سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘ تجل شريف

سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘ تجل شريف

سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘ تجل شريف

سلام الله شاهه ’ٿر ڌڻي‘ تجل شريف

سلام ﷲ شاھہ ’ٿر ڌڻي‘

سلام شاھہ ’ٿر ڌڻي‘: صوفي سلام شاھہ عرف ’ٿرڌڻي‘، صوفي شاھہ عنايت شھيد جو ننڍو فرزند هو ۽ 1130ھہ/1718ع ۾ پيدا ٿيو. هي سال شاھہ عنايت شھيد جي شهادت جو سال آهي. ’انيس المساڪين‘ جي مصنف لکيو آهي تہ سلام الله، والد جي شهادت وقت چاليهن ڏينهن جو هو. جڏهن صوفي شاھہ عنايت جي شهادت جو وقت ويجهو آيو تہ شاھہ صاحب حويليءَ ۾ ويو، جتي سلام شاھہ پينگهي ۾ ستل هو. شاھہ عنايت پنهنجو تاج لاهي، مٿانئس رکيو ۽ صاحبزادي کي هنج ۾ کڻي هدايت ڪيائين تہ هن جي ننڍي هوندي شادي ڪرائي ڇڏجو.
صوفي شاھہ عنايت جي شهادت کان ڪجهہ ڏينهن اڳ سلام شاھہ کي ناناڻن ۾ گجرات طرف موڪليو ويو، جتي ڪيتروئي وقت رهيو، جڏهن 14- 15 سالن جو ٿيو تہ ميرانپور موٽي آيو. سلام شاھہ ننڍي هوندي شاهاڻي نموني رهندو هو، قيمتي ڪپڙا پائيندو هو ۽ وار وڏا رکندو هو. پر جوانيءَ جي شروعات ۾ اهي سڀ شوق ڇڏي، ڪفني پائي، فقيرن جي صلاح مشوري سان ٺٽي ۾ شاھہ عبداللطيف ٺٽويءَ کان فيض حاصل ڪيائين. شاھہ عبداللطيف ٺٽويءَ جي گهڻي اصرار جي باوجود شادي نہ ڪيائين. فيض حاصل ڪرڻ کانپوءِ سڀئي سانگ ڇڏي سفر تي نڪري پيو.
’انيس المساڪين‘ موجب ”شاھہ سلام کانئس موڪلائي واپس ميرانپور آيو، ڪوٽ جي دروازي تي بيهي، اتر پاسي ڏسي فرمايائين: ’ايڏانهن نہ وڃبو‘. اهڙيءَ ريت اولھہ ۽ ڏکڻ پاسي بہ ڏسي چيائين ’ايڏانهن بہ نہ وڃبو‘، وري اوڀر پاسي نهاري چيائين ’ايڏانهن هلبو‘، ان طرح اوڀر جو رُخ ڪيائين، ۽ نہ ڪوٽ اندر وڃي مائٽن کان موڪلايائين ۽ نہ فقيرن سان ڳالهايائين. سڄي ٿر جو سفر ڪري، جيسلمير ۽ جوڌپور کان ٿيندو، ڏيرا ٿر (ضلعي خيرپور) جي هڪ ڀٽ (هاڻوڪي تجل شريف کان اٺ ميل اوڀر طرف) ديرو ڄمايائين ۽ اتي 11 ورهيہ رهيو.
پير حسام الدين راشدي لکيو آهي تہ: ”شاھہ سلام سالن جا سال صحرا نوردي ڪندو رهيو. رياضت ۾ سخت اذيتون برداشت ڪندو رهيو ۽ ڪيترو وقت بيخودي ۽ محويت جي انتهائي عالم ۾ غرق هو. ڪن سالن پڄاڻان انهيءَ حالت مان ٻاهر نڪتو. مشهوريءَ کان بلڪل لڪندو وتندو هو.“
هو وڏو عرصو گوشه نشين رهيو ۽ پوءِ وري سير سفر ڪندو رهيو. صوفي سلام جڏهن هاڻوڪي ڀٽ (تجل) اچي وسائي ۽ سندس مريدن فقيرن ۾ واڌ آئي ۽ مشهوري وڌي، تڏهن نور محمد ڪلهوڙي کي کٽڪو ٿيو تہ هي درويش سندس حڪومت لاءِ ڪو مسئلو نہ پيدا ڪري وجهي. ’انيس المساڪين‘ ۾ لکيل آهي تہ: ”اها خبر جڏهن نور محمد ڪلهوڙي کي پهتي تہ صوفي سلام ساڳيءَ طرح [يعني شاھہ عنايت شھيد واري روايت موجب] زور وٺي ويو آهي، سو وري هلاڪت ۾ اينداسين. هن جو اصل کان ئي حسد فقير صاحبن سان هو، تنهن کيس مارائڻ لاءِ تجويز رٿي، باقي ظاهر ۾ ڪجهہ بہ نہ پئي ڪري سگهيو، جو (مغل بادشاھہ) محمد شاھہ صوفي صاحبن کي پروانا ڪڍي ڏنا هئا، تنهنڪري مخفي رٿ رٿيائين ۽ هڪ ماڻهوءَ کي ٽي دٻليون زهر قاتل جون ڏنائين، جن مان هڪ کاڌي ۾ ڏيڻي هئي، ٻي دٻلي سمهڻ واريءَ جاءِ تي لائڻ لاءِ هئي تہ جيئن هو سمهي تہ هڪدم مري وڃي ۽ ٽين دٻلي ميٽ ۾ وجهي ڏيڻ لاءِ هئي تہ جيئن وهنجڻ وقت ان جي اثر سبب مري وڃي. هن ماڻهوءَ کي سمجهائي ڇڏيو هو تہ ڪم پوري ڪرڻ کانسواءِ هرگز نہ اچجان. اهو شخص آيو ۽ اچي صاحبن کي پيرين پيو. فقير صاحب جن کيس چيو ته، ابا! جيڪا تو کي امانت ملي آهي، سا تہ اسان کي ڏي‘. هن شخص کي دهشت وٺي وئي، سو هڪدم ٽيئي دٻليون ڪڍي کڻي اڳيان رکيائين. پاڻ هڪڙي دٻلي، جيڪا کائڻ جي هئي، ان جي ڦڪي ڀريائون ۽ جيڪا لائڻ واري هئي، اها سڄي بدن کي مليائون ۽ ٽين جيڪا ميٽ ۾ وجهڻ واري هئي، سا سموري مٿي ۾ وجهي چادر پائي سمهي پيا. اٺن پهرن بعد اٿي ويٺا. اهڙي حالت ڏسڻ سان اهو ماڻهو ڏاڍو شرمسار ٿيو. موٽي وڃي ساري ڪيفيت وقت جي حاڪم جي اڳيان بيان ڪيائين. هن واقعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ نور محمد ڪلهو‎ڙي شاھہ سلام کي زهر ڏيڻ جي سازش ڪئي، جيڪا ڪنهن نموني سان صوفي سلام محسوس ڪري ناڪام بڻائي ڇڏي.“
صوفي سلام 25 ذوالحج 1183ھہ/1766ع ۾ وفات ڪئي، کيس تجل ۾ دفن ڪيو ويو، پر ٿوريءَ دير کانپوءِ سندس عزيز آيا، جيڪي سندس مڙھہ ڪڍائي کڻي ويا. جتي کيس تجل ۾ رکيو هئائون اتي هڪ ٿلهو جوڙي ڇڏيائون. غلام مهدي لکي ٿو ته، ”تڏهن تہ چوندا آهن تہ: هن بادشاھہ جا هڏ جهوڪ ۾ ۽ سڏ تجل شريف ۾ آهن.“ جڏهن مير سهراب خان ٽالپر خيرپور جو حاڪم ٿيو، تہ هن صوفي سلام جي ٿلهي (تجل ) تي مقبرو جوڙايو، جتي سندس فقيري ڌاڳا وغيرہ رکيل آهن. ان تجر کي ’تجل شريف‘ جو نالو ڏنو ويو. هتي هر سال 25 کان 27 ذوالحج تائين ميلو لڳندو آهي. جتي هند، سنڌ سميت ملڪ جي ٻين علائقن جا عقيدتمند اچن ٿا.
صوفي سلام ٿر ڌڻي‘ شاعر بہ هو ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ننڍو معاصر هو. سندس شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ملاقات هئي ۽ ان ملاقات جي حوالي سان سندس ڪجهہ بيت ملن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ مٿس شاھہ لطيف جو اثر هو. سلام شاھہ ڪافي شاعري ڪئي هئي، پر سندس پنج بيت ملن ٿا، جن مان چار بيت شاھہ لطيف ۽ سلام شاھہ جي سوالن- جوابن تي مشتمل آهن. مثال طور هڪ هڪ بيت ڏجي ٿو:
شاھہ لطيف: کٽي کنڀ کڻي ويا، جن ڪئو لڊاڻو لال،
پر تنين جي حال، ويٺي ڳوڙها ڳاڙئين.
سلام شاھہ: ڪڪوري ڪاڪ وهي، جي سوڍا ٿي ڪاهين،
نيٺ مقابل ٿين، ٿامارو ميرا ڪپڙا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو