سرفراز ڪلهوڙي جي مزار جو ڏيک

سرفراز ڪلهوڙي جي مزار جو ڏيک

سرفراز ڪلهوڙو

سرفراز ڪلهوڙو: ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو 1772ع کان 1775ع تائين سنڌ جو حڪمران رهيو. هي غلام شاھہ ڪلهوڙي جو پٽ ۽ ميان نور محمد جو پوٽو هو. هن حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ تخت ۽ تاج سنڀاليو. حڪومت سنڀالڻ کان ٻہ مهينا پوءِ احمد شاھہ ابدالي فوت ٿيو. ان وقت افـغـانـسـتـان ۾ نـئـون بادشـاھہ تيمور بنيـو. سنڌ جي سفارت افغانستان پهتي، جتي کين وڏي عزت ملي. تيمور بادشاھہ ميان سرفراز لاءِ ’خدايار خان‘ جو خطاب تجويز ڪيو. فبروري 1773ع ۾ کيس ديري غازي خان جو انتظام سنڀالڻ جو پروانو مليو. ميان صاحب هن علائقي ۾ ديوان گلراج کي ناظم مقرر ڪيو ۽ ان کي حڪم مليو تہ بھاولپور ۾ ٿيندڙ واقعن جي نظرداري ڪري. ميان غلام شاھہ جي دور وانگر ميان سرفراز پڻ قلات جي والي محمد نصير خان سان سٺا تعلقات قائم رکيا. ٻنهي حاڪمن ۾ مارچ 1773ع ۾ دوستيءَ جي پرواني تي دستخط ٿيا. ديري غازي خان کان واپس اچڻ تي ميان سرفراز ڏيڍ سال حيدرآباد جي گاديءَ واري شھر ۾ گذاريو. پيءُ وانگر هن بہ ڪڇ تي ڪاهون ڪيون. تاريخ ۾ ٻن حملن جو ذڪر ملي ٿو، پر حقيقت ۾ هڪ حملو ٿيـو، جنهن ۾ سنڌ جي حاڪم کي سوڀ ٿي. هي حملو آڪٽوبر 1774ع ۾ ٿيو. جيمس برنس ’سنڌ جي درٻار‘ ۾ سنڌ جي حاڪمن ۽ ڪڇ جي راجائن جي لاڳاپن تي مناسب روشني وڌي آهي. ڊسمبر 1774ع ۾ ميان سرفراز ڪڇ ۽ ننگرپارڪر کان ٿيندو وطن واپس آيو. ان دور ۾ سندس حڪم تي هالا شھر ڀرسان ’خداآباد‘ (نئون) شھر تعمير ٿي چڪو هو. هن حيدرآباد اچڻ بجاءِ ’خداآباد‘ ۾ اچي قيام ڪيو ۽ ان کي تختگاھہ بنايو. اٺ مهينا اطمينان سان گذريا تہ حالتن ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي. ٽالپر اميرن ۽ ميان سرفراز ۾ راڄو ليکي نفاق ڦهلائڻ ۾ راڄو ليکيءَ کي ذميوار سمجهيو وڃي ٿو. آگسٽ 1775ع ۾ خداآباد ۾ ميان سرفراز، مير بھرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ٻنهي جون مزارون هن شھر ۾ آهن. مير بھرام جو ٻيو پٽ مير بجار ان وقت حج تي ويل هو، ان ڪري سندس حياتي بچي وئي. ٽالپرن لشڪر گڏ ڪري بغاوت ڪئي. ميان سرفراز خداآباد ڇڏي اچي حيدرآباد پهتو، جتي هن کي نظربند ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ ٽالپرن ميان سرفراز جي ڀاءُ ميان محمود خان کي سنڌ جو نئون حڪمران بنايو.
عام طرح ميان محمد سرفراز کي ناڪام حڪمران سڏيو ويندو آهي پر ان کي بدنصيب حاڪم سڏجي تہ مناسب ٿيندو. امن جي دور ۾ هن حاڪم حيدرآباد جي ڀرسان سرفراز واھہ کوٽائي زراعت ۽ پوکي راهيءَ جي واڌاري لاءِ اُپاءَ ورتا. ’سرفراز واھہ‘ اڄ بہ موجود آهي. هن سنڌ ۾ امن امان قائم ڪيو ۽ سندس دور ۾ ڪو بہ غير ملڪي حملو نہ ٿيو.
ميان غلام شاھہ جي دور ۾ انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ ۾ وڻج واپار شروع ڪيو هو، پر ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن ۾ دنگل شروع ٿيڻ سان انگريز سنڌ مان پنهنجو ڪاروبار ختم ڪري هليا ويا. ميان سرفراز قيد جي حالت ۾ سوز ۽ ڏک مان هڪ مدح چئي، جنهن کي قدامت جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت حاصل آهي، ان کانسواءِ فني پختگي، فڪري گهرائي، درد، سوز ۽ اندروني قافين جي خوبصورتيءَ جي ڪري بہ هيءَ مدح سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي صورت رکي ٿي.
نموني طور مدح جون ابتدائي سٽون ڏجن ٿيون:
آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ، سڻج تون،
پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ، ڏئين مون:
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون!
چارئي يار، جيءَ جيار، ڪندا واهر، وري مون،
بيڪار، سندي سار، سگهي شال، لڌائون:
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون!
ميان سرفراز،فارسي زبان جو اعلى درجي جو شاعر ٿي گذريو آهي. مشھور محقق ڊاڪٽر خضر نوشاهيءَ سندس فارسي ڪلام ’ڪليات سرفراز‘ جي نالي سان مرتب ڪيو آهي، جيڪو ڪراچيءَ مان 1996ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. ميان سرفراز جي قيد ٿيڻ سان ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ نفاق پوڻ جي ڪري ’ڪلهوڙا حڪومت‘ پنھنجي منطقي انجام طرف وڌڻ لڳي. سرفراز کان پوءِ ڪجهہ وقت سندس ننڍو ڀاءُ ميان محمود خان حڪمران بڻيو. جنهن کانپوءِ مئي 1776ع ۾ ميان غلام نبي خان ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو. غلام نبي ۽ عبدالنبي سڳا ڀائر هئا. ان ريت ميان غلام نبيءَ حيدرآباد جي قلعي جي واڳ عبدالنبي ڪلهوڙي کي ڏني. سندس حڪم سان ميان عطر خان، محمود خان کي حيدرآباد جي قلعي ۾ ميان سرفراز ۽ سندس پٽ مير محمد سان گڏ نظربند ڪيو ويو. مهينو يا تاريخ معلوم نہ ٿي سگهي آهي، البت ميان غلام نبي ڪلهوڙو جنگ جي ميدان تي 1776ع ۾ فوت ٿي ويو. هيءَ جنگ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ لانياريءَ (ضلعي سانگهڙ) جي ميدان تي ٿي هئي. ان خطرناڪ دور ۾ نظربند شھزادا: ميان عطر خان، محمود خان، ميان سرفراز ۽ مير محمد ڪلهوڙو پڻ حيدرآباد جي قلعي ۾ قتل ڪيا ويا. سڀني جا مدفن گاھہ حيدرآباد شھر ۾ موجود آهن.
ميان سرفراز جو مقبرو شھر جي وچ ۾ اچي ويو آهي، ڀر واري رستي کي ’سرفراز جي چاڙهي‘ سڏيو وڃي ٿو. ساڳئي سال (1776ع) هنن چئني شهزادن کان سواءِ ميان غلام نبي ڪلهوڙو بہ مارجي ويو، ان ڪري ڪنهن شاعر ’پنج کم از گلِ باغ عباسي‘ مان 1191ھہ (1776ع)، واقعي جي مادہ تاريخ ڪڍي آهي:
’پنج ڪم‘ از گل باغ عباسي: 1191-5-1196.


لفظ سرفراز ڪلهوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو