سفرنامو (ادبي صنف): سفرنامي جي لغوي معنى سفر جو روزنامچو، سياحت نامو ۽ سفر جو احوال آهي. انگريزي زبان ۾ هن صنف کي ’Travelogue‘ ڪوٺيو ويندو آهي.
سفرنامو نثري صنفن مان هڪ اهم صنف آهي، جنهن جو سڌيءَ ريت تعلق سير، سفر ۽ سياحت سان آهي. هن صنف ۾ مختلف ملڪن ۽ اتان جي ثقافت، مذهب، ماڻهن، سماجي ڍانچي، ٻولي، ادب، رهڻي ڪهڻي، مشهور عمارتن، جاين، رسمي ۽ غير رسمي روايتن، شهرن، ڳوٺن ۽ روزمرهه جي ڪاروهنوار جي ڄاڻ ۽ مشاهدي ماڻڻ کانپوءِ لکيل احوال کي سفرنامو چئبو آهي.
عام طرح سفرنامي مان مراد ڪنهن سفر دوران رونما ٿيندڙ واقعن، حالتن، ڪيفيتن ۽ منفرد ۽ مثالي جاين، ادارن ۽ معاشرن جو ذڪر ڪرڻ آهي. سير، سفر، انسان لاءِ خوشي، وندر ۽ ڄاڻ جو ذريعو سمجھيو ويندو آهي. قديم زماني ۾ بحري ۽ بري سفر اختيار ڪرڻ وسيلي تجارتي ۽ سياسي طور فائدا ورتا ويندا هئا، جهڙوڪ: آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي دريافت ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ادب ۾ سفرنامن کي ان ڪري به اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته سفرنامن وسيلي پڙهندڙن جي ڪثير تعداد کي ٻين ملڪن بابت جامع معلومات ملي ٿي. ڪنهن به ملڪ تي لکيل سفرنامو ان ملڪ جي تاريخي دستاويز جي حيثيت رکندڙ هوندو آهي. سفرنامي کي ڪنهن به ملڪ جو تعارف ڏيندڙ ۽ رهنمائي ڪندڙ ڪتاب چئي سگھجي ٿو.
دنيا جي ادب تي نظر وجھڻ سان پتو پوي ٿو ته ابتدائي سفرنامو ٻي صديءَ ڌاري يونان ۾ لکيو ويو. اوائلي سفرناما لکندڙن ۾ ’جـابـر بن حيان‘، (1214-1145)، ’ابن بطوطه‘ (1377-1304)، ’ڪرسٽوفر ڪولمبس‘، ’مارڪوپولو‘ ۽ ’واسڪو ڊي گاما‘ ۽ 1336ع ۾ ’پيٽرارچ‘ جو ’وينٽؤز پربٽ‘ (Mount Ventox) جي سفر تي لکيل سفرنامو، ’ڊيوڊ برگنڊي‘ جي شاعر ’ميشؤلٽ ٽئليوينٽ‘ (Michault Taillevent) جو 1130ع ڌاري ’جورا پـربٽ‘ (Jura Mountain) بـابـت ســفـرنـامو، 1407ع ڌاري ’لپري ٻيٽ‘ ۾ ’وولڪانو‘ جي سير ۽ سفر متعلق ’اينٽائن ڊي لا سالي‘ (Antoine de le sale) جو سفرنامو ۽ ڪي ٻيا سفرناما شامل آهن.
1589ع ۾ ’وويئجر‘ (Voyages) نالي سفرنامو لکڻ سان
’رچـرڊ هـئڪـلوئٽ‘ باقاعدي سفرنامي جو بنياد وڌو، جڏهن ته 1850ع کان 1894ع دوران ’رابرٽ لوئس اسٽيونسن‘ کي سفرنامي جو باني چيو ويندو آهي.
چين ۾ سفرنامي جي شروعات قديم دور کان ٿيل ٿي ڏسجي، 690ع کان 1279ع جي وچ ۾ ’سانگ‘ سلطنت جي قيام دوران سفرنامي جي صنف گھڻي قدر مقبول ٿي، جنهن کي ’يوجي وينڪزيو‘ (Youji wenxue)، يعني ’ٽريول ريڪارڊ لٽريچر‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ان وقت اهي سفرناما، مضمون، ڊائري، منظوم ۽ سليس نثر جي صورت ۾ لکيا ويندا هئا. چين جي مشهور سفرناما نگارن ۾ فين چينگدا (1126-1193) ۽ زو زياڪ (Xu Xiake) (1641-1587) هئا، جن مختلف هنڌن جي ايراضي ۽ مقامي جاگرافي خصوصيتون، تفصيل ۽ خدوخال (Topographical) معلومات کي پنهنجن سفرنامن ۾ شامل ڪري وڌيڪ دلچسپ بڻايو.
ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ ادب جي هيءَ صنف عام مقبول ٿي ۽ برطانيا جي ليکڪن هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي. ان ڏس ۾ ’ڪئپٽن جميز ڪوڪ‘ جون لکيل ڊائريون بهترين سفرنامي طور ڳڻي سگھجن ٿيون. موجوده وقت ۾ هن صنف کي دنيا جي تقريباً هر ٻوليءَ ۽ ادب ۾ سرجيو وڃي ٿو.
سنڌي ادب ۾ سفرنامي جي ابتدا بابت مهر خادم (مهراڻ رسالي 1996ع جي ٽئين شماري ۾) ڄاڻايو آهي ته، سفرنامي جي صنف جا آثار سڀ کان اڳ ميون شاهه عنات رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ خليفي نبي بخش لغاريءَ جي شاعريءَ ۾ملن ٿا. شاهه لطيف جي سر سامونڊي ۽ سريـراڳ جي ڪـجھه بيتن مان منظوم سـامونڊي سـفـرنامن جا اهڃاڻ ملن ٿا.
ان کانسواءِ مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ جو ’زيارت نامو‘ ۽ مرزا قليچ جو ’ڏاڙهياري جبل جو سير‘ (1900ع) ابتدائي سفرناما آهن.
اڪبر لغاريءَ پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جو مختصر جائزو‘ ۾ سفرنامن جي ابتدا بابت لکيو آهي ته، ”سفرنامن لکڻ جي ابتدا مرزا قليچ بيگ، لال چند امرڏنيمل ۽ ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ ڪئي. اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي تحقيقي ڪتاب ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جي ٽئين جلد ۾ سنڌي سفرنامي جي ابتدا 1936ع کان ڄاڻائي آهي. سندس بيان موجب: سنڌيءَ ۾ ابتدا ۾ ڪي ڌرمي نوعيت جا سفرناما لکيا ويا آهن، جن ۾ اڪثر تيرٿ ياترائن جا احوال درج آهن، انهن ۾ سوامي ٻوڌراڄ چدا ڪاشيءَ جو گيان ياترا، ڪشمير جو سـيـر (1936ع) به هڪ آهي.
مهر خادم اوائلي سفرنامن جي فهرست هن ريت ڄاڻائي آهي، خـواجـه حـسـن جـان سرهـنـديءَ جـو لـکـيـل ’عـراق ۽ شـام جو سـفـرنـامـو‘، (1914ع)، لالـچــند امـر ڏنيـمل جـا ’مسافريءَ جـو مـزو‘ ۽ ’سير جو رنگ‘
(1915ع)، ’سنڌ جو سيلاني‘ ڀيرومل مهرچند (1923ع)، ’لطيفي سير‘ ڀيرومل مهرچند (1926ع)، سيد ثابت علي شاهه جو ’ايران ۽ عراق‘ (مرثيي ۾ منظوم سفرنامو: 1939ع) شامل آهن. سفرناما 1932ع ۾ شروع ٿيل آڳاٽي ادبي رسالي ’سنڌو‘ ۾ به مختلف وقت تي ڇاپيا ويندا هئا، جن ۾ منوهر داس ڪوڙيمل جو ’سمليءَ جو سير‘ (جنوري 1932ع)، ’موهين جي دڙي جو سير‘ هوتچند روچيرام (فبروري 1932ع)، مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جو سفرنامو ’حج جي ياترا‘ (ڊسمبر 1932ع)، بولچند وسو مل راڄپال جو سفرنامو ’سير جا ٽي ڏينهن‘ (اپريل 1937ع) ۽ شيام لعل جو سفرنامو (فبروري 1938ع) اچي وڃن ٿا.
ڊاڪٽر عبدالجبار جي راءِ موجب سنڌي ادب ۾ جديد سفرنامن جي باقاعدي شروعات 1950ع کان ٿي. اخبارن ۽ ادبي رسالن ۾ سفرنامن جي اشاعت کانپوءِ هن صنف کي ڪافي فروغ مليو. ابتدائي اهم سفرنامن ۾ قاضي عبدالمجيد عابد جو سفرنامو ’سفر يورپ جي ڊائري‘ (1960ع) آهي. هي سفرنامو ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان سال اڳ روزاني عبرت ۾ خطن جي صورت ۾ ڇپجندو هو. 1961ع ۾ زرعي ماهر ڪريم ڏني راڄپر جو ’آمريڪا جو سفر نامو‘ پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو. چين جي سفر بابت عبدالجبار جوڻيجي جو سفرنامو ’مائو جي ملڪ ۾‘ (1973ع) ۽ لنڊن، آڪسفورڊ ۽ ونڊسر جي سفر تي مبني سفرنامو ’ونڊسر محل جو مسافر‘ (1989ع) ڇپيا. سنڌ جي نامور صحافي شيخ عزيز جو سفرنامو ’مون لينن جو ڏيهه ڏٺو‘ 1975ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. مشهور سياح ابن بطوطه جي سنڌ ۽ هند جي سفرنامي ’عجائب الاسفار في غرائب الاديار‘ جو سنڌي ترجمو ’ابن بطوطه جو سفر‘ محمد ابراهيم عباسيءَ 1976ع ۾ ڇپرايو، ڊاڪٽر سليمان شيخ جو سفرنامو ’سون ورني ڌرتي‘ لبيا جي سفر تي آڌاريل هو، جيڪو 1976ع ۾ ڇپيو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ سفرناما الطاف شيخ لکيا آهن، جيڪي ڪتابي صورت ۾ 1971ع کان ڇپجڻ شروع ٿيا، جن جو تعداد 50 کان مٿي آهي. عبدالحئي پليجي به ويهارو کن سفرناما لکيا آهن. ان کان سواءِ تنوير عباسي (ڏوري ڏوري ڏيهه)، مدد علي سنڌي (شهر صحرا ڀانيان)، اسحاق انصاري (پرين هُن پار)، غلام نبي آگري (هنگلاج ۾ چانهه)، شيخ عزيز ’مون لينن جو ڏيهه ڏٺو‘، ڊاڪٽر احمد علي رند ’لينن جي ڏيهه ۾‘، اياز لطيف پليجي، محمد خان سيال، آفتاب ميمڻ ۽ ٻين جا سفرناما شايع ٿي چڪا آهن.سنڌي عورت ليکڪائن ۾ پهريون سفرنامو ڊاڪٽر فهميده حسين جو ’هوائن جي آڌار تي‘ ڇپيو. ان کانسواءِ ماهتاب محبوب جا ٻه سفرناما ’سرهي سرهي سار‘ ۽ ’ورهاڱي جو ورجاءُ‘ ڇپجي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن.
هندستان ۾ لکمي کلاڻيءَ جو سفرنامو ’من محل جا کنڊر‘، ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو روس جو سفرنامو ’جيئن ڏٺو هو مون‘، هري موٽواڻيءَ جا سنڌ جا سفرناما ’ماٽيءَ منجهه مهي‘ ۽ ’جڙيل جن سان جند‘، ريٽا شهاڻيءَ جا سفرناما ’جت منهنجا اوٺيئڙا‘ ۽ ’سفر در سفر‘ وغيره ڇپيل آهن.