ستيا گرھہ (Satyagraha): ستياگرھہ، ستيه/ سچ يا نياءَ لاءِ هلايل هلچل، سچ لاءِ عدم تشدد ذريعي ڪيل جدوجھد کي چئبو آهي. ستياگرھہ، اصل ۾ مهاتما گانڌيءَ جو سياسي ۽ اخلاقي قدرن تي ٻَڌل جدوجھد جو مڪتبه فڪر آهي. ’ستيه‘ معنيٰ ’سچ‘ ۽ ’آگرھہ‘ معنيٰ: هلڻ يا پٺڀرائي ڪرڻ آهي. هي وسيع پئماني تي ’روحاني سگهہ‘ ۽ ’سچ جي سگهہ‘ جي خاص فلاسافيءَ ۽ عمل جو نالو آهي، جنهن کي عام طرح ’عدم تشدد‘ (Non Violent Resistance) ۽ عوامي مزاحمت (Civil Resistance) سان لاڳو معنيٰ ۾ ورتو وڃي ٿو. مهاتما گانڌيءَ پنھنجي سموري جدوجھد کي هن اصطلاح رستي متعارف ڪرايو. مهاتما گانڌيءَ جي گهڻ رخي شخصيت ۽ زندگيءَ جي رخن مان هي بہ هڪ رخ آهي، جنهن جي اصولن هيٺ هن پنھنجي سڄي زندگي گذاري ۽ پنهنجن لاتعداد ساٿين ۽ حامين جو حلقو تيار ڪري، هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪيترا ستياگرھہ ڪيا ۽ نظرياتي جدوجھد سان هندستان کي ڌارين جي غلاميءَ مان آزاد ڪرايو.
مهاتما گانڌي، ستياگرھہ ذريعي هندستانين جي حقن لاءِ سڀ کان اڳ اهڙيون ڪوششون ڏکڻ آفريڪا ۾ شروع ڪيون. ان دوران ڏکڻ آفريڪا ۾ ستياگرھہ جي نظريي کان متاثر ٿي، نيلسن منڊيلا، ڪاري ۽ گوري جي نسلي تعصب پرستيءَ خلاف تحريڪ شروع ڪئي. ساڳئي وقت گڏيل رياستن (United States) ۾ هڪ خاص مھم هيٺ مارٽن لوٿر ڪِنگ (Martin Luther King) عوامي ۽ شھري حقن لاءِ ڪوششون ورتيون. ستياگرھہ جي نظريي کان سماجي انصاف ۽ نظرياتي طور هڪجهڙائي رکندڙ ٻيون بہ ڪيتريون تحريڪون متاثر ٿيون. مهاتما گانڌيءَ جو هي نظريو سڌي ۽ اڻ سڌيءَ طرح سڄيءَ دنيا جي ڪيترين مهمن ۽ تحريڪن تي اثر انداز ٿيو. هن نظريي جي اصولن تي عمل ڪندڙ يا پيروڪار کي ’ستياگرهي‘ سڏجي ٿو. ’لوڻ ٺاهڻ جو قاعدو ٽوڙڻ واري تحريڪ‘ کي گانڌيءَ جي ستياگرھہ جو نمايان ۽ اهم مثال قرار ڏنو ويندو آهي.
ستياگرھہ جو اصطلاح پهريون ڀيرو 1906ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾، انڊين اوپينين (Indian Opinion) نالي هڪ اخباري مراسلي ۾ مهاتما گانڌيءَ جي هڪ لکڻيءَ ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.
مهاتما گانڌيءَ چواڻي ستياگرھہ هڪ غير مزاحمتي يا خاموش مزاحمتي (Passive resistance) عمل آهي، جيڪو عدم تشدد/ اهنسا جو هڪ طريقو آهي. گانڌيءَ جي لفظن ۾، ”ستيه معنيٰ سچ ڏانهن پيار جو سفر ۽ آگرھہ معنيٰ مضبوطي ۽ ثابت قدمي.“
هي غير مزاحمتي قوت، محبت، سچ ۽ عدم تشدد کي جنم ڏئي، ان کي خاموش مزاحمت ۾ تبديل ڪري ٿي. جدوجھد جو هي طرقو ايترو تہ مقبول ويو، جو انگريزيءَ ۾ بہ ان کي ’ستياگرھہ‘ سڏيو ويو.
سيپٽمبر 1935ع ۾ مهاتما گانڌي، سرونٽس آف انڊيا سوسائٽيءَ ۾ پي. ڪي. راؤ (P. K. Rao) ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ هن اعتراض ڪندي ان بيان کي سراسر غلط قرار ڏنو، جنهن ۾ چيو ويو هو تہ گانڌيءَ سول نافرمانيءَ (Civil disobedience) وارو تصور، آمريڪي شاعر ۽ فلاسافر هينري ڊيود ٿيورو (Henry David Thoreau) جي لکڻين مان اخذ ڪيو آهي.“ گانڌيءَ خط ۾ لکيو ته، ”ٿيورو (Thoreau) جي مضمون سول نافرمانيءَ (Civil disobedience) کان اڳ بہ منهنجي ڏکڻ آفريڪا جي اعليٰ اختيارين خلاف مزاحمـتـي تحريـڪ هـلنـدڙ هئي، جيڪا پوءِ غير مزاحمتي يا خاموش مزاحمت (Passive Resistance) طور سڃاتي وئي. جيئن تہ اها اڻ پوري جدوجھد هئي، ان ڪري مون گجراتين لاءِ ’ستياگرھہ‘ جو نالو تجويز ڪيو. جڏهن مون ٿيوروَ (Thoreau) جو شاهڪار مضمون ڏٺو، تڏهن انگريزي پڙهندڙن کي پنھنجي جدوجھد سمجهائڻ لاءِ مون ٿيورو جو انگريزي اصطلاح ڪتب آڻڻ شروع ڪيو، پـر مـون ڏٺو تہ سـول نافرمانيءَ (Civil disobedience) وارو اصطـلاح اسان جي جـدوجهـد جـو مفـهـوم پوريءَ ريت سمجهائڻ ۾ ناڪام رهيو. ان ڪري مون ان کي ’عوامي مزاحمت‘ (Civil resistance) نالو ڏنو، جيڪو اسان جي جدوجھد عدم تشدد/ اهنسا (Non violence) جو اهم جزو رهيو آهي.“
مهاتما گانڌيءَ اهو واضح ڪيو تہ ”آءٌ هن تحريڪ کي پيار جي سگهہ يا روح جي سگهہ پڻ چوندو آهيان. ستياگرھہ جو مطلب اهو هرگـز نہ آهي تہ سچ جي پٺيان هلندي اسان مخالفن کي نقصان يا تڪليف رسايون، پر ان جو مطلب آهي تہ اسان مخالف ڌُر يا وروڌي شخص جي غلطين کي صبر، همدرديءَ ۽ رحمدليءَ سان ختم ڪريون. جيڪڏهن اسان حق يا سچ لاءِ مخالف سان وڙهنداسون يا جنگ ڪنداسون تہ ممڪن آهي تہ اسان ٻين لاءِ بہ هڪ اهڙي غلط راھہ هموار ڪنداسون. ستياگرھہ ۾ صبر جو مطلب آهي، پنھنجي پاڻ کي ايذاءُ يا تڪليف پهچائڻ. ان ڪري ستياگرھہ جو هميشہ اهو رهيو آهي تہ اوهان پنهنجا حق وٺڻ لاءِ مخالف ڌُر کي نقصان پهچائڻ بدران صبر ۽ غير مزاحمتي عمل وسيلي تڪليفون برداشت ڪري پنهنجا حق حاصل ڪريو.“
مهاتما گانڌيءَ سول مزاحمت ۽ ستياگرھہ (Contrast to Passive resistance and Nonviolent Resistance) ۾ فرق هيٺينءَ ريت فرق بيان ڪيو آهي: ”مون ستياگرھہ ۽ خاموش مزاحمت (Passive resistance) ۾ تڏهن فرق محسوس ڪيو، جڏهن مون پنهنجيءَ جدوجھد کي عمل ۾ آندو. اڪثر مون ستياگرھہ ۽ خاموش مزاحمت (Passive resistance) کي ساڳئي مفهوم جي مترادف پئي ڪم آندو هو، پر جڏهن مون ’ستياگرھہ‘ جا اصول مرتب ڪيا، تڏهن مون کي ستياگرھہ ۽ خاموش مزاحمت (Passive resistance) ۾ وڏو فرق نظر آيو. خاموش مزاحمت جي معنيٰ تمام محدود آهي. ان کي ڪمزورن جو هٿيار سمجهيو وڃي ٿو. ان ۾ نفرت جو مفهوم بہ اچي وڃي ٿو ۽ تشدد جي صورت ۾ بہ ظاهر ٿي سگهي ٿي. تڏهن مون کي اها ڳالھہ ظاهر ڪرڻ جي ضرورت ٿي تہ هندستاني تحريڪ انهن سمورن شين کان مٿاهين ۽ ان جي ماهيت بلڪل منفرد آهي. اسان کي اهو محسوس ٿيو تہ هاڻ ان جدوجھد جو صحيح مفهوم ادا ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي لفظ تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان ڪري جو ستياگرھہ ۽ خاموش مزاحمت (Passive resistance) ۾ ٽن قسمن جو فرق واضح نظر اچي ٿو:
(1) ستياگرھہ کي مضبوط ارادن جي ماڻهن جو هٿيار سمجهيو وڃي ٿو.
(2) ستياگرھہ ۾ ڪنهن بہ حالت ۾ تشدد يا مزاحمت جي اجازت نہ هوندي آهي.
(3) ستياگرھہ ۾ هميشہ سچائيءَ تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ٿو.
آزاديءَ واري جدوجھد ۾ مهاتما گانڌيءَ جي ستياگرھہ جي فلاسافي ڪيتري قدر ڪامياب رهي، اهو هڪ وڏو بحث آهي. جورٿ برائون (Judith Brown) جي خيال موجب: ”ستياگرھہ هڪ سياسي حڪمت عملي يا طريقيڪار آهي، جنهن جي نتيجن جو دارومدار تاريخي پس منظر تي آڌاريل آهي.“
گانڌيءَ وٽ ڪاميابيءَ جو مطلب صرف اهو آهي تہ مخالف ڌر جي مزاحمت کي منصفاڻي انداز ۾ روڪيو يا ختم ڪيو وڃي، جنهن جو مقصد هر حالت ۾ مخالف ڌر جي غير اخلاقي روين کي تبديل ڪرڻ آهي. جيڪڏهن مخالف ڌر جي روين کي تبديل نٿو ڪري سگهجي تہ ان جي مزاحمتي عمل کي انصاف سان اوس روڪيو وڃي.
ستياگرھہ ۾ مول، متن (Means and Ends) کي ڪڏهن بہ نظرانداز ۽ الڳ نٿو ڪري سگهجي. مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪونه ڪو وسيلو ضرور هوندو آهي، جيڪو مقصد جي حاصلات يا نتيجن سان لاڳاپيل ٿئي ٿو. ان ڪري اهو هڪ ترديدي عمل بہ آهي تہ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ غير منصفاڻا طريقا استعمال ڪيا وڃن يا ائين کڻي چئجي تہ امن حاصل ڪرڻ لاءِ مزاحمت جو رستو اختيار ڪجي، پر جيئن گانڌيءَ لکيو آهي ته، ”اهي چون ٿا تہ جهڙو اسان رستو اختيار ڪنداسين، اهڙو مقصد ۽ منزل حاصل ڪنداسين.“
گانڌيءَ، ان تصور کي رد ڪيو ته، ”جيڪڏهن ناانصافي ختم ڪرڻي آهي تہ ان لاءِ وڙهڻو پوندو يا ان خلاف ڪو نہ ڪو طريقو ضرور استعمال ڪرڻو پوندو.“ جيڪڏهن اوهان مزاحمتي ۽ غير منصفاڻو طريقو اختيار ڪندؤ تہ ناانصافي ضرور ختم ٿيندي ۽ اوهان جو مقصد بہ پورو ٿيندو، پر جيڪي ان قسم جي مزاحمت جو رستو اختيار ڪن ٿا ۽ پاڻ کي غير مزاحمتي محرڪ سڏائين ٿا، سي حقيقت ۾ بزدل آهن. گانڌيءَ جو چوڻ هو ته، ”آءٌ ان ڳالھہ ۾ يقين رکان ٿو تہ جيڪڏهن مون کي چيو وڃي، تون بزدليءَ ۽ مزاحمت ۾ ڪهڙو طريقو اختيار ڪندين، تہ آءٌ مزاحمت جو انتخاب ڪندس، ڇو تہ بزدليءَ کان بهتر آهي تہ مزاحمت ڪجي.“ هن اهو بہ چيو ته، ”جيڪڏهن هندستان غلامي، بيوسي ۽ انتهائي تذليل واري حالت ۾ هجي تہ آءٌ هندستان جي عزت، شان ۽ شوڪت کي بچائڻ لاءِ ضرور هٿيار کڻي سگهان ٿو، پر آءٌ ان ڳالھہ تي وڌيڪ يقين رکان ٿو ته، غير مزاحمتي عمل، مزاحمت واري عمل کان اعليٰ ۽ افضل آهي. جيئن سزا کان معاف ڪرڻ وارو انداز اعليٰ ۽ افضل آهي.“
گانڌي، ستياگرھہ کي سچ تي هلڻ سڏيو آهي ۽ طاقت جي زور تي هلڻ کي ’دراگرھہ‘ سڏيو آهي. گانڌي، سول نافرمانيءَ (Civil disobedience) ۽ عدم تعاون (Non cooperation) کي بہ ’ستياگرھہ‘ جي عمل هيٺ آندو، جيڪو سھپ جي قانون ‘Law of Suffering’ تي ٻَڌل آهي. هي هڪ اهڙو قانون آهي، جنهن موجب تڪليفن ۽ ڏکن کي برداشت ڪرڻ کان سواءِ ڪو بہ مقصد حاصل نہ ٿو ڪري سگهجي.
مهاتما گانڌيءَ جي ستياگرھہ تحريڪ جا وڏا واقعا هيٺيان ڳڻي سگهجن ٿا:
• باردولي ستياگرھہ (Bardoli Satyagraha)
• چمپارڻ ۽ کيدا ستياگرھہ (Champarran and Kheda Satyagraha)
• ڌراسنا ستياگرھہ (Dharasana Satyagraha)
• جهنڊي وارو ستياگرھہ (Flag Satyagraha)
• گرواير ستياگرھہ (Guruvayar Satyagraha)
• عدم تعاون تحريڪ (Non Cooperation Movement)
• هندستان خالي ڪريو تحريڪ (Quit India Movement)
• لوڻ جو ستياگرھہ (Salt Satyagraha)
• وئڪوم ستياگرھہ (Vaikom Satyagraha)
هنن وڏن ستياگرهن ۾ سول نافرماني (Civil disobedience) بہ شامل هئي، پر گانڌيءَ جو چوڻ هو ته، ”ستياگرھہ مڃيندڙن لاءِ اهو ضروري آهي تہ اُهي سکيا جي عمل مان گذرن، تہ جيئن اخلاقي ضابطي کي يقيني بڻائي سگهجي.“ اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ماڻهو پهرين رياست جي سمورن قانونن کي مڃين، تڏهن ئي اهي سول نافرمانيءَ جا حق حاصل ڪري سگهن ٿا.“
ستياگرھہ جي اصولن (Principle of Satyagraha) بابت هينري پولڪ لکيو آهي تہ ”گانڌي چوندو هو تہ ماڻهو چون ٿا تہ مان سنت آهيان ۽ سياست ۾ پيو ٿاڦوڙا هڻان. حقيقت ۾ آءٌ هڪ سياستدان آهيان ۽ سنت ٿيڻ جا جتن پيو ڪريان.“ گانڌيءَ جي سياست مذهب کان ڌار نہ هئي، پر هو چوندو هو ته، ”منهنجي وطن جي حب منهنجي لاءِ ڪارگر آهي.“ هن سياست ۾ اخلاق جو هئڻ ضروري ٿي سمجهيو ۽ سنت جي حيثيت ۾ هن جو خيال هو تہ سندس مناسب هنڌ، غارن، مڙهين ۽ مندرن ۾ نه، پر عوام جي حقن لاءِ هلچل ۾ آهي. گانڌيءَ جي خيال ۾ ستياگرھہ نہ صرف اهڙي حڪمت عملي آهي، جيڪا صرف سياسي جدوجھد ۾ استعمال ٿئي ٿي، پر ناانصافيءَ ۽ نقصان لاءِ پڻ اهو هڪ ڪائناتي نبيرو آهي. ستياگرھہ جا اصول سيکارڻ لاءِ هن سابرمتي (Sabarmati) آشرم جو بنياد رکيو، جنهن ۾ هن ستياگرهين لاءِ هيٺيان اصول مرتب ڪيا:
(1) اهنسا يا عدم تشدد (Non violence) جو رستو اختيار ڪرڻ، (2) سچائيءَ (Truth) تي هـلـڻ يا ايمــانداريءَ جو رسـتــو اخـتيار ڪرڻ، (3) چوري نہ ڪرڻ (Non stealing)، (4) برهمچاري ٿيڻ ۽ نفساني خواهشن کي ضابطي ۾ رکڻ، (5) تياڳ يا ڪنهن بہ شيءِ ۾ ڪنهن بہ قسم جو حـق ۽ واسطـو نہ رکـڻ، يعني ترڪ ڪرڻ (Non possession)،
(6) صرف پنھنجي جسماني پورت لاءِ ڪمائڻ (Body labor or Bread labor)، (7) ذائقي ۽ لذت جي حس تي ضابطو رکڻ (Control of the palate) يا لذت پرستيءَ کان پاسو ڪرڻ، (8) جرئتمنديءَ ۽ بهادريءَ جو مظاهرو ڪرڻ (Fearlessness)، (9) سمورن مذهبن لاءِ هڪجيتري عزت ۽ احترام رکڻ (Equal respect for all religions)، (10) سوديشي (Swadeshi) ٿيڻ يا معاشي يا اقتصادي حڪمت عمليءَ جو تياڳ ڪرڻ (Boycotts of Economic Strategy)، (11) اڇوتپڻي جي خيال کان آزاد ٿيڻ (Freedom from untouchability).
هڪ ٻئي موقعي تي هندستان جي ستياگرھہ لاءِ هن ست اهم اصول مرتب ڪيا، جيڪي هي آهن:
• هڪ خدا تي يقين رکڻ.
• سچائي ۽ غير مزاحمتي عمل تي يقين هئڻ
• تياڳي ٿي زندگي گذارڻ
• هر وقت مرڻ لاءِ تيار رهڻ
• کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ ۽ سنياسي زندگي اختيار ڪرڻ
• شراب ۽ هر قسم جي نشي کان پرهيز ڪرڻ
• جاري ڪيل هر اصول کي مڃڻ.
گانڌي، ستياگرھہ جي مزاحمتي مھم تي هلڻ لاءِ ڪجهہ اصول ڏنا، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:
• دل ۾ ڪنهن بہ قسم جي نفرت نہ رکڻ
• مخالف ڌر جي ڪاوڙ برداشت ڪرڻ
• ڪنهن بہ حملي يا نقصان لاءِ جوابي ڪارروائي نہ ڪرڻ
• رضاڪارانه طور تي گرفتاري ڏيڻ
• زمين ۽ جائداد جو تياڳ ڪرڻ
• جيڪڏهن اوهان ڪنهن بہ جائداد جا امانتدار (Trustee) آهيو تہ ان جو بچاءُ غير مزاحمتي انداز سان ڪرڻ
• گار نہ ڏيڻ ۽ نہ ئي قسم کڻڻ
• پنھنجي مخالف ڌر جي بيعزتي نہ ڪرڻ
• مخالف جي جهنڊي ۽ اڳواڻ جي بيعزتي نہ ڪرڻ ۽ نہ ئي ان کي سلام (Salute) ڪرڻ.
• جيڪڏهن ڪو اوهان جي مخالف کي نقصان رسائڻ گهري يا ان جي بيعزتي يا تذليل ڪرڻ چاهي تہ غير مزاحمتي انداز سان ان جو بچاءُ ڪرڻ،
• قيد جي حالت ۾ خوش اخلاقيءَ سان پيش اچڻ ۽ قيد جا سمورا قانون مڃڻ، بشرطيڪ عزت نفس جي خلاف نہ هجن،
• ڪنهن بہ قسم جي سهولت يا آسائش جي طلب نہ ڪرڻ
• قيد ۾ ڪنهن بہ اهڙي سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ تڪڙ نہ ڪرڻ، جنهن سان اوهان جي عزت نفس مجروح ٿئي.
• پنهنجن رهنمائن جا حڪم، خوش اخلاقيءَ سان قبول ڪرڻ، پر اهڙو حڪم نہ مڃڻ، جيڪو غير اخلاقي ۽ غير معياري هجي.
• پنھنجي شرڪت کي ساٿين اڳيان شرطيه نہ بڻائڻ
• فرقيواريت ۽ نسلي تعصب پرستيءَ جي جهيڙن جهڳڙن جو حصو نہ بڻجڻ
• مذهبي بنيادن تي جهيڙن جهڳڙن جي صورت ۾، ٻنهي ڌرين مان جيڪي بہ زخمي، خطري ۽ تڪليف واري حالت ۾ هجن، تن کي بچائڻ لاءِ غير مزاحمتي عمل اختيار ڪري زندگي ارپي ڇڏڻ.
• اهڙي ڪنهن بہ واقعي کان گريز يا پاسو ڪرڻ، جيڪو نسلي، مذهبي يا ڪنهن بہ قسم جي فرقيواريت کي جنم ڏئي.
• اهڙي ڪنهن بہ جلسي ۽ جلوس جو حصو نہ بڻجڻ، جيڪو ڪنهن معاشري جي مذهبي حساسيت کي پائمال ڪري.