سفيد پٽي مھم

سفيد پٽي مھم: هيءَ تحريڪ 6 ڊسمبر 1989ع تي ڪئناڊا جي شھر موٽنريال ۾ عورتن جي اجتماعي قتل جي واقعن تان شروع ٿي، جنهن ۾ 9 يونيورسٽين جي شاگردياڻين سميت 28 ماڻهو قتل ٿيا. هي واقعو اڪول پاليٽيڪنڪ نالي 25 سالن جي نوجوان يونيورسٽيءَ جي ڪلاس ۾ ڪيو. ان واقعي کان پوءِ هن پاڻ کي بہ ساڳيءَ رائفل سان ماري ڇڏيو. هن نوجوان جي کيسي مان هڪ خط نڪتو، جنهن ۾ لکيل هو تہ ننڍپڻ ۾ سندس والد مٿس تشدد ڪندو هو. هن پنھنجي تباهيءَ جو ذميوار انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورتن کي ڄاڻايو، جن کي هن قتل ڪرڻ ٿي گهريو. اهڙي انسانيت سوز واقعي ۽ ڪارڻ جي خبر پوڻ تي ڪئناڊا جي سڄاڻ حلقن غور ڪرڻ شروع ڪيو. واقعي جي مختلف سببن تي مختلف رخن کان بحث شروع ٿيو. ٻئي سال واقعي جي ورسي ملهائڻ سميت ڏينهن جي حوالي سان ’پٽي مھم'>سفيد پٽي مھم‘ جي شروعات ڪئي وئي، اڳتي هلي هن مھم دنيا جي سٺ ملڪن ۾ زور ورتو. هن مھم جي شروعات مائيڪل ڪو فمين ۽ ناليواري سياستدان جيڪ ليٽن ڪئي.
هيءَ مھم دنيا ۾ مردن پاران عورتن ٿي ٿيندڙ تشدد خلاف واحد بين الاقوامي مھم آهي.
هيءَ مھم هر سال 25 نومبر کان 6 ڊسمبر تائين هلائي وڃي ٿي، جنهن جي مقصدن ۾ هن واقعي ۾ قتل ٿيل عورتن جي ياد تازي ڪرڻ سميت اهڙن عملن جي خاتمي لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي. سفيد پٽي ٻڌڻ جو مقصد مردن پاران ان عھد کي ورجائڻ هوندو آهي تہ هو ڪڏهن بہ عورتن تي تشدد نہ ڪندا ۽ نہ وري ان تشدد کي جائز سمجهي خاموش ويهندا. مطلب تہ هن تحريڪ جو مقصد عورتن تي ڪنهن بہ قسم خلاف تشدد خلاف آواز اٿارڻ يا عورتن کي ڪمتر ڏيکارڻ واري رويي جو خاتمو آڻڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو