سحر امداد حُسيني ڊاڪٽر

سحر امداد حُسيني ڊاڪٽر

سحر امداد حُسيني ڊاڪٽر

سحر امداد حُسيني، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر، تعليم دان، نقاد ۽ اسڪالر ڊاڪٽر سحرامداد حسينيءَ، حيدرآباد، سنڌ جي هڪ علمي گهراڻي ۾ 20 جولاءِ 1951ع تي جنم ورتو. سندس والده مهرالنساء بلوچ، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ اسڪول ٽيچر هئي. سندس والد صلاح الدين بلوچ هڪ گھڻ پڙهيو، باذوق ۽ ادب دوست انسان هو. هُو پهرين انڊين آرميءَ ۾ ملازم هو. قيام پاڪستان کان پوءِ هن جيل ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت ڪئي، جتي ڊپٽي سپرنٽيڊنٽ جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائين. پاڻ انگلش ۽ سوشيالاجيءَ ۾ ڊبل ايم. اي هو ۽ ايل. ايل. بي پڻ ڪيل هئس. راولپنڊي سازش ڪيس ۾ 1951ع ۾ جڏهن فيض احمد فيض ۽ سجاد ظهير حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ اسير هئا، تڏهن هو اتي آفيسر هو، جنهن جو ذڪرظفرالله پوشنيءَ پنهنجي اسيريءَ جي داستان ’زندگي زندان دلي ڪا نام هي‘ ۾ ڪيو آهي. ڊاڪٽر سحر جي پيءُ رٽائرمنٽ کانپوءِ ميرپورخاص ۾ نامور قانوندان يوسف لغاريءَ سان گڏجي وڪالت پڻ ڪئي.
ڊاڪٽر سحر جا ڏاڏاڻا اصل ميرپورساڪري جا هئا. سندس پڙ ڏاڏو مراد علي بلوچ اڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪراچيءَ لڏي آيو هو، جيڪو پوءِ واپار سانگي عدن هليو ويو. سندس ڏاڏي عبدالرحيم بلوچ بمبئيءَ مان بي. اي، ايل. ايل. بي ڪئي هئي ۽ ڪراچيءَ جي هڪ انگريز بئريسٽر ڊيوڊ راءِ سان گڏجي وڪالت به ڪئي. هو ’الوحيداخبار ۾ لکندو هو ۽ اخبار لاءِ انگريزيءَ مان مضمون به ترجما ڪندو هو. ان کان اڳ ۾ 1925ع ۾ هو لارينس مدرسي ٽنڊي باگي جو هيڊماستر رهي چڪو هو. ڪراچيءَ جي جنهن گريجويٽ ’محمد صديق مسافر‘ کان هيڊماستريءَ جي چارج ورتي هئـي، سـو ڊاڪـٽر سـحـر جـو ڏاڏو هـو (ڏسو: ’منازل مسافر‘). سـندس نانـو غلام محمد بلوچ هو، جيڪو ٽنڊي باگي ۾ اسڪول ٽيچر ۽ پوءِ هيڊماستر ٿيو ۽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، حيدرآباد جي حيثيت سان رٽائر ٿيو.
سحر، پنهنجي ابتدائي تعليم شاهه عبداللطيف ڪنڊرگارڊن اسڪول حيدرآباد ۽ ماڊرن انگلش ٽيچنگ اسڪول سکر مان حاصل ڪئي. هاءِ اسڪول جي تعليم هن سينٽ ميريز اسڪول حيدرآباد،ماڊرن انگلش ٽيچنگ اسڪول ، سکر، گورنمنٽ گرلز هاءِ اسڪول دادو ۽ پي پي سي گرلز اسڪول سکر مان حاصل ڪئي. انٽر سائنس ۽ بي. اي پارٽ ون زبيده گرلز ڪاليج حيدرآباد مان ۽ پارٽ ٽو ابن رشد گرلز ڪاليج ، ميرپورخاص مان 1969ع ۾ ڪيائين. پنهنجي وقت جي سُريلي راڳي استاد محمد ابراهيم جي شفقت ۽ ڪاليج جي سينئر شاگردياڻين مهتاب چنا (هاڻ مهتاب اڪبر راشدي) ۽ زينت صديقيءَ جي ريڊيو سان وابستگيءَ منجھس اتساهه پيدا ڪيو ۽ هن ريڊيو تي شوقيه صداڪاري ڪئي. ان کانسواءِ هن صداڪاريءَ سان گڏ ريڊيو لاءِ مختلف اسڪرپٽ، ڊاڪيومينٽريز، ناٽڪ، گيت ۽ ڪهاڻيون لکيون. سندس گيت عابده پروين، رجب علي، استاد صادق علي، زرينـا بلوچ ۽ استاد محمد يوسف ڳايا.
سحر امداد، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1969ع ۾ داخلا ورتي ۽ شام جا ڪلاس اٽينڊ ڪندي هئي ۽ صبح جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ لائبريرين جي نوڪري ڪيائين. ان دوران هن ڊاڪٽر الانا جي چوڻ تي، هڪڙي سال جي وڇوٽي ڪري، لائبرري سائنس ۾ پوسٽ گرئجويٽ ڊپلوما ڪئي. هن ڪتابن جي ڪلاسيفڪيشن ۽ ڪئٽالاگنگ به سکي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ملازمت دوران ’سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ‘ امداد حسينيءَ سان گڏ ترتيب ڏنائين. اهو ڪئٽلاگ 1971ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس پيءُ جي بدليءَ جي ڪري هن نوڪريءَ تان استعفا ڏني. 1972ع ڊسمبر ۾ ايم. اي فائنل جو امتحان ڏئي هوءَ ڪراچي هلي وئي، جتي دادا دولت مهتاڻي کيس ماهوار رسالي ’سوجھرو‘ جي ادارت جي ذميواري سونپي. هوءَ رسالي لاءِ انٽرويو ڪرڻ سان گڏ مواد جي ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ ڪندي هئي ۽ انگريزيءَ مان ڪهاڻيون ترجمو ڪندي هئي. ’ماءُ جا ڌيءَ ڏانهن خط‘ جي عنوان سان ڪالم لکندي هئي. 1973ع ۾ هن ايم. اي سنڌي فرسٽ ڪلاس، سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪئي هئي. 73ـ1972ع ۾ ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران هن پي. ٽي. ويءَ تي سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهيون. ان سان گڏوگڏ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٿيندڙ، اڌ ڪلاڪ جي سنڌي پروگرام جي پهرين ڪمپيئر به بڻي. مارچ 1973ع ۾ امداد حسينيءَ سان سندس شادي ٿي. ان ڪري هن ترت ئي ڪراچيءَ کي خيرباد چيو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ 1976ع ۾ شيخ اياز کيس ’ڪريئيٽو لٽريچر‘ ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو. ڪجهه سالن کان پوءِ اها پوسٽ سنڌي شعبي ۾ ضم ڪئي وئي. ڊاڪٽر سحر 1983ع ۾ سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿي، 1989ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 1997ع ۾ پروفيسر ٿي. 2004ع ۾ ’جديد سنڌي شاعري: هڪ نئون ڪلاسڪ‘ (1975- 1955ع) جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس نگرانيءَ هيٺ ڪيترن شاگردن پنهنجا ايم. اي جا مونوگراف لکيا، ايم فل ۽ پي. ايڇ. ڊيءَ جا مقالا لکيا آهن.
ڊاڪٽر سحر، 12 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ ادبي دنيا ۾ پير رکيو. ادبي زندگيءَ جو آغاز هن شاعريءَ سان ڪيو. سندس پڦي صغريٰ تخلص ’ستارا‘ صاحبِ ديوان شاعر هئي. ائين ادب جي سُتي سحر کي پُڦيءَ ۽ ڏاڏي کان ملي. زندگيءَ جي هر ميدان ۾ سحر جي والد سندس همت افزائي ڪئي ۽ ساٿ ڏنو. خيرپور ۽ سکر ۾ سندس ملازمت دوران شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ سان ملاقاتون ۽ گهرو اچ وڃ ۾ اضافو ٿيو. شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ سندس شاعري ٻڌي کيس ساراهيو. 1969ع ۾ هن جي شاعري باقاعدي ڇپي، جڏهن ته سندس پهرين ڪهاڻي ۽ قسطوار مضمون 1967ع ۾ ’عبرت‘ اخبار ۾ ڇپيا هئا. زبيده گرلز ڪاليج جي ’ڪاليج مئگزين‘ ۾ سندس ليک ڇپيو. 1968ع ۾ ’روح رهاڻ‘ ۾ ڇپيل سندس طويل انشائيي کيس منفرد سڃاڻپ بخشي.
سحر امداد شروع کان پنهنجي شاعراڻي انفراديت کي قائم رکيو. سندس ڊڪشن، ترنم ۽ اسلوب پنهنجو آهي. هن گيت، غزل، وايون، دوها، نظم ۽ آزاد نظم لکيا آهن. سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي دور جو درد ۽ پيڙا سمايل آهي. هوءَ همعصرن ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿي. سندس لهجو روايتي ۽ تقليدي نه آهي. وٽس ڏات سان گڏ ڏانءُ به آهي. سحر جي شاعري سنڌيت جي جذبي سان ٽمٽار آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو ’چوڏهينءَ چنڊ آڪاس‘ اردو زبان جي مشهور شاعره فهميده رياض پنهنجي پبلشنگ اداري ’وعده ڪتاب گھر‘ ڪراچيءَ پاران، 2003ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن جو مهاڳ پڻ فهميده رياض لکيو آهي. فهميده رياض کيس فطري شاعر سڏيندي لکيو آهي ته: ”هن جي علم ۽ وسيع مطالعي سندس وجدان کي اڃا به نکاري ڇڏيو آهي.“
سحر جي شاعري، ابتدا کان وٺي سنڌي زبان جي نامور رسالن: ٽماهي ’مهراڻ‘، ’روح رهاڻ‘، ’نئين زندگي‘، ’سهڻي‘ ۽ ’آرسي‘ وغيره ۾ ڇپجندي رهي آهي. يونيورسٽيءَ جي پروفيسر هئڻ جي حيثيت ۾ هن ڪيترائي اهم تحقيقي مقالا لکيا، جيڪي اعليٰ ادبي جرنلن ۾ ڇپيا ۽ علمي ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ پيش ڪيا ويا. ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ علم، ادب ۽ شاعريءَ بابت پنجاهه کان وڌيڪ بين الاقوامي ۽ قومي ڪانفرنسن، سيمنارن ۽ ورڪشاپن ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌي ادب، جديد شاعري ۽ خاص ڪري شاهه لطيف، سچل، سامي، سانگي، قليچ ۽ ٻين جديد شاعرن تي تحقيقي مقالا پيش ڪيا آهن، جن مان سندس گهري مطالعي، تنقيدي شعور ۽ تخليقي معيار جي ڄاڻ پوي ٿي. سندس پنجاهه کان وڌيڪ تحقيقي مقالا ڇپيل آهن. هن اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به شاعري ۽ نثري تخليقون تحرير ڪيون آهن. اردوءَ ۾ لکيل سندس تحقيقي مقالا ۽ شاعري اردوءَ جي ادبي حلقن ۾ گھڻو مان لهڻن ٿا. سندس ڪُل 8 ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ٽي ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جا نصابي ڪتاب آهن. هڪ ڪهاڻين، مضمونن ۽ انٽرويو تي مشتمل ڪتاب ’مئل ماڻهو جيئري پيڙا‘ سحر ۽ امداد گڏجي مرتب ڪيو هو، جيڪو ٽکڙ پبليڪيشن پاران شايع ٿيو.
يـونيـورسـٽيءَ جـي مـلازمـت دوران هـن عـبـرت گــروپ آف پبليڪيشن جي رسالي ’عبرت مئگزين‘ کي پڻ ڪجھـه عرصو سنڀاليو. ان کانسواءِ ساڳي اداري جي هڪ نئين رسالي ’بختاور‘ جا پهريان ٻـه پرچا پڻ ڪڍيائين. سنڌي اخبارن: برسات، ڪاوش ۽ عبرت ۾ ڪالم پڻ لکيائين. 2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ انتظاميه ڊاڪٽر سحرامداد کي ماڊل اسڪول، ڄام شوري جي پرنسپال مقرر ڪيو، جيڪا ذميواري هن نون سالن تائين نڀائي ۽ ماڊل اسڪول کي مڊل اسڪول کان ڪاليج تائين رسايو.
ڊاڪٽر سحر امداد جي 25 تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي مقالن ۽ مضمونن جو ڪتاب ’شاعر شاعري'>شعور شاعر شاعري‘ جي عنوان سان سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري، جولاءِ 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ان ڪتاب کي 2009ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ’بهترين تحقيقي ڪتاب 2008ع‘ جو اوارڊ ڏنو ويو. ويجھڙائيءَ ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي، ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ جو ڪتاب ’ڪي نـه وسرن مُـور‘ (جيڪو فيض احمد فيض جي روس جي ساروڻين تي مشتمل ڪتاب جو ترجمو آهي)، فبروري 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ڊاڪٽر سحر امداد حسينيءَ کي ڪيترن علمي ۽ ادبي ادارن پاران انيڪ اوارڊن ۽ شيلڊن سان نوازيو ويو آهي. 2009ع ۾ سندس گھڻ پاسائين ادبي خدمتن عيوض کيس صدارتي سول اوارڊ ’تمغـهء امتياز‘ سان نوازيو ويو. ڊاڪٽر سحـر امداد حُسيني سنڌ جي مختلف علمي ۽ ادبي ادارن: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاهه جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف باڊيز جي ميمبر ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز جي ميمبر ۽ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جي اوارڊ ڪميٽيءَ جي ميمبر پڻ رهي چڪي آهي.
سحر ۽ امداد حسينيءَ کي ٽن ٻارن: سنڌيا سّيد، ساونت شاهه ۽ وجدان شاهه جو اولاد آهي، جن مان سنڌيا سيّد ڊاڪٽر، ساونت شاهه سافٽ ويئر انجنيئر ۽ وجدان شاهه ايم. بي. اي جي ڊگري رکندڙ ۽ اسٽيج آرٽسٽ آهي. سحر امداد حسيني هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو