سندس ٻي فلم ’هم دونون‘ بہ تمام مقبول ٿي. ان ئي دوران جئہ مکرجيءَ سان گڏ ’ايڪ ٿا مسافر، ايڪ ٿي حسينا‘ ۾ ڪم ڪيائين، سندس اها فلم پڻ ڪافي مقبول ٿي. 1960ع کان 1970ع جي وچ واري عرصي ۾ هن کي بالي ووڊ جي پهرئين نمبر جي اداڪارہ جو درجو مليو. ان کانپوءِ سندس ڪيتريون ئي فلمون ان وقت باڪس آفيس تي سپر هٽ ٿيون، جن مان: ’ميري مـحـبـوب‘ (1963ع، جنهن نيشنل ۽ فلم فيئر اوارڊ کنيو)، ’وه ڪون ٿي‘ (1964ع)، ’وقت‘ (1965ع)، ’ميرا سايہ‘ (1966ع)، ’انيتا‘ (1967ع) باڪس آفيس تي سپر هٽ ثابت ٿيون. سندس رقص تي مبني ’لگ جا گلي‘، ’نينا برسي‘، ’جهمڪا گرا ري‘ وغيرہ سدا حيات فلمي گيت آهن، جن ۾ هن ناچ جا ڪلاسيڪل انگ آندا. ساڌنا کي اداڪاريءَ سان گڏ رقص تي بہ ملڪو حاصل هو. فلمي دنيا ۾ اچڻ بعد ساڌنا پنھنجي وارن جي خاص انداز سبب بہ مشھور ٿي، سندس وارن جو اهو انداز ’ساڌنا ڪٽ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. 1961ع ڌاري ٺهيل سندس فلم ’هم دونون‘ بليڪ ائنڊ وائيٽ هئي، جنهن کي تازو، 2011ع ۾، رنگين فلمائي ٻيهر رليز ڪيو ويو آهي. سندس انهن فلمن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو، جن ۾ هن اداڪاري ڪئي: (1) شري 420 (1955ع)، (2) پريم پتر (1962ع)، (3) مند مانگي (1962ع)، (4) ايڪ مسافر، ايڪ حسينا (1962ع)، (5) اصلي نقلي (1962ع)، (6) ميري محبوب (1963ع)، (7) وو ڪون ٿي (1964ع)، (8) راجڪمار (1964ع)، (9) وقت (1965ع)، آرزو (1965ع)، (10) ميرا سايہ (1966ع)، (11) گبن (1966ع)، (12) بدتميز (1966ع)، (13) انيتا (1967ع)، (14) استري (اُوڙيا زبان ۾: 1968ع)، (15) ايڪ ڦول، دو مالهي (1969ع)، (16) عشق پر زور نهين (1970ع)، (17) آپ آئي بھار آئي(1971ع)، (18) دل، دولت، دنيا (1972ع)، (19) هم سب چور هين (1973ع)، (20) گيتا ميرا نام (1974ع)، (21) ڇوٽي سرڪار (1974ع)، (22) وندنا (1974ع)، (23) امانت (1975ع)، (24) محفل (1978ع)، (25) نفرت (1987ع)، (26) آخري نشاني (1988ع)، (27) الفت ڪي نئي منزلين (1994ع) رليز ٿيون. ساڌنا شوداساڻيءَ ان وقت جي مشھور اداڪارن: ديوَ آنند، جئہ مکرجي ۽ ٻين سان اداڪاري ڪئي. وچ ۾ سندس طبيعت ناساز ٿي پئي ۽ ڪيترو عرصو بوسٽن اسپتال آمريڪا ۾ زير علاج رهي ۽ 1969ع ڌاري واپس هندستان آئي. 1989ع ڌاري هن ۽ سندس مڙس هڪ پراڊڪشن ڪمپني قائم ڪئي. ان دوران هن هڪ فلم جي ڊائريڪشن پڻ ڏني. سندس شادي’لوِ اِن شملا‘ فلم جي سيٽ تي ساڻس ڪم ڪندڙ ڊائريڪٽر رام ڪرشنا سان 1966ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس ڪو اولاد نہ ٿيو. ساڌنا کي بھترين اداڪارہ طور وڏي مشهوري ملي. کيس بھترين اداڪارہ طور فلم فيئر اوارڊ لاءِ ڪيترا ڀيرا نامزد ڪيو ويو. انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊميءَ پاران 2002ع ۾ کيس فلمي خدمتن عيوض لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ (وفات کانپوءِ) مليو. آخري عمر ۾ کيس اکين ۽ دم جي بيماري ٿي پئي، جنهن جو علاج پڻ هن بوسٽن اسپتال آمريڪا مان ڪرايو، آخر 1995ع ڌاري وفات ڪيائين. ساڌنا، سنڌي، هندي فلم انڊسٽريءَ جي غير معمولي اداڪارہ ٿي گذري آهي. بالي ووڊ جون مشھور فلم اسٽار ڀينرون: ڪرشما ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور هن جي سئوٽ بيبيتا جون ڌيئرون آهن. هندستاني فلمن جو هيرو آفتاب شوداساڻي پڻ ساڳيءَ آڪھہ سان تعلق رکي ٿو. سنڌ سان وابستہ هن خاندان جي نامور اداڪارن کي بين الاقومي شھرت حاصل هئڻ سميت بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ اندر مڃيل حيثيت حاصل رهي.ساڌنا شوداساڻي 25 ڊسمبر 2015ع تي ممبئي (هندستان) ۾ وفات ڪئي.
1941.09.02 عيسوي
هندي فلمن جي نامور سنڌي اداڪاره ساڌنا شوداساڻيءَ جو جنم حيدرآباد، سنڌ ۾، 2 سيپٽمبر 1941ع تي ٿيو.