سجدو
سجدو: اسلامي عقيدي موجب ذات حقيقيءَ آڏو عاجزي ڏيکارڻ جو عمل، جيڪو نماز پڙهڻ دوران ادا ڪيو وڃي ٿو. سجدي ۾ خاص انداز سان جُهڪي، نرڙ ۽ نڪ کي زمين تي رکبو آهي. سجدو، نماز جو ضروري حصو آهي. هر سجدي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا تسبيح (سُبحَانَ رَبيَ الاعلى) پڙهڻ، سجدي ۾ وڃڻ وقت ٻئي گوڏا ڀڃي رب ڏانهن رجوع ڪرڻ، ٻئي هٿ ٻنهي ڪنن جي ويجهو ان انداز ۾ رکڻ، جيئن مُنهن ٻنهي هٿن جي وچ ۾ هجي ۽ سجدي ۾ نڪ ۽ نرڙ (مٿو) زمين تي رکيل هجن، ٻئي هٿ پاسن کان ۽ ٻئي ٻانهون پيٽ کان ڏيئي پيٽ رانن کان جدا رکبو آهي، جڏهن ته پيرن جي آڱرين جو قبلي ڏانهن هجڻ ضروري هوندو آهي.
سجدو صرف الله تعالى جي حضور ۾ ڪرڻ جائز آهي. خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي سجدو ڪرڻ حرام آهي.
قرآن مجيد جي ٻن سورتن جا نالا به ’حــٰم سجده‘ ۽ ’الم سجده‘ آهن. ابليس کانسواءِ سمورن فرشتن، حضرت آدم عليه السلام کي الله تعالى جي حڪم سان سجدو ڪيو هو. ان کان سواءِ حضرت يوسف عليه السلام جي ڀائرن به حضرت يوسف کي الله تعالى جي مرضيءَ موجب سجدو ڪري پنهنجيءَ خطا جي معافي گهري هئي ۽ يوسف عليه السلام کين معاف ڪري ڇڏيو هو.
سهوَ جو سجدو: يعني ڀُل چُڪ جو سجدو. رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي حديث آهي ته: ”توهان جي نمازن ۾ شيطان اچي شڪ وجهندو آهي، ايستائين جو اوهان رڪعتون وساري ڇڏيو ٿا، تنهنڪري جڏهن به ائين ٿئي ته اوهان (نماز ۾) ويٺي به سجدا ڏيو. (متفق عليه)، جيڪڏهن نماز پڙهندي ڪو واجب يا ڪيترا واجب رهجي وڃن يا انهن جي ترتيب بگڙجي وڃي. ڪو فرض وڌي وڃي يا وري سوچيندي خيالن ۾ ايترو وقت ٿي وڃي، جو ان مدت ۾ ٽي تسبيحون پڙهي سگهجن يا چئن رڪعتن واري نماز پڙهندي پهريون تشهد ٻه دفعا پڙهجي وڃي يا ان سان درود شريف ملائڻ لڳي وڃجي ته سَهو جو سجدو ڪرڻ واجب ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن اهو سجدو نه ڪيو ويو ته نماز مڪمل نه ٿيندي. سهوَ جي سجدي ڏيڻ جو طريقو هي آهي ته نماز جي آخري قعدي ۾ صرف تشهد پڙهي سڄي پاسي سلام ورائي ٻه سجدا (سهوَ جا) ڏئي وري قعدي ۾ وڃي وري تشهد، درود ۽ دعا پڙهي پوءِ سلام ورائي نماز مڪمل ڪجي، جيڪڏهن نماز جماعت سان آهي ۽ امام کي سَهو پئجي ويو ته مقتدين تي به سَهو جو سجدو لازم ٿي پوندو. پر جيڪڏهن ڪنهن مقتديءَ تي سَهو لازم ٿيو ته ٻيءَ جماعت تي اهو سهو نه پوندو.“
شُڪر جو سجدو: هن سجدي مان مراد آهي، ڪنهن خوشيءَ يا نعمت جي حاصل ٿيڻ سان ڌڻي سڳوري جي حضور ۾ شڪر جو سجدو ڏيڻ. حضرت ابوبڪر صديقرضه کان روايت آهي ته حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن کي جڏهن به ڪا خوشي حاصل ٿيندي هئي يا ڪو به ڪم سندن خوشيءَ جو سبب بڻجندو هو ته پاڻ جلدي سجدي ۾ وڃي الله تعالى جو شڪريو ادا ڪندا هئا. هڪڙي ڀيري پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن حضرت علي عليه سلام کي دين جي اشاعت لاءِ يمن اماڻيو، جڏهن حضرت علي عليه سلام يمن وارن جي مسلمان ٿيڻ جي خبر کين پهچائي تڏهن پاڻ گهڻا خوش ٿيا ۽ شڪر جو سجدو ڏنائون.
تلاوت جو سجدو: هي هڪ اسلامي اصطلاح آهي. قرآن مجيد جو دؤر ڪرڻ وقت چوڏهن اهڙا هنڌ اچن ٿا، جن مان هر هڪ کي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ واري هر مسلمان تي هڪ سجدو ڪرڻ واجب ٿي ويندو آهي، توڙي جو سجدي واري سڄي آيت پڙهي يا ٻڌي وڃي يا فقط سجدي واجب ٿيڻ واري لفظ کي اڳئين يا پوئين لفظ سان ملائي پڙهيو يا ٻڌو وڃي. توڙي اها سجدي واري آيت نماز ۾ پڙهي وڃي يا نماز کان ٻاهر، هر حالت ۾ سجدو واجب ٿيندو.
تلاوت جي سجدي جون جايون: قرآن شريف ۾ اُهي آيتون، جن جي پڙهڻ يا ٻُڌڻ سان هر مسلمان تي سجدو واجب ٿيندو آهي، سي چوڏهن (14) هيٺين سورتن ۾ آهن: (1) سورة الاعراف، آيت نمبر: 206، (2) سورة الرعد، آيت نمبر: 15، (3) سورة النحل، آيت نمبر: 49-50، (4) سورة بني اسرائيل، آيت نمبر: 109، (5) سورة مريم، آيت نمبر: 58، (6) سورة الحج، آيت نمبـر: 18، (7) سـورة الـفـرقـان، آيت نمبر: 60، (8) سـورة الـنـمـل، آيت نمبر: 26-25، (9) سـورة الـسجـده، آيت نمبر: 15، (10) سـورة ص، آيت نمبر: 24، (11) سورة حــٰم السجده، آيت نمبر: 38، (12) سورة النجم، آيت نمبر: 62، (13) سورة انشقاق، آيت نمبر: 21-20، (14) سورة العلق، آيت نمبر: 19.