سنت بابا هريرام (ڀريا): ڀڳت هريرام خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ڀنگو بهڻ ۾ 1869ع ڌاري ڀڳت تنومل جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس نالو جيوترام رکيو ويو. هي اڃا هڪ سال جو مس هو ته تنو مل هڪ درويش انسان بابا ڪرپارام، جنهن سان سندس روحاني ناتو هوندو هو، تنهن وٽ پنهنجي ٻالڪ کي ٽيڪائڻ لاءِ کڻي آيو. سنت ڪرپارام ٻالڪ کي ڏسندي ئي چئي ڏنو ته هيءُ ٻالڪ اڳتي هلي جوڳي بڻجي سنسار کي سنئين راهه ڏيکاريندو. سنتن جي ان ڳالهه تي تنومل ڳنڍ کڻي ٻڌي ۽ ٻالڪ جڏهن ڪجهه اُسريو ته ان جي ٻانهن سنت ڪرپارام کي سونپي ڏنائين، جنهن سندس نالو هريرام رکيو. سنت ڪرپارام ٻالڪ کي ڌارمڪ شاسترن جو اڀياس ڪرايو. ساڌنا ڪندي هريرام ننڍي مان وڏو ٿيو ۽ سَنت جي خوب خدمت ڪئي. اَسُر ويلي اُٿي گروءَ کي پرنام ڪري وڃي ڍڳين جي وٿاڻ جي صفائي ڪندو هو. انهن کي چارو پاڻي ڏئي، کير ڏُهي پوءِ اچي درٻار جي صفائي ڪندو هو. هٿ سدائين هاج ۾ هوندي به من ۾ گرٻاڻيءَ جو سمرڻ ڪندو رهندو هو. سن 1904ع ۾ بابا ڪرپارام پرلوڪ پڌاريو ته بابا هريرام ان درٻار جو گادي نشين ٿيو.
بابا هريرام ڪيترن ماڻهن کي نام سمرڻ جي راهه ۾ ڇڪيو. هو جڏهن گرو گرنٿ صاحب جي ٻاڻي پڙهندو هو ته دلين کي ڌوڏي ڇڏيندو هو. هڪ دفعي هڪ مسڪين ماڻهوءَ مهراج ٽيڪارام ڀٽ، هن وٽ اچي سوال ڪيو ته ”بابا سائين! وڏي عيال وارو آهيان، پنهنجن ٻارڙن کي روزانو کير وٺي ڏيڻ جي به مون ۾ سمرٿي ناهي.“ تنهن تي بابا هريرام هن کي پنهنجي هڪ تازي ويايل ڍڳي ڦر سميت ڏئي ڇڏي.
بابا هريرام اُپديش کان وڌيڪ رهڻيءَ تي زور ڏيندو هو. سڀاءَ جو کلمک، سندس چوڻ هوندو هو ته هڪ ساڌوءَ جا ٻه ويري ٿيندا آهن، هڪ ’ڪامني‘، ٻيو ’ڪنچن‘، ان ڪري انهن کان پري رهڻ جڳائي. سندس عقيدو هوندو هو ته عورتن جي لاءِ گهر ئي مندر آهي ۽ پتي ئي پرميشور. هڪ دفعي هڪ جوڙو جنهن کي شادي ڪئي ڏهه سال ٿي چڪا هئا، پر اڃا تائين اولاد ڪو نه ٿيو هئن، اُهي هن وٽ سوالي ٿي آيا، ڀڳت کلندي کين چيو ته ”مان ڪو هت ٻار ورهائڻ ڪو نه ويٺو آهيان، وڃي پنهنجي امڙ- ابي جي سيوا ڪريو.“ ان عورت کي چيائين ته سَـُس سهري جي دل و جان سان سيوا ڪندينءَ ته تنهنجي ڪک ضرور سائي ٿيندي. اهي ڀڳت جي چوڻ تي هليا ته 12 مهينن جي اندر انهن کي هڪ پٽ ڄائو.
تن ڏينهن ۾ ڪي ماڻهو جنن ۽ پرين جي ڀؤ سبب وسوسن ۾ ڦاٿل هوندا هئا، هو انهن کي سمجهائيندي چوندو هو ته مالڪ کي ياد ڪرڻ سان سمورا وهم ۽ وسوڙا دور ٿي ويندا. هو سادگي پسند هو ۽ نوجوانن کي چوندو هو ته جيون جي هر مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ هر دم تيار رهجي.
بابا هريرام جون 1947ع ۾ پرلوڪ پڌاريو. هن وقت سندس گادي نشين ڀيلواڙا راجسٿان ۾ سندس پيغام کي عام ڪري رهيو آهي.