سناتن ڌرم

سناتن ڌرم (Sanatan Dharma): سناتن ڌرم، هندستان يعني ننڍي کنڊ جو قديم ويدڪ ڌرم آهي. ننڍي کنڊ ۾، عقيدو، ويساهه ۽ ڌرم جا لفظ ڌرم جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن، ان جو مفهوم آهي: ”جنهن تي هر شيءِ بيٺل هجي“. قديم تهذيب ۽ فلسفي ۾ اهو نظريو انوکو ۽ بي مثال آهي. ڌرم سنسڪرت جي لفظ ڌر يعني ڌارڻ ڪرڻ، اختيار ڪرڻ يا بيٺل هجڻ تان ورتل آهي. اهو هر حوالي کان ٻَڌيءَ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ لاءِ سڀني ڳالهين يا شين کي سهارو ڏيندڙ قاعدو يا سرشتو آهي.
عقيدو يا ڌرم رڳو مذهب ناهي، جيئن مغربي دنيا وارا يا جيئن اڄ ڪلهه جي جديد دور ۾ سمجهيو وڃي ٿو. جديد مفهوم ۾ ڏٺو وڃي ته هندستاني هر شهريءَ جو عقيدو پنهنجي سماج جي سڀني ماڻهن طرفان لاڳو ڪيل فرض آهي. گيتا موجب سماج ۾ هر فرد جي پنهنجي واٽ ۾ جنهن ۾ هن جنم ورتو آهي، هر هڪ جو مخصوص پنهنجو فرض آهي.
شنڪر آچاريا پنهنجي ’برهم سوتر ڀاشيه‘ ۾ ڌرم جي وصف هيئن ڏني آهي ته: ”جيڪو دنيا ۾ استحڪام ۽ سڀني شين ۾ خوشحالي ۽ برڪت آڻي ٿو، اهو ڌرم آهي.“ هندستاني مڪتبِ فڪر ميماسا جي مطابق حڪمن جي بجا آوري ڌرم آهي. رامائڻ ۾ چيل آهي ته: ”ڌرم دنيا ۾ سڀ کان مٿي آهي. ۽ سچائي جو بنياد ڌرم آهي.
عقيدو زندگيءَ جي سرگرمين کي هم آهنگي ۽ رستو ڏَسي ٿو. اهو هڪ اخلاقي يا سماجي اصول لاڳو ڪندڙ مسلڪ يا فرقو ناهي. عقيدي يعني ڌرم جو مقصد انسان کي انهيءَ طبعي سطح کان مٿي کڻڻ ۽ اعليٰ تر سطح تي پهچائڻ آهي. زندگيءَ جا چار مقصد انهيءَ ڌرم تي حڪمراني ڪن ٿا، يعني: عقيدو، ملڪيت، ڪام ۽ موڪش.
ڌرم جو مقصد ٻه پاسائون آهي: هڪ ته ان جو واسطو انسان جي سماجي زندگيءَ سان آهي، ٻيو ته اسان جي آتمڪ يعني روحاني زندگيءَ سان آهي. يعني ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ. سماجي حوالي سان ڌرم انسان جي عمل/ ڪرم کي باضابطه بنائڻ ۽ ماڻهوءَ جي ڪردار کي موزون قسمن جي سانچي ۾ پلٽائڻ آهي. هو جڏهن ڌرم تي عمل ڪندو آهي ته هو انسان ۽سماج تي تن، من ۽ ڌن قربان ڪندو آهي، نتيجي ۾ ترقي ۽ خوشحالي حاصل ٿيندي آهي. مطلب ته ڌرم به انسان جي جسم ۾ ساهه وانگر سماج جي جياپي جي قوت آهي.
سناتن ڌرم ۾ دراوڙن جو حصو: هندستان جي ويدڪ ڌرم يا سناتن ڌرم ۾ دراوڙن جو به ڪجهه حصو آهي. موجوده هندو ڌرم ۾ ان جي اثرن جي کوج لڳائي سگهجي ٿي. موهن جي دڙي مان مليل ڪجهه مهرون ۽ هڙپا مان مليل ننڍا مجسما، پٿرن جون مورتيون وغيره ڌرمي عقيدن، منترن وغيره جو ثبوت آهن. ماتا ديويءَ (Mother Godess) جو فرقو سنڌو ماٿر جي تهذيب جي دور ۾ وڏي پئماني تي عام هو. ان فرقي جا ماڻهو عورت جي قوت ۾ سڀني تخليق جي سرچشمن طور يقين رکندا هئا. اعليٰ ترين قوت جي ڪنهن شڪل يا علامت جي پوڄا جي رسم م ديوتائن کي گلن، ميون، پاڻيءَ جي انجلين، ديوين ۽ ديوتائن کي شينهن، ڍڳي، وڻ، جبل وغيره جهڙيون علامتون دراوڙي ميراث جون نشانيون آهن. تنترن ۽ منترن ۾ يقين به دراوڙن جي ميراث مڃي وڃي ٿي. موهن جي دڙي مان مليل هڪ مورت ’مڌرگاڊيس‘ جي آهي، جڏهن جي جنسي عضوي مان سلو ڦٽندي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو تخليق جي علامت ظاهر ڪري ٿو. آرين جي تهذيب ۽ خاص ڪري انهن جي فلسفياڻي سوچ ۽ پهرئين هزار سال جي دوران ڌرمي منترن جي باري ۾ اسان کي انهن ڪتابن مان خبر پوي ٿي، جن کي مجموعي طرح ’ويد‘ چيو وڃي ٿو. قديم عقيدي يعني سناتن ڌرم موجب ويد لافاني، غير تخليقي ۽ بي ازل آهن.
ويدن جا ٻه وڏا حصا آهن: پهريون حصو منتر يا سمهتا ۽ ٻيو برهمڻ آهن. هر هر پڙهڻ ۾ ايندڙ منتر آهن ۽ سمهتا جو مطلب آهي: گڏ ڪيل، برهمڻ رڳو پوڄا ۽ يگيه يا هوَن جي رسمن تي زور ڏين ٿا. انهيءَ جا ٽي حصا آهن: (1) برهمڻ، (2) آرڻيڪ، ۽ (3) پرساد.
ويدن جو ڪل تعداد چار آهي: (1) رگ ويد، (2) سام ويد، (3) يجر ويد، (4) اٿر ويد.
(1) رِگ ويد سڀنيءَ ۾ پراڻو آهي، جنهن ۾ اهو ٻڌايل آهي ته فيلسوفاڻي سوچ، ڌرم، تصورات ۽ ٻين لاڳاپيل احساسن ۽ جذبن انساني ذهن ۾ ڪئين جنم ورتو.
(2) سام ويد ڀڄنن جو مجموعو آهي. هن کي جدا ڪتاب نٿو چئي سگهجي، ڇو ته هن ۾ ڪافي سارا ڀڄن رِگ ويد مان کنيا ويا آهن.
(3) يجر ويد ۾ قربانيءَ جي وقت جپ ۾ استعمال ٿيندڙ منتر آهن. هن ويد جون ٻه صورتون- شڪله يجر ويد ۽ ڪرشن ويد آهن.
(4) چوٿين ويد اٿر ويد ويد ۾ انساني حقيقي زندگيءَ سان لاڳاپيل بنيادي موضوع شامل آهن. هن ۾ نثر ۽ نظم جي صورت ۾ ايشور سان مخاطب ٿيل منتر آهن. ڪجهه نظم فيلسوفاڻي اهميت وارا به آهن.
ويدڪ دور ۾ اهم ديوتا- اگني، سوريه، ورڻ، رُدر، اُوشا ۽ سرسوتي هئا. پر پوءِ پوئين زماني ۾ وشڻو، شِو، لڪشمي، ڪالي ۽ ٻين ديوتائن جي پوڄا ڪئي ويندي آهي. ويدڪ ڌرم موجب آريه آوامن يعني ’آتما جو هڪ جسم مان نڪري ٻئي ۾ داخل ٿيڻ‘ ۾ ويساهه آهي.
اُپنشد: اپنشد مختلف دورن جي بيشمار رشين قلمبند ڪيا. اهي فلسفي جو هڪ باربط يا باقاعده نظام پيش نٿا ڪن. اهي آتم گُرن جي قولن تي ٻڌل اُپديش آهن، جن کي اونهي ڌيان جي ذريعي اعليٰ ترين سچائي جي جهلڪ ڏٺي. انهن جو طريقي ڪار منطقيءَ جي بدران تاليدي آهي، ۽ اصل مقصد ايشور، انسان ۽ آسپاس جي دنيا جي باري ۾ ايشوري گيان حاصل ڪرڻ لاءِ انساني ذهن جي فطري خواهشن کي پورو ڪرڻ آهي. اپنشندن ننڍي کنڊ جي فڪر ۽ فلسفي تي ڪافي اثر وڌا. هندستان جا سڀ فڪري ۽ فيلسوفا نظام ۽ عقيدا اپنشدن مان ئي نڪتا، جن کي ’ڇهه درشن‘ يا ’ڇهه اُپ انگ‘ چئجي ٿو. اهي سڀ هڪ وگيان هڪ گيان ڏين ٿا، جنهن وسيلي هڪ آتما ئي سچ ٿي لڳي ۽ ٻيو سڀ آ سچ.
اپنشد ويدن جو آتم گيان (روحاني علم) آهين، جيڪي مرڪزي طور هيٺين تخليق جي نظرين کي واضح ڪن ٿا.
مادو ايشور کان الڳ وجود رکي ٿو، (2) ايشور سرشٽي (ڪائنات) جي اُتپتي (پيدائش) شونيه (ڪجهه به نه) مان ڪئي ۽ هُو ئي سرشٽيءَ جو هلائيندڙ آهي. (3) ايشور ۽ دنيا هڪٻئي جو عڪس يا اولڙو آهن، (4) رڳو ايشور ئي سچ آهي.
پراڻ: رامائڻ، مهاڀارت ۽ ڀڳوت گيتا آڳاٽي زماني جا طويل وير رس ڪاويه يا Epics دنيا جون ساهتڪ ۽ ڌرمي فيلسوفاڻي تاريخ ۾ بي مثال اهميت رکن ٿيون. فلسفي جي مختلف سرشتن يعني سانکيه يوگ، ويدانت، شِو، شڪتي وغيره سڀ انهن طويل رزميه نظمن ۾ بيان ڪيل آهن.
رامائڻ: رام جي ڪهاڻي رامائڻ، هندستاني تهذيب کي زندهه رکيو آهي ۽ اسان جي زندگيءَ جي قوت کي اخري مقصد يعني سچ جي حاصلات جو رستو متعين ڪيو. هن وير ڪٿا ۾ رام هر سٺي ۽ نيڪ شيءِ جو مجسمو ۽ سموري دنيا جي نيڪيءَ جو مظهر آهي. سندس انداز تمام نِت نئون ۽چمتڪاري آهي. رامائڻ جي سموري نظم ۾ محبت، همٿ، بهادري ۽ سنجم جو تمام اعليٰ انداز پيش ڪيل آهي. هيءَ هڪ ادبي تصنيف آهي، جنهن ۾ ٻه اهم پهلو ڏيکاريل آهن. هڪ حقيقت پسندانه ۽ ٻيو رومانوي. ڪردار عام طور انساني، انسان کان مٿڀرا ۽ نيم انساني آهن. رامائڻ ۾ نرمائي وارو طريقو. نظام ڪاري، جنگ ۽ زندگيءَ جا ڪجهه ٻيا سماجي پهلو به پيش ڪيل آهن. رامائڻ ۾ ڌرم، اخلاقيات، فلسفو، راڄنيتي، تاريخ، سماجيات ۽ معاشيات جهڙا موشوع به چِٽا نظر اچن ٿا. هڪ شاعراڻو فن ۽ تاريخ جو نمونو هئڻ کان سواءِ رامائڻ هڪ ’ڌرم شاستر‘ به آهي. سچائي جي تعليم ڏيندڙ پاڪ پوتر ڪتاب رامائڻ مختلف ڪردارن جي طاقت ۽ ڪمزوري سامهون آڻي ٿي. رام آريائي زندگيءَ جي اعليٰ تصور جو مجسمو آهي. هو هڪ ڀروسي جوڳو ۽ فرض شناس پُٽ، شفيق ڀاءُ، محبت ڪندڙ مُڙس، سختگير ۽ سنگ دل ويڙهاڪ، سورمو ۽ هڪ مثال راجا به آهي. لڪشمڻ ۽ ڀرت مثال ڀائرن جا نمائندا آهن، جڏهن ته سيتا سيل ونتي ۽ باوفا زال ۽ دسرٿ ۾ عورت جي حُسن لاءِ مرداڻي ڪمزوري ڏيکاريل آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو هو خود بلڪ سندس سموري راجائي برباد ٿي وئي.
مهاڀارت: هن ۾ سمورا باب ڌرم، فلسفي ۽ ادب جي باري ۾ آهن. مهاڀارت ويدڪ صحيفي جي حاڪميت تسليم ڪري ٿي. هن ۾ متعدد مذهبي ۽ فلسفيانه فرقن جو ذڪر به ملي ٿو.
ڀڳوت گيتا: مرڪزي طور تي فلسفي جا حقيقي قاعدا سيکاري ٿي. ڪرم، ڀڳتي، گيان، جهڙي ريت جاهل پنهنجي مقصد لاءِ ڪرم ڪن ٿا. اهڙي طرح گياني بي لوث ٿي سنسار جي آنند ۽ اطمينان لاءِ ڪرم ڪن ٿا. اگياني جو عمل/ ڪرم ٻنڌن جو سبب ٿئي ٿو. پر گياني جو ڪرم ڇوٽڪارو ڏياري ٿو. ڦل يا صلي جي اميد رکڻ کان سواءِ مسلسل ڪرم ڪرڻ ڀڳوت گيتا جي بنيادي تعليم آهي. يعني ڪرم جو مقصد پنهنجي غرض پوري ڪرڻ نه بلڪه ٻين جي شيوا ڪرڻ هئڻ گهرجي.
ڀڳتي، پريم ۽ جُڙئي رهڻ جي راهه آهي. انهن مطابق سڀني مذهبن جو حتمي مقصد محبت جي ذريعي حآصل ڪري سگهجي ٿو. محبت تخليقي قوت آهي ۽ تخليق جي ذريعي اسان خوشي ۽ امرتا حاصل ڪريون ٿا. ايشور سان لازوال ۽ اعليٰ ترين محبت ڪري اسان ڇوٽڪارو ماڻي سگهون ٿا.
پڇاڙي: هندو ڌرم کي ازلي ڌرم سناتن ڌرم چيو وڃي ٿو. اهو انهي ڪري ازلي آهي جو ايشور ئي حقيقي ۽ ازلي آهي. اها اولين ۽ آخري حقيقت آهي، جا سموري ڪائنات تي ڇانيل آهي. اها فقط حقيقت جيڪا سڀني تي ڇانيل آهي. ڪائنات جي طاقتور ۽ مادي علت آهي. آتما ايشوري اهي ۽ ڪُل ڪائنات اڪيلي اتما جو روپ آهي. ايشور اسان جي اندر آهي. پر بي علمي جي ڪري هر ماڻهو کي پنهنجو پنهنجو ڌرم آهي، تنهنڪري انسان جو ڌرم ’سانوَ ڌرم‘ آهي. اهو مانوَ ڌرم ازلي ڌرم آهي. ڪو به شخص هندو هئڻ جي باوجود پنهنجي ڌرم کان ته پري رهي سگهي ٿو، پر پنهنجو مانوَ ڌرم نٿو ڇڏي سگهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو