سنتوش ڪمار

سنتوش ڪمار

سنتوش ڪمار

سنتوش ڪمار: فلمي اداڪار سنتوش ڪمار جو اصل نالو سيد موسى عباس رضا هو، هو 25 ڊسمبر 1929ع تي لاهور ۾ ڄائو. هن جي جنم کانپوءِ هن جو خاندان ڀارت جي علائقي حيدرآباد دکن ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي هن جو ٻيو ڀاءُ ’درپن‘ ڄائو. هن 19 سالن جي عمر ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ مشھور هدايتڪار ’اي. آر ڪاردار‘ جي صلاح تي هن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن سڀ کان پهرين فلم ’اهنسا‘ ۽ ٻي فلم ’ميري ڪهاني‘ ۾ اداڪاري ڪئي، هي ٻئي فلمون ڀارت ۾ ئي ٺهيون هيون. 1949ع ۾ جڏهن هي پنھنجي خاندان جي فردن سان گڏ واپس لاهور آيو تہ هن سڀ کان پهريان مسعود پرويز جي فلم ’بيلي‘ ۾ ڪم ڪيو، ان کانپوءِ هن ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جنهن مان ’دو آنسو‘، ’ديواني دو‘ تمام گهڻيون مشھور ٿيون. هن پاڪستان جي مشھور فلمي اداڪارہ صبيحه خانم سان شادي ڪئي، سنتوش پاڪستان توڙي ڀارت جي ڪل 86 فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ چن وي، غلام، شھري بابو، قاتل، گهونگهٽ، وعده، انتظار، قسمت، عشق ليلى، سر فروش، سلطنت، حميده، لخت جگر، گلنار، ديور ڀاڀي ۽ ٻيون قابل ذڪر آهن. سنتوش ڪمار 2 جولاءِ 1982ع تي وفات ڪئي.


لفظ سنتوش ڪمارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.12.25  عيسوي

لمي اداڪار سنتوش ڪمار جو اصل نالو سيد موسى عباس رضا هو، هو 25 ڊسمبر 1929ع تي لاهور ۾ ڄائو.


1982.07.02  عيسوي

سنتوش ڪمار 2 جولاءِ 1982ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مجدد اسراڻ
جاويد شاھہ جيلاني
خانبهادر محمد صديق ميمڻ
ديبلي ابو عبدالله محمد بن عبدالله
بيکارام ديوراجاڻي ڊاڪٽر
امو کٽي
سيد گوهر علي شاھہ صوفي
جوکيو اياز
دادي ليلاوتي هرچنداڻي
درازي سخي قبول محمد ٽيون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون