پبلڪ لائبريري سجاول
سجاول (شھر/ ضلعو): سنڌ ۾ ڀنڀور ڊويزن جو هڪ ضلعو ۽ شھر، جيڪو پھريان ٺٽي ضلعي جو ھڪ تعلقو ھو، جنھن کي 2013ع ۾ سنڌ حڪومت پاران ضلعي جي حيثيت ڏني وئي آھي. هي ڀنڀور ڊويزن جي ٽن ضلعن مان هڪ آهي. ھي ضلعو پنجن تعلقن: سجاول، جاتي، ميرپوربٺورو، شاھبندر ۽ کاروڇاڻ تعلقن ۾ ورھايو ويو آھي. لاڙ جو هي اھم شھر، سنڌو درياھھ جي کاٻي ڪپ تي واقع آھي. ھن شھر تي ’سجاول‘ نالو اوڻيھين صديءَ جي شروعات ۾ سجاول خان خاصخيليءَ جي ڪري پيو، جيڪو ميرن جو خاص خدمتگار ھو ۽ ميرن طرفان ڏنل جاگير تي پنھنجي نالي سان شھر جو بنياد رکيائين. 2017ع جي آدمشماريءَ مطابق سجاول ضلعي جي آبادي ست لک اڻاسي هزار، ٻاهٺ (779,062) آهي. سجاول سمنڊ کان 40 ميل پنڌ تي آھي. سجاول کي ٽن طبعي ڀاڱن ’ميداني‘، ’ماڃر‘ ۽ ’ڪس‘ يعني ڪچي ۾ ورھائي سگھجي ٿو. ھن علائقي ۾ عام طور تي سنڌي ٻوليءَ جو لاڙي لھجو ڳالھايو وڃي ٿو. ڪجھھ آبادي سرائڪي، بلوچي ۽ اردو ڳالھائيندڙن جي بھ آھي. سجاول ضلعي ۾ سيد، ميمڻ، ملاح، لغاري، کوسا، سومرا، عمراڻي، عباسي، کڏا، بروھي، سھتا، سولنگي، گھوٽا، جاکرا، ٿھيم، ٻجورا، درس، ساند، خواجھ، نوتيار، مڱڻھار، چانڊيا، خاصخيلي، تارڙا، پنھور، خشڪ، ابڙا، قريشي، سورجا، ڳاڙھا، شورا، رند، ماڇي، ٻارڻ، لاشاري، کٽي ۽ ٻين ڪيترين ئي ذاتين وارا آباد آھن. ان کانسواءِ ھتي ھندو برادري پڻ ڪافي تعداد ۾ رھي ٿي، جن مان لھاڻا، برھمڻ، بنساري، بانو شالي ۽ نندا اڪثريت سان آباد آھن، جڏھن تھ ڪولھي، ڀيل، جوڳي، سامي، مينگھواڙ، راوڙ، ٻرا، گوگيڙا، شڪاري ۽ ڪي ھندو چارڻ بھ هتي رھن ٿا. سجاول ميونسپل ڪاميٽي 1886ع ۾ قائم ٿي، جنھن جي خاتمي بعد 1890ع ۾ سينيٽري ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنھن کي مختيارڪار سنڀاليندو ھو. 1946ع ۾ سجاول نوٽيفائيڊ ايريا ڪاميٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو، جنھن کي اپريل 1959ع ۾ ٽائون ڪاميٽيءَ ۾ تبديل ڪيو ويو. 1962ع ۾ بي. ڊي. او تحت يونين ڪائونسلون ٺاھيون ويون ۽ 2000ع ۾ تعلقي ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آيو. سجاول تعلقي ۾ سرڪاري اسپتالون، بنيادي صحت مرڪز توڙي سرڪاري ڪاليج، ھاءِ اسڪول، مڊل ۽ پرائمري اسڪول قائم آھن. ان کان سواءِ خانگي شعبي ۾ پڻ تعليم ۽ صحت جون سھولتون ميسر آھن. سجاول ۾ عزيز جعفراڻي پبلڪ لائبرري پڻ آھي، ان کان سواءِ مدرسھ ھاشميھ نالي ھڪ وڏي علمي درسگاھھ بھ موجود آھي. سجاول ضلعي ۾ ڪمند، ساريون، ڪڻڪ، داليون، ڀاڄيون ۽ ٻيا فصل ٿين ٿا. سجاول جي مشاھيرن ۾ سوين شخصيتن جا نالا شامل آهن، جن ۾ عالم، بزرگ، درويش، شاعر. ليکڪ سگھڙ ۽ سياستدان اچي وڃن ٿا، جن ۾ مولانا حاجي عبدالرحيم سجاولي، سيد محمد ھاشم شاھھ، خانبھادر رئيس خير بخش لغاري، پير محمد شاھھ بخاري، حاجي مھر علي شاھھ، رئيس فضل محمد لغاري، رئيس جمال خان لغاري، سيد شير علي شاھھ، رئيس مظفر لغاري، احمد خان ميمڻ، سيٺ وسند مل، مولوي عبدالله ميمڻ، سيد شوڪت حسين عرف بابو شاھھ، سيد شفقت حسين شاھھ شيرازي، اعجاز شاھھ شيرازي، حاجي محمد محسن سنڌي وغيره شامل آھن. سماجي ڪارڪنن ۾ لکميچند، مولانا عبدالرزاق ميمڻ، راجا عزيز ھنڱورو، عطاءُ الله ميمڻ، غلام جيلاني خان غوري وغيره اچي وڃن ٿا. شاعرن ۽ اديبن ۾ ڌڻي بخش ’ناقص‘، سرويچ سجاولي، غلام حسين رنگريز، محمد خان مجيدي، مريم مجيدي، ارشاد ساگر، عبدالله شاعر، سورج سجاولي، عبدالڪريم شورو، ساقي سجاولي، شمس الدين تراب، حاجي علي محمد شاڪر، آدم ’فائز‘، عزيز جعفراڻي، شمس جعفراڻي، ڊاڪٽر اسلم آزاد، يوسف پرديسي، اياز امر شيخ ۽ ٻيا شامل آھن. سنڌ جي مشھور تعليمدان، اديب ۽ مفڪر سيد غلام مصطفى شاھ بہ عمر جو گھڻو حصو سجاول ۾ گذاريو، ھن ابتدائي تعليم بھ ھتان ورتي. سجاول تعلقي ۽ شھر تي وڏي تحقيق سان ڪتاب لکندڙ استاد ۽ اديب عزيز جعفراڻي بھ ھتان جو ھو. سندس ڀاءُ شمس جعفراڻي سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو.