ساڻيهه ڊائجيسٽ

ساڻيهه ڊائجيسٽ

ساڻيھہ ڊائجيسٽ

ساڻيھہ (ڊائجيسٽ): سنڌ جي برک اديب ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ، عمر جي آخري ڏهاڪي ۾، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان اٿاھہ عشق ۽ جذبي هيٺ هڪ رسالو، ماهوار ’ساڻيھہ ڊائجيسٽجاري ڪيو، جنهن جو پهريون پرچو جولاءِ 1971ع ۾، 32 صفحن تي مشتمل، اسلاميہ پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 1.50 روپيو هئي، ڏيپلائي صاحب اڳتي هلي ان جي صفحن ۾ واڌ آندي، ايتريقدر جو ان جو هڪ پرچو، پنجن روپين جي قيمت سان 100 صفحن تي مشتمل بہ نڪتو، جنهن جو مهيني اندر ٻيو ايڊيشن ڪڍڻو پيو. ان جي مقبوليت کيس دلي خوشي رسائي ۽ هن ’ساڻيھہ ڊائجيسٽ‘ جي سيپٽمبر- آڪٽوبر 1978ع جي پرچي جو هڪ تاريخي ايڊيٽوريل لکيو، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب رقم طراز آهي تہ: سڄي سال کان بيماريءَ جي بستري تي پيل هڪ ستر ورهين جي اديب ڏيپلائيءَ، پروفيسر حاجي محمد صالح ميمڻ جي علاج سان ڪجهہ صحتياب ٿيڻ شر ط سڄن سارن سؤ صفحن جو اهڙو رسالو ’ساڻيھہ‘ پيش ڪيو، جنهن ۾ نہ ترتيب هئي، نہ اديباڻو ڍنگ- پوءِ...
جان تاڃي توريائون، تہ عيب نڪتا اڳرا،
ڪوٺي ڪاپائتيءَ کي، پر ۾ پُڇيائون،
اَگلڙي آئون، مون کان ڀورا ڀڳا نہ ٿيا!
اڙي ادا! جهڙو هئم حال، تهڙو پرين اڳيان پيش ڪيم، فقط هن ڊپ کان تہ مرڻ کان اڳ هڪ نئين سنڌي ماهوار رسالي کي مثالي صورت ۾ پيش ڪري وڃان، جنهن جهڙو اڳ ڪنهن پيش نہ ڪيو ۽ پوءِ...
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو!
۽ اگهايو بہ وري اهڙيءَ طرح جو هڪ ئي مهيني ۾ سندس ٻيو ڇاپو ڇپائڻو پيو. هيءَ اهڙو مثال آهي، جو اڳ ڪنهن بہ سنڌي رسالي کي پيش نہ آيو ۽ جڏهن پاڪستان نئشنل سينٽر ۾ انهي جي تحسيني ميٽنگ ۾ هڪ نوجوان اديب مسٽر غفار عاقلاڻيءَ ان جو سبب پڇيو، تڏهن مون جواب ڏنو تہ سبب اهو، تہ آءٌ ’عوام‘ جي زبان ۾، ’عوام‘ جي دل وٽان، ’عوام‘ سان محبت رکي لکان ٿو. دوستن تحريفي خط تہ گهڻيئي لکيا پر انهن مان ٻہ سڀ کان اڳرا هئا: هڪ عالي جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو اسلام آباد مان، ٻيو واچوڙن ۾ لاٽ ٻاريندڙ جناب پروفيسر ظفر حسن جو، البت سعودي عرب مان منهنجي لائق فرزند محمد عليءَ ۽ ميهڙ مان عبدالرحمان ڏيپلائيءَ بہ خط لکيا تہ ”بابا، اوهان شوق پورو ڪيو، مثالي پرچو ڪڍي ڏيکاريو، هاڻ صحت جو خيال رکي قصو اتي ئي ختم ڪريو. کين اهو ئي جواب ڏنو ويو تہ اهو ئي تہ ٽانڪ آهي، جو مون کي جياري پيو نہ تہ منهنجا ڪيئي سنگتي راھہ رباني وٺي هليا ويا:
مَتيون موٽڻ سنديون، ڪاڪيون ڪين ڏيوم،
پنھل ساڻ پريت جو، ڪو جو پيچ پيوم،
ڀنڀي هن ڀنڀور ۾، وهڻ وھہ ٿيوم،
سرتيون دعا ڪجوم، تہ پنهونءَ لاءِ پسان ڏيان.
سخت بيماريءَ ۽ پُٽن جي منع ڪرڻ جي باوجود، ڏيپلائي صاحب چيف ايڊيٽر طور وقفي وقفي سان رسالو جاري رکندو آيو، جنهن تي پنھنجي پٽ عبدالرحمان ڏيپلائيءَ جو نالو ايڊيٽر طور لکندو هو. هن جي چاھہ ۽ اتساھہ جو اهو حال هو، جو هن جي دلي تمنا هئي تہ ان رسالي ۾ اڃا بہ صفحن جي واڌ آڻي، وڌ ۾ وڌ مواد شايع ڪري ۽ ان جي قيمت ڏھہ روپيا رکي.
جنوري فيبروري 1979ع جي گڏيل پرچي جي ايڊيٽوريل ۾ ڏيپلائي صاحب لکيو ٿو تہ:
”عمر 72 ورهيه، بيمارين جو آماجگاھہ، تہ بہ اڃا اها تمنا تہ رسالو ڏهن روپين وارو نڪري، ۽ ان لاءِ آسرو بہ هڪ انهيءَ ۾، جو زمين و آسمانن جي خزانن جو مالڪ آهي! انهيءَ مالڪ عرض اگهائيو، الحمد اهڙا اسباب ميسر ٿي پيا، جو رسالو ترت ئي هر مهيني ڏهن روپين وارو ٿي نڪرندو.“
ڏيپلائي صاحب آخر تائين همت نہ هاري ۽ رسالو ڪڍندو رهيو، پر معلوم ٿئي ٿو تہ بيماريءَ سبب وفات کان اڳ شايد رسالي ڪڍڻ جي سگهہ ساري نہ سگهيو ۽ ارتقا ۾ يقين رکندڙ هن شخص، رسالي جون واڳون نوجوانن جي حوالي ڪيون، جن ساڳئي نالي سان رسالو جاري رکيو ۽ باني ايڊيٽر طور محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو قائم رکيو، ايڊيٽر آزاد بلوچ ۽ نگران ڊاڪٽر فيروز احمد ٿيو.
آگسٽ سيپٽمبر 1979ع جي گڏيل پرچي جي ايڊيٽوريل ”ساڻيھہ جو سڏ“ ۾ انهن نوجوانن هن قسم جي عزم جو اظهار ڪيو:
”سنڌ جي بزرگ صحافي ۽ اديب محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ادارت ۾ ماهوار ’ساڻيھہ‘ گذريل نون سالن کان وٺي سنڌي عوام کي انسانيت، علم ۽ جدوجھد جو پيغام پهچائي رهيو آهي پر مالي مشڪلاتن، ٻانهن ٻيلين جي کوٽ ۽ ٻين مجبورين ڪري هي رسالو گهربل باقاعدگيءَ سان شايع ٿي نہ سگهيو. اڄ اداري کي اهو اعلان ڪرڻ ۾ فخر محسوس ٿو ٿئي تہ وقت جي آواز کي لبيڪ چوندي، ڪيترن وطن دوست، هڏ ڏوکي ۽ ڄاڻو نوجوانن ’ساڻيھہ‘ جي مشن کي جاري رکڻ ۽ کيس نئون جيون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هي رسالو هاڻي ’باک پبليڪيشن‘ (حيدرآباد) جي سرويچ ڪارڪنن جي نگرانيءَ ۽ انتظام هيٺ هر مهيني باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندو رهندو.
پر نوجوان بہ ٻہ کن پرچا (آگسٽ- سيپٽمبر) ۽ نومبر- ڊسمبر 1979ع جا ڪڍي سگهيا، جيڪي دستياب آهن. ممڪن آهي ڪجهہ وڌيڪ پرچا نڪتا هجن، پر رڪارڊ نہ ٿو ملي. بهرحال هي رسالو، ڏيپلائي صاحب جي زندگيءَ ۾ ڪڍيل سندس آخري رسالن مان هو، جنهن جي سنڌي ادبي رسالن جي تاريخ ۾ وڏي اهميت آهي.


لفظ ساڻيھہ ڊائجيسٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو