سنڌي ادبي بورڊ
سنڌي ادبي بورڊ جي تشڪيل وقت ٿيل گڌجاڻيءَ
سنڌي ادبي بورڊ جي عمارت
سنڌي ادبي بورڊ: سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو بنيادي ۽ اوائلي ادبي ادارو آهي. 1940ع ۾ سائين جي. ايم سيد جڏهن ڇهن مهينن جي مختصر عرصي لاءِ سنڌ جي تعليم ۽ ليبر کاتي جو وزير ٿيو هو ته هن سنڌ ۾ علم ادب کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ نالي اداري جو بنياد وڌو، جنهن جو پهريون چيئرمئن سيد ميران محمد شاهه مقرر ٿيو ۽ ان جا ميمبر نامور محقق ۽ دانشور مقرر ٿيا، جن ۾: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شمس العلماءُ عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ.آءِ قاضي، ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ديوان سوڀراج نرملداس ’فاني‘، علي محمد شاهه راشدي'>پير علي محمد شاهه راشدي، راءِ بهادر جڳت سنگهه آئل مل، صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ، آغا عبدالنبي خان، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ’خادم‘، مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا عبدالڪريم چشتي شامل هئا. 1940ع ۾ بورڊ جي آفيس سنڌ اسيمبليءَ جي عمارت جي هڪ حصي (اين. جي. وي هاءِ اسڪول) ۾ قائم ڪئي وئي، جتي اڳتي هلي 1953ع ڌاري بورڊ جو بوڪ اسٽال به قائم ٿيو. مئي 1962ع ۾ ادبي بورڊ جي آفيس حيدرآباد منتقل ڪئي وئي، جتي مخدوم محمد زمان طالب المولى پهرين گاڏي کاتي وارو ذاتي گهر ’امين منزل‘ ۽ پوءِ سول لائينز وارو بنگلو ڏهاڪو سال بنا مسواڙ جي سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو. پوءِ 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر سيد غلام مصطفى شاهه، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس جي حدن ۾ ريلوي اسٽيشن ڄامشوري سامهون، سُپر هاءِ وي لڳ 10 ايڪڙ زمين سنڌي ادبي بورڊ کي مرڪزي آفيس ۽ پريس لاءِ ڏني ۽ 1973ع-1974ع ڌاري سنڌي بورڊ نئين ٺهيل عمارت ۾ منتقل ٿيو، جتي اڄ سوڌو قائم آهي. آگسٽ 1940ع کان 1948ع جي وچ ۾ ’مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ جي ڪن ميمبرن جي خالي ٿيندڙ جاين تي ڪجهه عرصي لاءِ پروفيسر رام پنجواڻي، حڪيم محمد احسن، محمد صالح ڀٽي، محمد حنيف صديقي ۽ ديوان گوپي رام رکياڻي، ميمبر طور نامزد ٿيا. 1948ع ۾ بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي، جنهن موجب: سيد ميران محمد شاهه (چيئرمئن)، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو (وائيس چيئرمئن)، عثمان علي انصاري (سيڪريٽري) ۽ علي محمد شاهه راشدي'>پير علي محمد شاهه راشدي، صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، مولانا دين محمد وفائي، مولوي عبدالرزاق، سيد عبدالحسين شاهه موسوي، محمد صالح ڀٽي، علاؤالدين سمون، غلام مصطفى ڀرڳڙي، اياز قادري، محمد بخش ’واصف‘ ۽ آغا تاج محمد ميمبر ٿيا. سيپٽمبر 1950ع ۾ سنڌ سرڪار ’هاءِ پاور ايگزيڪيٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر‘ مقرر ڪئي ته جيئن مرڪزي صلاحڪار بورڊ، جيڪي رٿائون سنڌي ادب جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ٺاهيون، تن تي عملي ڪم شروع ڪيو وڃي. ان ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن آغا غلام نبي پٺاڻ، جڏهن ته وزير تعليم سنڌ، سيد ميران محمد شاهه، آغا بدرالدين دراني، تعليم کاتي جو سيڪريٽري، ماليات کاتي جو سيڪريٽري ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ميمبر مقرر ڪيا ويا. هن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ (D.P.I) کي بنايو ويو، پوءِ سندس جاءِ تي محمد ابراهيم جويو صاحب ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ڊسمبر 1951ع ۾ عالمن ۽ اديبن جي مشوري سان ’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ کي نئين تشڪيل ڏئي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ بنايو ويو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي پهرين بورڊ آف گورنرس جي جوڙجڪ هن ريت هئي: آغا غلام نبي خان پٺاڻ، وزير تعليم، حڪومت سنڌ (چيئرمئن)، سيڪريٽري تعليم کاتو، سيڪريٽري ماليات کاتو، ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن سرڪاري ميمبر، جڏهن ته عالمن ۽ اديبن مان جي. ايم سيد،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، علامه آءِ.آءِ. قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، سيد ميران محمد شاهه، آغا بدرالدين دراني ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ميمبر مقرر ٿيا. محمد ابراهيم جويي، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طـور ذميـواريون سـنڀاليـون ۽ پـوءِ سـنڌي ادبي بـورڊ هڪ خودمختيـار، نيم سرڪاري اداري طور باقاعدي ڪم شروع ڪيو. سنڌ جي تاريخ لکرائڻ، لغت تيار ڪرڻ، لوڪ ادب گڏ ڪرائڻ، قديم ادب ۽ ڪلاسيڪي ادب شايع ڪرڻ جون رٿائون تيار ڪيون ويون. ’جامع سنڌي لغات‘ رٿا تي 1946ع کان سنڌي ٻوليءَ جي ابتدائي چئن اکرن تي ڪافي ڪم شروع ٿي چڪو هو. ان ڪري، هن نئين اسڪيم جي سربراهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي ڪئي وئي. بورڊ جي مخزن ’مهراڻ‘ جو پهريون دور 1946ع کان شروع ٿيو هو. پهريان ٻه سال هي رسالو ٻه ’ماهي‘ ڪڍيو ويو. ان وقت ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽوريل بورڊ عثمان علي انصاريءَ، دين محمد وفائي، لالچند امرڏنيمل ۽ ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻيءَ تي مشتمل هو. ڪجهه وقت تائين رسالو صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ آغا تاج محمد جي نگرانيءَ ۾ نڪتو ۽ پوءِ 1955ع ۾ محمد ابراهيم جويي نئين رنگ ۽ جديد سلسلي سان ’مهراڻ‘ کي ٽه ماهي رسالي طور باقاعدي جاري ڪيو. هن ئي دور ۾ شيخ اياز به ’مهراڻ‘ ۾ لکڻ شروع ڪيو. محمد ابراهيم جويو صاحب 1961ع تائين بورڊ جو سيڪريٽري رهيو، هن 1953ع ۾ سراج ميمڻ کي نوجوان اديب جي حيثيت سان ادبي بورڊ ۾ آندو هو، جنهن پهرين بوڪ اسٽال جي مئنيجر طور ۽ پوءِ بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽري طور خدمتون سر انجام ڏنيون، اهڙيءَ طرح مختلف وقتن تي سنڌ جا ناميارا اديب غلام رباني آگرو، شمشير الحيدري به جويو صاحب بورڊ ۾ وٺي آيو، جن بهتر نموني بورڊ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊسمبر 1954ع ۾ بورڊ جي ميمبرن جي نئين سر تشڪيل ٿي، جنهن موجب سنڌ جو وزيراعليٰ خانبهادر محمد ايوب کهڙو (چيئرمئن)، سنڌ جو وزير تعليم (وائيس چيئرمئن)، جڏهن ته سيڪريٽري تعليم، ڊي. پي. آءِ، پير علي محمد راشدي، سيد ميران محمد شاهه، آغا بدرالدين دراني، شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ. آءِ. قاضي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ مولوي خير محمد نظاماڻي ميمبر مقرر ٿيا. ون يونٽ جي قيام بعد سنڌ جا سمورا ادارا اولهه پاڪستان حڪومت جي ماتحت ٿي ويا، محمد ابراهيم جويي، سنڌ دوستيءَ جي جذبي هيٺ، سنڌي ادبي بورڊ کي مرڪز جي تحويل کان بچائڻ لاءِ 1957ع ۾ تعليم، صحت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي ٺهراءَ نمبر 4694- B/4619 موجب سوسائٽي ايڪٽ XXI/1860 هيٺ رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز خيرپور ميرس ريجن وٽ 26 مارچ 1957ع تي رجسٽرڊ ڪرايو، جنهن جو رجسٽريشن نمبر 468 آهي نتيجي طور سنڌي ادبي بورڊ، بورڊ ون يونٽ واري دور ۾ به پنهنجو وجود قائم رکي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت جاري رکي سگهيو. سيپٽمبر 1961ع ۾ اولهه پاڪستان جي گورنر جي حڪم هيٺ، هيٺيان صاحب اڳين ميمبرن جي جاءِ تي بورڊ جا نوان ميمبر مقرر ٿيا: ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن، حيدرآباد (چيئرمئن)؛ وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي؛ يا سندس نمائندو؛ چيئرمئن بورڊ آف انٽرميڊئٽ ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن؛ ڊئريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن، حيدرآباد، جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“، پير حسام الدين راشدي، سيد ميران محمد شاهه، شيخ علي محمد ۽ عبدالغفور ڀرڳڙي. نومبر 1961ع ۾ اولهه پاڪستان جي گورنر، پنهنجي مٿئين حڪم ۾ هيٺينءَ طرح ترميم ۽ اضافو ڪيو: (1) ڪمشنر، حيدرآباد ڊويزن جي جاءِ تي مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب کي بورڊ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. (2) وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، ميمبر مقرر ٿيو. اڳ سندس مقرر ڪيل نمائندو بورڊ جو ميمبر هو. (3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، جو اڳ وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽيءَ جي نمائندي جي حيثيت ۾ بورڊ جو ميمبر ٿيو، سو بعد ۾ باقاعدي ميمبر ٿيو. ابتدا کان وٺي بورڊ جي چيئرمئن جو تفصيل ۽ مدو هن ريت آهي. بورڊ جا چيئرمئن: (1) سيد ميران محمد شاهه (1948ع-1950ع)، (2) آغا غلام نبي پٺاڻ، وزير تعليم سنڌ (1950ع-1951ع)، (3) وزير اعليٰ سنڌ محمد ايوب کهڙو (1951-1955ع)، (4) نياز احمد، ڪمشنر حيدرآباد (سيپٽمبر 1961ع- نومبر 1961ع)، (5) مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ (1961ع- 1977ع)، (6) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي (1977ع- 1989ع)، (7) مخدوم محمد زماني طالب الموليٰ (1989ع- 1992ع)، (8) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (1993ع- 1994ع)، (9) حسين شاهه راشدي (1994ع-1996ع)، (10) آخوند '>عبدالحميد آخوند (ڊسمبر 1996ع)، (11) محمد ابراهيم جويو (1996ع - 2002ع)، (12) غلام رباني آگرو (2002ع- 2003ع)، (13) عرفان الله خان مروت، وزير تعليم سنڌ (2003ع-2004ع)، (14) ڊاڪٽر حميده کهڙو، وزير تعليم (2004ع- 2007ع)، (15) ارباب غلام رحيم، وزيراعليٰ سنڌ (آگسٽ- نومبر 2007ع)، (16) پير مظهرالحق، وزير تعليم سنڌ (2008- 2010ع)، (17) مخدوم جميل الزمان (جون 2010ع کان اڄ تائين). بورڊ جا سيڪريٽري ۽ سندن عرصو: (1) عثمان علي انصاري (1949ع-1950ع)، (2) ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ (1950ع-1951ع، (3) محمد ابراهيم جويو (1951ع-1961ع)، (4) شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه (1961ع-1962ع)، (5) ميران محمد شاهه (1962ع-1963ع)، (6) محمد ابراهيم جويو (1963ع-1967ع)، (7) غـلام ربانـي آگـرو (1967ع)، (8) ڊاڪٽر اسـدالله شـاهه حسيني (1967ع-1970ع)، (9) غلام رباني آگرو (1970ع-1977ع)، (10) سيد ظفر حسن (1977ع-1979ع)، (11) غلام رباني آگرو (1979ع-1984ع)، (12) محمد حسين ترڪ (1984ع-1987ع)، (13) غلام حسين شيخ (1987ع-1988ع)، (14) ڊاڪٽر حبيب الله صديقي (1988ع-1990ع)، (15) ولي محمد رونجهو ’ولي سروري‘ (1990ع-1991ع)، (16) ڊاڪٽر عبدالغفار صديقي (1991ع-1991ع)، (17) محمد بچل پـنـهـور ’محبوب سروري‘ (1991ع-1992ع)، (18) سيد امداد حسيني (1992-1993ع)، (19) شمشير الحيدري (1993ع-1995ع)، (20) مراد علي مرزا (1995ع-1996ع)، (21) نفيس احمد ’ناشاد‘ (چارج) (1996ع)، (22) طارق عالم ابڙو (چارج) (ڊسمبر 1996ع کان جنوري 1997ع)، (23) غلام رباني آگرو (1997ع- 2003ع)، (24) انعام الله شيخ (2003ع- 2006ع)، (25) اعجاز احمد منگي (2006ع-2008ع)، (26) الهڏتو وگهيو (2008ع اپريل کان 2008ع جون)، (27) زوار حسين نقوي (2008ع-2011ع)، (28) الهڏتو وگهيو، ٻيهر 1 جولاءِ 2011ع کان سيڪريٽريءَ جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرري: سنڌي ادبي بورڊ کي پنهنجي هڪ ريسرچ ۽ ريفرنس لائبرري آهي، جنهن ۾ سنڌي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ڪتابن جو مجموعي تعداد ڏهه هزار کن آهي، ڪجهه وقت اڳ سنڌ جي نامياري دانشور محمد ابراهيم جويي پنهنجي ذاتي لائبرري سنڌي ادبي بورڊ کي ڏني آهي، جنهن جي ڪتابن جو تعداد پنج هزار آهي. ان بعد سنڌ جي مشهور شاعر سيد امداد حسينيءَ به پنهنجي لائبرري بورڊ کي ڏني آهي، جنهن جي ڪتابن جو تعداد 1500 آهي. هن لائبرريءَ ۾ سنڌ جي عالمن، محققن ۽ شاعرن جا قديم قلمي مخطوطا پڻ موجود آهن. جن جو تعداد 600 کن آهي. سنڌي ادبي بورڊ جا رسالا: مهراڻ : 1940ع ۾ سنڌ سرڪار جي قائم ڪيل ’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ مارچ 1946ع کان ’مهراڻ‘ رسالي جي اشاعت شروع ڪئي، جيڪو ٻه سال 1947-1946ع ٻه ماهي پرچي جي صورت ۾ شايع ٿيو. ان وقت رسالي جو ايڊيٽوريل بورڊ هن ريت هو؛ عثمان علي انصاري چيئرمئن ايڊيٽوريل بورڊ، دين محمد وفائي چيف ايڊيٽر، ديوان لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي مئنيجنگ ايڊيٽر، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ايڊيٽر، جنوري 1948ع کان رسالي جي اشاعت ۾ وِٿي پئي. سن 1949ع ۾ رسالي جو هڪ پرچو ’لطيف سالگرهه 1949ع‘ شايع ٿيو. جنهن جو ايڊيٽر صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ هو، ان موقعي تي رسالي جي اشاعت کي باقاعدي بنائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنهن ۾ شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو چيئرمئن ۽ آغا تاج محمد ميمبر ۽ صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ ايڊيٽر ٿيا. ان ڪميٽيءَ به سال 1950ع ۾ رسالي جو وري به هڪ پرچو ‘لطيف سالگرهه نمبر 1950ع‘ شـايع ڪيو، جنهن جو ايڊيٽر خانبهادر محمد صديق مـيـمـڻ هو. چئن سالن جي وٿيءَ بعد جنوري 1955ع کان سنڌي ادبي بورڊ، محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ ٽماهي ’مهراڻ‘ جي اشاعت شروع ڪئي، جيڪا اڄ 2013ع تائين تسلسل سان جاري آهي. 1955ع کان وٺي ٽماهي مهراڻ جا ايڊيٽر هن طرح رهيا آهن: محمد ابراهيم جويو، شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، مولانا غلام محمد گرامي، سيد امداد حسيني، نفيس احمد ’ناشاد‘، ڪاظم رضا بيگ، نفيس احمد ’ناشاد‘ (ٻيهر)، طارق عالم ابڙو ۽ دين محمد ڪلهوڙو، جڏهن ته جنوري 2012ع کان ثمينه ميمڻ ايڊيٽر جون ذميواريون سنڀالي رهي آهي. مهراڻ جي ٻئي دور 1955ع کان هن وقت تائين 23 خاص نمبر شامل آهن، جهڙوڪ: سوانح نمبر؛ ڏهه ساله نمبر-1، ڏهه ساله نمبر-2، شاعر نمبر-1، شاعر نمبر-2، قائد اعظم نمبر، گرامي نمبر، علامه اقبال نمبر، سيرت نمبر، حسام الدين راشدي نمبر (1983ع)، فهرست نمبر، سنڌي ادب نمبر، رني ڪوٽ نمبر، مقالا نمبر، تحريڪ آزادي نمبر، لوڪ ادب نمبر، شيخ اياز نمبر، تنوير عباسي نمبر، قليچ نمبر، گولڊن جوبلي نمبر، ڊاڪٽر بلوچ نمبر ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ نمبر (2013ع). گل ڦل: سنڌي ادبي بورڊ ٻارن ۾ لکڻ پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ جنوري 1959ع کان ماهوار ’گل ڦل‘ جاري ڪيو، جنهن جي اشاعت ۾ 1962ع ۽ 1963ع ۾ ٻن سالن جي وٿي پئي 1965ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ ٿيڻ سبب 1966ع ۾ رسالي جو ڊڪليريشن منسوخ ڪيو ويو، 1973ع ۾ رسالي جو ڊڪليئريشن ٻيهر جاري ٿيو، ته بورڊ جنوري 1974ع کان ٻيهر رسالي جي اشاعت شروع ڪئي. جيڪا اڄ 2013ع تائين مسلسل جاري آهي. ماهوار ’گل ڦل‘ جو پهريون ايڊيٽر سنڌ جو مشهور ڪهاڻيڪار ۽ اديب غلام رباني آگرو مقرر ٿيو. رباني صاحب کانپوءِ شوڪت حسين شورو، انور هالائي، اڪبر جسڪاڻي، طارق عالم ابڙو، دين محمد ڪلهوڙو ايڊيٽر ٿيا ۽ هن وقت 2008ع کان محترمه نجمه پنهور ايڊيٽر جون ذميواريون نڀائي رهي آهي. ’گل ڦل‘ جا به خاص نمبر نڪتا، جهڙوڪ: سالنامو، سيرت نمبر، اڪبر جسڪاڻي نمبر، بلاول ڀٽو نمبر وغيره. سرتيون: سنڌ جي عورتن لاءِ ادبي رسالي جي کوٽ کي محسوس ڪندي، بورڊ جي اڳوڻي چيئرمئن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، 1990ع ۾ عورتن لاءِ خاص پرچو ’سرتيون‘ شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، رسالي جو پهريون پرچو ٽماهي جولاءِ کان سيپٽمبر 1990ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو اڄ تائين مسلسل شايع ٿي رهيو آهي، سرتيون جي پهرين ايڊيٽر، سنڌ جي مشهور شاعر آصف مصراڻيءَ جي نياڻي محترمه گلبدن آصف مصراڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو، 1990ع ۾ محترمه گلبدن جي استعيفا بعد رسالي جي ايڊيٽر نذير ناز کي مقرر ڪيو ويو، ڪجهه سالن بعد 1994ع ۾ جڏهن محترمه گلبدن بورڊ جي نوڪريءَ ۾ واپس آئي ته ٻيهر کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، تڏهن کان وٺي اڄ تائين گلبدن جاويد مرزا ايڊيٽر آهي. ’سرتيون‘ جا به ڪافي خاص نمبر نڪتا آهن، جهڙوڪ: ڪهاڻي نمبر، شاعري نمبر، انٽرويو نمبر، شهيد راڻي بينظير نمبر، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو نمبر، خير النساءَ جعفري نمبر وغيره. ادبي بورڊ جي پرنٽنگ پريس: سنڌي ادبي بورڊ شروع ۾ پنهنجا ڪتاب ۽ مهراڻ رسالو الوحيد پريس ڪراچيءَ مان شايع ڪرائيندو هو. 52-1951ع ۾ بورڊ پنهنجي ليٽر پريس خريد ڪئي. جيڪا تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي ڪم ڪندي رهي ۽ بورڊ جا ڪتاب پنهنجي پريس ۾ ڇپجڻ لڳا، ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ڪتاب به هن پريس ۾ ڇپجندا هئا. 1984ع ۾ بورڊ پنهنجي لاءِ جديد آفسيٽ پريس جو مڪمل آٽوميٽڪ يونٽ خريد ڪري ڄامشوري ۾ نئين عمارت ۾ لڳايو، جنهن جو افتتاح (1987ع ۾) سنڌ جي وڏي وزير سيد غوث علي شـاهه ڪيو. ان بعد بورڊ جا ڪتاب آفسيٽ پريس تي ڇپجڻ لڳا. 2000ع ۾ بورڊ خساري ۾ وڃڻ سبب پريس جون مشينون وڪرو ڪيون ۽ انهن مان صرف هڪ ڇپائيءَ واري مشين رولينڊ برقرار رکي وئي، جيڪا به 2005ع ۾ وڪرو ڪئي وئي. هن وقت بورڊ وٽ صرف هڪ ننڍو يونٽ (پريس) ڇپائيءَ لاءِ موجود آهي. پريس جا مئينجر ميان علي بخش، ميان الهبچايو يوسفزئي، جاويد مرزا، سيد سڪندر علي شاهه جيلاني، خضر خان وگهيو، محمد رحيم نوحاڻي رهيا آهن. بوڪ اسٽال: سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال 1953ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ (N.J.V هاءِ اسڪول) بندر روڊ تي قائم ڪيو ويو. ڪجهه وقت بعد ڪراچيءَ سان گڏ حيدرآباد ۾ به تلڪ چاڙهيءَ تي موجود ڪتاب گهر واريءَ جاءِ تي بوڪ اسٽال قائم ڪيو ويو. 63-1962ع ۾ بورڊ جي هيڊ آفيس ڪراچيءَ کان حيدرآباد منتقل ٿي ته بوڪ اسٽال پهريان ڪجهه سال حيدرآباد سول لائنز ۾، پوءِ ڪجهه وقت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي بنگلي ’امين منزل‘ ۾ قائم رهيو. 75-1974ع ۾ جڏهن بورڊ جي هيڊ آفيس ڄام شوري منتقل ٿي ته بوڪ اسٽال به اُتي قائم ٿيو، پر پوءِ ماڻهن جي سهولت خاطر حيدرآٻاد ۾ تلڪ چاڙهيءَ تي قائم ڪيو ويو، جتي اڄ به موجود آهي. بوڪ اسٽال جا مئنيجر هن ريت رهيا آهن: عبدالڪريم سعدي، محمد حسين آخوند، سراج الحق ميمڻ، همايون بيگ مرزا، نبي بخش قريشي، محمد امين بلوچ، سيد عباس علي شاهه حسيني، حبيب الله شيخ، سيد عباس علي شاهه حسيني، غلام حيدر ڪڇي، امداد علي ٻگهيو، غلام حسين شيخ، غلام حيدر ڪڇي ۽ خضر خان وگهيو. آن لائن لائبرري: سنڌي ادبي بورڊ علم ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۽ ترقيءَ لاءِ روايتي طريقي سان گڏ ٽيڪنالاجيءَ جي جديد ذريعن کي به ڪتب آندو آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ E-Book جو طريقو رائج ٿي رهيو آهي، بورڊ به سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي ترقي يافته ٻولين جي قطار ۾ بيهاريندي ”سنڌي ادبي بورڊ آن لائن لائبرري“ قائم ڪئي آهي هن لائبرريءَ ۾ 900 جي قريب ڪتاب ۽ رسالا مختلف موضوعن تي موجود آهن. ڪتاب: سنڌي ادبي بورڊ هن وقت تائين سنڌ جي تاريخ، لغت، لوڪ ادب، سيرت، فلسفي، افسانوي ادب (ڪهاڻين، ناولن، ناٽڪن)، سوانح، آتم ڪٿا، قديم مذهبي ادب، ٻاراڻي ادب، شاعري (ڪلاسيڪي ۽ جديد)، حديث، قرآن پاڪ (ترجمي ۽ تفسير)، سائنس، دنيا جي تاريخ، مشاهيرن، اقتصاديات، جاگرافي، سياست ترجمي وغيره موضوعن تي سون جي تعداد ۾ ڪتاب ڇپائي، سنڌ، پاڪستان بلڪ دنيا ۾ نالو ڪڍي چڪو آهي. ڪتابن جو وڏو تعداد سنڌيءَ ۾ آهي، جڏهن ته عربي، فارسي ۽ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ به چڱو تعداد ڪتابن جو ڇپايو ويو آهي.