سنڌو نگر
سنڌو نگر: ’سنڌو نگر‘، جنهن کي ’الهاس نگر‘ به چيو ويندو آهي، ڀارت جي رياست مهاراشٽر ۾، ممبئي شهر کان 60 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سنڌين پاران آباد ڪيل هڪ شهر آهي. 1947ع جي ورهاڱي وقت سنڌ جا رهاڪو هندو حالتن کان مجبور ٿي لڏپلاڻ ڪري، وڏي تعداد ۾ هندستان جي مختلف حصن ۾ وڃي آباد ٿيا.
موجوده سنڌو نگر يا اُلهاس نگر وارو علائقو ٻي مهاڀاري لڙائيءَ وقت انگريز فوج جي ڇانوڻي هئي، جنهن کي ’ڪلياڻ ڪئمپ‘ به سڏيو ويندو هو. 1947ع واري ورهاڱي کانپوءِ جيئن انگريزن هندستان خالي ڪيو، تيئن هيءَ فوجي ڇانوڻي ختم ڪئي وئي، ان وقت جيڪي هندو سنڌ مان لڏي بمبئيءَ ۽ ٻين علائقن ۾ پهتا هئا، تن کي هن فوجي ڪئمپ (ڪلياڻ ڪئمپ) ۾ ترسايو ويو. هن ڪئمپ/ علائقي وچان الهاس ندي گذري ٿي، ان جي نسبت سان هن وسنديءَ جو نالو ’الهاس نگر‘ رکيو ويو، پر جيئن ته هيءَ وسندي سنڌ مان لڏي آيل سنڌين آباد ڪئي هئي، ان ڪري هنن ان جو نالو سنڌو نگر رکيو. ان کي قائم رکڻ لاءِ هنن سرڪار کي ڪيترا ميمورينڊم ڏنا، احتجاج ڪيا، جن ۾ ڪيترا ليکڪ- موهن ڪلپنا سميت گرفتار ٿيا. ان باوجود هن وسنديءَ جو نالو الهاس نگر ئي رهيو، پر هتي جا رهندڙ سنڌي هن شهر کي سنڌ جي ياد ۾ سنڌو نگر ئي سڏين ٿا. اڄ هي علائقو هڪ وڏي شهر جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. ورهاڱي وقت هتي 80 هزار جي لڳ ڀڳ سنڌي اچي آباد ٿيا هئا، اُهي خالي هٿين هئا، پر هنن محنتن ۽ ڪشالن سان پنهنجي معاشي حالت کي مضبوط ڪيو. ڪيترن ممبئيءَ ۾ نوڪريون ڪيون، ڪيترن گهريلو هنرن کي هٿي ڏئي، صنعت جو روپ ڏنو ۽ اڳتي هلي هي شهر وڏو صعنتي مرڪز بنجي ويو، جتي اعليٰ معيار جو ڪپڙو، ڪاٺ جو بهترين فرنيچر، چمڙي جو عمدو سامان، پرنٽنگ پريسون ۽ ان سان لاڳاپيل سامان ۽ ٻيون مصنوعات هن شهر جي ترقيءَ ۽ واڌاري جون سبب بنيون آهن.
هي شهر اهم ڪاروباري مرڪز هئڻ ڪري ’مني جپان‘ به سڏجڻ لڳو. واپاري هندن پنهنجي مصنوعات تي ‘Made as USA’ جا ليبل لڳايا، جنهنڪري مقامي ماڻهو هتي ٺهيل سامان کي آمريڪا جو سامان سمجهڻ لڳا. سڄيءَ دنيا ۾ مهيا ٿيندڙ جينز پيٽنس جو 30 سيڪڙو هتان ويندو آهي. هتي جي آبادي 10 لکن جي لڳ ڀڳ آهي، جن مان اڪثريت سنڌين جي آهي. هي شهر ممبئيءَ ۽ پونا مک ريلوي لائين تي آهي. ان کانسواءِ پڪن روڊن رستي ڪيترن وڏن شهرن سان ڳنڍيل آهي. هن شهر ۾ ميونسپل ڪميٽي به آهي ۽ ان کي تعلقي جي حيثيت مليل آهي. هي شهر ڪپڙي جي صنعت جي ڪري سڄي هندستان ۾ مشهور آهي. هن شهر جي پهريون نمبر آبادي سنڌين جي آهي، باقي مرهٽا، گجراتي، مدراسي ۽ بنگالي برادريون رهن ٿيون.
سنڌو نگر/ الهاس نگر ڪاروباري مرڪز سان گڏ علمي، ادبي ۽ صحافتي مرڪز به آهي. هتان سنڌي ٽائيمس، سنڌو سنسار، روزاني هندو، هندواسي، ڀارت جيون، نيو سنسار سماچار، دنيا، ڪلياڻ سماچار، الهاس وڪاس، روزاني نگر واسي، چنگاري ۽ ٻيون سنڌي اخبارون ۽ رسالا شايع ٿين ٿا. سنڌو نگر ۾ سنڌين جا ڪيترا اسڪول، ڪاليج ۽ اسپتالون موجود آهن. هتان جي ڪاليجن ۾ چاندي ٻائي منسکاڻي ڪاليج، آر. ڪي. تلريجا ڪاليج، ايس. ايس. ٽي ڪاليج آف آرٽس ۽ ڪامرس مشهور ڪاليج آهن.
سنڌ جا اڪثر اديب ۽ شاعر سنڌو نگر ۾ آباد آهن، جن مان ڪيترا پوءِ ڀارت جي مختلف شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا. هتي جي اسڪولن ۾ جهولي لال پرائمري اسڪول، ڀارتيه هندي هاءِ اسڪول، بابا سائين اسڪول، سنڌ نيشنل هاءِ اسڪول، هري ڪرشنا، اين. سي. ٽي ڪانوينٽ اسڪول، بي. جي تلڪ هاءِ اسڪول، نيتا هاءِ اسڪول، سوامي شانتي پرڪاش اسڪول وغيره سنڌين جا قائم ڪيل آهن. هتي سنڌين ڪيتريون سئنيمائون به قائم ڪيون، جن ۾ انيل سئنيما، اشوڪ سئنيما، سپنا سئنيما، شري رام سئنيما، وينس سئنيما وغيره شامل آهن. سنڌو نگر ۾ شهيد هيمون ڪالاڻي ۽ ٻيا چوڪ موجود آهن.
سنڌو نگر جي ڪيترن اسڪولن ۾ اڄ به سنڌي ميڊيم قائم آهي. هتي سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن کانسواءِ ڪيتريون ناٽڪ منڊليون، لائبرريون، ٻيون سنٿائون ۽ ڌرمشالائون موجود آهن.
هن شهر ۾ هيرو شيوڪاڻي، نند ڇڳاڻي (ايڊيٽر ڪونج)، ٽيڪچند مست، نارائڻ ڀارتي، جڳديش لڇاڻي، ديال آشا، جيوت گوگيا، لتا ٽهلياڻي ۽ ٻيا سنڌي اديب رهن ٿا. هتي جي سنڌو يوٿ سرڪل ۽ عزيز لائبرريءَ ۾ سنڌين جا ادبي ميڙاڪا قائم ۽ دائم آهن.