سلطان باهو جي خيالي تصوير

سلطان باهو جي خيالي تصوير

سلطان باهو

سلطان باهو: حضرت سلطان باهو، پنجاب جو مقبول ترين صوفي، عالم، عارف ۽ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندن والد جو نالو سلطان بازيد محمد هو. حضرت باهو، سن 1039ھہ مطابق 1629ع ۾، شورڪوٽ، ضلعي جهنگ ۾ پيدا ٿيو. جڏهن تہ سيد سبطين گيلاني لکي ٿو تہ ”غالباً ملتان ۾ ڄائو، اتي ننڍپڻ گذاريائين ۽ پوءِ ملتان جي پرڳڻن مان هڪ پرڳڻي شورڪوٽ... مان ’هو هو‘ جون اهڙيون صدائون بلند ٿيون جو سبحان ﷲ!“ (حوالو: ملتان ڪي صوفيانه شاعري، ص 51). سندن ماءُ جو نالو بيبي راستيرح هو. سندن والد حضرت بازيد محمد خوشحال زميندار خاندان سان واسطو رکندو هو، پر سندن عزت ۽ احترام جو حقيقي ڪارڻ سندن ذاتي شرافت ۽ سندن بزرگن جي پارسائي هئي، جنهن جي هاڪ ان حد تائين هئي، جو مغل بادشاھہ بہ هن خاندان جي عزت ڪندا هئا. حضرت سلطان باهوءَ جو نسب ستاويهين پيڙهيءَ ۾ حضرت علي عليہ السلام سان ملي ٿو. چون ٿا تہ ڪربلا جي واقعي کانپوءِ جڏهن سندن بزرگن لاءِ عربستان جي زمين تنگ ٿي پئي تہ اهي خراسان ۽ افغانستان کان ٿيندا اچي شورڪوٽ (موجودہ ضلعي جهنگ، پنجاب) ۾ آباد ٿيا. حضرت سلطان باهوءَ جي ماءُ زاهد، عابد ۽ پرهيزگار هئي، جنهن پنھنجي فرزند جو نالو ’باهو‘ (با+ هُو) رکيو ۽ سندس تربيت ئي کين ’حضرت سلطان باهو (اسم بامسميٰ) بنايو. ابتدائي تعليم، بامقصد علم ۽ ’هُو‘ () جي الفت کيس ماءُ کان ملي. هڪ روايت موجب سندس نالو عبدالوهاب رکيو ويو. سندن روحاني فيض جي نسبت شاھہ حبيب بغدادي ۽ شاھہ عبداللطيف دهلويءَ سان بيان ڪئي وڃي ٿي، پر اُن جو مستند ثبوت نہ ٿو ملي، نہ ئي سندن ڪلام مان ڪا اهڙي شاهدي ملي ٿي، البت سندن چواڻي کين سڄو فيض صوفين جي ’اويسي‘ طريقي موجب رسول اڪرم صلي علي وسلم کان حاصل ٿيو: گرچه نيست مارا علم ظاهر، زِ علمِ باطني جان گشته طاهر (عين الفقر) دست بيعت کردمارا مصطفيٰ ولد خود خواندست مارا مصطفيٰ. سندن روحاني ڪمالات جي ڪري کين ’سلطان العارفين‘ سڏيو ويو، جنهن نسبت سان ’سلطان باهو‘ مشھور ٿيا. کين عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل هو. جذب ۽ مستيءَ، عشق ۽ آگهيءَ سندن ذهن کي جولاني عطا ڪئي. چيو وڃي ٿو تہ فارسيءَ ۾ سلطان باهوءَ 140 ڪتاب لکيا، جن مان 31 ڪتاب ملن ٿا، جن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن: ’اسرارِ قادري‘، ’امير الڪونين‘، ’توفيق الھدايت‘، ’جامع الاسرار‘، ’حجت الاسرار‘، ’عقل بيدار‘، ’ديوان باهو‘، ’رساله روحي‘، ’شمس العارفين‘، ’مفتاح العارفين‘، ’عين العارفين‘، ’عين الفقر‘، ’قرب ديدار‘، ’ڪشف الاسرار‘، ’محبت الاسرار‘، ’محڪم الفقراء‘، ’نورالهديٰ صغير‘، ’نورالهديٰ ڪبير‘، ’سھ حرفي‘ وغيرہ. سندن پنجابي زبان ۾ شاعريءَ جو صرف هڪڙو ڪتاب ’ابيات باهو‘ يادگار آهي، جنهن کي مختلف مرتبن: ’ابيات باهو‘ (عبدالمجيد ڀٽي)، ’هو دي بيت‘ (ممتاز بلوچ)، ’ڪلام سلطان باهو‘ (محمد آصف خان)، ’ابيات سلطان باهو‘ (محمد بشير چوڌري)، ’ڪلام باهو‘ (عالم فقري)، ’ڪلام باهو‘ (شيخ فضل الدين)، ’مجموعه ابيات سلطان باهو‘ (ملڪ چنن دين)، ’ابيات باهو‘ (عبدالغفور اظهر)، ’حيات و تعليمات اور ڪلام باهو‘ (خالد پرويز ملڪ) وغيرہ مطلب تہ سندن پنجابي شاعري ’ابيات باهو‘ ۽ ’ڪليات باهو‘ جي نالي سان ئي سنڌ ۽ پنجاب ۾ مشھور آهي. مشھور اديب عبدالمجيد ڀٽي، سلطان باهوءَ لاءِ لکي ٿو ته، ”هو حضوري ۽ منظوريءَ جو قائل هو. وصل الاهي سندن مطمع نظر هو، جنهن لاءِ فنا في الشيخ، فنا في الرسول ۽ فنا في جا درجا سندن نظر ۾ لازمي هئا ۽ اها ئي تعليم سندن حياتيءَ جو مقصد هئي. حضرت سلطان باهوءَ کي ’پنجابي صوفي شاعرن‘ ۾ امتيازي مقام حاصل هو. هن رمزيت ۽ تصوف جي خاص اصطلاحن کان ڪم نہ ورتو ۽ نہ ئي ڪنايي ۽ استعاري ۾ ڪا ڳالھہ ڪئي، پر جيڪي ڪلام چيو، سو صاف ۽ سڌي اسلوب ۾ بيباڪ نموني اهڙيءَ تہ محويت ۾ چيو هو، جو سڌو دل تي اثر ڪري ٿو: دل درياھہ، سمندرون ڏونگها، ڪون دلان ديان جاڻي هو، وچي ٻيڙي، وچي جهيڙي، وچي ونجهہ مهاڻي هو! باهو سلطان پنهنجن بيتن/ ڏوهيڙن ۾ حقيقت ۽ طريقت جي واٽ جو بيان ڪيو آهي ۽ پنجاب جي سرزمين جو مانُ وڌايو آهي. هن نہ رڳو عام ماڻهن جي زبان ۾ شاعري ڪئي آهي، پر شاعريءَ جي اڻت ۾ ’سي حرفيءَ‘ جو اضافو ڪيو آهي. باهوءَ جهڙي ’سي حرفي‘ ڪو شاعر لکي نہ سگهيو آهي. پنجابيءَ جو مشھور استاد پروفيسر ڊاڪٽر اجيت سنگهہ سڪه لکي ٿو، ”ٽيھہ حرفيءَ جو مطلب آهي ٽيھہ اکر، جڏهن اکر اٺاويهن مان 30 ٿيو پون“. حضرت سلطان باهوءَ ’سي حرفيءَ جي جيڪا اڻت متعارف ڪرائي اها چئن چئن مصرعن جي قافيه بند شاعري آهي، جن چئني مصرعن ۾ قافيو ۽ رديف ڪم آندو ويندو آهي ۽ هر بند ۾ مختلف مضمون منظوم/ پابند ڪيو ويندو آهي. سندن سي حرفيءَ جي بندن کي ميان محمد بخش ’ڏوهيڙا‘ سڏيو آهي. ڦر سلطان باهو هڪ هويا، خاصا مرد حقاني، ڏوهيڙي پاڪ زبان اوهدي دي روشن ڏوهين جهاني! سندن ’سي حرفي‘ جي بند کي عام طرح ’بيت‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. حضرت سلطان باهو پنھنجي ’سي حرفي‘، ’الف ‘ کان شروع ڪري ’هو‘ تي پوري ڪري ٿو. سندس سڄي سي حرفي ’ هو‘ جي گهيري ۾ گهمندي رهي ٿي. سندس ڪلام جو سر، سرور، ميٺاج، ذڪر ۽ فڪر ماڻهوءَ جي قلب ۽ روح کي سڪون رسائي ٿو. حضرت سلطان باهوءَ جي ’سي حرفي‘ پنجابي شاعريءَ ۾ خاص مقام رکي ٿي. سندن شاعريءَ ۾ فقيري ٻول، مستيءَ جو جذبو، سچي روحانيت، مرشد جي ضرورت، پاکنڊين جي مخالفت، نهٺائي ۽ هر سٽ جي آخر ۾ ’هو‘ جو تڪرار، کيس ٻين کان منفرد بنائي ٿو. پروفيسر ڊاڪٽر اسلم رانا لکي ٿو ته، ”حضرت سلطان باهو اُهو پهريون شاعر آهي، جنهن پنجابي شاعريءَ کي، جيتريقدر تصوف جي مضمون بيان ڪرڻ جو واسطو آهي، هڪ نئون رنگ ۽ آهنگ عطا ڪيو آهي، ۽ اهو رنگ ئي آهي، جيڪو اڳتي هلي پنجاب جي اڪثر صوفي شاعرن ڪم آندو.“ پروفيسر ڊاڪٽر عصمت زاهد جو خيال آهي ته، ”سلطان باهوءَ پنھنجي شاعريءَ کان اهو ڪم ورتو اهي، جيڪو حضرت بابا فريد شڪر گنج ۽ نوشه گنج بخش پنھنجي شاعريءَ کان ورتو. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ جھڙا نوان نوان موضوع بيان ڪيا آهن، تن مان ’عشق‘ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي.“ الف ايمان سلامت هرڪوئي منگي، عشق سلامت ڪوئي هو، منگن ايمان، شرماون عشقون، دل نون غيرت هوئي هو، جس منزل نون عشق پنهنچائي، ايمان خبر نہ ڪوئي هو، ميرا عشق سلامت رکين باهو، ايمانون ديان دروهي هو! سلطان باهوءَ جي شاعري زبان جي لحاظ کان سادي، پر فني خوبين جي خيال کان نهايت اعليٰ آهي. فلسفي، تصوف، حال ۽ قال جي مضمونن کي آسان ۽ دلڪش انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ملڪوتي صلاحيت کيس پنجابي شاعريءَ ۾ منفرد ۽ ممتاز مقام ڏنو آهي. سندس پنجابي بيتن کي جيڪا عوامي مقبوليت حاصل ٿي، سا تخليقي سطح تي ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ نہ آئي. غلام رباني آگرو لکي ٿو ته، ”سلطان باهو اهو درويش منش شاعر هو، جنهن جو ڪلام پنجن درياهن جي سرزمين ۾ ڇهين درياھہ وانگر موج زن آهي. هن تصوف کي اُن جذبي ۽ انهماڪ سان ڪم آندو آهي، جو سندس شاعري تسبيح جي مڻين وانگر ’ هو، هو‘ جو ورد ڪندي ٻُڌجي ٿي.“ پروفيسر پريشان خٽڪ لکي ٿو ته، ”حضرت سلطان باهوءَ جو ڪلام دل ۽ روح جي اٿاھہ گهاين مان نڪري ٻڌندڙ جي دل ۽ روح ۾ ائين لھي وڃي ٿو، جو شاعريءَ کان وڌيڪ سلطان باهوءَ جي ڪرامت جو گمان ٿئي ٿو.“ اورنگزيب جو زمانو ڪو ايترو پري جو زمانو نہ آهي، پر سلطان باهوءَ جي خاندان وٽ باهوءَ جو هٿ اکري ڪو مسودو موجود نہ آهي. عام ماڻهن باهوءَ جي شخصيت ۽ ڪلام سان سچو پچو پيار بلڪ عشق ڪيو آهي، جنهنڪري باهوءَ جي عاشق سندس ڪلام کي وڏي چاھہ ۽ پيار سان ياد ڪيو ۽ قلمبند ڪيو. سندس بيت سنڌي، فارسي، گرمکي، هر رسم الخط ۾ لکيل ملن ٿا. بزرگن يادگيرين ذريعي لکيا، قوالن سيني کان سيني تائين پهچايا. پنجاب جي هر لهجي ۾ سندن بيت لکيا ويا، نتيجي طور سنڌ، بلوچستان، ماجهي، پوٺوهار، ملتان، بھاولپور ۽ ديرن جي علائقن ۾ ماڻهن پنهنجا پنهنجا لفظ سندس ڪلام ۾ ملائي ڇڏيا، پر چيو وڃي ٿو تہ ممتاز بلوچ سندس ڪلام کي ڇنڊي ڇاڻي جهنگ جي لهجي واري ٻوليءَ ۾ ترتيب ڏئي ڇپائي وڏو ڪارنامو ڪيو آهي. سلطان باهوءَ لاءِ سنڌ ۾ وڏي عقيدت پاتي وڃي ٿي. سنڌ جي اترين ضلعن: سکر، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي وغيرہ ۾ سلطان باهوءَ جا ڪيترا تڪيا ۽ ڪيتريون درگاهون سندس فڪر سان وابستہ آهن ۽ سلطان باهوءَ کي سنڌ ۾ شاھہ لطيف ۽ سچل کانپوءِ وڏي عوامي مقبوليت حاصل آهي. موجودہ دور جو عظيم جديد شاعر بہ سلطان باهوءَ کان حد درجي تائين متاثر هو. شيخ اياز تصوف توڙي سريت پسندي (Mysticism) جو وسيع مطالعو ڪيو هو، جيڪا سندس لفظن ۾ ’نفس جي گهراين مان اُڀري مشاهدو ۽ ڪشف ڪوٺجي ٿي.‘ هن ويدانت، ٻڌمت، جين مت، تائو مت، سريت پسندي ۽ اسلامي تصوف جو وسيع مطالعو ڪيو هو. سندس راءِ ۾ اسلامي تصوف تي يوناني ۽ هندي سريت پسنديءَ جو گهرو اثر آهي. صوفي، ويدانيتن ۽ سريت پسندن وٽ ان جي اظهار جون ون ون واٽون آهن، جيڪي ’دنيا ئي زندگيءَ‘ جي ماورائي نظام سان خوشگوار تعلق پيدا ڪن ٿيون، اُن معيار تي شيخ اياز جي نظر ۾ هند جا ويدانتي شاعر ۽ سنڌ ۽ پنجاب جا صوفي شاعر پورا لھن ٿا. اياز لکي ٿو ته، ”پنجاب ۾ سلطان باهو، بلهي شاھہ ۽ شاھہ حسين ان جا بھترين مثال آهن، ۽ سنڌ ۾ تہ شاھہ، سچل ۽ ساميءَ کي هرڪو ٽمورتي ڪوٺي ٿو.“ (ڪونجون ڪرڪن روھہ تي: مهاڳ)
شيخ اياز هڪ پورو ڪتاب ’سلطان باهو‘ جي نالي لکيو هو ۽ ان سان منسوب ڪيو هو، جنهن جو نالو هن ’هي جي نهرون ننڊ جون‘ رکيو هو. ان مان 90 چوسٽا، هڪ پبلشر، شيخ اياز جي ڪتاب ’ڪونجون ڪرڪن روھہ ۾ ‘ ۾ شامل ڪري ڇڏيا هئا، باقي رهيل چوسٽن جو تعداد 227 آهي، جيڪي شيخ اياز جي شاعريءَ جي ثقافت کاتي سنڌ طرفان ڇپيل ڏهين جلد ۾ شامل ڪتاب ’هي جي نهرون ننڊ جون‘ ۾ شامل آهن. ’ڪونجون ڪرڪن روھہ ۾‘ وارن 90 چوسٽن مان 14 ۾ شيخ اياز، سلطان باهوءَ وانگر قافيي کان پوءِ ’هو‘ جو استعمال ڪيو آهي، جڏهن تہ ’هي جي نهرون ننڊ جون‘ جي 227 چوسٽن مان 95 ۾ ’هو‘ جو استعمال ٿيل آهي، جنهن مان اياز تي سلطان باهوءَ جي اثر جي ڄاڻ پوي ٿي. اياز لکي ٿو: ”باهوءَ چوسٽا لکيا آهن. پنجابيءَ ۾ دوها ٻہ سٽا بہ هوندا آهن، جيئن شيخ فريد شڪر گنج جا دوها آهن ۽ چوسٽا بہ هوندا آهن، جيئن سلطان باهوءَ جا آهن. باهوءَ جي هر سٽ جو پويون لفظ ’هو‘ آهي، جو انساني روح کي ڪٿان جو ڪٿي ٿو پهچائي ڇڏي! مون بہ هر دوهي ۾ ’هو‘ لکيو آهي. . . باهو دارا شڪوہ جو همعصر هو، 1230ھہ ۾ جنهن نہ رڳو ’سڪينة الاوليا‘ ۽ ’سفينة الاوليا‘ جھڙا ڪتاب لکيا هئا، پر ڪابل ڏانهن ڪاھہ ڪندي رستي تي فارسيءَ ۾ اُپنشندن جو ترجمو بہ ڪيو هو. هن جي انسان دوستي ضرب المثل بنجي وئي آهي. انهيءَ ۽ هن جي مرشد ميان مير، سلطان باهوءَ وانگر قادري سلسلي ۾ بيعت ڪئي هئي. . .“ اياز وڌيڪ لکي ٿو تہ ”مون باهوءَ تان چوسٽي جو فارم کنيو آهي، جيئن ساميءَ تان سلوڪ جو ۽ ڀٽائيءَ تان بيت جو فارم کنيو آهي . . . منهنجو پيءُ، مون کي ننڍي هوندي باهوءَ جي هيٺين سٽ ٻڌائيندو هو (هو باهوءَ جو متعقد هو ۽ ڪيئي ڀيرا هن جي مزار تي ويو هو). تن من ميران ليران ليران، جيون درزي دي ليران هُو! اياز لکي ٿو ته، ”اها سٽ منهنجي دل تي اڪرجي وئي هئي ۽ اڃا تائين ياد اهي“- ۽ پوءِ مهاڳ جي آخر ۾ باهوءَ جو هيٺيون دوهو درج ڪري ٿو: عشق ديان اولڙيان گلان، شرع ٿين دور هٽاوي هو، قاضي ڇوڙ قضاوين جاون، عشق طماچين لاوي هو، لوڪ اياڻي متين ڏيندين، عاشق مت نہ ڀاوي هو، مڙڻ محال تنهان نون باهُو، جنهان صاحب آپ بُلاوي هو! سلطان باهوءَ جمادي الثاني جي پهرين خميس 1102ھہ مطابق 1690ع ۾ وفات ڪئي. سندس عرس هر سال جمادي الثانيءَ جي پهرين خميس تي سندس درگاھہ نزد ڳڙھہ، مهاراجه، ضلعي جهنگ ۾ ٿيندو آهي، جتي ڏيھہ پرڏيھہ مان لکين عقيدتمند اچي سلامي ٿيندا آهن. ’ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آڳھ اُن جي!‘ (شاھہ) سلطان باهوءَ جي پهرين مزار 1102ھہ مطابق 1690ع ۾ شورڪوٽ کان اتر طرف درياھہ جي وچ واري علائقي قلعي قرهگان ۾ ٺاهي وئي، جيڪا دريا بُرديءَ سبب ٻيهر لڏائي 1192ھہ مطابق 1778ع ۾ درياھہ جي اتر طرف ’چاھہ سمندري‘ وٽ ٺاهي وئي، جنهن کي اڄ بہ پراڻي درٻار شريف سڏيو وڃي ٿو. درياھہ جي ٻوڏ سبب سلطان باهوءَ جي ٽي ۽ موجودہ مزار 1336ھہ مطابق 1918ع ۾، سندس سجادہ نشين، محمد امير سلطان جي زماني ۾ جُڙي. هيءَ مزار مبارڪپور، ضلعي جهنگ جي ڳوٺ ڳڙھہ، مهاراجه کان اولھہ طرف ٽن ميلن جي پنڌ تي آهي، جتي ئي سندس عرس ٿيندو آهي ۽ عقيدتمند اچي حاضري ڀريندا آهن.


لفظ سلطان باهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو