
سرڪش سنڌي
سرڪش سنڌي: سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالمجيد ولد مولوي عبدالله چانڊيو هو، سندس جنم پهرين آڪٽوبر 1940ع تي ڳوٺ پلي پوٽا (سيتا وليج)، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو، سندس والد سنڌ جو ناليوارو جيد عالم ٿي گذريو آهي، جنهن جا ڪيترائي شاگرد نامور ديني عالمن ۾ شمار ٿين ٿا، جن ۾ علامہ غلام مصطفى قاسمي، مولانا عبدالڪريم قريشي (ٻير وارو)، مولانا شاھہ محمد امروٽي، مولانا علي محمد حقاني وغيرہ قابل ذڪر آهن. سرڪش سنڌيءَ جو والد اصل ڊکڻ لڳ ڳوٺ ملان چانڊيي (هاڻوڪي جواب پور چانڊيي)، ضلعي شڪارپور جو رهاڪو هو، جتي اڄ بہ سندس ڳوٺ آباد آهي. سرڪش سنڌي فارسي، عربي ۽ ديني تعليم پنھنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ 1954ع کان 1971ع تائين واري عرصي ۾ هن فائنل، مئٽرڪ، بي. اي ۽ بي. ايڊ جا امتحان پاس ڪيا.
سرڪش سنڌي 27 ڊسمبر 1961ع تي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن دوران 13 سال پرائمري استاد ۽ تيرهن سال هاءِ اسڪول جي استاد طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۽ گونمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ 1987ع ۾ رٽائر ٿيو.
سرڪش سنڌيءَ شاعريءَ جي شروعات 1954ع کان ڪئي، هن پهريان ’مجبور وارهي‘ پوءِ ’پاور سعد واهي‘ ۽ آخر ۾ ’سرڪش‘ تخلص رکي ادبي ميدان ۾ پير پاتو. سندس شاعريءَ جو اهم پهلو مزاحمتي ادب آهي، جنهن کيس سنڌ توڙي هند جي سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ وڏي عزت ۽ مڃتا ڏني. سرڪش سنڌي هڪ شفيق استاد، ترقي پسند شاعر ۽ قومي ڪارڪن پڻ هو، سرڪش سنڌ جو اهو مزاحمتي شاعر آهي، جنهن جي هر سٽ ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ڏاڍاين خلاف آواز بلند ٿيل آهي. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ اصولن تي سوديبازي نہ ڪئي، هو سنڌي روايتي سونهن، محبت، انسانيت ۽ جبر خلاف مزاحمت جو شاعر هو، هن سنڌ جي حالتن کي ڏسندي نہ صرف ان دردن درمانن جي اظهار لاءِ شاعريءَ کي پنھنجي اظهار جو ذريعو بڻايو، پر عملي سياسي جدوجھد ۾ بہ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو.
سرڪش انقلابي ۽ عملي ماڻهو هو، سندس چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ڪوبه تفاوت نہ هوندو هو. هو سدائين ۽ هر هنڌ سچ چوندو هو. سرڪش پنھنجي سموري حياتي جي. ايم سيد جي فڪر سان واڳيل رهيو. هو آخر تائين جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلهاڙيل رهيو. ان دوران جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪلچرل ونگ جو ڪيترو ئي وقت مرڪزي چيئرمئن ۽ جئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو.
سرڪش سنڌي، سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو بنيادي ميمبر ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو. 2006ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اليڪشن ۾ سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان چونڊ وڙهيو، پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو، جنهن بعد ادبي سنگت جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏنائين.
سرڪش سنڌي ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ، بئڪ ٽائيٽل وغيرہ پڻ لکيا. هن شروع ۾ ڪجهه ڪهاڻيون پڻ لکيون، جيڪي ٽه ماهي ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيون، سندس ناول ’ڌرتي، دِل، ڌرم‘ قسطوار روزاني ’سوڀ‘ ۾ شايع ٿيو. ناميارو شاعر زخمي چانڊيو سندس ماروٽ هو.
سرڪش سنڌي ڪيترائي دفعا جيل پڻ ويو، 1988ع ڌاري قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڪيترو وقت جيل ۾ رهيو، آگسٽ 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي پليٽ فارم تان پنھنجي سيڪريٽري شپ واري دور ۾ دوستن ۽ اديبن سان گڏجي ڪالاباغ ڊيم جو علامتي جنازو ڪڍيائين، جنهن دوران پوليس جي پرتشدد ڪارروائيءَ جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي جي ٻين اديبن سان جيل پڻ ويو. ان کانسواءِ مزاحمتي شاعري پڙهڻ تي وقت بوقت مٿس ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ٿيا. سرڪش سنڌيءَ پنھنجي سموري عمر خودداريءَ ۾ گذاري، سموري عمر شھر ۾ سائيڪل تي گهميو.
سندس زندگيءَ جي آخري عرصي ۾ امر سنڌو ۽ جامي چانڊئي مٿس ڪيس داخل ڪرايو، جنهن سبب ڪيتروئي وقت روپوشيءَ ۾ گذاريائين. هيءُ نامور اديبن جي سخت تنقيد جو نشانو بڻيو، جنهن جي موٽ ۾ ’سچ ٿا مرد چون‘ ڪتاب لکي پاڻ تي لڳل الزامن کان آجو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيائين. سرڪش سنڌي ڪجهہ سماجي اڳواڻن پاران مٿس ڪيل ڪيس کي سپريم ڪورٽ ۾ چـئـلـيـنج ڪيو، جيڪو ڪيس بعد ۾ ڪورٽ جي حڪم تي ’سي ڪلاس‘ ۾ خارج ڪيو ويو.
سرڪش سنڌيءَ جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو، جن ۾ استاد گلزار علي خان جي آواز ۾ ڳايل ’زبان رت سان ڀري پئي آ‘، ’اي دلي آرزو غير جو هر ستم‘، سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ ڳايل ’ٻي ڪهڙي ڌرتيءَ ڏي وڃجي‘، ’هن ڌرتي، ڌرتيءَ وارن جي پٽ پارت ٿئي‘، شمن علي ميراليءَ جي آواز ۾ ڳايل ’راس آئي نہ هڪڙي گهڙي تو سوا‘، احمد مغل جي آواز ۾ ڳايل ’ڪاوڙ ڇڏ تون ڪاوڙ ڇڏ هيءَ ڪاوڙ تنھنجي ماريندي‘ بيحد مقبول ٿيا. ان کانسواءِ سڄڻ سنڌي، عاشق نظاماڻي، فقير مظفر علي دايي، ديدار حسين سمي، اسلم تنئي، بادل راهي ۽ ٻين فنڪارن توڙي فنڪارائن سندس شاعري ڳائي آهي.
سرڪش سنڌي 2000ع بعد ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا رهيو ۽ زندگيءَ جا 12 سال ان مرض سان جهيڙيندو رهيو، ايتري قدر جو آخري گهڙين ۾ سندس کاٻي ڄنگهه ضايع ٿي وئي، ان دوران سنڌ ثقافت کاتي طرفان سندس مالي سهائتا پڻ ڪئي وئي. کيس هڪ پٽ عبدالسلام ۽ ٻن ڌيئرن افروز ۽ رضيہ ’ناياب سرڪش‘ جو اولاد آهي.
سرڪش سنڌيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ (1) درد دل (1984ع)، (2) امن آب حيات (1987ع)، (3)، آزادي '>پيار ۽ آزادي (1990ع)، (4) سنڌو ڳائي ٿي (2000ع)، (5) سمنڊ، ڇوليون ۽ ٽھڪ (2003ع)، (6) جوڻيون جيءَ جھان جون (آتم ڪٿا، ٻہ جلد: 2007-2009ع)، (7) سچ ٿا مرد چون (نثر، 2009ع) ۽ (10) زندگيءُ جي گونج (شاعري، 2010ع) شايع ٿيل آهن. جڏهن تہ ’ٻانهن وراڪا‘ (غزل)، ’ پريم ڀاشا‘ (غزل)، ’ڌرتي، دِل، ڌرم‘ (ناول)، ’اکيون اوطاقون‘، (نظم) ۽ ’ساڻيھہ جي سنگ‘ (گيت) اڻ ڇپيل صورت ۾ پونيرن وٽ موجود آهن.
سرڪش سنڌيءَ کي ڪيترا اوارڊ پڻ مليا، جن ۾ ’مهراڻ آرٽس ائنڊ ويلفيئر سوسائٽي، نوابشاھہ‘ طرفان ’بھترين شاعر اوارڊ‘ (1997ع)، ’چانڊڪا آرٽ سنڌ ڪلچرل گروپ‘ طرفان ’بھترين شاعر جو اوارڊ‘ (1999ع)، ’سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور‘ طرفان ’سچل اوارڊ‘ (2001ع)، ’پيرل قنبر سنگت، شھدادڪوٽ‘ طرفان ’بھترين شاعر جو اوارڊ‘ (2002ع)، ڪلهوڙا عباسي تنظيم پاران ’لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ‘ (2013ع) قابل ذڪر آهن.
هن 05 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ لاڙڪاڻي شھر ۾ آهي.
سندس نالي پٺيان ’سرڪش يادگار ڪاميٽي‘ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جا سربراھہ سندس ڌيءَ ناياب سرڪش ۽ خالد چانڊيو آهن.
سرڪش سنڌيءَ وفات تي لکيل تاثرات ۽ مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب ’ڇا چوان تہ ڇا هيو‘ نالي سان سندس پهرين ورسي، 20 مارچ 2013ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ٻانهن وراڪا‘ پڻ شامل آهي. هيءُ ڪتاب ناياب سرڪش ۽ ساجد چانڊيي سهيڙيو آهي.
1940.10.01 عيسوي
سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالمجيد ولد مولوي عبدالله چانڊيو هو، سندس جنم پهرين آڪٽوبر 1940ع تي ڳوٺ پلي پوٽا (سيتا وليج)، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو،
1961.12.27 عيسوي
سرڪش سنڌي 27 ڊسمبر 1961ع تي تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن دوران 13 سال پرائمري استاد ۽ تيرهن سال هاءِ اسڪول جي استاد طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۽ گونمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ 1987ع ۾ رٽائر ٿيو
2012.03.05 عيسوي
هن 05 مارچ 2012ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي شهر ۾ آهي