سبي

سبي

سبي

سبي: سبي، بلوچستان صوبي جي هڪ ڊويزن آهي، جنهن ۾ چار ضلعا سبي، نصيرآباد، ڪڇي، ۽ ڪوهلو اچي وڃن ٿا. هن ۾ ڏهن لکن کان مٿي آبادي رهي ٿي. ضلعي جو اتريون ۽ وچيون علائقو گهڻوڪري جابلو آهي. بلوچستان جو سڀ کان بلند جبل هن ضلعي ۾ آهي. ضلعي ۾ آبپاشي ناڙي بند ذريعي ٿيندي آهي. هن ضلعي مان چونو ۽ لوھہ نڪري ٿو. سبي، ماضيءَ ۾ سنڌ جو ڀاڱو رهيو هو. آرين جي دور کان وٺي سبيءَ جي تاريخ، سنڌ سان لاڳاپيل رهي آهي. سبيءَ جو نالو هڪ عورت ’سيويتان رکيل آهي، جيڪا صديون اڳ پنھنجي قبيلي سان رهندي هئي ۽ روايت موجب آريہ حڪمران هئي. بعد ۾ ان قبيلي کي ’سبيا‘ نسل سڏيو ويو. عربن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن سبيءَ ۾ پڻ سڄيءَ سنڌ وانگر ٻوڌين جي حڪمراني هئي. 1511ع کان 1700ع تائين ارغون، 1700ع کان 1739ع تائين ڪلهوڙن جي حڪمراني رهي. 1747ع ۾ دراني خاندان حاڪم بڻيو. 1841ع کانپوءِ انگريزن جو عمل دخل شروع ٿيو. سبيءَ کي سڀ کان وڌيڪ ڪلهوڙن جي دور ۾ اهميت ملي. انگريزن جي دور ۾ هتي مزاحمت ٿيندي رهي. مرين ۽ بگٽين انگريزن سان سخت ويڙھہ ڪئي، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو انگريز سبيءَ ۾ پنهنجا پير ڄمائي نہ سگهيا. ٽالپرن جي دور ۾ سبيءَ جا سنڌ جي حڪمرانن سان بنھہ ويجها لاڳاپا قائم رهيا.
سبيءَ ۾ ’بولان ميوزم‘ آهي، جنهن کي ’سبي ميوزم‘ بہ چيو وڃي ٿو. هي بلوچستان جي صف اول جو عجائب گهر آهي، جتي انتهائي ناياب ۽ قديم آثارن جون وٿون موجود آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ سان بہ واسطو رکن ٿيون. سبي گرم ترين خطي طور بہ مشھور آهي، سخت گرمين ۾ هتي گرمي پد 50 ڊگرين کان بہ وڌيڪ هوندو آهي.


لفظ سبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو