
سرمست 20
سرمست- 20: ’سرمست‘ جي ويهين ڪڙيءَ جو مرتب ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي آهي. ’پنھنجي پاران‘ ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجن پيشروئن ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ محمد علي حداد (مرحوم) کي ياد ڪندي لکي ٿو: ”اڄ جڏهن سرمست-20 جي شروعاتي صفحن لاءِ هي چند سٽون لکي رهيو آهيان تہ جهڙالين اکين آڏو لفظ ڌنڌلا ٿيندا وڃن ٿا. انهن لفظن جي پسمنظر ۾ ٻہ مرڪندڙ چهرا ظاهر ٿيندي محسوس ٿين ٿا: سائين تنوير عباسي ۽ سائين محمد علي حداد. اهي ٻئي ٻاجهارا انسان هئا، جن جي موجودگيءَ سان سچل سائينءَ جي عرس تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جون رونقون وڌي وينديون هيون. هن ڀيري سڀني عالمن، اديبن ۽ شاعرن جون اکيون انهن ٻن پيارن انسانن کي ڳولينديون ۽ جڏهن کين نہ پسنديون تہ ڪيڏيون وياڪل ٿي وينديون! سچ تہ سچل سائين جي عرس جون سڀئي تقريبون هنن ٻن شخصن کان سواءِ اڻپوريون ۽ ٻُسيون محسوس ٿينديون.“ ان بعد هن ٻنهي عظيم ساٿين کي تفصيلي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
ادل سومري اهو بہ ڄاڻايو آهي تہ هن سال 1999ع ۾ سچل سائينءَ جو عرس ٻيو ڀيرو ملهائجي رهي آهي. پهريون عرس 2 جنوري 1999ع تي ملهايو ويو ۽ هي ٻيو عرس 23 ڊسمبر 99 تي ٿي رهيو آهي. هن شماري ۾ سھيل اڪبر شاھہ (ڊپٽي ڪمشنر ۽ سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ جي چيئرمئن)، تنوير عباسي، محمد علي حداد ۽ گذريل ادبي ڪانفرنس جون تصويرون شامل آهن. شماري ۾ مقالن جي ترتيب هن ريت ڏني وئي آهي: (1) پاڻ ئي پنھل آهيان- صدارتي تقرير (ڊاڪٽر رشيد احمد شاھہ، وائيس چانسلر)، (2) اُتي پيو وڃي خيال منهنجو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (3) خواجہ محڪم الدين سيلاني ۽ حضرت سچل سرمست (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، (4) سچل سرمست جو زمانو- نموني خاطر سندس ڄمار جي ابتدائي 10 سالن واري عھد معاصر جو خاڪو (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ)، (5) سچل جو مذهبي نفيءَ واري تحريڪ جو سماجي پهلو (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (6) ٻُٺيءَ ڄڃ مَ ڄُل (تاج جويو)، (7) فلسفو انا الحق ۽ سچل سرمست (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، (8) سچل سرمست جي ڪلام ۾ ڏک جو فلسلو (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، (9) سـچـل- سنڌ جو منصور (انعام شيخ)، (10) ڪـڍ تـون دغا دل مـان (مير نصرت حسين ابڙو)، (11) اي قاضي صاحب! اسان کان ڇا ٿو پُڇين؟ (مولانا عبداللطيف سڪندري)، (12) سچي سائينءَ جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري (مقصود گل)، (13) سچل سرمست تي لکيل دادا سنڌي مرحوم جي مقالن جو مختصر جائزو (محمد پنھل ڏهر)، (14) صوفي فڪر ۾ راڳ جي اهميت (منصور ميراڻي)، (15) شيخ اياز جي تحريرن ۾ سچل جو ذڪر ۽ فڪر (امام راشدي)، (16) وقت اها ٿي ويل دوئي دور ڪرڻ جي (ميان غلام حسين فاتح).
ڊيمي سائيز جي 120 صفحن تي مشتمل، هي شمارو 1999ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جي قيمت 40 روپيا آهي.