سنڌيءَ ۾ خط نويسي

سنڌيءَ ۾ خط نويسي:
خط جي جديد لغوي معنيٰ آهي: ‘لکت، لکائي ۽ لکت جو نمونو’. خط نويسيءَ مان مراد اهڙو پيغام، نياپو، جيڪو جڏهن رابطه ڪاريءَ جا جديد طريقا ايجاد نه ٿيا هئا ته ماڻهو هڪٻئي جي حال احوال ۽ خبرچار لاءِ هڪ ٻئي کي خط جي ذريعي آگاهه ڪندا هئا. ادبي خطن ۾ وري ليکڪن جي بحث جو دائرو دانشوراڻو هوندو آهي. ادبي خط تخليقي طور ادب لطيف جي خاص صنف ۾ شمار ٿين ٿا. تاج جويي لکيو آهي ته، “سنڌي ادب ۾ جديد ادبي لاڙن، ويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ اوسر ڪئي. ٽئين ۽ چوٿين ڏهاڪي ۾ پختگي ۽ رچاءُ حاصل ڪيو. جديد سنڌي شاعريءَ، فڪشن ۽ تنقيد هن دور ۾ پاڻ مڃائي ورتو هو، پر خط نويسيءَ، اڃا سنڌي ادب ۾ هڪ صنف طور وجود نه ورتو هو، جڏهن ته خطن لکڻ جو رواج هڪ وڏي عرصي کان عام هو.”
سنڌي خط نويسيءَ جي تاريخ ۾، خطن جو پهريون ڇپيل ڪتاب مشهور تعليمدان سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو ‘سير ۽ سفر’ (1962ع) آهي، جنهن ۾ هن جا آمريڪا جي ‘تعليمي سفر’ دوران لکيل خط، سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا، پر شيخ اياز جو ڪتاب
‘جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي’ (1963ع) ۾ ڇپيو، ۽ محمد ابراهيم جويي جي لفظن ۾: “ادبي خط، ادب جي هڪ اهڙي پياري صنف آهي، جنهن جي نثر ۾ شعرُ، شعر ۾ پنهنجائپ ۽ پنهنجائپ ۾ دل جي گهراين جي اُپٽار ملي سگهي ٿي. بشرطيڪ لکندڙ دلي اخلاصَ، خالص جذبي، نئين نگاهه ۽ سجاڳ دل جو صاحب هجي.” (حوالو: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، مهاڳ، ص: هه)
سنڌي اديبن ۽ دانشورن ۾ سائين محمد ابراهيم جويو، اُهو پهريون سجاڳ ذهن ۽ ساڃهه وند اديب آهي، جنهن 1955ع جي ابتدا ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ‘مهراڻ’ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾، سنڌ جي اديبن کي خط لکي گذارش ڪئي هئي ته “هو وقت به وقت علمي ۽ ادبي خط لکي موڪلين، جيئن اُهي ‘مهراڻ’ ۾ اُن خاص عنوان هيٺ شايع ڪري سگهجن، ۽ ‘مهراڻ’ ۾ اُهو هڪ مستقل ۽ خصوصي عنوان قائم ٿي وڃي.” (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، مهاڳ: ص: الف)
جويي صاحب کي سڀ کان اڳ شيخ اياز ماُن ڏنو هو ۽ سندس مهراڻ اونهاري 1955ع، مهراڻ سرءُ 1955ع ۽ بعد جي پرچن ۾ 21 خط ڇپيا، جيڪي سڀ جا سڀ ‘جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي’ ۾ ڇپيل آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين ورهاڱي کانپوءِ هيٺيان خطن جا ڪتاب ڇپيا آهن:
1. يورپ جي ڊائري، قاضي عبدالمجيد عابد (قسطن ۾ لکيل سفرنامو)، 1960ع
2. سير ۽ سفر (سيد غلام مصطفيٰ شاهه جا خط)، مرتب: احسان بدوي، 1962ع
3. جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (م. ا. ج ڏانهن خطشيخ اياز: 1965ع
4. رهاڻ (ميران محمد شاهه جا خط جي ايم سيد ڏانهن)، 1965ع
5. ساهڙ جا سينگار (علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جا خط، جي ايم سيد ڏانهن)، 1969ع
6. خط ۽ مضمون (پير علي محمد راشديءَ جا جي ايم سيد ڏانهن خط ۽ ڪجهه مضمون)، 1970ع
7. چونڊ ادبي مضمون ۽ ولايت جا خط، (1933ع کان 1960ع تائين جي ايم سيد جا شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڏانهن لکيل خط)، مرتب: جي ايم سيد، 1974ع
8. اڌ ملاقات، (طارق اشرف جا جيل مان لکيل خط)، 1977ع
9. اڄ پڻ چڪيم چاڪ (اديبن، قومي ڪارڪنن ۽ دوستن جا جي ايم سيد ڏانهن خط)، 1977ع
10. سنڌوءَ کان گنگا تائين (پوپٽي هيرا ننداڻيءَ ڏانهن سنڌ ۽ هنڌ جي اديبن جا خط)، 1987ع
11. ڪجهه خط (هند سنڌ جي سياستدانن ۽ قومي اڳواڻن جا جي ايم سيد ڏانهن خط)، 1985ع
12. واڄٽ ويراڳين جا (محمد امين کوسي جا جي ايم سيد ڏانهن خط)، مرتب: عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويو، 1987ع
13. واڄٽ ويراڳين جا، ڀاڱو ٻيو (محمد امين کوسي جا جي ايم سيد ڏانهن لکيل خط)، مرتب: عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويو، 1995ع
14. ڪينجهر رسالي جو خط نمبر (اديبن جا اديبن ڏانهن خط)، مرتب: ناز سنائي، 1996ع
15. آريجن کان الهاس نگر (تاجل بيوس ڏانهن هند سنڌ جي اديبن جا خط)، 1997ع
16. ڏونگر سي ڏورينديون (جي ايم سيد ۽ جيجي درِشهوار جا خط)، مرتب: آزاد قاضي، 1998ع
17. خط ٻن اديبن جا (عبدالقادر جوڻيجو- محمد ابراهيم جويو)، 1999ع
18. اکر اکر مان اٿاهه محبت (اديبن ۽ ادب دوستن جا بشير سيتائيءَ ڏانهن لکيل خط)، 2001ع
19. جيءُ منهنجو جن سِين (علمي ادبي مشاهيرن جا خط)، مرتب: حڪيم خليفو عبدالحميد چانڊيو، 2001ع
20. مڪتوباب الامين (محمد امين کوسي جا سياستدانن، عالمن ڏانهن لکيل خط)، مرتب: نظام الدين کوسو، 2001ع
21. ڪي وسرن نه مور (هند جي سنڌي اديبن جا خط)، مرتب: نورالدين سرڪي، 2001ع
22. خط ٻن استادن جا (محمد ابراهيم جويو- غلام علي چنا)، 2002ع
23. آيو تڙ تماچي (رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ۽ جي ايم سيد جا خط)، مرتب: آزاد قاضي، 2003ع
24. حاصل جنين حال (جي ايم سيد جا محمد امين کوسي ڏانهن خط)، مرتب آزاد قاضي. 2004ع
25. سڏ پڙاڏو (جي ايم سيد ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط)، مرتب: آزاد قاضي، 2004ع
26. سڏ پڙاڏو (جي ايم سيد ۽ م. ا. جويي جا خط)، 2004ع
27. سو سڏ سو پڙاڏو (اڌ صديءَ جي خطن جو مجموعو، ڪيرت ٻاٻاڻي ڏانهن لکيل)، مرتب: ڪيرت ٻاٻاڻي، 2004ع
28. پيارن جا پيغام (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڏانهن لکيل خط ۽ هن جا جواب)، 2004ع
29. سو سڏ سو پڙاڏو (اڌ صديءَ جا خط): ڪيرت ٻاٻاڻي، 2004ع
30. سڄڻن جا سلام (ڊاڪٽر بلوچ ڏانهن لکيل خط)، مرتب: عنايت بلوچ، 2005ع
31. سڄڻ ساريندي (ڊاڪٽر بلوچ جا لکيل خط، ڀاڱو II)، مرتب: عنايت بلوچ، 2005ع
32. ماکيءَ مٺا ماڻهو (ماهتاب محبوب ڏانهن هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط)، 2005ع
33. سارون ۽ سنڀارون (سيد اڪبر ۽ دوستن جا خط)، مرتب: قادر بخش طالباڻي، 2005ع
34. ادبي زندگي (آتم ڪٿاجڳديش لڇاڻي، 2005ع
35. آکيرا آڪاس ۾ (آتم ڪهاڻي)، رام بخشاڻي، مترجم: قمر شهباز، 2005ع
36. خيال خطن ۾ خواب اکين ۾ (منصور ملڪ جا دوستن ڏي خط)، 2005ع
37. تو لکيو- مون پڙهيو (منصور ملڪ ڏانهن اديبن جا خط)، 2007ع
38. سُور سنيها- نينهن نياپا (اديبن جا خط)، مرتب: منصور ملڪ، 2007ع
39. سنيها سرير ۾ (دوستن ۽ اديبن جا خط)، مرتب: محمد ملوڪ انڙ، 2007ع
40. ڏٺم هوت هٿن سين (ڪامريڊ روچيرام جا خط)، مرتب: نيل ڪنٺ، 2008ع


41. پيارُ، نبارُ ۽ اٿاهه (خط اُستاد ۽ شاگرد عرف ٻن دوستن (م. ا. جويي ۽ ابن حيات پنهور) جا)، 2008ع
42. ع. ق. شيخ جا خط ]هن ڪتاب ۾ محمد ابراهيم جويي ڏانهن لکيل 68 خط آهن، ٻيا خط عبدالفتاح هاليپوٽي ۽ مراد علي مرزا ڏانهن لکيل آهن[، مرتب: نسيم شيخ، 2010ع
43. ننڊ نه هيريو نيڻ (شيخ اياز جا م. ا. جويي ڏانهن لکيل خط)، 2010ع
44. خط غبار: غلام رباني آگري جا حڪيم اعجاز حسين چانڊيي ڏانهن خط: 2010ع
45. پيارا فتاح (فتاح هاليپوٽي ڏانهن اديبن جا خط)، سهيڙيندڙ: نور گهلو، 2011ع
46. اڌ ملاقات: ذوالفقار هاليپوٽي جا خيالي خط: 2011ع
47. چٺيون چندن واس (مختلف دوستن جا خط)، مرتب: علي محمد شاهه لڪياري، 2011ع
48. خط خُوشيءَ مان کول، (507 دوستن، اديبن ۽ قومي اڳواڻن جا راشد مورائي ڏانهن خط)، مرتب: راشد مورائي، 2011ع
49. Dear Joyo Jee (جي. ايم. مهڪري ۽ جويي صاحب جي انگريزي خط و ڪتابت)، 2012ع
50. خط خُوشبوءِ جهڙا (بشير سيتائيءَ جا بلوچ صحبت عليءَ ڏي لکيل خط)، مرتب: بلوچ صحبت علي، 2013ع
51. لڇمڻ ڪومل جا خط، مرتب: رکيل مورائي، 2016ع
‘خطن جي سماجي ڪارج’ جي موضوع تي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ Elements of Social Anthropolgy in Letters جي عنوان سان پي. ايڇ. ڊي پڻ ڪئي آهي.
بهرحال خط، سنڌي ادب ۾ هاڻي هڪ ادبي صنف جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو