سليمان شاھہ لڪياري

سليمان شاھہ لڪياري: هي سنڌ جو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ’ڪافيون‘ موجب سيد سليمان شاھہ، لڪياري ساداتن مان هو. موري تعلقي جي پرڻ ڳوٺ ۾ ڄائو، پوءِ لڏي اچي جعفر وڳڻ جي ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ ان بعد ٻروچ ڏاهري ڳوٺ ۾ رهيو. وڏيءَ همت وارو هر هاري هو ۽ نو لکي واھہ تي نار چاڙهيندو هو. پير پاڳاري حزب ﷲ شاھہ جو سچو معتقد ۽ حر مريد هو. ڳوٺ کان درگاھہ تائين پيادل ويندو هو. سليمان شاھہ عبادت ۽ سخاوت ۾ بہ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس طالبن ۽ مريدن مان ميانداد فقير لغاري وڏو درويش ٿي گذريو آهي، جنهن جي خانقاھہ ڪوٽ مير، تعلقي روهڙيءَ ۾ آهي. علي بخش فقير ڏاهري، دودو فقير ڏاهري ۽ ٻيا پڻ سليمان شاھہ جي مريديءَ مان درويش ٿيا. سندس 43 ڪافيون مختلف ڪتابن جي قلمي نسخن ۾ آهن.
سليمان شاھہ لڪياريءَ، 10 رجب 1313ھہ/ 27 ڊسمبر 1895ع تي وفات ڪئي. سندس مزار مرزان ڏاهريءَ جي ڳوٺ ۾ آهي. سندس ڪافي نموني طور پيش ڪجي ٿي، جيڪا سنڌ جي مشھور راڳي ڀڳت ڪنوررام ڳائي هئي، ان کانپوءِ سنڌ جي ڪيترن ناليوارن ڳائڻن ڳاتي آهي:
ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان،
ڏَس ڪو ڏانءُ
اچ تہ پيارل ڪريون پرچاءُ،
ساڻ ’سليمان‘ جي ٿئي سرچاءُ،
لائق ناهيان تہ بي تُنهنجڙي آهيان...


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.12.27  عيسوي

سليمان شاهه لڪياريءَ، 10 رجب 1313هه/ 27 ڊسمبر 1895ع تي وفات ڪئي. سندس مزار مرزان ڏاهريءَ جي ڳوٺ ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند آگيڏنو
فقير مهدي شاھہ جھانيان
عاشق هالائي
احمد شاڪر
سيد رحمت ﷲ بکري
ڀائي ڌرمداس
اختر درگاهي
ڪونج بلوچ
جهنگل شاھہ مست
عبدالقادر چولياڻي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون