ستي

ستي

ستي

ستي (رسم): هند ۽ سنڌ جي هندن ۾ ’ستيءَ‘ جي رسم تمام قديم رهي آهي، جنهن تي هن وقت هندستان ۽ پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جي حڪومتن طرفان پابندي وڌل آهي. هن رسم کي ’ستي لڪڙي‘ ۽ ’ڏاگهہ چڙهڻ‘ بہ چيو وڃي ٿو.ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ ’قديم سنڌ‘ ۾ لکيو آهي ته، ”ويدڪ زماني ۾ عام دستور هوندو هو تہ وڌوائون (بيوه يا رنڙ زالون) مڙسن جي لاش سان گڏ پاڻ کي بہ جلائي، ختم ڪنديون هيون ۽ اهي ’ستيون‘ سڏبيون هيون.“ ڊاڪٽر ابناس چندداس جي خيال موجب ”انهيءَ رسم جي مراد هيءُ هئي تہ مرڻ کانپوءِ بہ مردن جي گهرو سُک لاءِ زالون ساڻن هجن.“ اها مڃيل حقيقت آهي تہ قديم قومن جي ماڻهن ۾ اهڙا خيال هوندا هئا، جيئن مصر جي فرعونن ۾ اهو تصور ڪيو ويندو هو تہ اهي مرڻ کانپوءِ وري جيئرا ٿيندا، تنهنڪري سندن اهرامن ۾ مُردن ۽ لاش سان گڏ انساني ضرورت جون شيون: کاڌ خوراڪ، زيور، ڪپڙا ۽ بسترا، گاڏيون ۽ ٻيڙيون وغيرہ ساڻن دفن ڪندا هئا. ڪن هندن ۾ بہ اهو دستور آهي تہ ڪو مرد مرندو آهي تہ کيس سوني منڊي پارائيندا آهن ۽ ڪا زال مرندي آهي تہ اُن کي نڪ ۾ نٿ يا ڪن ۾ ڪو سونو زيور پارائيندا آهن تہ جيئن ڪو مَڻيو مُنڊي ساڻس هجي، پر هر هندو جاتيءَ ۾ اها روايت ڪانهي. هندو ڌرم مطابق، ستيءَ جا چار (4) مفهوم وٺي سگهجن ٿا:
(1) ستي، شِوَ جي پهرين ڌرم پتني ۽ ارڌانگني آهي، جنهن کي پاروتيءَ جو پهريون اوتار تسليم ڪيو وڃي ٿو. راجا دڪشو پرجاپتي، ستيءَ جو پيءُ هو، جنهن هڪ يگيه ڪرايو هو. شِو پراڻ (ڌرمي ڪتاب) ۾ آهي تہ راجا دڪشو پرجاپتيءَ، اُن يگيه جي ڪوٺ سمورن ديوتائن کي ڏني هئي ۽ سڀئي ديوتا اچي شريڪ ٿيا هئا. ستي ان وقت ماءُ پيءُ جي گهر ۾ هئي، جڏهن تہ راجا دڪشو ستيءَ سان دوکو ڪري، شِوَ کي اُن يگيه جي ڪوٺَ نہ ڏني هئي. ستي يگيه ۾ پنھنجي وَرَ کي نہ پائي ديوتائن ۽ پيءُ اڳيان پاڻ کي بي مانو محسوس ڪيو، جن سندس ور جو مذاق اُڏايو هو. ان ڪري باھہ ۾ پنھنجي وجود کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏيائين. اُن پتورتا استريءَ جي مثال کي سامهون رکي پراچين لوڪن جي نارين ۾ اهو رواج پيو. هيءَ رسم اُن سماج ۾ مردن جي مڙهيل زوريءَ ظالماڻي رسم نہ هئي، پر عورت ذاتي خوشيءَ سان ستي لڪڙي ٿيندي هئي، جنهن ۾ وقت جي بادشاھہ جي اجازت ضروري هوندي هئي، پر مرداڻي سماج ان رسم کي بند ڪرڻ بجاءِ جاري رکيو.
(2) رامائڻ جي وقت ۾ ستي هڪ پرڪشا يا آزمائش جو نالو هو. جڏهن رام راوڻ سان جنگ ڪري، کيس ختم ڪيو ۽ سيتا کي آزاد ڪرايو تہ لوڪ لڄا لاءِ سيتا کان پاڪ دامن هجڻ لاءِ اگني پرڪشـــا ورتـــي وئــي. ان پرڪشا مطابق سيتا باھہ جي اوڙاھہ ۾ ويٺي ۽ کيــس بــاھہ جــو ڪـو اثــر نہ ٿيـو، ائين سيتا کي بہ ’ستي/ سچي‘، ’پاڪ دامن‘ ۽ ’پـتــي ورتـا زال‘ چيو ويو.
(3) ستي اُن عورت کي بہ چيو ويندو آهي، جيڪا ساري عمر ’ڪورو گهڙو‘ پوڄيندي آهي. اها ناري شادي نہ ڪندي آهي ۽ نہ ئي وري مرد ماڻهوءَ جو مُنهن ڏسڻ پسند ڪندي آهي. اهڙيءَ ناري سموري عمر ڪنواري رهندي آهي ۽ سندس عمر پوڄا پاٺ ۾ گذرندي آهي. اهڙين نارين کي بہ ’ستيون‘ چيو ويندو آهي.
(4) هندو ڌرم ۾ عورت کي پتي ڌرم پارڻ جي هدايت ڪيل آهي ۽ پتيءَ ڌرم پارڻ وارين اِسترين کي ’پتي ورتا‘ يا ’پتورتا‘ استري ۽ ’ستي‘ چيو ويو آهي.
مشھور محقق ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي لکي ٿو تہ: ”جيڪي ستياڻيون، پتورت ڌرم پالن ڪنديون هيون ۽ پنھنجي مڙسن سان سچي پچي پريت هوندي هئن ۽ کانئن هڪڙو پل بہ پاسي ٿيڻ نہ چاهينديون هيون، سي پتيءَ کانپوءِ پنهنجو جيئڻ جاڙ سمجهي، ساڻس گڏ چکيا (باھہ جي اوڙاھہ) چڙهنديون هيون، تہ مرڻ کانپوءِ بہ هڪ ٻئي سان گڏ هجن ۽ سندن پريت هلندي اچي. مطلب تہ اهڙين پتورت استرين جي پتيءَ سان ججهي محبت ۽ پريت هئڻ سبب ستي لڪڙيءَ جو رواج پيو. سندن اهڙن خيالن سبب اڄ تائين چوڻي آهي:
پريت ايسي ڪيجئي، جيسي هندو ڪي جوءِ،
جيتي جو سنگ رهي، مُئي ڀي ستي هوءِ.
[يعني پريت اهڙي ڪجي جهڙي هندوءَ جي زال ڪري ٿي، جيئري تہ مڙس سان رهي ٿي، پر مڙس جي مرڻ کانپوءِ بہ ستي ٿئي ٿي.]
هڪ سنڌي پهاڪو آهي تہ: ”ستي لڪڙن کان موٽي تہ ڪتن هاب ٿئي.“ هن مان اها ڳالھہ ظاهر آهي تہ ستيءَ جو، ڏاگهہ جي ڪاٺين کان واپس موٽڻ، ڪَسي ڳالھہ ليکبي هئي. اهڙين زالن جو مان نہ رهندو هو، جي پنھنجي پتيءَ سان گڏ پنهنجو پاڻ باھہ جي ڀنڀٽ ۾ جلائي پورو نہ ڪنديون هيون. ستي لڪڙيءَ جي رواج جو ذڪر اٿرويد جي منڊل ارڙهين (3، 1) ۾ بہ آهي. اهو رواج رگ ويد واري زماني ۾ بہ هو، پر هر وڌوا پاڻ کي نہ جلائيندي هئي.
رگ ويد جي سُوڪت اٺين ۾ ڄاڻايل آهي تہ:
”اي ناري، اُٿ! انهيءَ جي ڀرسان اچي ليٽي آهين، جنهن جا پساھہ پورا ٿي ويا آهن، جيئرن جي دنيا ۾ تون پتيءَ ڀر ٿيءُ، ۽ ان جي استري ٿيءُ، جو تنهنجو هٿ جهلي بيٺو آهي ۽ تو سان پرڻجڻ جي مرضي اٿس.“
انهيءَ مان مراد عورت ذات جي انهيءَ جبري رسم ۾ ڪا رعايت بہ هئي، جنهن مھل اُها استريءَ يا ستي پنھنجي مئل مڙس جي چکيا تي، مڙس جو لاش پنھنجي هنجهہ ۾ سمهاري ويهندي هئي، تنهن مھل سندس ڪنوارو ڏير يا ٻيو ڪو، جو ساڻس پرڻجڻ چاهيندو هو، سو هٿ کان وٺي کيس اُٿاري ايندو هو. اهڙي طرح هندو ڌرم ۾ ستي لڪڙي توڙي وڌوا جي شاديءَ جا اهڃاڻ پڻ ملن ٿا.
هن رواج جي خلاف آواز ان وقت اٿيو، جڏهن ان تي زبردستي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي يعني جيڪڏهن ڪا عورت مڙس جي چتا سان سڙڻ نہ چاهي تہ بہ زوريءَ ان کي مجبور ڪيو وڃي.
انگريزن جي اوائلي ڏينهن تائين هي رواج هلندو پئي آيو، پر پوءِ لارڊ وليم بينٽڪ جي ڏينهن ۾ برهمو سماج جي باني راجا رام موهن راءِ جي ڪوششن سان هن جاهلاڻي ۽ ظالماڻي رسم تي قانوني طرح پابندي وڌي.
ستيءَ لڪڙيءَ رسم جو اکين ڏٺو ثبوت ابن بطوطه (1304-1369ع) جي هند ۽ سنڌ واري سفرنامي ۾ بہ ملي ٿو. سندس سفرنامي جي باب ٽئين ۾ هندستان ۾ ستيءَ لڪڙي جي رواج بابت لکيل آهي تہ: ”آءٌ هڪڙي اهڙي شھر ۾ هئس، جنهن جا گهڻا رهاڪو هندو هئا، انهن کي ابرجي بہ ڪوٺيندا هئا. هڪ دفعي انهن رستي تي ڦُر ڪئي، تنهنڪري اتان جو امير هندن ۽ مسلمانن جو گڏيل لشڪر وٺي، ساڻن لڙائي ڪرڻ ويو. تمام سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ ست هندو رعيتي مارجي ويا، جن مان ٽن کي زالون هيون. انهن زالن ستيون ٿيڻ جو ارادو ڪيو. ستي ٿيڻ هندن ۾ ڪو واجب ڪونهي، پر جيڪي رنون زالون پنھنجي مڙسن سان گڏ سڙنديون آهن، تن جو خاندان عزت وارو سمجهيو ويندو آهي ۽ عورتون وفادار سمجهيون وينديون آهن. باقي نہ سڙندڙن کي ٿلها ڪپڙا پائڻ ۽ طرح طرح جي خواريءَ سان زندگي بسر ڪرڻي پوندي آهي ۽ کين بيوفا پڻ سمجهيو ويندو آهي، مگر ڪنهن کي ستيءَ ٿيڻ لاءِ مجبور نہ ڪيو ويندو آهي. جن ٽن زالن ستيون ٿيڻ جو ارادو ڪيو هو، اهي ٽي ڏينهن اڳ ڳائڻ وڄائڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويون هيون، ڇو تہ هو هن دنيا مان وڃي رهيون هيون. انهن وٽ هر طرف کان زالون پئي آيون. چوٿين ڏينهن انهن وٽ هڪ هڪ گهوڙو آندو ويو ۽ هر هڪ بيواھہ سينگار ڪري، خوشبوءِ لڳائي، ان تي سوار ٿي. سندن ساڄي هٿ ۾ ناريل هئا، جن کي اڇلائي رهيون هيون ۽ کاٻي هٿ ۾ آئينو هو، جنهن ۾ هر هر منهن پئي ڏٺائون. برهمڻ سندن چوڌاري جمع هئا. مائٽ مٽ بہ ساڻن گڏ هئا. اڳيان دهل ڌماما وڄندا پئي ويا ۽ هر هڪ کين چئي رهيو هو تہ منهنجي فلاڻي پيءُ، ماءُ، ڀاءُ يا دوست کي سلام چئجان. ان تي هو کِلنديون، هائوڪار ڪنديون پئي ويون. اسان انهن سان ٽي ميل کن گڏ وياسين ۽ هڪ اهڙي جڳھہ تي پهتاسين، جتي پاڻي تمام گهڻو هو ۽ گهاٽي وڻراھہ هجڻ ڪري انڌيرو ٿي رهيو هو. اهڙي جڳھہ جي ٺيڪ وچ تي چار گنبذ ٺهيل هئا، جن مان هر هڪ گنبذ ۾ هڪ بت رکيل هو ۽ وچ تي حوض ٺهيل هو، جنهن تي وڻن جي ڇانو هجڻ سبب ۽ اُس نہ پوڻ ڪري اهو ائين اونداهو پئي معلوم ٿيو، جو ڄڻ تہ جھنم جو ٽڪرو هو. جڏهن هي عورتون انهن گنبذن وٽ پهتيون، تڏهن انهيءَ حوض ۾ لھي غسل ڪيائون، پوءِ پنهنجا ڪپڙا ۽ زيور لاهي، انهن جي جاءِ تي هڪ ٿلهي ساڙهي ٻڌائون، حوض جي ڀرسان هڪ هيٺياهين زمين تي باھہ ٻاري وئي، جنهن ۾ سرنهن جي تيل وجهڻ سان باھہ ڀنڀٽ ڪري ٻرڻ لڳي. پندرهن کن ماڻهن جي هٿن ۾ ٻڌل هلڪين ڪاٺين جون ڀروٽيون هيون ۽ ڏهاڪو کن ماڻهو وڏا وڏا بنڊ کنيو بيٺا هئا. دهلن ۽ شرناين وارا، عورتن جي انتظار ۾ بيٺا هئا. باھہ جي اڳيان ڪپڙي جي اوٽ ڪئي وئي هئي تہ جيئن عورتن جي نظر نہ پوي. انهن مان هڪڙي عورت زبردستيءَ ماڻهن کان ڪپڙو ڦري ورتو ۽ چيائين تہ: ”ڇا! مون کي خبر نہ آهي تہ اها باھہ آهي؟ مون کي ڊيڄاريو ٿا؟ پوءِ جلھہ ڪري باھہ ڏانهن وڌي ۽ پاڻ کي باھہ ۾ اڇلائي وڌائين. ان وقت دهل ۽ شرنايون وڄڻ شروع ٿيون، جيڪي ماڻهو سنهيون ڪاٺيون کڻي بيٺا هئا، تن اهي باھہ ۾ وجهڻ شروع ڪيون ۽ انهن جي مٿان وڏا بنڊ وجهي ڇڏيائون، جيئن اها عورت چُري پُري نہ سگهي. اتي بيٺل ماڻهن وٺي گوڙ ڪيو، آءٌ اهو سڀ ڪجهہ ڏسي بيهوش ٿي ويس ۽ گهوڙي تان ڪرڻ تي هوس تہ منهنجي دوستن مون کي سنڀالي ورتو ۽ پاڻيءَ سان منهنجو منهن ڌوئاريائون.“
سنڌ ۾ بہ ستيءَ جي رسم جا ڪي اهڃاڻ ملن ٿا. 1055ع ۾ ڪيسر مڪواڻي جي همير سومري سان جنگ هئي. هو همير سان وڙهندي مارجي ويو. ڪيسر مڪواڻو، ٿر جي ڳوٺ ڪيرٽيءَ ۾ راڄ ڪندو هو. سندس موت کانپوءِ راجپوت عورتن ’جوهر‘ ڪيو، جن سان گڏ سومريون بہ ستيون ٿيون ۽ همير سومرو خالي واپس موٽيو.
ان کان اڳ راڻي چندن جي گهر واري ڀٽياڻي، هڪ برهمڻ جوتشيءَ کان راڻي چندن جي جنگ جي ميدان ۾ مارجڻ جي غلط خبر ٻُڌي ڏاگهہ چڙهي هئي، جڏهن تہ راڻو چندن زندھہ هو.
همير سومري جي وقت ۾ مومل ۽ راڻي مينڌري جي عشقيہ داستان ۾ جڏهن راڻو مينڌرو، مومل کان رُسي عمرڪوٽ آيو، تڏهن مومل بہ کيس پرچائڻ لاءِ عمرڪوٽ آئي ۽ ماڙي جوڙي ويٺي. مومل، راڻي مينڌري کي پرچائڻ جا ڪيترا حيلا ۽ جتن ڪيا، پر راڻو نہ پرتو. روايت آهي تہ: هوءَ ڏاگهہ چڙهي وئي. جڏهن راڻي، مومل جي محبت جي اها انتها ڏٺي تہ هن بہ پنهنجو پاڻ کي باھہ جي حوالي ڪري ڇڏيو.
دودي سومري جي داستان ۾ بہ هڪ روايت موجب جڏهن سومرين کي سام ڏيندڙ ابڙو ۽ سندس پٽ ممٽ جنگ ۾ شھيد ٿي ويا تہ سومرين چِتا چڙهي ست بچايو. ٻيءَ روايت موجب هنن خدا کان دعا گهري زمين فاٽي پئي ۽ ان ۾ هليون ويون.
راجا ڏاهر جي زال لاڏيءَ لاءِ بہ روايت آهي (۽ هند جي سنسڪرت ۾ لکيل تاريخي ناول ’سنڌو ڪنيا‘ موجب) راڻي لاڏي، پنھنجي ور ڏاهر جي سر سان گڏ چتا تي چڙهي سَتي ٿي هئي.
ستين جي اهڙن اهڃاڻن کي سنڌ ۾ ’ستيءَ ڏيرا‘، ’ستين جا آستان‘، ’ستيءَ جو ٿلهو‘ چيو وڃي ٿو. ٿر جي علائقي ۾ اڄ بہ ڪيترائي اهڙا اهڃاڻ ۽ آثار ملن ٿا، جي ستيءَ جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. سکر ۾ روهڙي وٽان سنڌو درياھہ جي ڪناري تي پڻ ’ستين جي آسٿان‘ نالي سان ماڳ موجود آهي.


لفظ ستيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو