سلام شعري صنف

سلام (شعري صنف): شاعريءَ جي هن صنف جو تعلق محرم الحرام جي عزاداريءَ سان آهي. هي هڪ اهڙو مرثيو آهي، جيڪو غزل جي زمين ۾ لکيو وڃي ٿو. علم عروض جي ماهرن غزلن جي شعر جي جيڪا حد مقرر ڪئي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ سترهن بيت يا شعر هوندا آهن، پر سلام ۾ اهڙي ڪا بہ پابندي نہ آهي. هن صنف جا باني ايران جا شاعر آهن ۽ اتان کان اها صنف ننڍي کنڊ ۾ رائج ٿي. عروضي قاعدن مطابق ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان پهرين اها صنف سنڌ جي نامور مرثيہ گو شاعر سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائيءَ متعارف ڪرائي، ان کان پهرين هند توڙي سنڌ جا مڙئي شاعر سلام فارسيءَ ۾ چوندا هئا. مضمون جي لحاظ کان سلام هڪ غزل نما ڪلام آهي، جنهن ۾ پهريان چند شعر حمد، نعت ۽ منقبت جا هوندا ۽ باقي سمورا شعر ڪربلا جي واقعي ۽ امام حسين عليہ السلام جي تڪليفن ۽ شهادت تي مشتمل هوندا آهن. سلام سوزخوان ۽ مرثيہ خوان پنھنجي سريلي ۽ درديلي آواز ۾ پڙهي ماحول کي سوڳوار بڻائيندا آهن. سلام واري صنف ۾ ڪڏهن ڪربلا جي سڄي واقعي کي بيان ڪيو وڃي ٿو تہ ڪڏهن مخصوص شھيد جي شهادت بيان ڪئي وڃي ٿي. مثال طور: سلام واري صنف ۾ اڪثر ڪڏهن حضرت امام حسين عليہ السلام تہ ڪڏهن حضرت غازي ابوالفضل العباس رضہ جي شهادت جو سمورو احوال بيان ڪيو وڃي ٿو، ان کان سواءِ حضرت قاسم ابن حسن، حضرت علي اڪبر، حضرت علي اصغر ۽ معصوم بيبي سانئڻ سڪينه وغيرہ جو احوال پڻ سلام جي صنف ۾ ملي ٿو. اها تحقيق شده حقيقت آهي تہ سنڌي مرثيہ ۽ سلام جي صنف جو بانيڪار سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي آهي. ان کان سواءِ مرزا مراد علي بيگ سائل، آخوند محمد عالم خيرپوري، مسڪين ماڇي، مرزا فتح علي بيگ، مير محمد حسن علي خان ٽالپر، مرزا قاسم علي بيگ، مرزا ٻڍل بيگ، آغا نور محمد شاھہ، ناصر علي خواجه، مرزا گل حسن احسن ڪربلائي، مرزا عباس علي بيگ، مرزا امام علي بيگ، مرزا قليچ بيگ، مرزا اسد بيگ، مرزا قنبر علي بيگ، مرزا سڪندر علي بيگ، مرزا تصدق حسين بيگ، غلام محمد ڪمانگر، آخوند محمد عالم احقر، مرتضائي ٺٽوي، فدوي ٺٽوي، زمان شاھہ ساقي، صفدر حسين ميرزا ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جا سلام چيل آهن. هيٺ سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائيءَ جي هڪ سلام جو مطلع ڏجي ٿو:
شاھہ شهيدان حسين تو تي صلوات و سلام،
دين ۽ ايمان حسين تو تي صلوات و سلام.


هن صفحي کي شيئر ڪريو