سامونڊي ۽ مها سامونڊي طوفان

سامونڊي ۽ مها سامونڊي طوفان

ڀونوج سمنڊ

ڀونوج سمنڊ

عربي سمنڊ

عربي سمنڊ

ڳاڙهو سمنڊ

ڳاڙهو سمنڊ

بيرنگ سمنڊ

بيرنگ سمنڊ

پيسفڪ وڏو سمنڊ

پيسفڪ وڏو سمنڊ

ائتلانتڪ وڏو سمنڊ

ائتلانتڪ وڏو سمنڊ

ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جا وهڪرا

ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جا وهڪرا

هندي سنڌي وڏو سمنڊ

هندي سنڌي وڏو سمنڊ

ڏاکڻو ڄميل وڏو سمنڊ/ ائنٽارڪٽڪ وڏو سمنڊ

ڏاکڻو ڄميل وڏو سمنڊ/ ائنٽارڪٽڪ وڏو سمنڊ

اتريون ڄميل وڏو سمنڊ/ آرڪٽڪ وڏو سمنڊ

اتريون ڄميل وڏو سمنڊ/ آرڪٽڪ وڏو سمنڊ

ميڪسيڪو نار/کاري

ميڪسيڪو نار/کاري

ڪئليفورنيا نار/کاري

ڪئليفورنيا نار/کاري

بينگال وارو اپسمنڊ

بينگال وارو اپسمنڊ

لوئل: 2500 ق.م ۾ جوڙايل سنڏوتهذيب جو قديم مندر

لوئل: 2500 ق.م ۾ جوڙايل سنڏوتهذيب جو قديم مندر

سمنڊ وڏاسمنڊ ۽ ٻيا سامونڊي ماڳ

سمنڊ/ وڏاسمنڊ ۽ ٻيا سامونڊي ماڳ (Sea, Ocean and other Water Bodies): ڀون وگيان (Geology)، جاگرافي (Geography) ۽ سامونڊي سائنس (Oceanography) موجب سمنڊ/ وڏا سمنڊ، ڌرتيءَ جي پاڻيهاري منڊل (Hydrosphere) جو هڪ مکيه حصو آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي 71 سيڪڙو مٿاڇري تي پکڙيل آهن. اِهو سامونڊي حصو سڄي جو سڄو لوڻياٺو آهي. سامونڊي سائنس (Oceanography) جي لحاظ کان سمنڊ (Sea) ۽ وڏي سمنڊ (Ocean) ۾ فرق آهي. سمنڊ، ڪنهن وڏي سمنڊ جو حصو ٿئي ٿو، جنهن سان ڪٿي نه ڪٿي زمين وڃي جُڙي ٿي، پر جيڪڏهن سمنڊ مڪمل طور زمين سان گهيريل آهي ته ان کي اندروني سمنڊ/ زميني سمنڊ (Inland Sea) چئبو. وڏن سمنڊن جو لوڻياٺو پاڻي وشال ۽ اڻ کٽ هوندو آهي ۽ ان کي ڪي به حدون نه هونديون آهن. ان ڪري سمنڊ، مهاسمنڊ کان تمام ننڍو ٿئي ٿو.
هر سمنڊ کي مٿيون کنڊائتو پاڻيارو مٿاڇرو (Continental Shelf)، ٿيندو آهي، جنهن ۾ اُها سامونڊي جيوت پلجي ٿي، جيڪا انساني پيٽ قوت جو ذريعو رهي آهي. ان کانپوءِ کنڊائتي لاهي (Continental Slope) ۽ گهريون کاهيون (Trenches) آهن. سامونڊي ڪنارن سان تمر جا ٻيلا (Mangroves Forest) ۽ مرجاني ٽڪريون (Coral Reefs) الڳ آهن.
دنيا ۾ هن وقت وڏي ۾ وڏو سمنڊ، پئسفڪ وڏو سمنڊ (Pacific Ocean) آهي، جنهن کي تمام وڏن سمنڊن جو ابو (Father of Oceans) سڏجي ٿو، جنهن جي پکيڙ 155,557,000 چورس ڪلوميٽر آهي. هن جي شڪل ٽڪنڊي (Triangle shape) جهڙي وڃي بيهي ٿي، اها شڪلي بيهڪ ايشيا، ڏکڻ آمريڪا ۽ اتر آمريڪا جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته ننڍي ۾ ننڍو مهاسمنڊ آرڪٽڪ سمنڊ (Arctic ocean)، هڪ ٿڌو ۽ برفيلو وڏو سمنڊ آهي، جيڪو 14,056,000 چورس ڪلوميٽر ايراضي والاري ٿو.
دنيا ۾ پنج وڏا سمنڊ (Oceans) آهن، جن مان ٽي وڏا سمنڊ لوڻياٺي پاڻيءَ وارا ۽ ٻه مهاسمنڊ ٿڌا برفيلا سمنڊ آهن، جيڪي اتر ۽ ڏکڻ قطب ڏانهن آهن:
(1) پئسفڪ سمنڊ/ بحرالڪاهل (Pacific ocean)،
(2) ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ/ بحراوقيانوس (Atlantic ocean)،
(3) هندي/ سنڌي وڏو سمنڊ (The Indian ocean)،
(4) ڏاکڻو وڏو سمنڊ / اينٽارڪٽڪ وڏو سمنڊ (Antarctic ocean) ۽
(5) آرڪٽڪ وڏو سمنڊ (Arctic ocean).
هـي آخـري ٻـه برفيلا ٿڌا وڏا سمنڊ آهن. انهـن ٻنهـي برفاني سمنڊن مٿان ٽنڊرا جا جهنگ (Tundra Forest) آهن، جن کي ليچئن ۽ موسيس جا ٻيلا (Leichens & Mosses Forest) چئبو آهي، جن ۾ رين ڊيئر (برفاني هرڻ)، بگهڙ، لومڙ، رڇ ۽ ٻي جيوت متحرڪ نظر ايندي آهي.
سمنڊ ۽ وڏي سمنڊ جڙڻ جي تاريخ (History of Sea and Oceans):
22 ڪروڙ 50 لک سال (225 million years) اڳ ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي هڪ يڪو ’مها کنڊ‘ (Super Continent)، پئنجيا (Pangaea) ۽ ان جي چوڦير هڪ يڪو مهاسمنڊ Panthalassa موجود هو، جيڪو 20 ڪروڙ سال (220 million years) اڳ، مهاکنڊ جي وچ مان ٽيٿئس سمنڊ (Tethys Sea) جي اُسرڻ جي ڪري ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويو، اُتر اڌ گولي (Northern Hemisphere)، لائريشيا (Laurasia) ۽ ڏکڻ اڌ گولي (Southern Hemisphere) ۾ گونڊوانا لينڊ (Gondwana Land) جُڙيا. لائريشيا مان اُتر آمريڪا، گرين لينڊ، يورپ ۽ ايشيا وارا حصا الڳ الڳ ٿي نروار ٿيا، جڏهن ته ڏاکڻي گونڊوانا (Gondwana Land) مان آفريڪا، ڏکڻ هندستان، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آمريڪا وارا کنڊ جُڙيا. ان ريت ڌرتيءَ جون اُهي جڙيل تاسريون (Plate Tectonic) پنهنجين جڳهن تي متحرڪ رهندي ٽٽڻ ۽ رڙهڻ (continental drift) واري عمل ۾ رُڌل رهيون، انهيءَ کنڊائتي ٽوڙ ۽ لوڙهه سبب نوان کنڊَ ۽ سمنڊَ جڙندا ويا، ان ريت ڪيترائي کنڊ جهڙوڪ: ايشيا، يورپ، آفريڪا، اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا ۽ ائنٽارڪٽيڪا کنڊ جُڙيا ۽ انيڪ سمنڊ اُسري نروار ٿيا، جن ۾: اُتر ڀونوچ سمنڊ (North Mediterranean Sea)، ڏکڻ ڀونوچ سمنڊ (South Mediterranean Sea)، ڪيسپيئن سمنڊ (Caspian Sea)، جپاني سمنڊ (Sea of Japan)، اوڪاٽسڪ سمنڊ (Sea of Okhotsk)، اوڀرندو سائبرين سمنڊ (East Siberian Sea)، ليپٽيو سمنڊ (Lepteve Sea)، ڪرا سمنڊ (Kara Sea)، بيرينٽس سمنڊ (Barents Sea)، نارويئن سمنڊ (Norwegian Sea)، جاوا سمنڊ (Java Sea)، سيويو سمنڊ (Savu Sea)، بانڊا سمنڊ (Banda Sea)، تيمور سمنڊ (Timor Sea)، فلورس سمنڊ (Flores Sea)، بيلنگشيوسين سمنڊ (Bellingshausen Sea)، امنڊسين سمنڊ (Ammundsen)، ارافيورا سمنڊ (Arafura Sea)، سيررام سمنڊ (Ceram Sea)، ملاڪا سمنڊ (Molaca Sea)، سولو سمنڊ (Sulu Sea)، ازور سمنڊ (Sear of Azor)، ڪئنڊيا سمنڊ (Sea of Candia)، سيلبيس سمنڊ (Celebes Sea)، ايجيئن سمنڊ (Aegean Sea)، ليگوريئن سمنڊ (Ligurian Sea)، بئليئرڪ سمنڊ (Balearic Sea)، تارهنين سمنڊ (Tyrrhenian Sea)، ڪريٽ جو سمنڊ (Sea of Crete)، آيونين سمنڊ (Ionian Sea)، انڊامن سمنڊ (Andaman Sea)، گرين لئنڊ سمنڊ (Greenland Sea)، چُڪچي سمنڊ (Chukchi Sea)، تسمان سمنڊ (Tasman Sea)، ويڊيل سمنڊ (Weddell Sea)، ڪورل سمنڊ (Coral Sea)، ڪارو سمنڊ (Black Sea)، ڳاڙهو سمنڊ (Red Sea)، اڀرندو چيني سمنڊ (East China Sea)، ڏاکڻو چيني سمنڊ (Southern China Sea)، ڪئريبئن سمنڊ (Caribbean Sea)، اُتر سمنڊ (North Sea)، بيرنگ سمنڊ (Bering Sea)، ميڪسيڪو نار وارو سمنڊ (Gulf of Mexico Sea)، بالٽڪ سمنڊ (Baltic Sea)، ايڊرياٽڪ سمنڊ (Adriatic Sea)، اڇو سمنڊ
(White Sea)، مئل سمنڊ (Dead Sea)، زرد سمنڊ (Yellow Sea)، بيوفورٽ سمنڊ (Beaufort Sea)، عربي سمنڊ (Arabian Sea) وغيره اچي وڃن ٿا، جيڪي پنجن وڏن سمنڊن (oceans) جا حصا آهن ۽ انهن سـان ڪـنهن نه ڪنهن نموني جـڙيـل آهـن. جيئن پئـسـفـڪ وڏي سـمنڊ (Pacific ocean) سان 35 سمنڊ ۽ نار، ائٽلانٽڪ (Atlantic ocean) وڏي سمنڊ سان 10 سمنڊ، ڀونوچ وڏي سمنڊ سان 25 سمنڊ، اينٽارڪٽڪ وڏي سمنڊ سان 19 سمنڊ، آرڪٽڪ وڏي سمنڊ سان 16 سمنڊ ۽ کاريون ڳنڍيل آهن، جڏهن ته اندريان سمنڊ (Inland sea) جن جي چوڌاري زمين ٿئي ٿي، تن جو تعداد 5 آهي، اُهي: (1) ڪئسپيئن سمنڊ (Caspian Sea)، (2) ارل سمنڊ (Aral Sea)، (3) مئل سمنڊ (Dead sea)، (4) ڪارو سمنڊ (Black sea) ۽ (5) ڳاڙهو سمنڊ (Red Sea) آهن. هي سمنڊ جيڪي ڌرتيءَ جي ڪنارن سان لڳن ٿا، اهي وڏن سمنڊن جي مقابلي ۾ تراکڙا ٿين ٿا، جڏهن ته وڏا سمنڊ گهڻو اونها هوندا آهن. عام سمنڊ زمين کي ويجهو هئڻ ڪري سندن تري ۾ ڪيترن قسمن جي جيوت ۽ جنسار جنم وٺن ٿا، جن ۾ سامونڊي گاهه وليون، وڻ، ٻوٽا ۽ انيڪ سامونڊي جيوت شامل آهي، جڏهن ته وڏن سمنڊن (Oceans) ۾ رڳو بيڪٽريائي زندگي ممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي تري/ تهه تائين ڪنهن به قسم جي گئس ۽ روشني پهچي نه ٿي سگهي، جيڪا زندگيءَ جي اوسر لاءِ ضروري ٿئي ٿي. هر سمنڊ جي گهرائي ماپڻ لاءِ هڪ ’سامونڊي ماپو‘ (فيٿوميٽر= (Fathometer ڪتب آندو ويندو آهي، جنهن جو ايڪو فيٿمس (Fathoms) آهي ۽ هڪ فيٿم ٻن والن (1 Fatham= 2 yards) جي برابر هوندو آهي.
مهاسامونڊي وهڪرا (Ocean currents): مهاسامونڊي وهڪرا، سامونڊڪي دنيا ۾ وڏي اهميت رکندڙ آهن. اهي وهڪرا، هوائن گِهلڻ سـبـب لهرون جُڙن ٿيون. اهي مها سامونڊي وهـڪرا، سامونڊي لهرن (Sea waves) ۽ ويرن (tides) جي ابتڙ درياهن وانگر لاڳيتو هڪ مخصوص ۽ مقرر طرف ڏانهن وهندا رهن ٿا. فرق رڳو اهو آهي ته درياهه زمين تي وهندا آهن ۽ سامونڊي وهڪرا سمنڊن ۾ وهندا آهن. درياهه جو پيٽ ننڍو هوندو آهي ۽ سامونڊي وهڪرا وشال ۽ گِهرا هوندا آهن. انهن جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 500 ڪلوميٽر ۽ اونهائي 180 ميٽر تائين هوندي آهي. انهن جي عام وهڪ جي رفتار 16 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هوندي آهي. سمنڊ جي مٿاڇري وارا وهڪرا لوڻياٺ (Salinity) ۽ گرميءَ پد جي تبديليءَ ۽ ڌرتيءَ وارين هوائن جي ڪري جڙندا آهن. سمنڊ جي ڊيگهه ۽ ويڪر، شڪل ۽ صورت سامونڊي وهڪرن تي به اثر انداز ٿيندي آهي. جاگرافيائي لحاظ کان سامونڊي وهڪرا (Ocean currents) سڌا سنواٽا ۽ افقي (Horizontally) وهندا آهن. دنيا جي اترئين اڌ گولي (Northern Hemisphere) وارا وهڪرا سُبت گهڙيالي (Clockwise) صورت ۾ وهندا آهن، جڏهن ته دنيا جي ڏاکڻي اڌ گولي ۾ سامونڊي وهڪرا ابت گهڙيالي (Anti clockwise) رخ ۾ وهندا آهن. انهن سامونڊي وهڪرن جو دنيا جي سامونڊي اچ وڃ جي وسيلن، وايو منڊل ۽ مُندن تي وڏو اثر ٿيندو آهي. ڄڻ ته اهي سامونڊي وهڪرا سڄي ڌرتيءَ جي ساري پاڻياري تهه جي تازگي ۽ توانائي برقرار رکندڙ اهڙي چرپر هوندا آهن، جيڪا هر روز نئين رت وانگر حياتي ڏيندڙ ۽ وڌائيندڙ هوندي آهي. انهن وهڪرن وسيلي سمورن سمنڊن ۽ وڏن سمنڊن جو لاڳاپو هڪٻئي سان برقرار رهي ٿو ۽ پاڻيءَ جي مٽاسٽا پڻ ٿيندي رهي ٿي. اهي وڏا سامونڊي وهڪرا اتر قطب کان اڌوڪ/ خط استوا (Equator) تائين پهچڻ ۾ هڪ سؤ ورهين جو سفر طئي ڪندا آهن.
سامونڊي ۽ مهاسامونڊي طوفان: هريڪين ۽ ٽائيفون (Hurricane and Typhoon of Pacific Ocean): پئسفڪ وڏي سمنڊ مان هريڪين (Hurricane) ۽ ’ٽائي فون‘ (Typhone) نالي سامونڊي طوفان جڙندا آهن، جيڪي ان جي ڪٺار وارين وسندين کي وڏو نقصان رسائيندا آهن. هي طوفان سمنڊ جي گهٽ داٻ واري گرم مٿاڇري واري پاڻيءَ مان جُڙندا آهن، جنهن جو گرمي پد 80 فارن هائيٽ (80° F) هوندو آهي ۽ اهو سامونڊي پٽيءَ کان 150 فوٽ هيٺ هوندو آهي. هريڪين (Hurricane) جي مُند، اوڀر پئسفڪ وڏي سمنڊ ۾، 15 مئي کان 30 نومبر تائين ۽ وچولي پئسفڪ وڏي سمنڊ ۾ جون کان 30 نومبر تائين هوندي آهي. هي طوفان 74 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کان وٺي 119 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان لڳندا آهن. سڄيءَ دنيا ۾ 40 کان 50 ڀيرا هڪ سال ۾ هريڪين وارا سامونڊي طوفان ايندا آهن. هنن طوفانن واري پٽي خط استوا (equator) وٽان 5 کان 20 ناٽ تي ڏکڻ ۾ واقع آهي. هنن سامونڊي طوفانن ’هريڪين‘ جو سلسلو ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ، ڪئمبرين سمنڊ ۽ مئڪسيڪو نار کان وچولي پسئفڪ وڏي سمنڊ تائين هلندو آهي. دنيا جا سراسري ٽائفون، اتر اولهه پئسفڪ وڏي سمنڊ مان اوڀر 180 ڊگرين ۽ اوڀر 100 ڊگرين کان ٺهندا آهن ۽ اوڀر جپان، فلپائن ۽ ڏکڻ چين تائين هليا ويندا آهن. انهن جي اثر جي ڪري تائيوان گهميل رهندو آهي. ٽائفون اصل ۾ هڪ گرم/ تتل (Tropical) واچوڙو آهي، جيڪو پئسفڪ وڏي سمنڊ جي گرم پاڻيءَ جي مٿاڇري ۽ وايومنڊل (Atmosphere) جي پهرئين هيٺين تهه ’ڦرندڙ گهرندڙ منڊل‘ (Troposphere) ۾ گهڻي گهم ۽ گهٽ دٻاءَ جي ڪري جڙندو ۽ جون کان نومبر جي مند تائين چرپر ۾ رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهي واچوڙا ڊسمبر تائين به جڙندا رهندا آهن ۽ سامونڊي ڪنارن وارن علائقن تائين پهچي وڏو نقصان پهچائيندا آهن.
دنيا جي ڪجهه اهم سمنڊن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
(1) ڀونوچ سمنڊ (Mediterranean Sea): هي سمنڊ دنيا جو وچولو سمنڊ آهي، جيڪو 2510000 چورس ڪلوميٽر پکيڙ رکي ٿو ۽ ٽن کنڊن: آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ زميني ٻنڌڻن ۾ ٻَڌل (Land locked) آهي. هي ’جبل الطارق واري لنگهه‘ (Strait of Gibraltar) وسيلي وڃي ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان ملي ٿو. جڏهن ته ان کي پڇڙ کان ڪارو سمنڊ (Black sea)، مارمرا سمنڊ (Sea of Marmara) ۽ اُن جي پڇڙيءَ ۾ اَزور سمنڊ (Sea of Azore) به ڳنڍيل آهي. ڀونوچ سمنڊ ۾ جڙيل تاسرين (Plate Tectonic) جي لٿ پٿ (subductions) واري قدرتي لقاءَ جي ڪري يورپ، ايشيا ۽ اتر آفريڪا ۾ زلزلا ايندا رهن ٿا.
(2) عربي سمنڊ (Arabian Sea or Sindhi Sagar): عربي سمنڊ کي آڳاٽي وقت ۾ فارسي سمنڊ/ بحر فارس (Persian Sea) به چوندا هئا. هي سمنڊ يورپي کنڊ ۽ ننڍي کنڊ کي سامونڊي رستي سان پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. هي سمنڊ 50 ڪروڙ ورهيه (500 million years) اڳ جڙيو هو، جڏهن ته هندي/ سنڌي تاسر (Indian Plate) يوريشين تاسر (Eurosian Plate) سان وڃي ڳانڍاپو ڪيو هو، جنهن جي جُڙڻ واري سَنڌي تي هماليائي جابلو سلسلو اُسريو آهي. هن ۾ ڇوڙ ڪندڙ درياهن ۾ سنڌو درياهه (River Indus) ۽ نربدا درياهه (Narmuda River) مکيه درياهه آهن. هن سمنڊ جي وچ ۾ ڪو به ٻيٽ نه آهي. عربي سمنڊ جي اوڀر ۾ هندي وڏو سمنڊ ۽ اولهه ۾ ’راس گڊ هوپ‘ (Cape of Goodhope) آهي. عربي سمنڊ جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 25 سينٽي گريڊ کان 26 سينٽي گريڊ تائين آهي. هي مٿئين سطح وارو گرمي پد جنوري ۽ فيبروريءَ جي مهيني جو آهي ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 28 سينٽي گريڊ آهي، جيڪو جون کان نومبر جي مهينن ۾ جڙندو آهي. هن سمنڊ جي مند چوماسي جي هوائن وانگر هوندي آهي. هن سمنڊ ۾ مينهوڳيءَ جي مند اپريل کان نومبر جي مهيني تائين رهندي آهي، عربي سمنڊ ۾ لوڻياٺ (Salinity) جو مقدار 35 ڀاڱا في هزاري فوٽن ۾ آهي. خشڪ ساليءَ واري مند ۾ لوڻياٺ جو هي مقدار 36 ڀاڱا في هزاري (36 parts per thousands= PPM) کان وڌيڪ هوندو آهي. هن سمنڊ جي تري ۾ انيڪ معدنيات ۽ ڌاتن سان گڏ تيل جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جيڪي ممبئيءَ جي اتر اولهه واري ڀاڱي ۾ وڌيڪ آهن. هي سمنڊ مختلف قسمن جي مڇيءَ سان ڀرپور آهي.
(3) ڪارو سمنڊ (The Black Sea): ڪارو سمنڊ 207900 چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي. هي سمنڊ اصل ۾ مهاکنڊ (Super Continent) کي ورهائيندڙ ٿيٽئس سمنڊ (Thethys Sea) جو جديد نالو آهي. هي سمنڊ، ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ(Atlantic Ocean) سان وڃي جُڙي ٿو، جڏهن ته هي ڪارو سمنڊ، مارمرا سمنڊ وسيلي ڀونوچ سمنڊ سان پاڻيءَ جي مٽ سٽ ڪندو ٿو رهي، ان ڪري جو ڪارو سمنڊ، وچ ڊگهائي ڦاڪ (mid latitudes) تي موجود آهي. هن ۾ ڪيترائي مٺا درياهي وهڪرا اچي ڇوڙ ڪندا آهن، جيڪي هن سمنڊ جي پاڻيءَ کي اڻ لکي نموني مٺو ڪن ٿا. هن جي کارائپ، ٻاڦ ٿيڻ (evaporation) واري عمل وسيلي وڌبي ۽ گهٽبي رهندي آهي. خاص طرح سان ڊينوب درياهه (Danube River) ۽ سانوڻيءَ جو مينهن، گڏيل نموني 575 ڪلوميٽرن (575 km3)تائين ٽيڻي انگ ۾ مٺو پاڻي ڪاري سمنڊ ۾ ڇڏين ٿا، جـڏهـن ته باقي 229 ڪلوميٽر (229 km3) ٽيڻو پاڻي، مارمرا سمنڊ (Sea of Marmara) جي ڏکڻ اولهه پاسي کان ازور سمنڊ (Sea of Azor) کان اتر واري پاسي کان ڏئي ٿو. ان ريت هن جو ساليانو پاڻيارو توازن برقرار رهي ٿو. ڪارو سمنڊ ساليانو 332 ڪلوميٽر (332 km3) ٻاڦ ٿيڻ واري عمل دوران پنهنجي پائيداري بحال رکي ٿو، جڏهن ته هڪ ٿورڙو حصو 32 ڪلوميٽر ازور سمنڊ کي ڏئي ٿو.
(4) ڳاڙهو سمنڊ (The Red Sea): ڳاڙهو سمنڊ اٽڪل روءِ هڪ چورس شڪل ۾ 1900 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 300 ڪلوميٽر ويڪرو آهي. هن جي ڪل پاڻياري پکيڙ 453000 چورس ڪلوميٽر آهي، جڏهن ته هن جي سراسري اونهائي 490 ميٽر آهي. هن جي وڌ کان وڌ اونهائي 2850 ميٽر ٿيندي، گهڻو ڪري هن جو سامونڊي ترو تانگهو آهي ۽ هڪ ويڪري ’کنڊائين پاڻيءَ جو مٿاڇرو‘ (broad continental shelf) رکي ٿو. پاڻيءَ جو اهم مٿاڇرو مرجاني ساحل (Coral reef) وسيلي ونڊجي وڃي ٿو. هن جي کنڊائين لاهي (Continental Slope) بي ترتيب انداز ۾ ڏاڪيدار لاهيون جوڙيندي 500 ميٽرن تائين اونهائيءَ ۾ هلي وڃي ٿي. ڳاڙهي سمنڊ جي مرڪز ۾ هڪ سوڙهي اونهائي اٽڪل روءِ 1000 ميٽرن تائين گهري آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ان جي اونهائي 2500 ميٽرن کان به وڌي وڃي ٿي. هن کي ڳاڙهو سمنڊ، گرمي پد وڌيڪ هئڻ جي ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو.
جديد تحقيق موجب ’ڳاڙهو سمنڊ‘ (Red Sea)، وڏي سمنڊ وارا گڻ اختيار ڪندو رهي ٿو ۽ اُن عمل ۾ مصروف آهي. هزارن ورهين کان پوءِ شايد هي ڇهين وڏي سمنڊ جي صورت اختيار ڪري وٺي.
هن سمـنڊ جـي تـري مان ’نيساري- کاڻ کوٽ‘(vessel mining) واري طريقي سان روزانو ٻه لک ٽن مقدار جو ڌاتو ڪڍيو وڃي ٿو. انهيءَ زهريلي ڌاتوءَ جي ڪِن ڪچري (slurry) کي کاري پاڻيءَ ۾ ئي ڳاريو وڃي ٿو، جيئن ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي اچي سگهي، هي هڪ اهم سمنڊ آهي، جيڪو اڳتي هلي هزارين لکين ورهين کان پوءِ هڪ مهاسمنڊ (Ocean) جو روپ وٺندو. سال 1869ع ۾ هن جي ڳچيءَ(Head of Red Sea) کـي ٽُڪي ۽ ڪـوري اُن مان ’سئيـز واهه‘ (Suez Canal) ڪڍيو ويو هو، جنهنڪري يورپين جو آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڏئي ڪري ايشيا جي ملڪن ۾ پهچڻ وارو ڏکيو سفر آسان ٿي پيو آهي.
(5) بيرنگ سمنڊ (The Bering Sea): هي سمنڊ اڌي گابري بند تري (Semi enclosed basin) وارو آهي ۽ پنهنجيءَ ويڪر ۾ ڀونوچ سمنڊ جيترو آهي ۽ ٻن وڏن کنڊن: اتر آمريڪا ۽ ايشيا، ۽ ٻن وڏن سمنڊن: پئسفڪ وڏي سمنڊ ۽ آرڪٽڪ وڏي سمنڊ کي ورهائي بيهاري ٿو. هن جو ويڪرو مٿيون کنڊائون پاڻيارو تهه (Continental Shelf) 600 ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ آهي، هن جو مٿيون پاڻيارو فرشي تهه ’چڪچي سمنڊ‘ تائين پکڙيل آهي. بيرنگ سمنڊ سياري جي مند ۾ برف سان ڍڪجي ويندو آهي. آڳاٽا قديم لاڏائو انسان هن بيرنگ سمنڊ وسيلي وچ آمريڪا تائين پهتا هئا. انهن ڌنار لوڪن جي پونيرن وچ آمريڪا کان ڏکڻ آمريڪا ۾ ’مايا ۽ انڪا تهذيب‘ جو بنياد وڌو هو.
هيءُ سمنڊ گڏيل روس کان الاسڪا (Alaska) جي اليوشن ٻيٽن (Aleutian Islands) تائين هلي ٿو. هي سمنڊ هڪ ٻن ماڳن کي ڇڏي هڪ وڏو ’کنڊائون مٿيون پاڻيارو تهه‘ (Continental Shelf) رکندڙ آهي. هن جي کارائپ (Salinity)، نائٽريٽ (Nitrate) ۽ ڊگهيون برف واريون ڇپون (Isezone) بهار جي آخر ۾ پگهرجڻ لڳنديون آهن. ان ريت برف جـي وگهرڻ وارو هي عمل ان لاءِ مناسب آهي ۽ سامونڊي جيوت جي واڌويجهه جو ذريعو بڻجي ٿو.
دنيا جا سمورا سمنڊ انساني تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي حوالي سان تمام وڏي اهميت رکن ٿا. سمنڊ رستي انسان هزارين ورهين کان هڪ هنڌان ٻئي هنڌ سفر، واپار ۽ لڏپلاڻ ڪندا رهيا آهن. جيتوڻيڪ هن ڌرتيءَ جي ديسي سمنڊن (Inland Seas) کي ڇڏي ٻيا سمورا سمنڊ پنهنجن مختلف ڏِسائن وارن وهڪرن جي ڪري هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، تنهن هوندي به سندن پکيڙ مختلف هئڻ ڪري انهن کي پنجن وڏن سمنڊن/ مهاساگرن (Oceans) ۾ ورهايو ويو آهي. ڪي جاگرافيدان (ڀون ڄاڻڪ) ڇهون وڏو سمنڊ، ڏاکڻي وڏي سمنڊ‘ (Southern Ocean) کي به ڄاڻائين ٿا ۽ ان جي حدبندي به ٻڌائين ٿا، جيڪا ساڳي ڏاکڻي ڄميل سمنڊ جهڙي ۽ ساڳي آهي.
(1) پئسفڪ وڏو سمنڊ (Pacific Ocean): دنيا جو سڀني کان وڏي ۾ وڏو سمنڊ، پئسفڪ وڏو سمنڊ آهي، جنهن جي پکيڙ 155557000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ان جي وڌ ۾ وڌ اونهائي 35827 فوٽ (10924 ميٽر) آهي. هن وڏي سمنڊ جي اوڀر ۾ اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا وارا کنڊ، اولهه ۾ ايشيا ۽ آسٽريليا وارا کنڊ، اتر ۾ اتريون ڄميل سمنڊ ۽ ڏکڻ ۾ ڏاکڻو ڄميل سمنڊ موجود آهن. هي وڏو سمنڊ ڌرتيءَ جي 28 سيڪڙو مٿاڇري تي پکڙيل ۽ اٽڪل روءِ سڄيءَ زمين تي پکڙيل آهي ۽ دنيا جي سمورن وڏن سمنڊن جو 46 سيڪڙو پاڻي والاري ٿو. پئسفڪ جي معنيٰ سانتيڪو يا امن ڀريو (peaceful) آهي، هن سمنڊ کي هيءُ نالو 1513ع ۾ ويسڪونونز دي بلبوا (Vasco Nunes de Balboa) نالي هڪ يورپي مهم جُوءَ هن وشال سمنڊ کي ڳولي ڏيندڙ ڏنو. ان کانپوءِ هڪ پورچوگيزي جهازيءَ فيرڊينيڊ ميگلان (Ferdinand Magellan)، 1520ع ۾ هن مهاسمنڊ جو سفر مڪمل ڪيو ۽ هن پئسفڪ وڏي سمنڊ کي اهو ساڳيو نالو ڏنو. پئسفڪ وڏو سمنڊ، ڏاکڻي اينٽارڪٽڪ سمنڊ، ايشيا ۽ آسٽريليا سميت زمين جو ذري گهٽ سڄو الهندو اَڌ والاري ٿو. هن جي پاڻيءَ جون حدون ’راس هورن‘ (Cape Horn) کان ائٽلانٽڪ واري پاڻيءَ کان جدا ٿي وڃن ٿيون. پئسفڪ وڏي سمنڊ جي ڏکڻ ۾ ڏاکڻو سمنڊ (Southern Sea) آهي ۽ اوڀر ۾ هندي/ سنڌي وڏو سمنڊ (Indian Ocean) آهي ۽ اولهه ۾ ’راس هورن‘ (Cape Horn) آهي. ان جي سراسري اُونهائي 4028 ميٽر ۽ اونهي ۾ اونهو هنڌ جپان ويجهو ’مئريانا کاهي‘
(Mariana Trench) آهي، جيڪا 35827 فوٽ/ 10924 ميٽر اونهي آهي. هيءَ دنيا جي سڀ کان اونهي کاهي (Trench) آهي. تاريخي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان پئسفڪ وڏو سمنڊ انسان ذات لاءِ سفر، واپار ۽ لڏپلاڻ جو هڪ وڏو ذريعو رهيو آهي. هن وڏي سمنڊ جي شڪل ٽڪنڊي (Triangle) جهڙي آهي. پئسفڪ وڏي سمنڊ جي ڪنارن سان جابلو سلسلا موجود آهن، جن ۾ تمام گهڻو آتشفشاني عمل ٿيندو رهندو آهي. هن جي تري ۾ اهڙو زلزلائي باهه جو گولو (Ring of fire) پڻ ڦرندو رهي ٿو ۽ ان جي ڪٺار سان ’زلزلائي پٽو‘ پڻ موجود آهي. ان ڪري هتي تمام گهڻا زلزلا ۽ سوناميون اينديون رهنديون آهن. هن وڏي سمنڊ ۾ ننڍا وڏا انيڪ ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون موجود آهن، جن ۾ فلپائن جا ٻيٽ، جپان جا ٻيٽ ۽ هوائي ٻيٽ مشهور آهن. هيءُ وڏو سمنڊ عالمي تجارت لاءِ ڪڏهن به اهميت جوڳو نه رهيو آهي.
پئسفڪ وڏي سمنڊ جا وهڪرا (Pacific Ocean Currents): پئسفڪ وڏي سمنڊ جا اتريان وهڪرا سُبت گهڙيالي (Clockwise) صورت ۾ وهندا آهن ۽ پئسفڪ وڏي سمنڊ وارا ڏاکـڻـا وهـڪـرا ابـت گهـڙيالـي (Anti clockwise) شڪل ۾ وهندا آهن. ڏکڻ ۽ اتر واري پئسفڪ وڏي سمنڊ جا استوائي وهڪرا (Equatorial Current) اولهه ڏانهن لڳندا آهن. هن مهاسمنڊ جي ٻيٽن وارو جهڳٽو، آرچي پيلاگو ٻيٽن (Archipelago Islands) ۽ ڏکڻ آمريڪا جي سامونڊي پٽي پڻ پئسفڪ جي اڌوڪي/ استوائي وهڪرن آڏو جهل/ روڪ (Barrier) ٺاهيندا آهن. اتر پئسفڪ سمنڊ وارا وهڪرا، ڪروشيائي وهڪرن (Kuroshia) سان گڏجي جوشيما وهڪرو (Joushima Current) ٺاهي اتر ڏانهن وهندا، جپاني سمنڊ ۾ وڃي ڪِرن ٿا. هي وهڪرو جپان جي اولهه سامونڊي پٽيءَ سان لڳو لڳ، اتر اوڀر پاسي پئسفڪ وڏي سمنڊ جي لوڙهه (Pacific drift) سان ملي ڏکڻ ڏانهن ٿڌي ڪئليفورنيائي وهڪري (California Current) سان وڃي گڏجي ٿو. اتر پئسفڪ لوڙهه (Northern Pacific drift) الاسڪا نار (Gulf of Alaska) جي پٽيءَ سان لڳو لڳ پنهنجو وهڪرو جوڙي ٿو ۽ اهو ٿڌو وهڪرو سياري جي مند ۾ به برفاني نه هوندو آهي ۽ ان جي طبعي صورتحال گرميءَ واريءَ مند جهڙي ئي هوندي آهي.
ڏکڻ پئسفڪ وڏي سمنڊ وارا وهڪـرا اوڀر آسٽريليـائـي وهڪري (Eastern Australian Current، جيڪو آفريڪا کنڊ جي نيوگني (New Guniea) ملڪ جي اتر سامونڊي پٽي سان لڳ وهي ٿو) ۽ اوڀر آسٽريليا جي ڏاکڻي سامونڊي پٽيءَ کان لنگهن ٿا. همبولڊ وهڪرو (Humboldt Current) ائنٽارڪٽيڪا (Antarctica) جي پاڻيءَ ۽ اولهه واري پاڻيءَ کي مٿي آڀاريندي اتريون وهڪرو جوڙي ٿو.
(2) ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ (Atlantic Ocean): ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ، دنيا جو ٻيو نمبر وڏو سمنڊ آهي. هن جي پکيڙ 76762000 هم چورس ڪلوميٽر آهي. سراسري طور هن جي ويڪر 6600 ڪلوميٽر ٿيندي. هن وڏي سمنڊ جي اوڀر ۾ يورپ ۽ آفريڪا جا کنڊ، اولهه ۾ اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا کنڊ، اتر ۾ اتريون ڄميل وڏو سمنڊ ۽ ڏکڻ ۾ ڏاکڻو ڄميل وڏو سمنڊ آهي. هي وڏو سمنڊ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ ڊگهو سامونڊي تجارتي رستو رکي ٿو. دنيا جو گهڻو تڻو واپار هن وڏي سمنڊ ذريعي هلي ٿو. هن وڏي سمنڊ جي اوڀر ۾ يورپ کنڊ جا اُسريل ۽ آسودا ملڪ ۽ اولهه ۾ اتر آمريڪا جا سڌريل ملڪ موجود آهن، جتان سڄي دنيا جي ملڪن سان واپاري ڏيتي ليتي ٿئي ٿي. اهو سمنڊ دنيا جي سمورن ساگرن جو 23 سيڪڙو پاڻي والاري ٿو ۽ پئسفڪ وڏي سمنڊ جي اڌ جيترو آهي ۽ سندس اونهائي ان کان گهٽ (رڳو سوا ٽي ڪلوميٽر) آهي. هن جي شڪل انگريزي اکر ’S‘ جهڙي آهي. رومين هن کي اهو نالو اتر اولهه آفريڪا جي اٽلس جبلن (Atlas Mountains) جي نالي جي ڪري ڏنو. هي وڏو سمنڊ، آفريڪا، يورپ، ڏاکڻي اينٽارڪٽڪ سمنڊ ۽ زمين جي الهندي اڌ ۾ پکڙيل آهي. هن وڏي سمنڊ ۾ ڪيترائي سمنڊ ۽ کاريون شامل آهن، جن ۾ بالٽڪ سمنڊ (Baltic Sea)، ڪارو سمنڊ (Black Sea)، ڪيريبين سمنڊ (Caribbean Sea)، ڀونوچ سمنڊ
(Mediterranean Sea) ۽ اتر سمنڊ (North Sea) اچي وڃن ٿا، جڏهن ته کارين ۾ ميڪسيڪو نار (Gulf of Mexico) ۽ هڊسن نار (Gulf of Hudson) مشهور آهن. ائٽلانٽڪ جي پاڻيءَ جي حد اوڀر کان ’راس گڊهوپ‘ (Cape of Goodhope) تائين ۽ اولهه کان ’راس هورن‘ (Cape Horn) تائين آهي. هن وڏي سمنڊ جي وچ وارا ڪڙيا (Mid Atlantic Ridges) سموري سامونڊي دنيا جي ڪڙين کان ڊگها آهن، جيڪي لاڳيتو ۽ اورار پرار هليا وڃن ٿا. هن سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ گهرائي 30246 فوٽ/ 9219 ميٽر اونهي آهي ۽ سراسري گهرائي 3926 ميٽر ۽ اونهي ۾ اونهو هنڌ ’پيورٽو ريڪو کاهي‘ (Puerto Rico Trench) آهي، جنهن جي گهرائي 8605 ميٽر آهي. هن مهاسمنڊ ۾ انيڪ ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون موجود آهن. هن جي اترئين ڀاڱي واري سامونڊي علائقي جي وچ ائٽلانٽڪ وارين ڪڙين (Mid-Atlantic Ridges) وٽ برمودا ٻيٽن (Bermuda Island) جو هڪ وڏو جهڳٽو موجود آهي، جنهن ۾ اٽڪل روءِ 300 کن ٻيٽ ٿيندا، جن مان رڳو 20 ٻيٽن تي وسنئون آهي. وڏو ٻيٽ، عظيم برمودا (Great Bermuda) 14 ميل/ 23 ڪلوميٽر ڊگهو آهي. برطانيا جي حڪومت جي انتظام هيٺ انهن برمودا ٻيٽن جو جهڳٽو اتر ڪيرولينا جي ڏکڻ اوڀر ۾ 650 ميلن جي فاصلي تي آهي، جتي سنڌ جا هندو واپاري پڻ رهندا آهن. هن وڏي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ موجود ’برمودا ٽڪنڊي‘ (Bermuda Triangle) جي پراسراريت جو ذڪر ويهين صديءَ ۾ عالمي سطح تي ڏاڍو ٿيو آهي، جنهن ۾ اڄ تائين 20 هوائي ۽ 50 بحري جهاز عجيب حالتن ۾ اُٻائجي گم ٿي ويا آهن. ڪن سائنسدانن هن کي ڌرتيءَ جو مرڪز (Center of the Earth) قرار ڏيندي اهڙن جهاز گم ٿيڻ وارن واقعن ۽ حادثن کي ’ڳوراڻ واري ڇِڪ‘ (Force of Gravity) جو عمل قرار ڏنو آهي. ڪن وري هن سامونڊي ٽڪنڊي ماڳن کي اهڙو ’زمان جو ٿاڪ‘ (Time Zone) ٻُڌايو آهي، جتي وقت بيهي ٿو رهي. ڪن وري ان ماڳ تي ميٿين گئس (CH4) جي گهڻائي هئڻ ڪري اهڙن حادثن جو سبب ڄاڻايو آهي. هڪ ڏندڪٿا موجب هتي هڪ قديم تهذيب ائٽلانٽڪ سڀيتا جا لوڪ رهندا هئا، جن جي مقابل هڪ ٻي ميدڪي تهذيب (Mediterranean Civilization) به موجود هئي. انهن آڳاٽن لوڪن سائنس ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري ورتي هئي. هنن سائنسي چٽاڀيٽي ڪندي اهڙي مشين ايجاد ڪئي، جنهن تي زماني جو ڪو به اثر نه ٿيندو هو. اهڙي ايجاد تي ٻن تهذيبن جي حاڪمن جي جنگ سبب هيءَ ٽڪنڊو علائقو اڄ به پراسراريت ۽ جهازن جي تباهه ڪارڻ پڄاڻيءَ جي قصن جو مرڪز بڻيو آهي. هن کي شيطاني ٽڪنڊو (Devil's Triangle) به چوندا آهن. ان جي برعڪس آمريڪي نيوي فوج جي اڀياس موجب اهڙو ڪو به ٽڪنڊو مهاساگرن ۾ موجود نه آهي. اهو هڪ من گهڙت ۽ ڏندڪٿائي قصو آهي.
دنيا جي موسمن لاءِ ائٽلانٽڪ وڏو سمنڊ هڪ تمام اهم آهي، ڇاڪاڻ ته زبردست سامونڊي واچوڙا ’راس ورديءَ‘ (Cape of Verde) کان آفريڪا جي زميني مٿاڇرن تان اُٿي آگسٽ کان نومبر تائين ڪئريبين سمنڊ (Carribian Sea) ڏانهن وڌن ٿا. هن سمنڊ ۾ جڙيل تاسرين جي تخريبي ڪنارن (destructive margin) واري حرڪت سبب هن جي سامونڊي تري ۾ ڪجهه سينٽي ميٽرن جي واڌ اچي ٿي، جنهنڪري هن وڏي سمنڊ جو ترو (basin) وڌي رهيو آهي. هن وڏي سمنڊ جي اترئين وڏي سمنڊ ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ مصروف واپاري اچ وڃ وارو رستو موجود آهي، جيڪو اتر آمريڪا ۽ يورپ کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو.
ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جا وهڪرا (Currents of Atlantic Ocean): اولهه واريون تجارتي هوائون، ائٽلانٽڪ مهاساگر ۾ ڏکڻ ۽ اتر وارا استوائي وهڪرا (Equatorial Currents) جوڙينديون آهن. اتريون ائٽلانٽڪ سامونڊي وهڪرو اتر اولهه کان گذرندي ڪئريبيئن سمنڊ (Carribean Sea) ۾ وڃي ڪري ٿو. انهيءَ وهڪري جو ڪجهه حصو اولهه هندي ٻيٽن جي اوڀر کان لنگهي ٿو ۽ 28 ڪلوميٽر هڪ ڏينهن جي رفتار سان هلي ٿو. اترين ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وهڪري جي ٿانئيڪي (rest) ٿيڻ سان نار وارو وهڪرو (Gulf Stream) ٺهي ٿو، هي وهڪرو آمريڪا جي سامونڊي ڪنارن سان لڳي لنگهي ٿو ۽ ’راس هتارا‘ (Cape Hattara) جي ويجهو هن کي ‘Gulf Stream’ (نار واري تِک) سڏجي ٿو. هن کاريءَ جي وهڪري جي ٻيهر شروعات فلوريڊا لنگهه (Florida Strait) کان نئين سر ٿيـندي آهـي ۽ اهـو وهـڪـرو 50 کان 60 ڪلوميٽر ويڪرو ۽ 600 مـيٽـر اونهـو هـوندو آهي. هي کاري وهـڪـرو (Gulf Stream) انگڙ ونگڙ (Curve) نانگ جي رفتار سان هلندو آهي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن وهڪري جي رُخ ۾ ڦيرگهير اچي ويندي آهي. هي وهڪرو ڏکڻ اولهائين هوائن (South Westerlies Winds) جي زور جي آڌار تي ڊيوس لنگهه (Davis Strait) کان ٿيندو، بفن لينڊ (Baffin Land) ۽ گرين لينڊ (Green land) ملڪن وٽان لنگهندو، آئسلينڊ (Iceland) جي سامونڊي ڪنارن کان ٿيندو ’ناروي واري وهڪري‘ (Norwegian Current) سان وڃي ملي ٿو ۽ اتان کان بيرنٽس سمنڊ (Barents Sea) مان ٿيندو، اسپين ۽ ازورس سمنڊ (Azores Sea) وٽ وڃي ٿانئيڪو ٿئي ٿو، جتان نئين سر اهو وهڪرو اسري ڏکڻ آفريڪا ڏانهن ’ڪينري وهڪري‘ (Cannarry Current) سان وڃي ملي ٿو. اهو اتريون ائٽلانٽڪ سامونڊي وهڪري جو سفر آهي، جيڪو ڪئريبيئن سمنڊ کان ٿيندو ڏکڻ آفريڪا جي وهڪري تائين هليو وڃي ٿو.
ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو ڏاکڻو استوائي وهڪرو (Southern Equatorial Current of Atlantic Ocean) هڪ ڏينهن ۾ 15 ناٽ ميل (15 Nautical miles) مفاصلو طئي ڪري ٿو. اتر آمريڪي کنڊ جي سامونڊي پٽيءَ سان ڏکڻ پاسي کان لنگهندي برازيليئن وهڪري (Brazitian Currents) سان وڃي ٿو، جتي اتر اولهه واري هوا، ان وهڪري کي اوڀر ڏانهن ڌڪي ٿي. ان ريت ڏکڻ ائٽلانٽڪ وهڪري وٽان لنگهندي ابت گهڙيالي (Anti Clockwise) صورت جوڙي وهندو، بينگوليا وهڪري (Bunguela Current) وٽ وڃي پورو ٿئي ٿو، ائين آفريڪي کنڊ جي سامونڊي پٽي تي ٿڌاڻ ڇڏي ٿو. هي وهڪرو 10 ناٽ ميل (10 N miles) واري رفتار سان هڪ ڏينهن ۾ سفر طي ڪري ٿو.
هن ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٻه ٿڌا وهڪرا قطبي علائقن کان ايندا آهن، هڪ لبرينڊر وهڪرو (Labrindor Current)، جيڪو ڏکڻ ڏانهن وهندو ڊيوس لنگهه (Davis Strait) کان ٿيندو گرين لينڊ جي اوڀر کان ڊينمارڪ لنگهه (Denmark Strait) گرين لينڊ جي اوڀر واري سامونڊي پٽيءَ کان لنگهي اڀرندي گرين لينڊ وهڪري (Eastern Greenland Current) ساڻ وڃي ملي ٿو.
لئبرادر وهڪرو (Labrador Current) هڪ ڏينهن ۾ 28 ڪلوميٽر طئي ڪندو آهي ۽ اوڀر آئسلينڊ وهڪري (Eastern Iceland Current) سان ملي اوڀر- ڏکڻ آئسلينڊ (East Southern Iceland) کان ٿيندو اتر ائٽلانٽڪ لوڙهه (Northern Atlantic drift) سان وڃي ملي ٿو.
(3) هندي/ سنڌي وڏو سمنڊ (Indian Ocean): هيءُ سمنڊ دنيا جي سمنڊن جو 20 سيڪڙو پاڻيارو حصو والاري ٿو ۽ وڏن سمنڊن ۾ ڌرتيءَ جو جو ٽيون نمبر وڏو سمنڊ آهي، جنهن جي پکيڙ 68556000 چورس ڪلوميٽرن ۾ آهي. هن جي اوڀر ۾ آسٽريليا، اولهه ۾ آفريڪا کنڊ، اتر ۾ ايشيا کنڊ ۽ ڏکڻ ۾ ڏاکڻو ڄميل سمنڊ موجود آهن. عربي سمنڊ، ڳاڙهو سمنڊ، بينگال وارو اپسمنڊ ۽ ايراني نار هن وڏي سمنڊ جا حصا آهن. هندي/ سنڌي وڏو سمنڊ دنيا جو قديم ۽ وڏو رستو رهيو آهي. سڄيءَ دنيا جي ملڪن جا سامونڊي واپاري ۽ سفري ٻيڙا ۽ جهاز سئيز واهه کان سڌو هن سمنڊ ۾ اچي انيڪ ملڪن تائين رسن ٿا. ڏکڻ آفريڪي واپاري جهاز به هن سنڌي وڏي سمنڊ ۾ اچي ڪري، ممبئي، چنائي، سرنگاپٽم، ڪولمبو جي بندرگاهن تائين رسن ٿا. هي سمنڊ ٻياني جي شڪل ۾ (Y- shaped) آفريـڪـا، ڏاکـڻـي اينٽـارڪـٽـڪ وڏي سمـنڊ، ايـشيـا ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ آهي. هن جي ٻن جابلو ڪڙين وارين ٻانهين ۾ هڪ ڏکڻ- اولهه هندي سمنڊ وارو ڪڙيو (South west Indian Ridge)، ٻيو ڏکڻ- اڀرندي هندي سمنڊ وارو ڪڙيو (Southeast Indian Ridge) آهي ۽ ان جي اڪيلي اُترئين واڌ وارو سرلسبرگ ڪڙيو (Carlsberg Ridge) سڌو سنواٽو ڳاڙهي سمنڊ تائين وڃي رسي ٿو.
هندي وڏي سمنڊ جي سراسري گِهَرائي 3963 ميٽر ۽ گهري ۾ گهرو هنڌ ’جاوا کاهي‘ (Java Trench) آهي، جيڪا 7258 ميٽر اونهي آهي. هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) ۾ انڊمان سمنڊ (Andman Sea)، عربي سمنڊ (Arabic)، فلورنس سمنڊ (Florence)، جاوا سمنڊ (Java)، ڳاڙهي سمنڊ (Red sea) سميت بينگال جو اُپسمنڊ (Bay of Bengal)، گريٽ آسٽريلين بائيٽ (Great Australian Bight)، عدن جي نار (Gulf of Adan)، عمان جي نار (Gulf of Oman)، موزمبيق واري ڳچي سمنڊ (Head Sea of Mozambique) ۽ ايراني نار (Persian Gulf) جو پاڻي به شامل آهي. هن جي ڪٺار سان لڳ دنيا جو ٻه ڀاڱي ٽي آدم آباد آهي. پراچين سمي کان هي مهاسمنڊ وڻج واپار جي لحاظ سان تمام گهڻي اهميت وارو رهيو آهي. هن مهاسمنڊ جي مٿاڇري تي ڪيترائي وڏا ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون موجود آهن، جن ۾ وڏو ٻيٽ هئڻ واري صورت ۾ مڊگاسڪر، سريلنڪا ۽ ننڍن ٻيٽن واري شڪل ۾ مالديپ ۽ ماريشس جا ملڪ آهن. هندي وڏو سمنڊ چوماسي جي هوائن جو جهڙالو منڊل پيدا ڪرڻ جي ڪري مشهور آهي، جيڪو ڏکڻ اوڀر ايشيا تي ڇانيل رهي ٿو.
هـنـدي وڏي سـمـنـڊ جـو تـري وارو ڪـڙيــو (basalt crust) نئون سامونڊي ترو (Sea floor) مقناطيسي بي ترتيبيءَ واري قسم (magnetic- anomaly stripes) جـي آڌار تـي ڪـڙيـن جـي پـاســن (flanks of ridge) کي جوڙيندو ۽ پکيڙيندي رهي ٿو. ٻه ليڪاوان ڪڙيا (Linear Ridge) جيڪي هندستان جي ٻنهي پاسن کان آهن، سي ڀون سامونڊي تري جي جيالاجيڪل واڌ (geologic development) جي صورت آهن، جيڪا تمام قديم وقت ۾، اٽڪل روءِ 20 ڪروڙ ورهيه (200 million year) اڳ وجود ۾ آئي هئي. انهيءَ زماني ۾ هندستان جي موجوده صورت ڏکڻ ڏانهن موجود هئي ۽ اها ائنٽارڪٽيڪا (Antarctica) ۽ آفريڪا (Africa) سان جڙيل هئي، ان وقت زمين جي اها صورت گونڊوانا لينڊ (Gondwana Land) واري هئي، جنهن مان پوءِ اهي کنڊ الڳ ٿي جدا جدا کنڊن جي صورت ۾ نروار ٿيا، ان کانپوءِ هندي کنڊ/ انڊين جڙيل تاسر (Indian tectonic plate) هوريان هوريان رڙهندو وڃي يوريئشين پليٽ سان لڳو، جنهن سان يوريشيئن ۽ انڊين پليٽن/ کنڊن جو ٽڪراءُ ٿيو. اهو 5 ڪروڙ ورهيه اڳ ٿيو، جنهنڪري تهدار جبلن (folded mountains) جو هماليائي سلسلو اُسري آيو ۽ ان سان گڏ هندي سمـنڊ به جـڙي راس ٿيو.
هندي/ سنڌي سمنڊ جا وهڪرا (Indian Ocean Current): ڏاکڻا هندي وڏي سمنڊ جا وهڪرا اُبت گهڙيالي (Anti clockwise) صورت ۾ هلندا آهن. ڏاکڻي استوا (Southern Equator) جو هندي سمنڊ وارو وهڪرو پئسفڪ جي تِک مان جڙندو آهي، جنهن جي واٽ انڊونيشيائي ملڪ جي آرچي پيلاگو ٻيٽن (Archipelago Islands) مان ٺهندي آهي. اهو وهڪرو آفريڪا کنڊ جي اولهه کان گذرندو، مڊگاسڪر (Madghasakar) جي ڏکڻ واري پاسي کان ٿيندو موزمبيق (Mozambique) واري سامونڊي وهڪري سان وڃي ملندو آهي. ان جي ڏاکڻي حصي کي ’اگولاهس وهڪرو‘ (Agulhas Current) سڏيو ويندو آهي. اهو وهڪرو اوڀر کان ڦري ڏکڻ پئسفڪ جي لوڙهه (Pacific drift) سان وڃي ملندو آهي. ان جي اتر ۾ اولهه آسٽريليائي وهڪرو پيو وهندو آهي. مند آهر، سياري ۽ اونهاري ۾ اهي وهڪرا پنهنجي پاران ٿوري گهڻي ڦيرگهير پيا ڪندا آهن. اتر استوا (Northern Equater) ۾ هندي وڏي سمنڊ وارو وهڪرو اولهه طرف وهندو آهي. سريلنڪا ملڪ جي ڏکڻ ۾ ان وهڪري جو پاڻي بنگال جي اپسمنڊ (Bay of Bengal) تائين وهندو عربي سمنڊ تائين وڃي رسي ٿو، اهو وهڪرو گهٽ وڌ نموني سبت گهڙيالي (Clockwise) صورت ۾ هلندو آهي. آفريڪا جي راس هوپ (Caps Houp) کان هلي، سعودي عرب کان ٿيندو اولهه هندستان تائين ٿڌاڻ پکيڙي ٿو.
(4) ڏاکڻو ڄميل وڏو سمنڊ/ ائنٽارڪٽڪ وڏو سمنڊ (Antarctic Ocean): هي ڏاکڻو وڏو سمنڊ دنيا جو چوٿون نمبر وڏو سمنڊ آهي. هي ڏاکڻو سـمـنڊ، ائنٽـارڪٽيـڪا کـنڊ سان جُڙيل آهي ۽ ائنٽارڪٽڪ وڏي سمنڊ (Antarctica) جي ڪناري کان شروع ٿي، ڏکڻ ۾ 600 ويڪرائي ڦاڪ تائين پکڙيل آهي. هن سمنڊ جي جملي پکيڙ 20327000 چورس ڪلوميٽر ۽ سراسري اونهائي 4000 کان 5000 ميٽرن تائين ۽ هن جي ڏاکڻي ڇيڙي ۾ هن جو سڀ کان اونهو هنڌ ’ڏاکڻي وچ واري کاهـي‘
(South Sandwich Trench) آهي، جيڪا 7235 ميٽرن ۾ آهي. هي مهاسمنڊ سارو سال ڄميل برف جي صورت ۾ هئڻ جي ڪري واپاري جهازن جي اچ وڃ جوڳو نه آهي. ان ڪري هن مهاسمنڊ جي ڪا به معاشي ۽ اقتصادي اهميت نه آهي. تڏهن به هتي انساني آبادي آهي، جن کي اسيڪموز چون ٿا. هن ڄميل مهاسمنڊ مٿان ٽنڊرا جا ٻيلا (Tundra Forerst) آهن، جن ۾ ليچين (Leichens) ۽ موسس (Mosses) جا وڻ عام جام آهن ۽ انهيءَ سان گڏ رڇن، بگهڙن، لومڙن ۽ گدڙن سان گڏ رينديئرن جا ڌڻ به جت ڪٿ گاهه گوچر چرندا وتن. ڪانگ ۽ ٻيا پکي به هت لڀن ٿا. هن مهاسمنڊ جو گرمي پد 2 کان 10 سينٽي گريڊ آهي. هن ڄميل وڏي سمنڊ جو وڌ کان وڌ ٿڌو ماڳ ’پيليو اسٽيشن‘ آهي. هن وڏي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان سائيڪلون (Cyclone) اوڀر کان ٿي گذرندا آهن. هي ڏاکڻو وڏو سمنڊ (Southern Ocean) هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ (Atlantic Ocean) ۽ پئسفڪ وڏي سمنڊ (Pacific Ocean) جي ڏکڻ ۾ موجود آهي. هن جي اوڀر ۾ آسٽريليا کنڊ ۽ اولهه ۾ ڏکڻ آمريـڪي کنڊ موجود آهي. دنيا جا گهڻا ڀـونءِ وگيـان (Geology) جا ڄاڻو ۽ جاگرافيدان (Geographists) ڪنهن الڳ ڏاکڻي وڏي سمنڊ کي نٿا مڃين ۽ ڪي وري هن کي عظيم ڏاکڻو وڏو سمنڊ (Great Southern Ocean)، ڏاکڻو قطبي وڏو سمنڊ (Southern Polar Ocean) ۽ آسٽرل وڏو سمنڊ (Austral Ocean) چون ٿا. سال 2000ع ۾ انٽرنيشنل هئڊروگرافڪ آرگنائيزيشن (International Hydrographic Organization) دنيا جي پنجن سمنڊن کي محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ پئسفڪ سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جون حدون جوڙيون وڃن.
ڏاکڻا سامونڊي وهڪرا (Currents of Southern Ocean): دنـيـا جــو وڏي ۾ وڏو سامونڊي وهڪرو اينٽارڪٽڪ قطبي گهيري وارو وهڪرو (Antarctic Circumpolar Current) آهي، جيڪو الهندي طرف وهي ٿو، جنهن جي ڊيگهه 21000 ڪلوميٽر آهي. اتر اولهه وارا واهوندا، ڏاکڻي سمنڊ ۾ اولهه- اوڀر واري گولائين لوڙهه (circumpolar drift) جوڙين ٿا. اها لوڙهه اتر ڏانهن ڇاڇوليندي هلندي ويندي آهي. سامونڊي مٿاڇري تي هڪ هوريان هوريان هلندڙ لوڙهه، جيڪا آرڪٽڪ وهڪري منجهان جڙي ٿي ۽ قطب کان سائبريا ڏانهن وڌي ٿي ۽ اوڀر گرين لينڊ ملڪ کان لنگهي ٿي، هن جو ٿڌو پاڻي ڪئنيڊين تک، ڪينيڊين ٻيٽن (Canadian Islands) ۽ بفن ٻيٽن (Baffin Islands) جي اپسمنڊ مان گذري ليبرادر وهڪري (Labradur Current) سان وڃي گڏجي ٿو ۽ ان جي هڪ ڀاڱي جو وڌيڪ پاڻي ڏکڻ پاسي کان لنگهندو اوڀر گرين لينڊ (Eastern Greenland) جي وهڪري ۾ وڃي ڪري ٿو.
اهڙا تراکڙا ٻيا سامونڊي ماڳ (water bodies) اپسمنڊ (bays) ۽ نار/ کاريون (gulfs) آهن، جيڪي پڻ سمنڊن ۽ وڏن سمنڊن سان تعلق رکن ٿا.
(5) اتريون ڄميل وڏو سمنڊ/ آرڪٽڪ وڏو سمنڊ (Arctic Ocean): هي وڏو سمنڊ اتر قطب جي ڀرپاسي ۾ موجود آهي. هن مهاسمنڊ جو گهڻو حصو ٻاروهي ڄميل رهي ٿو. ان ڪري ڏاکڻي مهاسمنڊ وانگر هن ۾ ڪابه واپاري جهازن جي اچ وڃ ڪرڻ ممڪن نه آهي. هتي نه هئڻ جهڙا بندر آهن. هن جا سامونڊي ڪنارا غير آباد ۽ ويران وسنئون جهڙا آهن. هي سمنڊ دنيا جي وڏن سمنڊن مان ننڍي ۾ ننڍو مهاسمنڊ آهي ۽ دنيا جي سمنڊن جو 4 سيڪڙو پاڻي والاري ٿو ۽ ڌرتيءَ جي 80 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي، جنهن جي پکيڙ 14056000 چورس ڪلوميٽر آهي. هن سمنڊ جو اونهي ۾ اونهو هنڌ ’فرم واري ترائي‘ (Fram Basin) آهي، جيڪا 4665 ميٽر آهي. هتي سياري ۾ مڪمل اوندهه يعني رات ۽ اونهاري ۾ مڪمل ڏينهن ٿئي ٿو. هي سمنڊ يورپ، ايشيا ۽ اتر آمريڪا جي وچان پکڙجي ٿو ۽ ان جو گهڻو پاڻي، اتر ۾ آرڪٽڪ گولي تي هجي ٿو. هي سمنڊ چؤطرفو زمين سان گهيريل آهي، سواءِ ٻن لنگهن جي، هڪ بيرنگ لنگهه (Bering Strait) جيڪو 70 ڪلوميٽر ويڪرو ۽ 65 ميٽر اونهو آهي ۽ ٻيو: فرام لنگهه (Fram Strait)، جيڪو گرين لينڊ (Greenland) ۽ اسپٽسبيرجن لنگهه (Spitsbergen Strait) وچان گذري ٿو، جنهن جي ويڪرائي 400 ڪلوميٽر ۽ اونهائي 400 ميٽرن کان وڌيڪ آهي. آرڪٽڪ وڏي سمنڊ جي ترائي (Arctic Basin) مڪمل طور ڌرتيءَ سان ڳنڍيل (Landlocked) آهي. هن جي سراسري اونهائي 1205 ميٽر آهي. آرڪٽڪ ۾ تمام گهڻي برف هوندي آهي، رڳو ساليانو 10 سيڪڙو برف جون ڇپون ۽ گليشيئر (Icebergs and Glaciers، جن جو انگ 1000 کن ساليانو ٿيندو)، ’فرام لنگهه‘ مان رڙهي ’اترئين ائٽلانٽڪ سمنڊ‘ ۾ وڃي پوندا آهن. تن مان به رڳو نيون ۽ تازيون جُڙيل برفاني ڇپون (برفا) رڙهنديون لڙهنديون لنگهي وينديون آهن، جڏهن ته پراڻيون ۽ ڳريون برفاني ڇپون اتي رهجي وينديون آهن. سياري ۽ اونهاري ۾ انهن جي ’فرام لنگهه‘ مان رڙهڻ جو تناسب مختلف هوندو آهي.
اتر قطبي وڏا سامونڊي وهڪرا (Arctic Currents): سڄي سال جي وڏي عرصي تائين آرڪٽڪ سمنڊ هڪ وشال برفاني ميدان جي شڪل ۾ رهي ٿو، گرمين جا چار مهينا هن جي مٿاڇري تي قطبي برف جا ڳرا ۽ وڏا جبل ترندا رهندا آهن، جيڪي سراسري طور 30 کان 40 سينٽي ميٽر جي اُبت- گهڙيالي رفتار (Counter clockwise) سان لڙهندا ۽ رڙهندا رهن ٿا. جڏهن ڌرتيءَ تي آبهوائي تبديليون اچن ٿيون ته سانوڻيءَ جي مهينن ۾ قطبي علائقن جي برف پگهرجي ٿي ۽ اُن جو هڪ وڏو حصو ڳري وڃي ٿو. اتر قطبي وڏي سمنڊ جا ٻه مکيه وهڪرا آهن. هڪ ’بيوفورٽ وهڪرو‘ (Beaufort Current)، جيڪو ڪينيڊائي ترائيءَ ڏانهن لڙي وهي ٿو. ٻيو قطبي اچ وڃ وارو وهڪرو (Transpolar Current) جيـڪــو اولـهه پـاسـي ڏانـهـن لــڙي اتـان اوڀـر گـريـن لـيــنـڊ وهـڪــري (East Greenland Current) سان ملي فرام لنگهه (Fram Strait)، اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ (Northern Atlantic Ocean) ۾ وڃي ڪِري ٿو. اوڀر گرين لينڊ وارو وهڪرو وڏيون برفيليون ڇِپون (Large Icebergs) کڻي لبرادر (Labrador) ۽ نيوفائونڊ لينڊ (New Found Land) جي وشال ڪناري ڏانهن وڃي ٿو، جتي جو گرم پاڻي اُتي جو اُتي کين وگهرايو ڇڏيندو آهي. فرام لنگهه جي پيچيدي نقشائي صورت جي ڪري ڪُن وارو وهڪرو جڙي ٿو، جيڪو وڏي سمنڊ جي اورار- پرار، 30 کان 40 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو آهي ۽ 30 کان 40 سينٽي ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان اترين ائٽلانٽڪ جي گرم پاڻيءَ ۾ وڃي برفيليون ڇپون ڇڏيندو آهي. ڪن وارو وهڪرو برفيلين ڇپن کي وگهرائڻ سان گڏ پاڻيءَ کي داٻ هيٺ پڻ رکندو آهي.
