
سر سيد احمد خان
سر سيد احمد خان: سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان اوڻهين صديءَ جي مسلمانن جو اهم اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هن جا وڏا هرات کان شاھجھان جي دور ۾ هندستان ۾ آيا. هن جي والد جو نالو مير تقي ولد سيد هادي هو. احمد خان 17 آڪٽوبر 1817ع تي ڄائو. سندس پيدائش دهلي شھر ۾ ٿي. سندس نانو خواجہ فريد الدين احمد بهادر، آخري مغليه دؤر ۾ اڪبر ثاني مغل حاڪم جو وزير ۽ ڪجهہ وقت لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو سفير بہ رهيو. احمد خان ناني ۽ والد سان گڏ مغليه درٻار ۾ ويندڙ هو. هي تعلق 1857ع ۾ جنگ آزاديءَ تائين قائم رهيو. ماءُ جي نگرانيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. فارسي زبان تي سندس سٺي مهارت هئي. دهلي ملازمت جي سلسلي ۾ آيو تہ عربي زبان تي بہ عبور حاصل ڪري ورتائين. هن رياضي ۽ حسابن جو علم پنھنجي مامي نواب زين العابدين کان پرايو. حڪيم غلام حيدر کان طب پڻ سکيو. ڪجهہ وقت شاعري بہ ڪيائين، پر پوءِ سنجيدہ زندگي ۽ سماجي ڪمن ۾ دلچسپيءَ سبب، شاعريءَ کي ترڪ ڪيائين. البت زندگي ڀر شاعرن ۽ اديبن سان قربت رکيائين.
22 سالن جو ٿيو تہ سندس والد فوت ٿي ويو. ان ڪري عدالتي ڪم سکڻ لاءِ پنھنجي ماسٽر صدر امين دهلي خليل ﷲ خان وٽ سرشتيدار ٿيو. پوءِ آگري جي ڪمشنر جي دفتر ۾ نائب منشي ٿي رهيو. بعد ۾ امتحان پاس ڪري ڊسمبر 1841ع ۾ مين پوريءَ ۾ جج مقرر ٿيو. پوءِ ترقي ڪندو ويو ۽ آخرڪار سمال ڪاز ڪورٽ (خفيہ عدالت) جو جج بنجي ويو. ان حيثيت ۾ پاڻ فتح پور سيڪري، دهلي، روهتڪ، بجنور، مراد آباد، غازي پور، علي ڳڙه ۽ بنارس ۾ ٿوري ٿوري وقت لاءِ رهيو. سرسيد احمد خان 1869ع ۾ انگلنڊ گهمڻ ويو. 1876ع ۾ وطن موٽي آيو. ان بعد ملازمت کي ڇڏي علي ڳڙه ۾ رهائش اختيار ڪيائين. احمد خان مرحوم 1878ع ۾ امپيريل ڪائونسل جو ميمبر نامزد ٿيو. 1882ع ۾ تعلقي ڪميشن جو رڪن مقرر ٿيو. 1888ع ۾ هن کي (K.C.S.I) جو خطاب مليو. 1889ع ۾ سر سيد کي ايڊنبرا يونيورسٽي ايل. ايل. بي جي اعزازي ڊگري عطا ڪئي.
هندستان جي هن نامور انسان مختلف تعليمي ۽ سياسي خدمتون انجام ڏيڻ کان پوءِ 27 مارچ 1898ع تي وفات ڪئي. ٻئي ڏينهن تي هن کي مدرسہ العلوم عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي مسجد جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.
سر سيد جي حياتيءَ بابت ٽن حصن ۾ روشني وجهي سگهجي ٿي، هڪ اديب طور، ٻيو مذهبي اصلاح پسند طور، ٽيون هڪ اڳواڻ طور. ابتدا ۾ اسلام جي ميانه رويءَ واري تشريح ڪيائين. انگريزن ۽ مسلمانن کي ويجهو آڻڻ لاءِ ڪي رسالا لکيائين ۽ ڪي وري ترجمو بہ ڪيائين، جن جي گهڻي مخالفت پڻ ٿي. سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان کي هندستان جي مسلم دور جي تاريخ سان گهڻي دلچسپي هئي. ان ڏس ۾ هن آثار الصناديد‘ (اردو) ڪتاب لکيو، جنهن ۾ دهليءَ جي قديم آثارن تي تحقيق ڪيائين. ’تاريخ فيروز شاهي‘ (ضياء الدين برني) فارسي ڪتاب کي ايڊٽ ڪري ڇپرايائين. ان کانسواءِ مشھور تاريخي ڪتاب ’آئين اڪبري‘ (فارسي) بہ مرتب ڪري ڇپرايائين. ان کانسواءِ ’غدر‘ تي بہ ڪتاب لکيائين، جنهن جو نالو ’اسباب بغاوت هند‘ رکيائين. هي ڪتاب انگريزن کي هندي مسلمانن ڏي رغبت ڏيڻ واسطي تيار ڪيائين. سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جڏهن انگلنڊ ۾ هو، تڏهن سر وليم ميور جي ڪتاب Life of Mahomed جو جواب ’خـطبـات احـمـديـه‘ نالي ڪتاب ۾ ڏنائين. مـذهـبـي ادب جـي نالي سـان سر سيد مختلف محاذن تي ويڙھہ ڪئي ۽ کيس سخت گير مذهبي مهندارن پاران گارين ۽ ڌمڪين کي بہ منهن ڏيڻو پيو. سنجيدہ اديب طور ڪم ڪيائين، ان هوندي بہ اردو ادب جي تاريخ ۾ هن جو اهم مرتبو آهي. ان کانسواءِ هن غازي پور ۾ رهڻ وقت ’سائنس سوسائٽي اخبار‘ جاري ڪئي. بعد ۾ هي اخبار ’علي ڳڙھہ انسٽيٽيوٽ گزٽ‘ جي نالي سان گهڻو وقت جاري رهي. سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جو ٻيو وڏو ڪارنامو تعليمي حاصلات آهي. 1857ع جي غدر يا جنگ آزاديءَ جي ناڪاميءَ کان پوءِ انگريزن سڄي هندستان تي قبضو ڪري مغلن جي حڪومت جي خاتمي جو اعلان ڪيو. آخري حاڪم بھادر شاھہ ظفر کي ملڪ نيڪالي ڏئي ’برما‘ موڪلي نظر بند رکيو ويو. مسلمانن کي انگريز شڪ جي نظر سان ڏسڻ لڳا. سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان هن صورت حال تي گهڻو غور ڪيو. آخر ڪار هي ان نتيجي تي پهتو ته، جيسين مسلمان انگريزي تعليم ۽ جديد علوم نہ پرائيندا، ايستائين انهن ۾ ڪو بہ سڌارو نہ ايندو. 1875ع ۾ سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان عليڳڙھہ ۾ ايم. اي. او محمدن اينگلو اورينٽل هاءِ اسڪول جو بنياد رکيو. هي ادارو پوءِ ڪاليج ۽ بعد ۾ عليڳڙھہ مسلم يونيورسٽيءَ جي روپ ۾ سامهون آيو. هي سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جي وڏي ۾ وڏي خدمت آهي. 1886ع ڌاري وڌيڪ تعليمي حاصلات لاءِ ’محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس‘ نالي هڪ اداري جو بنياد رکيائين. ان پس منظر ۾ هندستان جي ٻين علائقن ۾ بہ هي سلسلو شروع ٿي ويو. ان ڏس ۾ اڳتي هلي قائم ٿيل سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، جيڪو حسن علي آفنديءَ قائم ڪيو. ان زماني ۾ سنڌ ۾ پنھنجي يونيورسٽي نہ هئڻ ڪري، اڪثر مسلمان ۽ غريب شاگرد اعلى تعليم لاءِ مسلم يونيورسٽي عليڳڙھہ ويندا هئا.
سر سيد احمد خان جو ٽيون اهم ڪردار سياسي حوالي سان آهي. ابتدا ۾ هي صاحب هندو- مسلم اتحاد جو زبردست حامي هو. جڏهن ’انڊين نيشنل ڪانگريس‘ (1885ع) وجود ۾ آئي، تڏهن ان جي جواب ۾ ’محب وطن جماعت‘ (Patriotic Association) قائم ڪيائين ۽ ان کي مسلمانن جي نمائنده جماعت سڏيائين. اردو ۽ هندي تضاد اڀريو تہ هن هنديءَ جي ڀيٽ ۾ اردو زبان جي ڀرپور حمايت ڪئي. مسلمانن جي لاءِ جدا گانہ سياسي حقن جي ڳالھہ شروع ڪيائين. علي ڳڙھہ تحريڪ رڳو تعليمي نہ پر اها هڪ فڪري ۽ تهذيبي تحريڪ پڻ هئي. هي تحريڪ تعليم جي معاملي ۾ مختلف مضمونن جي حوالي سان ڪي خاص سوچون رکندڙ هئي. زندگيءَ متعلق عليڳڙھہ تحريڪ جو نظريو ترقي پسندانه هو، ليڪن ملڪ جي حوالي سان احتياط ۽ اعتدال ان جو خاص مقصد هو. جيتوڻيڪ سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان 1898ع ۾ وفات ڪئي، پر مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھہ نہ رڳو علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪي خاص ڪاميابيون حاصل ڪيون، پر 1906ع ۾ ’انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ‘ جو قيام عليڳڙھہ جي فڪـري تـحـريـڪ جي حاصلات آهي. اڄ جي هندستان ۽ پاڪستان يا آسان زبان ۾، ڏکڻ ايشيا جي سياسي نقشي ٺاهڻ ۾: سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان، سر سلطان محمد شاھہ آغا خان (ٽيون)، سر محمد اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح جو اهم ڪردار آهي. ڪير بہ هنن چئن اڳواڻن جي هن مکيہ ڪردار کي للڪاري نہ ٿو سگهي.
1817.10.17 عيسوي
سر سيد احمد خان اوڻهين صديءَ جي مسلمانن جو اهم اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هن جا وڏا هرات کان شاهجهان جي دور ۾ هندستان ۾ آيا. هن جي والد جو نالو مير تقي ولد سيد هادي هو. احمد خان 17 آڪٽوبر 1817ع تي ڄائو.