سلطان ڪوٽ: هي شھر سلطان احمد خان پٺاڻ آباد ڪيو هو، جيڪو ميرن حاڪمن جي ڏينهن ۾ افغانستان کان هجرت ڪري آيو هو. هي شھر شڪارپور کان اتر طرف 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. شروع ۾ سلطان احمد خان هتي هڪ ڪوٽ ڪڍرايو هو، جنهنڪري ’سلطان ڪوٽ‘ سڏجڻ لڳو. سردار سلطان احمد خان پٺاڻ کي محمد رحيم خان ۽ ارسلان خان نالي ٻہ فرزند هئا. آغا غلام نبي پٺاڻ، سلطان احمد خان عرف سردار ڀورا خان، ميجر عطا محمد ۽ آغا طارق جو شمار هتان جي سياسي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. موجودہ دور ۾ آغا تيمور خان بہ سياسي ميدان ۾ پنھنجي وڏن جي جاءِ والاري آهي، جنهن جو تعلق بہ هن شھر سان آهي. هن شھر جي آبادي 30 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. هتان جي زمين ڪلراٺي هئڻ سبب پاڻي ڪڙو آهي، ان ڪري ٻاهران ٽيوب ويل ذريعي پاڻي ايندو آهي. ورهاڱي کان اڳ هتي هندن جي ڪافي آبادي هئي. هن وقت هتي بابڙ، ڪاڪڙ، ترين، گاڙي، پانيزئي، خجڪ ۽ شيرواني پٺاڻ، سيد، لوڊرا، دايا، ڪيهر، راڄپوت، چنا، سومرا، انصاري، ڪنڀار، لانگاھہ لاشاري، ڪاڪيپوٽا، عباسي، شيخ، جمالي، ڀرچونڊ ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا. هي شھر علم ۽ ادب جي لحاظ کان مشھور آهي. هتي ريلوي اسٽيشن، پوليس ٿاڻو، سرڪاري اسپتال، گورنيمينٽ بوائز هاير سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول،گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول، گورنمينٽ پرائمري گرلس اسڪول موجود آهن.