سمنڊ ۽ نار/ کاري (Sea and Gulf): ڌرتيءَ جي مٿاڇري کي جيڪڏهن پکيءَ جي نظر (Isometric view) سان ڏسبو ته سمنڊن جا ڪنارا ڪنهن به جڳهه تي هڪ- ڪرا نظر نه ايندا. ڪيترين ئي جڳهن تان سامونڊي رستا زمين اندر گهڻو اڳتي تائين هليا ويا آهن. ان ريت سمنڊن ڪيترائي علائقا پاڻيءَ سان والاري نيون ساموندي جڳهيون (water bodies) جوڙيون آهن، جن جو تعلق سمنڊن ۽ وڏن سمنڊن (Sea and Oceans) سان لازمي طور وڃي جڙي ٿو. جهڙوڪ: ميڪسيڪو نار/ کاري (Gulf of Mexico) ۽ بيرنگ سمنڊ (Bering Sea) يا ڳاڙهو سمنڊ (Red Sea) ۽ ڪارو سمنڊ (Black Sea). هي سمنڊ ۽ کاريون (Sea and Gulfs) الڳ الڳ طبعي صورتحال ۽ ڪيميائي گڻ (Qualities) رکندڙ آهن ۽ انهن جو ماحولياتي سرشتو (Eco system) به منفرد ۽ بي مثال هوندو آهي. ان ڪري انهن جي مطالعي ۽ مشاهدي جو اڀياس به هڪ الڳ پهلو رکي ٿو.
ميڪسيڪو نار/ کاري (Gulf of Mexico): ميڪسيڪو کاريءَ جي طبعي شڪل ۽ صورت جي تشبيهه راندين جي امفي ٿيٽر (Sports Amphitheater) جهڙي آهي، جنهن کي ٻه داخلي رستا (enter ways) هوندا آهن. ساڳيءَ ريت هن نار کي به ٻه لنگهه (Straits) آهن: هڪ رستو يوڪٽان (Yucatan) ۽ ڪيوبا (Cuba) ڏانهن آهي، جتان پاڻي هڪ سوڙهي جابلو لنگهه وسيلي داخل ٿئي ٿو، جيڪو 1500 کان 1900 ميٽر گهرو آهي. هن جو ٻيو رستو جتان پاڻيءَ جو وهڪرو ٻاهر نڪري ٿو، سو ڏکڻ فلوريڊا (Southern Florida) ۽ اتر ڪيوبا (Northern Cuba) کان آهي. ميڪسيڪو نار، پاڻيءَ جي ڦيري واري گڻ (Circulation properties of Water) جي ڪري هڪ منفرد کاري آهي. هيءَ کاري اوڀر ۽ اولهه کان ٻه اڌ جوڙي وهي ٿي. هن کاريءَ جو اوڀر وارو حصو، پنهنجي ور وڪڙ واري تِکُ (Loop Current) وسيلي حاوي وهڪرو آهي. انهيءَ وڪڙدار وهڪري (Loop current) جي اصليت اُتر- اولهه وارو ڪئريبئين سمنڊ (North western Caribbean Sea) آهي، جڏهن ته اهو يوڪيتين وهڪرو (Yucatan Current) وڃي وچئين اوڀر واري کاريءَ واري هنڌ پاڻي اُڇلائي ٿو. اهو وري اوڀر ڏانهن ورندو ڏکڻ فلوريڊا ۾ پنهنجو وهڪرو ٺاهي ٿو. هن جو وڪڙائون وهڪرو (Loop current) گهڙيءَ جيان ڦرندو (Clockwise rotates)، 50 سينٽي ميٽر واري رفتار کان وڌي 200 سينٽي ميٽر في سيڪنڊ واري اعليٰ رفتار تي اونهاري (Summer) جي مند ۾ وڃي رسي ٿو. هن جو اولهه اڌ وارو ڦيرو ڪمزور ۽ هڪ ڪرو نه هوندو آهي. اهو آرهڙ جي مند ۾ سبت گهڙيالي (Clockwise) نموني تي 50 سينٽي ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان وهندو آهي. هن جو يوڪيٽن واري وهڪرو (Yucatan Current) ٽڪرائين سوڙهي لنگهه مان گذرندو 1800 ميٽر اونهي کاري ۾ وڃي پوي ٿو، جڏهن ته هن جو ڪجهه پاڻي اولهه طرف پکڙجي ٿو، پر گهڻو پاڻي اوڀر طرف فلوريڊا لنگهه (Florida Straits) مان وڃي گذري ٿو، جتي ميڪسيڪو کاري 600 ميٽر اونهو ۽ سوڙهو لنگهه، ڏکڻ فلوريڊا ڏانهن رکي ٿي. انهيءَ ميڪسيڪو کاري/ نار جي پاڻيءَ جو هڪ ٻيو ذريعو مسيسپي درياهه (Mississipi River) آهي، جيڪو ڏکڻ ڏانهن هڪ وڏو درياهي ڊيلٽا (River Delta) جوڙي ٿو، جيڪو پاڻيءَ جي سطح کي 55 ميٽرن تائين محدود رکي ٿو. هن ميڪسيڪو نار/ کاريءَ ۾ تمام گهڻيون معدنيات موجود آهن، جيڪي ’سيل ڊرلنگ‘ (Sill driling) وسيلي کوٽي ڪڍبيون آهن، انهن ۾ ٽامو (Copper)، جست (Zinc)، پارو (Mercurry)، ٽيٽينم (Titanium)، ڪوبالٽ (Cobalt) ۽ مينگنيز (Manganese) جهڙا ڌاتو شامل آهن.
ڪئليفورنيا نار/ کاري (The Gulf of California): ڪئليفورنيا کاري، 1000 ڪلوميٽر ڊگهي ۽ 150 ڪلوميٽر ويڪري آهي، جيالاجيءَ (Geology) جي حساب سان هي هڪ نئين کاري (Young Gulf) آهي. ان جي اصليت ۽ قدامت 40 لک سال (4 million years) آهي. هي کاري/ نار سامونڊي تري جي پکيڙ (Sea floor spreading) جي نتيجي ۾ ان وقت جڙي هئي، جڏهن باجا اپٻيٽ (Bajo Peninsula) ميڪسيڪو جي ڌرتيءَ کان جدا ٿي رهيو هو. هن جو سامونڊي ترو ’ڪاري- سائي پٿر‘ (basalt) مان جڙيو آهي، جيڪو انهيءَ ڏار جي بدلجندڙ شڪل (transform fault) آهي. اُهو اتر کان اتر- اولهه ۽ ڏکڻ کان ڏکڻ- اولهه ڏانهن وڌندو وڃي ٿو. جيئن ته ڪئليفورنيا کاريءَ ۾ وڌندڙ ڪڙين (spreading ridge) جي گهڻائي آهي، ان ڪري ان جي جاگرافيائي تهن جي ڳتيل بناوت (Complex Topography) ۽ مقناطيسي بگاڙ وارا تهه (Magnetic anomaly & trips) ۽ ان جا جابلو ڪڙيا ظاهر ڪن ٿا ته باجا اُپٻيٽ (Baja Peninsula) اتر کان اتر- اولهه ڏانهن ٽُٽي رڙهيو آهي. انهيءَ رڙهڻ ۽ لُڙهڻ واري عمل جي رفتار 6 سينٽي ميٽر في سال جي حساب سان رهي آهي. باجا اُپٻيٽ جي اهڙي ٽوڙ ۽ لوڙهه واري رفتار (speed of drift) ٻُڌائي ٿي ته اهو ٻيٽ پهرين ڏکڻ ڪئليفورنيا کان جدا ٿيو هو ۽ پوءِ هڪ اُپٻيٽ (Peninsula) جي صورت وٺي ميڪسيڪو جي ڪافي زمين پاڻ سان کڻي اوڀر پئسفڪ وڏي سمنڊ (east pacific ocean) ڏانهن لڙيو آهي. انهيءَ ريت باجا اُپٻيٽ جي ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ جيڪا پاڻياري جڳهه (water body) جڙي، سا ڪئليفورنيا نار/ کاري آهي. هن جي سامونڊي تري (sea floor) وارو ڪارو- سائو پٿر (basalt) اندرئين آتش فشاني لقاءَ (volcanic activity) جي شاهدي ڏي ٿو، جيڪو تتل ڳار (magma) مان جڙيو آهي ۽ سامونڊي تري جي پکيڙ (sea spreading) جي ڪري باجا اُپٻيٽ ميڪسيڪو کان اوڀر پئسفڪ وڏي سمنڊ ڏانهن رڙهيو ۽ اڃا تائين اڻ لکي نموني رڙهي رهيو آهي.
بيـنگال وارو اپسـمـنڊ (Bay of Bengal): هـي هـندي وڏي سـمـنڊ (Indian Ocean) جو هڪ تانگهو ۽ تراکڙو پاڻيارو سامونڊي ماڳ آهي. اهو اپسمنڊ 839000 چورس ميل/ 2173000 ڪلوميٽر ويڪرو آهي ۽ ويڪرائي ڦاڪ جي 5 ۽ 22 ڊگري اتر ۽ ڊگهائي ڦاڪ جي 80 ۽ 90 ڊگري اوڀر ۾ موجود آهي. هن جون حدون سريلنڪا ۽ ڀارت جي اولهه، بنگلاديش کان اتر ڏانهن ۽ ميامار (برما = Burma) ۽ اترئين ڀاڱي ’ملائي اُپٻيٽ‘ کان اوڀر تائين پکڙيل آهن. ’بين الاقوامي هائيڊروگرافڪ بيورو‘ (International Hydrographic Bureau) موجب، ”بنگال اپسمنڊ جي حد ڏکڻ کان دوندرا مهڙ (Dondra Head) کان سريلنڪا جي ڏاکڻي آخري حد تائين ۽ اولهه کان انڊونيشيا جي اترئين پڇاڙڪي ٻيٽ سوماترا جي اوڀر تائين آهي. اِهو اپسمنڊ 1000 ميل/ 1600 ڪلوميٽر موڪرو آهي. هن جي سراسري اونهائي 8500 فوٽ/ 2600 ميٽر آهي. هن جي وڌ ۾ وڌ گهرائي 15400 فوٽ/ 4694 ميٽرن تائين آهي. هن جي اولهه کان تمام گهڻا درياهه، جهڙوڪ: مهاندي، گودواري، ڪرشنا ۽ ڪويري اوڀر طرف کان ۽ گنگا ۽ برهمپترا اتر کان اچي هن اپسمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. اندمان ۽ نڪوبار ٻيٽ جو جهڳٽو هن اپسمنڊ کي انڊمان سمنڊ کان ڌار ڪري ٿو. هن کي هڪ ويڪرو مٿيون کنڊائتو پاڻيارو تهه موجود آهي، جنهن ۾ تمام گهڻي آبي جيوت پلجي ٿي. هن اپسمنڊ ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊيلٽا گنگا برهمپرا واري ڊيلٽا سان گڏ انيڪ اولهه ۽ اوڀر وارن درياهن جا منهن (Mouth of Rivers) موجود آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي گهڻ روپي دؤر (Pleistocene Epoch) ۾ 26 لک ورهيه اڳ کان وٺي 12 هزار ورهيه اڳ تائين جڙيا آهن. بينگال اپسمنڊ جي موسم چوماسي واري منڊل جڙڻ تي آڌاريل آهي، جيڪو نومبر کان اپريل تائين وارن ڏينهن ۾ ’کنڊائتي وڏي دٻاءَ واري نظام‘ (Continental High Pressure) ۽ اترين هوائن جي آڌار تي جڙندو آهي ۽ جون کان سيپٽمبر ۾ اترئين آرهڙ ۾ ڏکڻ اولهه وارو مينهوڳيءَ وارو منڊل جڙندو آهي، جيڪو ايشيا ۽ ننڍي کنڊ ۾ سانوڻي رت جو وسڪارو ڪندو آهي. هن اپسمنڊ مان طوفان/ سائيڪلون جنم وٺندا آهن. هن جي اهڙن وڏن سامونڊي طوفانن (Cyclones) سبب نومبر 1970ع، اپريل 1991ع ۽ آڪٽوبر 1999ع ۾ بنگلاديش جي گنگا واري ڊيلٽا، اڀرندي بنگلاديشي ڪٺار وارن مـاڳـن ۽ اوڙيـسا ريـاسـت جـي ڪـنارن جـي آبـاديءَ کـي وڏو هاڃو رسيو هو.
ايشيا ۽ ننڍي کنڊ جي موسم تي بينگال اپسمنڊ جو وڏو اثر آهي. ننڍي کنڊ جا ڪيترائي باراني ماڳ انهيءَ اپسمنڊ جي چوماسي ۽ سانوڻيءَ جي وسڪارن تي صدين کان تڳي رهيا آهن.
سامونڊي اڀياس (Oceanography): سامونڊي اڀياس (Oceanology)، ڀون وگيان (Geology) وانگر سمنڊن ۽ وڏن سمنڊن جي سائنسي مطالعي جو علم آهي، جنهن ۾ سمنڊن ۽ ساگرن/ وڏن سمنڊن جي مٿاڇري سان گڏ انهن اندر ٿيندڙ مختلف عملن جو سائنسي اڀياس ڪيو ويندو آهي. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته سامونڊي اڀياس (Oceanography) ۽ سامونڊي سائنس (Oceanology) ۾ فرق، جاگرافي (Geography) ۽ جيالاجيءَ (Geology) جيترو ۽ جهڙو ئي آهي. ٻنهيءَ جو گڏيل سائنسي اڀياس ئي سمنڊن/ وڏن سمنڊن جي ٻاهرين طبعي، اندرين ڪيميائي ۽ ٻي ضروري ڄاڻ کي بيان ڪري ٿو.
سڄيءَ دنيا ۾ روزانو، ٻه ڀيرا سامونڊي ويرون تبديل ٿين ٿيون، جنهن ڪري سامونڊي ڪنارن تي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لاڳيتو چاڙهه ايندو ۽ لهندو رهي ٿو. سامونڊي سائنسدانن (Oceanographers) موجب ان جو ڪارڻ ڌرتيءَ تي سج ۽ چنڊ جي ڇڪ ۽ زمين جي گردش آهي. مرجاني ٽڪريون (Coral Reefs)، سامونڊي ٽاڪرو تراکڙن هنڌن ۽ گرم پاڻيءَ ۾ اُسرن ٿيون، اهي سمنڊن جي تپيل برساتي ٻيلي (Tropical Rain forest) وانگر ٿين ٿيون، جن جي اندر سمنڊ جي تمام گهڻي ۽ مختلف نمونن جي جيوت (ٻوٽا ۽ جانور) رهي ۽ پلجي ٿي. سامونڊي اڀياس (Oceanography) جي محققن موجب دنيا جي سڀني سمنڊن ۾ انيڪ قسم جي ڌاتن سان گڏ اٽڪل 20 ملين ٽن سون پڻ موجود آهي.
اڄوڪي دؤر ۾ سامونڊي اڀياس (Oceanography)، طبيعات (Physics)، ڀون- طبيعات (Geophysics)، ڀون وگيان (Geology)، ڪيميائي علم (Chemistry)، ڀون ڪيميا (Geochemistry)، حياتياتي ڪيميا (Biochemistry)، حياتياتي طبيعات (Biophysics) ۽ علم حياتيات (Biology) سوڌو ٻين ڪيترن ئي علمن جو احاطو ڪري ٿو، ٿورن لفظن ۾ سامونڊي اڀياس هڪ اهڙي سائنس آهي، جيڪا سامونڊي ڪاٿو بيان ڪرڻ سان گڏ، ان جي طبعي (Physical)، ڪيميائي (Chemical)، اندرين ڀون وگيانڪ (Geological) ۽ حياتياتي (Biological) ڄاڻ جو تفصيل ۽ وچور پيش ڪري ٿي:
سامونڊي کوجنا جي پيرائتي پٽي (A Chronology of Ocean Exploration): سامونڊي سائنس (Oceanography) جي هڪ وڏي تاريخ آهي. 5000 ق. م ۾ سنڌو لوڪن، سڙهه وارا ٻيڙا جوڙي، دنيا جي ٻين کنڊن جي ماڻهن سان واپاري ناتا جوڙيا هئا، اهڙيون ثابتيون سنڌو تهذيب جي اهم ماڳن (Indus sites) مان مليون آهن، جتان سنڌو مهرن تي اُڪريل سنڌو ٻيڙا، لوٿل (Lothal) واري ڏکڻ گجرات جي سنڌو ماڳ تان سڙهه وارن ٻيڙن جا ٻاراڻا ٺڪر جا رانديڪا، گس ڏسڻيون (Shell Compass) ۽ لنگر (Ancors) به لڌا آهن ۽ گڏوگڏ ممبئي ۽ وشڪاپٽم جي بندرن جهڙي هڪ وڏي گودي پڻ لڌي آهي، جتان سڄي سنڌو سلطنت (Indus Empire) جو سامان ڏيساور ڏانهن اماڻيو ويندو هو.
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي هڪ مقالي ’سنڌ ۾ جهازرانيءَ‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته قديم سنڌ جي لوڪن فونيشين کان گهڻو اڳ سمنڊ ۾ ٻيڙا هاڪاري ۽ دنيا جي ٻين کنڊن جي ملڪن سان واپاري ناتا جوڙي ورتا هئا. ڊاڪٽر سرفراز ڀٽيءَ پنهنجي هڪ مقالي ۾ جهازرانيءَ (Navigation) جو هنر ڏکڻ سنڌ (لاڙ) جي ’نوتڪ‘ لوڪن جو ڄاڻايو آهي، جيڪي هاڻي نوتڪاڻي سڏائين ٿا.
¨ 4000 ق. م ۾ مصرين ٻيڙا جوڙڻ ۽ وڏن سمنڊن ۾ هاڪارن وارو فن سکي ورتو هو.
¨ 600 ق. م ۾ فونيشين (Phoenicians) سڄو ڀونوچ وڏي سمنڊ، ائنٽلانٽڪ وڏي سمنڊ، ڪارن وال (Corn Wall)، انگلنڊ کان وٺي آفريڪا کنڊ کي چوڌاري ڦري ڏسي ورتو هو ۽ اهي هاڪارا ٻيڙياتا هئا ۽ سندن بڻ بنياد سنڌو تهذيب سان هو.
¨ 450 ق. م ۾ هيروڊوٽس (Herodotus)، هڪ يوناني سياح ڀونوچ وڏي سمنڊ جو هڪ نقشو جوڙيو هو.
¨ 325 ق. م ۾ هڪ يوناني ٻيڙياتو فائٿياس (Phytheas) انگلنڊ، ناروي ۽ شايد آئسلينڊ جي سامونڊي ڪنارن تائين پهتو هو. هُن چنڊ (moon) ۽ سامونڊي وِيرن (Tides) جو تعلق بيان ڪيو هو. انهيءَ دؤر ۾ ارسطو (Aristotle) هڪ ڪتاب ’ميٽرولوجيڪا‘ (Metrologica) لکيو هو، جنهن ۾ هن يوناني دنيا/ ملڪن جي طبعي صورت ۽ جوڙجڪ يوناني حيواني جيوت سان گڏ سامونڊي حياتيات جو احوال به ڏنو آهي.
¨ سن 192-276 ق. م تائين هڪ يوناني عالم ائرٽوسٿينس (Eratosthenes) مصر جي شهرن اسڪندريا ۽ اسوان ۾ ڌرتيءَ جو گهيرو (Circumference of Earth)، ٽـرگـناميـٽري (Trigonometry) وسيلي معلوم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو.
¨ 54 ق. م کان 30ع تائين هڪ رومي خام ڪل (Seneca Devised) ذريعي پاڻياري ڦيري (Hydrologic Cycle) ذريعي اهو ڏيکاريو ته درياهي وهڪرن جي ڪري سمنڊن ۽ وڏن سمنڊن جي سطح تي ٻاڦ ٺهڻ وارو عمل هڪ- ڪري ۽ ساڳي صورت ۾ برقرار رهي ٿو.
¨ سال 150ع ۾ هڪ يوناني رياضيدان، طبيعات جو ماهر ۽ عالم ٽالمي (Ptolemy)، سڄي روميءَ دنيا جو نقشو جوڙيو، جنهن ۾ ويڪرائي ڦاڪون (Latitudes) ۽ ڊگهائي ڦاڪون (Longitudes) ڏيکاريون ويون هيون.
¨ هڪ انگريز راهب بئڊ (Bede) (735-673ع) هڪ ڪتاب ’سامونڊي ويرن چڙهڻ جي اڀياس‘ بابت ڇپرايو هو، جنهن ۾ چنڊ جي وير تي ضابطي هئڻ کي مڃيو ويو آهي. ان ۾ مهيني وار وير چڙهڻ جي ڦيرگهير جو اڀياس ۽ هوا جي ڇڪ تي اُتاهين ويرن جي اُسرڻ جو مطالعو شامل هو.
¨ سال 982ع ۾ هڪ نارمن شخص، ايرڪ دي ريڊ، بيفن ٻيٽ (Bafin Island) ۽ ڪئناڊا وارا آرڪٽڪ علائقا ڳولي لڌا.
¨ سال 995ع ۾ ايرڪ دي ريڊ جي پٽ ليف ايرڪسن (Leif Ericson) اُتر آمريڪا جي ونيلينڊ (Vinland) ۾ آباديون قائم ڪيون، جن کي هاڻ نيو فائونڊ لينڊ (New Found land) سڏجي ٿو.
سامونڊي کوجنا جا خاص واقعا (Landmark Events in Early Ocean Exploration):
¨ ليونـارڊو ڊائـونچي Leonardo Da Vinci): 1519- 1495ع)، اٽليءَ جي جبلن مان لڌل پنڊ پهڻن (fossils) مان قديم سامونڊي سطح جو اڀياس ڪري ٻڌايو ته انهن پنڊ پهڻن تي قديم سامونڊي وهڪرن ۽ لهرن جا نشان موجود آهن.
¨ سال 1492ع ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس (Christopher Columbus) اتـر آمريـڪا ۽ ويسٽ انڊيز جي ٻيـٽـن (Island of the West Indies) کـي ڳولي لڌو.
¨ سال 1500ع ۾ پيڊرو ايلوريس ڪئبرال (Pedro Alveres Cabral) برازيل ڳولي لڌو.
¨ سال 1513ع ۾ جئان فونڪ دي ليون (Juan Ponce de Leon) فلوريڊا جي نرم ۽ طاقتور سامونڊي وهڪرن جو اڀياس ڪيو.
¨ سن 1513ع کان 1518ع تائين وسـڪـو نـوئـنـز دي بئلبوئا (Vasco Nunez de Balboa) پانانا لنگهه (Panana strait) جو اڀياس ڪندو پئسفڪ سمنڊ(Pacific ocean) تائين وڃي پهتو.
¨ سال 1515ع ۾ پيٽر مارٽر (Peter Martyr) نار جي وهڪري جي اصليت جو اڀياس پيش ڪيو.
¨ سن 1519ع کان 1522ع تائين فرڊنينڊ ميگلان (Ferdinand Magellan)، ڌرتيءَ جي گولي جو اڀياس پيش ڪيو ۽ سيبسٽائن ڊئل ڪانو (Sebastian del Cano) سامونڊي سفر کي مڪمل ڪيو.
¨ سال 1569ع ۽ گئريڊس مئرڪاٽر (Geradus Mercator) دنيا جو هڪ نقشو جوڙي راس ڪيو ۽ ان کي سامونڊي سفر جي پٽيءَ (Charts) طور ڪتب آندو.
¨ سال 1674ع ۾ رابرٽ بوائل (Robert Boyle) سمنڊ جي گرمي پد (temperature of sea)، کاراڻ (salinity) ۽ دٻاءَ (pressure) سان گڏ گِهرائيءَ (depth) جي لاڳاپي جو تحقيقي اڀياس ڪيو.
¨ سال 1725ع ۾ ليوگي مارسيگلي (Luigi Marsigili) سامونڊي سائنس تي پهريون ڪتاب مرتب ڪيو.
¨ سال 1740ع ۾ ليون هارڊ ايولر (Leonhard Euler) سامونڊي وير ۽ چنڊ جي ڇڪ ۽ سگهه جو ڪاٿو لڳايو.
¨ سن 1769ع کان 1770ع تائين بئنجامن فرينڪلن (Benjamin Franklin) کارين/ نارن جي وهڪرن (Stream of Gulf) تي پهريون علمي ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو ته جيئن ٻيڙا اتر ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کي پار ڪري سگهن.
¨ سال 1768ع کان 1771ع، 1772ع کان 1775ع، 1778ع کان 1779ع تائين ڪئپٽن جيمس ڪُڪ (Captain James Cook) ٽن وڏن سمنڊن (Oceans) جو سفر ڪمانڊر جي حيثيت ۾ مڪمل ڪري، جاگرافي (Geography)، جيالاجي (Geology)، وڻ ٻوٽن جي ڄاڻ (Biota)، وهڪرن (currents)، ويرن (tides) ۽ پاڻيءَ جي پدماپ (Temperature) جو سائنسي اڀياس ڪيو.
¨ سال 1802ع ۾ نيلانيئل بائوچ (Nalanial Bowditch) جهازرانيءَ (Navigation) تي هڪ ڪتاب ’نئين آمريڪي عملي جهازراني‘ (New American Practical Navigator) ڇپرايو، جنهن جا نوان نوان ڇاپا اڄ تائين پڌرا ٿيندا رهن ٿا.
¨ سال 1807ع ۾ آمريڪي صدر ٿامس جيفرسن (Thomas Jefferson) سڄي آمريڪي ساحلي ڪنارن جي پٽي (Chart) جاگرافيائي سروي جي آڌار تي تيار ڪرائي.
¨ سال 1817ع کان 1818ع تائين سر جان روس (Sir John Ross) آرڪٽڪ وڏي سمنڊ (Arctic Ocean) ۽ بوفن ٻيٽن (Baffin Island) جي ڳولا ڪندي، انهن جي 1.8 ڪلوميٽر (1.8 km) گهرائيءَ مان تارا مڇي (Star fish) ۽ سانپا (mud worms) ڳولي لڌا.
¨ سال 1820ع ۾ لنڊن جي هڪ فزيشن اليگزينڊر مارسيٽ (Alexander Marcet) سامونڊي پاڻيءَ جي ڪيميائي جزن (Chemical ingredients) جي تحقيق جي آڌار تي اهو ٻُڌايو ته تمام وڏن سمنڊن جي پاڻيءَ جا ڪيميائي جُزا تناسب جي لحاظ سان هڪ ڪرا (uniform) نه هوندا آهن.
¨ سال 1831ع کان 1836ع تائين چارلس ڊارون (Charles Darwin) هڪ سامونڊي سفر وسيلي پنهنجو مشهور نظريو ’قدرتي چونڊ وسيلي حياتياتي ارتقا‘ (Organic Evolution by Natural Selection) پيش ڪيو.
¨ سال 1839ع کان 1843ع تائين سر جان روس (Sir John Ross) جي رهنمائيءَ ۾ ائنٽارڪٽيڪا (Antarctica) وٽ 7 ڪلوميٽر (7 km) اونهي سامونڊي گهرائيءَ مان حياتيءَ جي موجودگيءَ جا نمونا هٿ ڪيا ويا.
سال 1841ع ۾ سر ايڊورڊ فاربس (Sir Edward Forbes) پنهنجو پهريون ڪتاب ’برطانيا جي تارا مڇين جي تاريخ‘ (The History of British Star Fish)، سال 1841ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ سال 1854ع ۾ ’کاري پاڻيءَ جي حياتيات جي ورڇ‘ (Distribution of Marine Life) لکي راس ڪيو، جنهن ۾ هن دليل ڏنا ته سامونڊي حيات 600 ميٽر اونهائيءَ کان هيٺ زندهه نٿي رهي سگهي.
¨ سال 1855ع ۾ ميٿيو فونٽائين مئري (Matthew Fontaine Mary)، سامونڊي هوا ۽ وهڪرن جي انگ اکري ڄاڻ تي آڌاريل ’سمنڊ جي طبعي جاگرافي‘ (The Physical Geography of Sea) بابت هڪ ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو.
¨ سال 1868ع کان 1870ع تائين چارلس وائل ٿامسن (Charles Wyville Thomson) سرڪاري سرپرستيءَ (His Megisty Service: H.M.S) ۾ روشنين کان پري هڪ ’گهري سمنڊ جي گرميءَ پد‘ (Deep Sea Temperature) جو ماپو (Measurement) ۽ گهرائي ۽ زندگيءَ جا نمونا هٿ ڪري، هڪ اڳوڻي سائنسدان جي هٿ ٺوڪين اوزڪ زون (Azoic Zone) کي غلط ثابت ڪيو.
¨ سال 1871ع ۾ آمريڪي گڏيل رياستن جي (United States of America) جي ’مڇي ڪميشن‘ (Fish Commission) ميساچوسٽس جي ووڊ هول علائقي ۾ هڪ جديد ليبارٽريءَ کي قائم ڪيو.
¨ سال 1872ع کان 1876ع تائين چارلس وائل ٿامسن (Charles Wyville Thomson) جي رهبريءَ ۾ عالمگير سائنسي ڄاڻ جا نمونا ۽ انگ اکري ڄاڻ جا تيار ڪيل 50 جُلد ڇپايا ويا.
¨ 1873ع ۾ چارلس وائل ٿامپسن (Charles Wyvile Thomson) سامونڊي اڀياس بابت هڪ اهم ڪتاب ڇپرايو، جنهن کي ’سمنڊ جي اونهائي‘ (The Depth of Sea) نالو ڏنائين.
¨ سال 1877ع کان 1880ع تائين اليگزينڊر اِگاسز (Alexander Agassiz) هڪ آمريڪي، نيچرلسٽ ۽ جيالاجيءَ جي ڄاڻ واري سامونڊي ٻيڙي وسيلي آمريڪا کان پري گهري سمنڊ جي جاچ ورتي. هن هارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تقابلي حيوانيات (Comparative Zoology) جي پهرين سامونڊي اسٽيشن (قدرتي تاريخ واري اينڊرسن اسڪول جا بنياد) ’پينيڪيس ٻيٽ‘ (Penikase Island) تي قائم ڪئي.
¨ سال 1884ع کان 1901ع کان هڪ آمريڪي سائنسدان البيٽروس (Albetross) سامونڊي سائنسي اڀياس لاءِ هڪ ليبارٽريءَ جو نقشو جوڙي ان کي خاص نموني تيار ڪيو، ته جيئن ’سامونڊي سائنس‘ (Oceanography) جي تحقيق مختلف رخن کان ممڪن ٿي سگهي.
¨ سال 1888ع ۾ آمريڪا جي ميساچوسٽس رياست جي شهر ووڊ هول (Wood Hole) ۾ سامونڊي حياتياتي اڀياس بابت پهرين سامونڊي ليبارٽري قائم ٿي، جنهن جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر چارلس اوٽس وئٽمئن (Dr. Charles Otis Whiteman) مقرر ٿيو.
¨ سن 1893ع ۾ هڪ ناروين شخص فريجوف نئنسن (Fridtjot of Nansen) هڪ مثالي سامونڊي جهازي تاڃي پيٽو تحقيق جي مقصد لاءِ جوڙيو، جنهن ذريعي هن آرڪٽڪ وڏي سمنڊ (Arctic Ocean) جي پاڻيءَ جي ڦيري (circulation) جي ڄاڻ حاصل ڪئي.
¨ سن 1902ع ۾ هڪ ڊئنش سائنسدان حڪومت جي پٺڀرائيءَ سان سامونڊي تحقيق لاءِ هڪ ’سامونڊي کوجنا لاءِ عالمي ڪائونسل‘ (International Council for the Exploration of Sea-ICES) قائم ڪئي، جنهن جو پهريون تحقيقي اڀياس ’اتر ائٽلانٽڪ جي ماهيگيريءَ تي وڏن سمنڊن جي حالتن جو اثر‘ (The Impact of Conditions of Ocean on North Atlantic Fisheries) هو. اها عالمي ڪائونسل برطانيا، جرمني، سويڊن، ناروي، ڊينمارڪ، هالينڊ ۽ اڳوڻي گڏيل روسي رياستن جي نمائندن تي ٻڌل هئي.
¨ سن 1903ع ۾ هڪ تحقيقي ليبارٽري، ’فرائيڊي هاربر سامونڊي ليبارٽري‘ (Friday Harbor Oceanographic Laboratory) واشنگٽن يونيورسٽيءَ جي سياٽل (Seattle) واري هنڌ قائم ڪئي وئي.
¨ سـن 1903ع ڌاري ’اسڪــرپـس حـيـاتـيـاتـي تحـقـيـقـي اداري‘ (The Scrips Institution of Oceanography) کي ’اسڪرپس سامونڊي اداري‘ (The Serips Institution of Oceanography) ۾ بدلايو ويو ۽ ان جو بنياد برڪلي (Berkeley) ڪئليفورنيا يونيورسٽيءَ ۾ وڌو ويو.
¨ سن 1912ع ۾ جرمن موسمياتي ماهر، الفريڊ ويگنر (Alfred Wagner) ’کنڊائين ٽوڙ ۽ لوڙهه وارو نظريو (Theory of Continental Drift) پيش ڪيو، جنهن جي آڌار تي مهاکنڊ (Super Continent) جي مختلف قديم دورن ۾ ونڊ ورڇ ٿيڻ وارو اڀياس سامهون آيو.
¨ سال 1925ع کان 1927ع تائين هڪ جرمن مهم جُو، ميٽريو جهاز وسيلي ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي طبعي صورت جو سامونڊي اڀياس ڪيو، هن پهريون ڀيرو ’پڙاڏي جي آواز‘ (Eco sound) کي وڏي سطح تي تحقيقي اڀياس لاءِ استعمال ڪيو.
¨ سال 1930ع ۾ رياست ميساچوسٽس جي ڏاکڻي ڪناري تي ’راس ڪُڊ‘ (Cape Code) ۾ ’ووڊ هول سامونڊي ادارو‘ (The Wood Hole Oceanographic Institution) جديد دؤر جي تقاضائن موجب ائٽلانٽڪ سمنڊ جي سائنسي اڀياس لاءِ جوڙيو ويو.
¨ سال 1932ع ۾ ’عالمي وهلنگ ڪميشن‘ (International Whaling Commission) سامونڊي جيوَت جي سڄي انگ اکري ڄاڻ (data) گڏ ڪئي ۽ وهلنگ انڊسٽريءَ تي اهي اصول رضاڪاراڻي نموني مڙهيا ويا.
¨ سال 1942ع ۾ هيرالڊ سيورڊرپ (Herald Sverdrup)، رچرڊ فليمنگ (Richard Fleming) ۽ مارٽن جانسن (Marten Johnson) سائنسي اساسي اڀياس تي مشتمل شاهڪار ڪتاب ’وڏا سمنڊ‘ (The Oceans) ڇپرائي پڌرو ڪيو، جيڪو اڄ تائين پـڙهـندڙ ۽ محـقـق ڪـتب آڻين ٿا.
¨ ســال 1949ع ۾ ’لــيـميـنــٽ جـيـالاجـيـڪـل مـشــاهـدي گاهـه‘ (Lement Geological Observatory) ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن کي ’ليمينٽ دوهرٽي‘ (LemenT Doherty) نالو ڏنو ويو. اها ’ليمنٽ دوهرٽي‘ هڊسن درياهه (Hudson River) جي ڪنڌيءَ تي قائم آهي.
¨ ســال 58-1957ع کـي بـيــن الاقــوامـي جـاگــرافـيـائـي ســال (International Geography Year = IGY) ڪري ملهايو هو، جنهن جو انتظامي مقصد جاگرافيائي تحقيق ۾ هڪ ٻئي سان علمي ۽ تحقيقي سهڪار ڪرڻ هو.
¨ سال 1958ع کان 1965ع تائين اقوام متحده پاران ’هندي وڏي سـمـنـڊ بابـت عـالـمـي مـهـم‘(The International Indian Ocean Expedition) قائم ڪئي وئي، جيئن منظم نموني هندي وڏي سمنڊ جو سائنسي اڀياس ڪري سگهجي.
¨ سال 1966ع ۾ آمريڪا جي متحده رياستن جي ڪانگريس سامونڊي سائنسي تعليم لاءِ گرانٽ ۽ فنڊن جي منظوري ڏني، جيئن ساگر وديا ۽ ساگري کوجنا ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي سگهي.
¨ سال 1968ع کان سال 1975ع تائين متحده آمريڪي رياستن جي ’فطري سائنسي اساس‘ (National Science Foundation) ’سمنڊن کي گهري سَلڻ‘ (Deep Sea Drilling) جي رٿابندي ڪئي ته جيئن سمنڊ جي اندرين تهن جي ڄميل مادن جي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي. ان لاءِ 1975ع ۾ ٻيهر ’بين الاقوامي مهاساگري سلڪاري واري رٿا‘ (International Ocean Drilling Project) جوڙي وئي، جيڪا اڄ به ڪم ڪري رهي آهي.
¨ سال 1970ع ۾ آمريڪي حڪومت هڪ شعبو ’نوئا‘ (National Oceanic and Atmospheric Administration= NOAA) جوڙيو، جيئن سامونڊي اڀياس ۽ موسمي ڄاڻ واري اڀياس ۾ ڄاڻ جو سهڪار پرڏيهي ملڪن سان ڪري سگهجي.
¨ 1970ع واري ڏهاڪي کي اقوام متحده پاران ’سامونڊي کوجنا جو بين الاقوامي ڏهاڪو‘ (International Decade of Ocean Exploration= IDOE) مقرر ڪيو ويو، جيئن ساگري اڀياس جي هر پهلوءَ کان ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي.
¨ 1970ع ڌاري ’سـاگــري ڀـون ڪـيميـائـي ڀـاڱـي جـو اڀيـاس‘ (The Geochemical Oceanic Sections Study= GEOSECS) منظم ڪيو ويو، جيئن سامونڊي پاڻيءَ جي ڪيميائي ڄاڻ ۽ حياتياتي ڪيميائي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي.
¨ 1978ع ۾ پهرين ’ساگري اپگرهه‘ (Ocean Satellite) کي آڪاش ۾ ڇڏيو ويو، جيئن وڏن سمنڊن جي ڄاڻ هر پهلوءَ کان حاصل ڪري سگهجي.
¨ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ’وڏن سمنڊن جي سهڪاري تحقيقي مهم جوئيءَ واري رٿا‘(The Coordinated Ocean Research and Expedition Section Program= CORESP) هيٺ لاڳيتو سال 1988ع تائين اعليٰ تحقيقي اڀياس ڪيو.
آڳاٽن وڏن سمنڊن وارين سائنسي کوجنائن (Early Oceanic Scientific Investigation) جي ڏس ۾ برطانيا هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي جي حڪومت سامونڊي سائنس جي کوجنا کي سدائين همٿائيندي ۽ پٺڀرائي ڪندي رهي ٿي، جهڙوڪ: ’شاهي سوسائٽي لنڊن‘ (The Royal Society of London) جنهن دنيا جي سمنڊن بابت جاگرافيائي ۽ سائنسي ڄاڻ کي وڌايو ۽ ويجهايو آهي. هن سوسائٽيءَ مان ڪئپٽن جيمس ڪڪ (Captain James Cook) به هڪ هو، جنهن اهڙي سامونڊي مهم جوئي ڪئي. هن 1768ع کان 1779ع تائين ٽي اهڙا وڏا مانائتا ساگري مهم جو سفر (His Majesty Sea faring Adventure) مڪمل ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو