
سمن شاهه سرڪار جي خيالي تصوير

سمن سرڪار جي درگاهه جو منظر
سمن سرڪار: حضرت سمن سرڪاررح ويهين صديءَ جو مشھور ولي ﷲ ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو سيد گل شاھہ ثاني هو. سندس ولادت جي ڪا بہ صحيح تاريخ موجود ڪانهي. سنڌ جو هي واحد مجذوب ۽ ابدال ٿي گذريو آهي، جنهن تي جيئري بہ ميلا لڳندا هئا، ۽ سندس رحلت کانپوءِ بہ ساليانو عرس وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو وڃي ٿو. سيد سمن شاھہ جي ولادت جو هنڌ ڳوٺ ٻورڙا لغاري، لڳ خيرپور کاهي، تعلقو ٽنڊو باگو، ضلعي بدين آهي. سمن سرڪار جي مادري ٻولي سرائڪي هئي ۽ کيس ٻہ ڀائر هئا. هڪڙو مٺڻ شاھہ، ٻيو ڦلڻ شاھہ. سمن شاھہ سرڪار سموري عمر شادي ڪانہ ڪئي.
سمن شاھہ سرڪار صورت ۾ عجيب انسان نظر ايندو هو، سونهاري اڇي ۽ گهاٽي، چهرو گول، اکيون سرخيءَ مائل وڏيون، سخت خماريل ۽ هميشہ زمين ۾ کتل هونديون هئس. ڪڏهن ڪڏهن خلوت يا وجد جي حالت ۾ آسمان طرف کڄي وينديون هئس تہ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. مٿي جا وار ڊگها ۽ وڏا هوندا هئس. ڪڏهن لباس پهريل هوندو هئس تہ ڪڏهن بنا لباس جي هوندو هو، اهڙيءَ حالت ۾ پاڻ چوندو هو تہ مون کي نوراني لباس آهي، ڪڏهن جتي پائيندو هو تہ ڪڏهن وري پيرين اگهاڙو هلندو وتندو هو، حقي ۽ چلم جو شوقين هو. ڪو سٺو کاڌو کيس آڻي ڏبو هو تہ اُن ۾ حقي جو پاڻي ملائي لذت ضايع ڪري کائيندو هو.
روايت آهي تہ سمن شاھہ جڏهن جوانيءَ ۾ هو تہ ڳوٺ جي ’جنت‘ نالي هڪ ڪنڀاري ڇوڪريءَ سان لنؤ لڳي ويس، جنهن کانپوءِ اُن ڇوڪريءَ کي سدائين پاڻ سان گڏ رکڻ لڳو. ڇوڪريءَ جي مائٽن کي اها ڳالھہ برداشت نہ ٿي. ڇوڪريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا حيلا وسيلا ڪيائون، پر اهي ناڪام رهيا. نيٺ سمن شاھہ جي والد کي التجا ڪيائون، جنهن کيس گهر جي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري، ڇوڪريءَ کي وارثن حوالي ڪيو ۽ کين تلقين ڪيائين تہ اُهي ڇوڪريءَ سميت لڏي ڪنهن ٻئي پاسي هليا وڃن. سمن شاھہ انهيءَ غم ۾ 4 ڏينهن ڪوٺيءَ ۾ رهيو، کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيائين، جڏهن ٻاهر نڪتو ۽ خبر پيس تہ ڇوڪري ۽ ان جا مائٽ لڏي وڃي چڪا آهن تہ مٿس جوش ۽ جولان واري ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ مستيءَ جي عالم ۾ هيڏانهن هوڏانهن رُلڻ لڳو. ڪيترائي مهينا اُن حالت ۾ گذاريائين، آخر ڳوٺ جي ويجهو ڪبير شاھہ جي قبرستان ڏي هليو ويو ۽ اتي آستان بڻائي ويهي رهيو، چيو وڃي ٿو تہ سمن سرڪار کي اُن بزرگ کان حقيقي امانت نصيب ٿي، جنهن کانپوءِ سدائين سڪون ۽ ماٺ ۾ رهڻ لڳو. سمن سرڪار ڪرامت جو بزرگ هو. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ۽ پيشنگوئيون مشھور آهن. برٽش حڪومت جي دور ۾ هڪ انگريز ڪليڪٽر سندس سيرت ۽ ڪرامتن کان متاثر ٿي ميلي لڳائڻ لاءِ چار بلاڪ زمين سندس فقيرن کي الاٽ ڪئي.
سمن سرڪار جا خاص ٽي فقير هئا، هڪڙو ميان گلابراءِ خاص خدمتگذار هو، پر سمن شاھہ جي وفات کانپوءِ حج ڪري هميشہ لاءِ مديني ۾ رهڻ لڳو ۽ نبي سائين صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي روضي مبارڪ ۾ ٻهاريون ڏئي ايندڙن ويندڙن کي پاڻي پياريندو هو. آخر ۾ اتي ئي وفات ڪيائين ۽ جنت البقيھ ۾ دفن ڪيو ويو. سمن سرڪار جو ٻـيــو فـقـيـر لالـو ڪهيـري هـو ۽ ٽيـون فقيـر مائي سليمت هئي، جيڪا سائينءَ جو کاڌو تيار ڪندي هئي.
مائي فقيراڻي سليمت، شاھہ لطيف جو ڪلام کـيس ڳائي ٻڌائيندي هئي، جيڪو ٻُڌندي سمن سرڪار ڪڏهن ڪڏهن وجـد ۾ اچي ويندو هو.
حضرت سمن سرڪار 14 رجب 1349ھہ مطابق 5 ڊسمبر 1930ع تي پنھنجي ميلي دوران (جيڪو ڪاري واھہ جي ڪپ تي ڌام ڌوم سان ٿي رهيو هو) وفات ڪئي. سندس وصيت مطابق غسل ۽ ڪفن کانپوءِ پنگريي شھر کان چار ڪلوميٽر پري هڪ پوٺي تي وڻن جي ڇانوَ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس فقير گلاب راءِ سندس تربت ۽ سفيد گنبذ جي اڏاوت ڪرائي، ۽ مقبرو جوڙايو. سمن سرڪار جي درگاھہ جو انتظام هن وقت اوقاف کاتي وٽ آهي. سمن سرڪار جي درگاھہ جي هڪ خاص رسم آهي تہ عقيدتمند نذر نذراني طور ڪڪڙ کڻي ايندا آهن، جنهنڪري هر وقت درگاھہ تي وڏي تعداد ۾ ڪڪڙ موجود هوندا آهن ۽ مسافرن لاءِ انهن جو لنگر هلايو ويندو آهي. روايت آهي تہ سندس حياتيءَ ۾ جڏهن ڪو ماڻهو وٽس ڪا مراد کڻي ايندو هو تہ ڪنڌ هيٺ ڪري کيس جواب ڏئي ڇڏيندو هو ۽ جنهن تي راضي ٿيندو هو تہ کيس چوندو هو تہ: ”ڪڪڙ چا آوين. . . . “ اهو ئي ڪارڻ آهي جو ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سوالي سندس آرامگاھہ تي ڪڪڙن جو نذرانو کڻي ايندا آهن.
سمن سرڪار جو ساليانو عرس (ميلو) هر سال 14، 15، 16 آڪٽوبر تي، پنگريي شھر کان چئن ميلن جي فاصلي تي ڏکڻ طرف سمن سرڪار جي روضي تي لڳندو آهي، اهو روضو سندس هندو معتقد گلاب راءِ جوڙايو هو. ميلي ۾ وڏي تعداد ۾ زائرين شرڪت ڪندا آهن. سائين سمن سرڪار جو ميلو سنڌ جي وڏن ميلن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
سنڌ جي ناليواري لوڪ فنڪارہ مائي ڀاڳي، سائين سمن سرڪار تي هڪڙو گيت ڳايو هو، جيڪو تمام گهڻو مشھور آهي. ’سمن سائين، مان تہ گولي غلام تنھنجي در جي‘. ان کانسواءِ لاڙ ۾ عام طور تي هي گيت بہ مشھور آهي تہ: ”سمن تون سُڌير آهين، بر پوٺي جو پير آهين.“
1930.12.05 عيسوي
حضرت سمن سرڪار 14 رجب 1349هه مطابق 5 ڊسمبر 1930ع تي پنهنجي ميلي دوران (جيڪو ڪاري واهه جي ڪپ تي ڌام ڌوم سان ٿي رهيو هو) وفات ڪئي. سندس وصيت مطابق غسل ۽ ڪفن کانپوءِ پنگريي شهر کان چار ڪلوميٽر پري هڪ پوٺي تي وڻن جي ڇانوَ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس فقير گلاب راءِ سندس تربت ۽ سفيد گنبذ جي اڏاوت ڪرائي، ۽ مقبرو جوڙايو. سمن سرڪار جي درگاهه جو انتظام هن وقت اوقاف کاتي وٽ آهي.