سليمان شاھہ لڪياري

سليمان شاھہ لڪياري: هي سنڌ جو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ’ڪافيون‘ موجب سيد سليمان شاھہ، لڪياري ساداتن مان هو. موري تعلقي جي پرڻ ڳوٺ ۾ ڄائو، پوءِ لڏي اچي جعفر وڳڻ جي ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ ان بعد ٻروچ ڏاهري ڳوٺ ۾ رهيو. وڏيءَ همت وارو هر هاري هو ۽ نو لکي واھہ تي نار چاڙهيندو هو. پير پاڳاري حزب شاھہ جو سچو معتقد ۽ حر مريد هو. ڳوٺ کان درگاھہ تائين پيادل ويندو هو. سليمان شاھہ عبادت ۽ سخاوت ۾ بہ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس طالبن ۽ مريدن مان ميانداد فقير لغاري وڏو درويش ٿي گذريو آهي، جنهن جي خانقاھہ ڪوٽ مير، تعلقي روهڙيءَ ۾ آهي. علي بخش فقير ڏاهري، دودو فقير ڏاهري ۽ ٻيا پڻ سليمان شاھہ جي مريديءَ مان درويش ٿيا. سندس 43 ڪافيون مختلف ڪتابن جي قلمي نسخن ۾ آهن.
سليمان شاھہ لڪياريءَ، 10 رجب 1313ھہ/ 27 ڊسمبر 1895ع تي وفات ڪئي. سندس مزار مرزان ڏاهريءَ جي ڳوٺ ۾ آهي. سندس ڪافي نموني طور پيش ڪجي ٿي، جيڪا سنڌ جي مشھور راڳي ڀڳت ڪنوررام ڳائي هئي، ان کانپوءِ سنڌ جي ڪيترن ناليوارن ڳائڻن ڳاتي آهي:
ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان،
ڏَس ڪو ڏانءُ
اچ تہ پيارل ڪريون پرچاءُ،
ساڻ ’سليمان‘ جي ٿئي سرچاءُ،
لائق ناهيان تہ بي تُنهنجڙي آهيان...


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.12.27  عيسوي

سليمان شاهه لڪياريءَ، 10 رجب 1313هه/ 27 ڊسمبر 1895ع تي وفات ڪئي. سندس مزار مرزان ڏاهريءَ جي ڳوٺ ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقبال علامہ ڊاڪٽر
جويو دادن فقير
خانڻ چنجڻي
احمد خان گلزار
انور هالائي
چانڊيو عاشق
گل محمد رند
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
محمد حسين شوقي ٺٽوي
علڻ الستي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون