
ساڌٻيلو گردوارو
ساڌٻيلو گردوارو (سکر): سک مت جو هيءُ ڌرمي آسٿان، روهڙيءَ ۽ سکر جي وچ واري درياهي وهڪري اندر هڪ ٻيٽ تي واقع آهي. روهڙيءَ جي پُل پار ڪندي درياھہ جي وهڪري سان گڏ هڪ رستو سکر ڏانهن وڃي ٿو. هن رستي تان ويندي کاٻي پاسي کان سنڌو درياھہ جي وچ ۾ وڻن جي جهڳٽي اندر هڪ عاليشان ۽ وڏي عمارت نظر ايندي آهي، جنهن کي ’ساڌٻيلو‘ چيو وڃي ٿو. هن جاءِ تي صرف ٻيڙيءَ ذريعي پهچي سگهجي ٿو. ٻيڙي، عمارت جي مکيہ دروازي سان وڃي لڳندي آهي، جتان ڪشادي هال جي کاٻي پاسي اڇي سنگ مرمر سان تعمير ٿيل هڪ عاليشان ۽ خوبصورت عمارت موجود آهي. هي ئي اهو آسٿان آهي، جتي گرونانڪ ساڌن کي سک مت جي تعليم ڏني. گردواري جي هن عمارت کي ’ڌرم مندر‘ بہ چيو وڃي ٿو. ساڌٻيلي جي وسيع ٻيٽ تي ٻيا بہ ڪيترائي مندر ۽ ’اُداسي‘ ساڌن جون سماڌيون آهن، پر هيءَ عمارت پنھنجي دلڪش طرز تعمير سبب نمايان حيثيت جي حامل آهي.
هيءُ ٻہ منزلہ عمارت مجموعي طور اڇي رنگ سان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ هڪ وڏو ورانڊو ۽ اندريون هال آهي. ورانڊي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ونگائون لنگهہ آهي، اڱڻ طرف ٻاهرين ڀت سان مٿين منزل وٽ ٻاهرين طرف نڪتل ڇڄي تي ٻہ پالڪيون (ٿوري وٿيءَ تي هڪٻئي سان ڳنڍيل) ٺهيل آهن، جن جي مٿان ڇٽيءَ نما ڪنڊائتي ڇت ۽ آسپاس کان باريڪ ڄاريون نصب آهن، پالڪيءَ جي وچ تي ونگائين دري آهي، جنهن جي ونگ تي سپ جي موتين جو نمونو ڏنل آهي. موتين جو ساڳيو نمونو پالڪيءَ جي مخروطي ڇت جي اڳين ڪناري تي بہ ڏنل آهي. پالڪين جي اڳ واري حصي ۾ ٻيڙٻنو ۽ هيٺين طرف سيمينٽ جي جهالر ڏنل آهي. ورانڊي جي مکيہ لنگهہ جي ڀرپاسي واري ڀت تي گلن جا خوبصورت نقش اُڪريل آهن. کاٻي پاسي واري ڀت جي وچ تي ’بابا بنکنڊي مهاراج جي درٻار‘ نالي جو ڪتبو لڳل آهي. ورانڊي جي مکيہ لنگهہ جي بلڪل سامهون اندرئين هال جو لنگهہ آهي، جيڪو ٻاهرئين لنگهہ جي مقابلي ۾ ننڍو ۽ گهٽ ويڪر وارو آهي. اندرئين لنگهہ مٿان مختلف رنگن سان چٽسالي ٿيل آهي، لنگهہ جي ٻنهي پاسن کان در ۽ انهن مٿان هڪ هڪ ڄاري نصب آهي. مٿئين هال جي ڇت تي هڪ فوٽ جي ٻني سان چوڌاري سيمينٽ جون ڄاريون لڳل آهن. هن عمارت کان تقريباً اڌ ڪلوميٽر جي پنڌ تي هڪ لائبرري آهي، عام طور هي عمارت گردواري کان وڌيڪ مندر طور سڃاتي وڃي ٿي. هن مندر/ گردواري ۾ اداسي ساڌو، گرو بابا جي مورتيءَ جي پوڄا سان گڏ هر روز گرو گرنٿ صاحب جو پاٺ بہ ڪندا آهن. هتي نانڪ پنٿي سک وڏي انگ ۾ اچي مذهبي رسمن ۾ شريڪ ٿيندا آهن. خاص ڪري ڏياري ۽ جنم اشٽميءَ جي موقعي تي هتي ميلو لڳندو آهي. ميلي دوران سکن جي سنگت بہ جڙندي آهي. سک پنھنجي مذهبي رسم مطابق سنڌو درياھہ ۾ سِنان ڪن ٿا. موجودہ وقت ۾ هن گردواري جي سار سنڀال سنڌ حڪومت جي اوقاف کاتي جي ذمي آهي.