سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘ تجل شريف

سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘ تجل شريف

سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘ تجل شريف

سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘ تجل شريف

سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘

سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘: صوفي سلام الله شاهه عرف ’ٿرڌڻي‘، صوفي شاهه عنايت شهيد جو ننڍو فرزند هو ۽ 1130هه/1718ع ۾ پيدا ٿيو. هي سال شاهه عنايت شهيد جي شهادت جو سال آهي. ’انيس المساڪين‘ جي مصنف لکيو آهي ته سلام الله، والد جي شهادت وقت چاليهن ڏينهن جو هو. جڏهن صوفي شاهه عنايت جي شهادت جو وقت ويجهو آيو ته شاهه صاحب حويليءَ ۾ ويو، جتي سلام الله شاهه پينگهي ۾ ستل هو. شاهه عنايت پنهنجو تاج لاهي، مٿانئس رکيو ۽ صاحبزادي کي هنج ۾ کڻي هدايت ڪيائين ته هن جي ننڍي هوندي شادي ڪرائي ڇڏجو.
صوفي شاهه عنايت جي شهادت کان ڪجهه ڏينهن اڳ سلام الله شاهه کي ناناڻن ۾ گجرات طرف موڪليو ويو، جتي ڪيتروئي وقت رهيو، جڏهن 14- 15 سالن جو ٿيو ته ميرانپور موٽي آيو. سلام الله شاهه ننڍي هوندي شاهاڻي نموني رهندو هو، قيمتي ڪپڙا پائيندو هو ۽ وار وڏا رکندو هو. پر جوانيءَ جي شروعات ۾ اهي سڀ شوق ڇڏي، ڪفني پائي، فقيرن جي صلاح مشوري سان ٺٽي ۾ شاهه عبداللطيف ٺٽويءَ کان فيض حاصل ڪيائين. شاهه عبداللطيف ٺٽويءَ جي گهڻي اصرار جي باوجود شادي نه ڪيائين. فيض حاصل ڪرڻ کانپوءِ سڀئي سانگ ڇڏي سفر تي نڪري پيو.
’انيس المساڪين‘ موجب ”شاهه سلام الله کانئس موڪلائي واپس ميرانپور آيو، ڪوٽ جي دروازي تي بيهي، اتر پاسي ڏسي فرمايائين: ’ايڏانهن نه وڃبو‘. اهڙيءَ ريت اولهه ۽ ڏکڻ پاسي به ڏسي چيائين ’ايڏانهن به نه وڃبو‘، وري اوڀر پاسي نهاري چيائين ’ايڏانهن هلبو‘، ان طرح اوڀر جو رُخ ڪيائين، ۽ نه ڪوٽ اندر وڃي مائٽن کان موڪلايائين ۽ نه فقيرن سان ڳالهايائين. سڄي ٿر جو سفر ڪري، جيسلمير ۽ جوڌپور کان ٿيندو، ڏيرا ٿر (ضلعي خيرپور) جي هڪ ڀٽ (هاڻوڪي تجل شريف کان اٺ ميل اوڀر طرف) ديرو ڄمايائين ۽ اتي 11 ورهيه رهيو.
پير حسام الدين راشدي لکيو آهي ته: ”شاهه سلام الله سالن جا سال صحرا نوردي ڪندو رهيو. رياضت ۾ سخت اذيتون برداشت ڪندو رهيو ۽ ڪيترو وقت بيخودي ۽ محويت جي انتهائي عالم ۾ غرق هو. ڪن سالن پڄاڻان انهيءَ حالت مان ٻاهر نڪتو. مشهوريءَ کان بلڪل لڪندو وتندو هو.“
هو وڏو عرصو گوشه نشين رهيو ۽ پوءِ وري سير سفر ڪندو رهيو. صوفي سلام الله جڏهن هاڻوڪي ڀٽ (تجل) اچي وسائي ۽ سندس مريدن فقيرن ۾ واڌ آئي ۽ مشهوري وڌي، تڏهن نور محمد ڪلهوڙي کي کٽڪو ٿيو ته هي درويش سندس حڪومت لاءِ ڪو مسئلو نه پيدا ڪري وجهي. ’انيس المساڪين‘ ۾ لکيل آهي ته: ”اها خبر جڏهن نور محمد ڪلهوڙي کي پهتي ته صوفي سلام الله ساڳيءَ طرح [يعني شاهه عنايت شهيد واري روايت موجب] زور وٺي ويو آهي، سو وري هلاڪت ۾ اينداسين. هن جو اصل کان ئي حسد فقير صاحبن سان هو، تنهن کيس مارائڻ لاءِ تجويز رٿي، باقي ظاهر ۾ ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيو، جو (مغل بادشاهه) محمد شاهه صوفي صاحبن کي پروانا ڪڍي ڏنا هئا، تنهنڪري مخفي رٿ رٿيائين ۽ هڪ ماڻهوءَ کي ٽي دٻليون زهر قاتل جون ڏنائين، جن مان هڪ کاڌي ۾ ڏيڻي هئي، ٻي دٻلي سمهڻ واريءَ جاءِ تي لائڻ لاءِ هئي ته جيئن هو سمهي ته هڪدم مري وڃي ۽ ٽين دٻلي ميٽ ۾ وجهي ڏيڻ لاءِ هئي ته جيئن وهنجڻ وقت ان جي اثر سبب مري وڃي. هن ماڻهوءَ کي سمجهائي ڇڏيو هو ته ڪم پوري ڪرڻ کانسواءِ هرگز نه اچجان. اهو شخص آيو ۽ اچي صاحبن کي پيرين پيو. فقير صاحب جن کيس چيو ته، ابا! جيڪا تو کي امانت ملي آهي، سا ته اسان کي ڏي‘. هن شخص کي دهشت وٺي وئي، سو هڪدم ٽيئي دٻليون ڪڍي کڻي اڳيان رکيائين. پاڻ هڪڙي دٻلي، جيڪا کائڻ جي هئي، ان جي ڦڪي ڀريائون ۽ جيڪا لائڻ واري هئي، اها سڄي بدن کي مليائون ۽ ٽين جيڪا ميٽ ۾ وجهڻ واري هئي، سا سموري مٿي ۾ وجهي چادر پائي سمهي پيا. اٺن پهرن بعد اٿي ويٺا. اهڙي حالت ڏسڻ سان اهو ماڻهو ڏاڍو شرمسار ٿيو. موٽي وڃي ساري ڪيفيت وقت جي حاڪم جي اڳيان بيان ڪيائين. هن واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته نور محمد ڪلهو‎ڙي شاهه سلام الله کي زهر ڏيڻ جي سازش ڪئي، جيڪا ڪنهن نموني سان صوفي سلام الله محسوس ڪري ناڪام بڻائي ڇڏي.“
صوفي سلام الله 25 ذوالحج 1183هه/1766ع ۾ وفات ڪئي، کيس تجل ۾ دفن ڪيو ويو، پر ٿوريءَ دير کانپوءِ سندس عزيز آيا، جيڪي سندس مڙهه ڪڍائي کڻي ويا. جتي کيس تجل ۾ رکيو هئائون اتي هڪ ٿلهو جوڙي ڇڏيائون. غلام مهدي لکي ٿو ته، ”تڏهن ته چوندا آهن ته: هن بادشاهه جا هڏ جهوڪ ۾ ۽ سڏ تجل شريف ۾ آهن.“ جڏهن مير سهراب خان ٽالپر خيرپور جو حاڪم ٿيو، ته هن صوفي سلام الله جي ٿلهي (تجل ) تي مقبرو جوڙايو، جتي سندس فقيري ڌاڳا وغيره رکيل آهن. ان تجر کي ’تجل شريف‘ جو نالو ڏنو ويو. هتي هر سال 25 کان 27 ذوالحج تائين ميلو لڳندو آهي. جتي هند، سنڌ سميت ملڪ جي ٻين علائقن جا عقيدتمند اچن ٿا.
صوفي سلام اللهٿر ڌڻي‘ شاعر به هو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ننڍو معاصر هو. سندس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ملاقات هئي ۽ ان ملاقات جي حوالي سان سندس ڪجهه بيت ملن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته مٿس شاهه لطيف جو اثر هو. سلام الله شاهه ڪافي شاعري ڪئي هئي، پر سندس پنج بيت ملن ٿا، جن مان چار بيت شاهه لطيف ۽ سلام الله شاهه جي سوالن- جوابن تي مشتمل آهن. مثال طور هڪ هڪ بيت ڏجي ٿو:
شاهه لطيف: کٽي کنڀ کڻي ويا، جن ڪئو لڊاڻو لال،
پر تنين جي حال، ويٺي ڳوڙها ڳاڙئين.
سلام الله شاهه: ڪڪوري ڪاڪ وهي، جي سوڍا ٿي ڪاهين،
نيٺ مقابل ٿين، ٿامارو ميرا ڪپڙا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو