سنڌي ادبي سنگت، سنڌ
گوبند مالهي، شيخ اياز، ڪيرت ٻاٻاڻي
اياز قادري، شمشيرالحيدري، تنوير عباسي
رشيد ڀٽي، تاج بلوچ، تاج جويو
غلام حسين رنگريز، ادل سومرو، ڊاڪٽر شمس سومرو
ممتاز بخاري، اياز گل، مختيار ملڪ
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال،يوسف سنڌي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال،يوسف سنڌي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل
سنڌي ادبي سنگت
سنڌي ادبي سنگت
سنڌي ادبي سنگت
سنڌي ادبي سنگت
سنڌي ادبي سنگت
سنڌي ادبي سنگت جي تقريب
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ: سنڌي ادبي سنگت، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ جي روشن خيال، وطن دوست، قومپرست، سيڪيولر ۽ ترقي پسند اديبن جي وڏي ۾ وڏي جماعت آهي، جيڪا ننڍي کنڊ جي قيام کان اڳ وجود ۾ آئي هئي. ان جي قيام کان اڳ ’سنڌي ادبي سرڪل‘ جوڙيو ويو هو، جنهن جي ميمبرن اڳتي هلي 1946ع ڌاري ’سنڌي ادبي سنگت‘ جوڙڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، پر اُن جي پهرين باڊي آگسٽ 1947ع جي پهرئين هفتي ۾، ڪراچيءَ ۾ چونڊي وئي. ان ڏس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي بانين ۽ اڳوڻن سيڪريٽرين جا حوالا، تاريخ جي رڪارڊ درست رکڻ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا:
ڪامريڊ اي. جي. اتم، ايڊيٽر ماهوار ’نئين دنيا‘ 1 آگسٽ 1947ع جي شماري ۾ هيٺين خبر شايع ڪئي: ”گذريل آرتوار تي ڪراچيءَ جي سنڌي ليکڪن جو ميڙ ’بايرس ۽ شپرس چيمبر‘ ۾ پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻيءَ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جتي پروفيسر ايم. يو. ملڪاڻي، لالچند امرڏنيمل، آسانند مامتورا، چوهڙ مل هندوجا، منوهر داس ڪوڙو مل، تيرٿ سڀاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، بهاري لال ڇاٻڙيا، آنند گولاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، موهن پنجابي، ڀڳوان لالواڻي ۽ ٻيا جهونا خواه نوان سنڌي ليکڪ حاضر هئا. شروعات ۾ گوبند مالهيءَ ترقي پسند ادب جي باري ۾ پنهنجا ويچار رکيا، جنهن کانپوءِ منوهر داس ڪوڙيمل، آسانند مامتوراءِ، لالچند امرڏنيمل ۽ پروفيسر ملڪاڻيءَ به پنهنجا پنهنجا رايا پيش ڪيا. آخر ۾ ’سنڌي ليکڪن جي جماعت بندي‘ ڪرڻ لاءِ حال ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي نالي سان هڪ جماعت برپا ڪئي وئي. جيسين سنگت جون چونڊون ٿين، ڪاروبار هلائڻ ۽ جوڙجڪ ٺاهڻ لاءِ پنجن ڄڻن- پروفيسر ملڪاڻيءَ، آسانند مامتورا، چوهڙ مل هندوجا، بهاري لعل ڇاٻڙيا ۽ گوبند مالهي (ڪنوينر) تي مشتمل عارضي ڪميٽي ٺاهي وئي. هيءَ جماعت سڄيءَ سنڌ جي ليکڪن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي . . . شڪارپور مان شيخ اياز جو احوال آيل آهي ته هو اپر سنڌ ۾ ترقي پسند ليکڪن جي جماعت بندي ڪري رهيو آهي ۽ هو پنهنجي ڪوشش ۾ گهڻيءَ حد تائين ڪامياب ٿيو آهي.“
ان کانپوءِ، آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي پهرين باڊيءَ جي چونڊ ٿي. ان ڏس ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي لکيو آهي ته:
”ڪراچيءَ ۾ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي اسٿاپنا (قيام) جو سوال اُٿيو ته سڀني جون اکيون وڃي گوبند مالهيءَ تي کُتيون. اديبن جو ميڙ آگسٽ 1947ع ۾ ’بايرس شپرس چيمبر‘ ۾ گهرايو ويو، جنهن ۾ ڪراچيءَ جي بزرگ توڙي نوجوان ساهتڪارن شرڪت ڪئي ۽ مٿين جماعت کي وجود مليو، سيڪريٽريءَ جون جوابداريون گوبند مالهيءَ مٿان رکيون ويون. آسانند مامتوراءِ پريزيڊنٽ، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي نائب پريزيڊنٽ، شيخ اياز ۽ بهاري ڇاٻڙيا جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيا.“ (سنڌو جوت، گوبند مالهي، خاص انڪ، جنوري- جون: 2001ع) ان ڳالهه جي تصديق خود گوبند مالهيءَ، پنهنجي آتم ڪٿا ’ادب ۽ اديب‘ جي ٽئين جلد ’نرواس ۾ آس‘ ۾ هن ريت ڪئي آهي: ’نئين دنيا‘ مخزن جاري ٿي. ان جي ارد گرد ساهتڪارن جو مجموعو به مڙي ويو. سنڌي ساهتڪارن جي جماعتبندي به ٿي. ’سنڌي ادبي سنگت‘ به جڙي، جنهن جو پريزيڊنٽ آسانند مامتورا ۽ جنرل سيڪريٽري مان چونڊيس. جوائنٽ سيڪريٽري بهاري ڇاٻڙيا ۽ شيخ اياز چونڊيا ويا.“ (ص: 26) سنگت جي ڪاروباري ڪميٽيءَ تي لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي، سوڀو گيانچنداڻي، عبدالرزاق ’راز‘ ۽ ٻيا کنيا ويا.
جڏهن گوبند مالهي، 1989ع ۾ سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران سڏايل ’انٽرنيشنل سچل سيمينار ڪراچيءَ‘ ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو، تڏهن سنگت مرڪز جي سيڪريٽري غلام حسين رنگريز پاران کيس، ڪرشن کٽواڻي ۽ ٻين هند مان آيل اديبن کي منظور چيمبرس حيدرآباد ۾ آجيان ڏنو ويو هو، جتي گوبند مالهيءَ تقرير ڪندي چيو هو: ”اها منهنجي لاءِ نهايت فخر ۽ خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته مارچ- اپريل 1947ع ۾ مون هڪڙو ننڍڙو ٻوٽو لڳايو هو. ڪوشش اها هئي ته هر قسم جي ويچار ڌارا رکندڙ سنڌي اديب هڪڙي ماڳ تي اچي گڏ ٿين ۽ رابطي ۾ رهن، جيتوڻيڪ هڪ ترقي پسند جي حيثيت ۾، ترقي پسند ليکڪن جي جماعت هتي اڳ ۾ ئي ٺهيل هئي، جنهن جي جنرل سيڪريٽري هئڻ جو شرف به مون کي رهيو، پر مون چاهيو پئي ته هر پيڙهيءَ جا سنڌي اديب هڪڙي ئي ماڳ هجن ۽ اها تنظيم سنڌي ادبي سنگت اسان هتي پيدا ڪئي.“ (سنگت پبليڪيشن ڪتاب نمبر 4، فبروري 1990ع، ص: 64) اهڙيءَ طرح آگسٽ 1947ع جي پهرين هفتي ۾ ٺهيل مرڪزي سنڌي ادبي سنگت اڃا پنهنجون سرگرميون ئي مس شروع ڪيون هيون ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو. سنڌ جا ساڃهه وند هندو اديب حالتن جو شڪار ٿي ڀارت لڏي ويا ۽ ورهاڱي سبب سنڌ جي اديبن جي ذهن تي مايوسيءَ جا ڪڪر ڇانئجي ويا.
ڪي اديب، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جو بنياد 1956ع کان ڄاڻائين ٿا، ان لاءِ سندن دليل اهو آهي ته 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن ٿيو هو. ان ڪري سنگت مرڪز جي ابتدا به ان تاريخ کان ٿيڻ گهرجي.
ياد رهي ته 1956ع واري ڪنوينشن ۾ سنگت جي آئيني جوڙجڪ کانپوءِ، قيام پاڪستان بعد سنگت جي پهرين مرڪزي باڊي چونڊي وئي هئي. ان ڏس ۾ ’سنڌ سنگت‘ جي ڪجهه اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن جا ويچار هيٺ ڏجن ٿا:
شمشير الحيدري 23 مارچ 1956ع جي هلال پاڪستان جي اشاعت ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌي ادبي سنگت جي نالي سان سڀ کان پهرين جماعت ڪراچيءَ ۾ 1946ع ڌاري ٺهي، جنهن جو پايو وجهندڙ گوبند مالهي، شيخ اياز، موهن پنجابي ۽ شيخ راز جهڙا قابل ۽ پختا اديب هئا، پر 1947ع واري لڏپلاڻ سان هيءَ سنگت خود بخود ختم ٿي وئي، ان بعد 1952ع ۾ نورالدين سرڪي ۽ عبدالغفور انصاريءَ جي دلچسپيءَ سان اها سنگت نئين سر ترتيب ۾ آئي.“
رشيد ڀٽي، پنهنجي مضمون ’پاڪستان جا 23 سال ۽ سنڌي ادبي سنگت‘ ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌي ادبي سنگت جي پيڙهه تڏهن پئي، جڏهن هندو پاڪ اپکنڊ ۾ هڪ پاسي انگريز سامراج جي خلاف هلچل زورن تي هئي ته ٻئي پاسي نوان اقتصادي نظريا دنيا جي ڳپل حصي ۾ ڏتڙيل ۽ ڦريل لٽيل عوام جا ڀاڳ ڀلائي چڪا هئا. . . اهي ٻئي عمل ئي وقت جي ادبي لاڙن ۽ قدرن تي ڪم ڪري رهيا هئا. لازمي طور سنڌي اديب به انهن نون اثرن کان متاثر ٿيو. 1946ع ڌاري ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر گربخشاڻيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ اهڙن نظرين ۽ خيالن جي حامي شاگرد اديبن ۽ شاعرن هڪ جماعت جو بنياد وڌو، جنهن جو نالو ’سنڌي ادبي سرڪل‘ رکيو ويو. ان سرڪل جي جوڙجڪ ۾ اهم حصو وٺندڙ اديبن ۾ نارائن شيام، شيخ اياز، شيخ راز، روشن آرا مغل، ارجن شاد ۽ سندري اتمچنداڻيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن . . . . 1947ع جي وچ ڌاري ان تنظيم کي ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو ويو. ورهاڱي کان ٻه ٽي مهينا اڳ ڪراچي شهر جي هڪ اداري ’شپرس اينڊ بايرس‘ جي آفيس ۾ سنڌ جا همخيال شاگرد ۽ ٻاهريان اديب پاڻ ۾ گڏيا، ۽ فيصلو ڪري سنڌي ادبي سنگت جو پايو وڌائون . . . جماعت جو پهريون سيڪريٽري سنڌ جو مشهور ناول نويس ۽ نقاد گوبند مالهي چونڊيو ويو، ترت ئي ورهاڱو ٿي ويو. هندو سنڌي اديبن جي گهڻائي هندستان هلي وئي.“ (هفتيوار صبح سنڌ، 14 آگسٽ 1970ع، ص: 5). تاج بلوچ، ’سنگت هڪ ادبي تحريڪ، هڪ نئين تاريخ‘ ڪتاب ۾ رقمطراز آهي ”. . . اهڙن ئي [ترقي پسند] اديبن جي ڪوشش سان سنڌي ادبي سنگت جي تحريڪ جي ابتدا پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان هڪ يا ٻه مهينا اڳ ڪراچيءَ ۾ شپرس اينڊ بايرس جي آفيس مان شروع ٿي. . . گوبند مالهيءَ کي ان وقت سنگت جو پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو.“ (2 آڪٽوبر 1966ع، س. ا. س ڪراچيءَ جي سنڌي ادبي ڪانفرنس، خالقڏني هال ڪراچيءَ ۾ پڙهيل استقباليه خطبو). بهرحال ورهاڱي کانپوءِ جڏهن ڪجهه ٺاپر ٿي، ته سنگت جو ٻيو ميڙ، باقاعدي 1948ع ۾ ڪوٺايو ويو. هيءَ ميٽنگ جناح ڪورٽس هاسٽل جي ڪمري نمبر 10 (احسان بدويءَ جي رهائشگاهه) تي ٿي، جنهن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز، احسان بدوي، جمال ابڙي، مولابخش سانگي ’ساغر‘ ۽ نورالدين سرڪيءَ شرڪت ڪئي. ان ميڙ کانپوءِ سنگت جي ٻي گڏجاڻي نه ٿي سگهي. رشيد ڀٽي لکي ٿو ته ”ان جو ڪارڻ اهو هو، جو ان وقت سڄي پاڪستان جي ترقي پسند اديبن پنهنجي گڏيل جماعت جي تياريءَ جو اعلان ڪيو، جنهن جي سڏ کي ورنائيندي مٿين سنڌي اديبن به (1949ع ۾) ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جي سنڌي شاخ قائم ڪئي . . . . . جنهن بعد اڪثر اديب ۽ شاعر فڪر- معاش جي سلسلي ۾ لڳي ويا ۽ ڪي تعليم پرائي واپس پنهنجن وٿاڻن ڏانهن وري ويا.“ (حوالو: ساڳيو) اهڙيءَ طرح 1953ع جي شروعاتي مهينن تائين سنڌي ادب تي هڪ مڪمل جمود ۽ سڪون طاري رهيو. 1953ع ۾ حالتن ۾ ڪجهه ٺاپر آئي. هر ڪنهن پاڻ سنڀالي، پنهنجي ماڻيل ۽ وڃايل ورثي ڏانهن نهاريو. اُن وقت ملڪ ۾ دستور سازيءَ جو ڪم به چالو هو ۽ زبانن جو به مسئلو متل هو. 1952ع ۾ بنگلاديش ۾ ٻوليءَ جي مسئلي تي فساد ٿيا. بنگالي گوليون کائي بنگالي ٻوليءَ کي حياتي ڏئي چڪا هئا، سنڌي ٻوليءَ جي موت ۽ حيات جو سوال آڏو هو، ڪنڊ پاسي کان ونيونٽ جو چوٻول به ٿي رهيو هو، انهن سمورين ڳالهين سنڌي اديبن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو ٻيو دؤر 1953ع ڌاري شروع ٿيو. هن ڀيري به ابتدا مرحوم احسان بدويءَ ڪئي. سندس جاءِ (جناح ڪورٽس) تي غفور انصاري، اياز قادري، مولانا عبدالواحد سنڌي، نورالدين سرڪي ۽ ٻيا اديب گڏ ٿيا. ستت ئي سنڌي ادبي بورڊ جي نئين تشڪيل سبب محمد ابراهيم جويو به سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪراچي آيو ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ کي هڪ قابل ۽ لائق سونهون ملي ويو. ترت پوءِ سوڀي گيانچنداڻيءَ به ڪراچيءَ ۾ اچي سنگت جو ساٿ ڏنو، ساڳئي وقت غلام رباني آگرو، سراج، شيخ حفيظ، رشيد آخوند ۽ رشيد ڀٽي به روزگار ۽ تعليم جي سلسلي ۾ ڪراچي آيا ۽ سنگت جي ميڙن ۽ معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا. سنڌي ادبي سنگت جون باقاعدي گڏجاڻيون جناح ڪورٽس (احسان بدويءَ جي ڪمري)، ميٺارام هاسٽل (سرڪيءَ جي ڪمري)، سنڌ مدرسي (رشيد ڀٽيءَ جي ڪمري)، ڌنيرام بلڊنگ (اياز قادريءَ جي ڪمري) ۽ مانڊيوالا بلڊنگ (موتيرام رامواڻيءَ جي آفيس) ۾ ٿيڻ لڳيون. موتيرام جهڙي مالي صلاحڪار جي مدد سان سنگت جو اشاعتي سلسلو به شروع ڪيو ويو. مولوي عبدالواحد سنڌيءَ به ’نئين زندگي‘ رسالي ۾ نون اديبن کي ڇاپي سندن همت افزائي ڪئي. ’مهراڻ‘ رسالي جو اجراءُ به ٿيو، جيڪو صحيح معنيٰ ۾ ادب ۾ نون لاڙن جو علمبردار هو. ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ٻيهر قيام ۽ اثرائتي عمل، سنڌ جي ٻين حصن جي اديبن کي به سنگت جي شاخن قائم ڪرڻ تي سوچڻ لاءِ آماده ڪيو. ان وقت تائين سڄيءَ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ (نالي ماتر) اديبن جي جماعت ’جميعت الشعراء سنڌ‘ هئي، جيڪا پنهنجن پراڻن خيالن جي ڪري نون اديبن لاءِ اهميت جوڳي نه رهي، ان ڪري نوجوان ۽ روشن خيال اديب، تنوير عباسي، نياز همايوني، اياز قادري، مولانا غلام محمد گرامي، عبدالڪريم گدائي، مولائي شيدائي ۽ ٻيا جميعت کي ڇڏي، سنڌي ادبي سنگت ۾ اچي شامل ٿيا. 1954ع جي جولاءِ ۾ رشيد ڀٽيءَ سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جو قيام عمل ۾ آندو. اهڙيءَ طرح حيدرآباد ۾ ’عوامي ادبي انجمن‘ جي پليٽفارم تي ڪم ڪندڙ تنوير عباسي، عثمان ڏيپلائي، مولانا گرامي، مقبول ڀٽي، ع. ق. شيخ، ابن حيات پنهور، شمشير الحيدري، مراد علي مرزا، بيگم زينت چنا ۽ ٻين اديبن سان رشيد ڀٽيءَ ملاقات ڪري ’عوامي ادبي انجمن‘ کي ’سنڌي ادبي سنگت‘ ۾ ضم ڪرايو ۽ حيدرآباد سنگت جو پهريون سيڪريٽري تنوير عباسي ٿيو، ڏسندي ڏسندي 1956ع تائين جيڪب آباد ۾ برڪت آزاد ۽ عبدالڪريم گدائيءَ، نوابشاهه ۾ بردي سنڌي، نور عباسي ۽ قمر شهباز، خيرپور ۾ جمال رند، خواجه سليم ۽ هادي بخش لاڙڪ، شڪارپور ۾ بشير مورياڻي ۽ نياز همايونيءَ، لاڙڪاڻي ۾ دوست محمد ابڙي ۽ تاج محمد ابڙي، ٽنڊي محمد خان ۾ پرواني ڀٽيءَ، جهمپير ۾ ابن حيات پنهور ۽ ميرپور بٺوري ۾ پٿر سنڌيءَ (قاسم پٿر) سنڌي ادبي سنگت جون شاخون قائم ڪري ورتيون. سندن سرگرمين ’جمعيت الشعراء‘ جهڙي تنظيم کي به متاثر ڪيو ۽ اپريل 1956ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ’ارڙهين سنڌي ادبي ڪانفرنس‘ جي موقعي تي ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘ جي ڪارندن، ترقي پسند اديبن کي به انفرادي طرح ڪوٺ ڏئي گهرايو، اتي سنڌ جي جدا جدا سنگتن جا نمائندا اچي شريڪ ٿيا ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي تنظيمي ڪميٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. 10 جولاءِ 1956ع تي ڪميٽيءَ جو ميڙ حيدرآباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ سنگت جي رٿيل جوڙجڪ (آئين) کي آخري شڪل ڏئي، ڪراچيءَ ۾ آل سنڌ سنڌي ادبي سنگت ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اهڙيءَ ريت سنڌ سنگت جو پهريون ڪنوينشن، 17 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ سڄيءَ سنڌ جي ٻارهن شاخن (شڪاپور، لاڙڪاڻي، قنبر علي خان، سکر، خيرپور، موري، نوابشاهه، جيڪب آباد، ٽنڊي محمد خان، جهمپير، ميرپور بٺوري ۽ ڪراچي) جي 33 عيوضين شرڪت ڪئي، سنگت جي آئين پاس ٿيڻ کانپوءِ مرڪزي سنگت جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ اياز قادري سيڪريٽري، شمشيرالحيدري جوائنٽ سيڪريٽري، موتيرام رامواڻي خزانچي ۽ ع. ق. شيخ آڊيٽر چونڊيا ويا. ٻن ٽن مهينن بعد اياز قادري استعيفا ڏني ۽ شمشيرالحيدري سندس جاءِ تي سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو. شمشير الحيدري 10 سالن تائين سنگت جون واڳون سنڀاليون. هن دؤر ۾ ونيونٽ خلاف تحريڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ زوردار نموني سان هلي. سڄيءَ سنڌ مان هزارين پوسٽ ڪارڊن ۽ صحيحن ذريعي ايوب خان تي سخت دٻاءُ وڌو ويو ته سنڌي ٻوليءَ جي تعليم خلاف سازشون بند ڪيون وڃن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. 12 آڪٽوبر 1962ع تي جنرل ايوب کي جهڪڻو پيو ۽ هن، سنڌي ٻوليءَ کي پرائمريءَ تائين محدود ڪرڻ واري فيصلي کي واپس ورتو ۽ سنڌي اديبن، شاگرن، استادن ۽ سياسي ڪارڪنن جي تحريڪ ڪامياب ٿي. سڄيءَ سنڌ ۾ ’سنڌي زبان جا ڏهاڙا‘ ملهايا ويا.
12 آڪٽوبر 1966ع تي سنڌي ادبي سنگت جو ٻيو مرڪزي ڪنوينشن ڪراچيءَ ۾ عبدالڪريم گدائيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري جنرل تنوير عباسي، جوائنٽ سيڪريٽري پروانو ڀٽي، خزانچي حميد سنڌي ۽ آڊيٽر تاج بلوچ چونڊيا ويا. ان کان اڳ تنوير عباسي، 1965ع ۾ سنڌي ادبي سنگت کي سوسائٽي رجسٽريشن ائڪٽ 1860 تحت جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز، حيدرآباد ۾ (رجسٽريشن نمبر 727 تحت) رجسٽر ڪرائي چڪو هو.
ڊاڪٽر تنوير عباسي 1966ع کان 1969ع تائين سيڪريٽري جنرل رهيو. هن دؤر ۾ سنگت، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو. تنوير عباسي پهريون سيڪريٽري جنرل هو، جنهن سنڌ سنگت جو باقاعدي رڪارڊ رکيو. هر اجلاس ۾ پاس ٿيندڙ ٺهراءَ سرڪار کي موڪلي، انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون. تنقيدي ڪلاس باقاعدي هلايا ويا، ونيونٽ خلاف باقاعدي تحريڪ هلائي وئي. سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ ۾ سنگت سان لاڳاپيل اديب باقاعدي شريڪ ٿيندا رهيا. سنگت پنهنجو وقار ۽ نالو قائم ڪيو.
1970ع ۾ سنڌ- سنگت جي سالياني ڪنوينشن رشيد ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري تاج بلوچ، خزانچي محمد بخش سومرو ۽ آڊيٽر منير سنڌي (ماڻڪ) چونڊيا ويا. رشيد ڀٽيءَ جي دؤر ۾ سنڌي اديبن ۽ سنڌ جي قومي سياستدانن جي گڏيل جدوجهد رنگ لاتو ۽ ونيونٽ ٽُٽو ۽ سنڌ، پاڪستان جي نقشي تي ٻيهر پنهنجو وجود برقرار رکيو. جيئن ته هن دؤر ۾ رشيد ڀٽي سياسي طرح وڌيڪ سرگرم رهيو، ان ڪري تاج بلوچ ۽ ٻين رشيد ڀٽيءَ کان استعيفا جو مطالبو ڪيو. 1979ع ۾ تاج بلوچ کي ان شرط تي سنڌي ادبي سنگت جو قائم مقام سيڪريٽري جنرل بنايو ويو ته هُو سنگت جون ترت چونڊون ڪرائيندو. هي پورا پنج سال سنگت جو قائم مقام سيڪريٽري جنرل رهيو، ان ڪري، سنڌ جي ڪجهه نوجوان اديبن: لياقت رضوي، علي نواز ڦل، ظفر عباسي ۽ ٻين سنڌ جي اديبن سان رابطا ڪري مرڪزي چونڊن لاءِ تحريڪ هلائي. نتيجي طور سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، 5 آگسٽ 1983ع تي، خيرپور پريس ڪلب ۾، رشيد ڀٽي ۽ تاج بلوچ جي نگرانيءَ ۾، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جون مرڪزي چونڊون ٿيون، جن ۾، نئين آئيني ترميم موجب، ٻن سالن لاءِ تاج جويو، سيڪريٽري جنرل چونڊجي آيو. ساڻس گڏ شفيع محمد ’مخفي‘ جوائنٽ سيڪريٽري، علي نواز ڦل خزانچي ۽ امين ٿيٻو آڊيٽر چونڊيا ويا.
اُن کان پوءِ، هر ٻئي سال، جمهوري طرح، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي مرڪزي چونڊن ٿيڻ جو رواج پيو. اڄ تائين، چونڊجي آيل سيڪريٽري جنرل جو تفصيل، تاريخ وار هيٺينءَ ريت آهي:
¨ 9 آگسٽ 1985ع تي، مسلم ڪاليج هاسٽل حيدرآباد ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: تاج جويو (ٻيو ڀيرو)، جوائنٽ سيڪريٽري: اياز گل، خزانچي:رسول بخش درس'> رسول بخش درس، آڊيٽر: اسير ملاح.
¨ 1 اپريل 1988ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: غلام حسين رنگريز، جوائنٽ سيڪريٽري: راشد مورائي، خزانچي: گل ملاح ۽ آڊيٽر: اختر درگاهي.
¨ 23 مارچ 1990ع تي ٽيچرس ڪلب ڄام شوري ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: تاج جويو (ٽيون ڀيرو)، جوائنٽ سيڪريٽري: اياز گل، خزانچي: نياز پنهور ۽ آڊيٽر: پارس حميد.
¨ 22 مئي 1992ع تي قاسم آباد ڪاليج حيدرآباد ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: ادل سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري: منٺار سولنگي، خزانچي: غلام نبي ناشاد، آڊيٽر: نعيم شيخ.
¨ 3 جون 1994ع تي ڀٽ شاهه ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر شمس سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري: ممتاز بخاري، خزانچي: ذوالفقار سيال ۽ آڊيٽر: انور ڪانڌڙو'>آزاد انور ڪانڌڙو.
¨ اختلاف ٿيڻ ڪري ڊاڪٽر شمس سومري، استعيفا ڏني ۽ سندس جاءِ تي 17 نومر 1995ع تي، سنڌ سنگت ڪائونسل اجلاس موري ۾ ممتاز بخاري، قائم مقام سيڪريٽري جنرل چونڊيو، باقي عهديدار ساڳيا رهيا.
¨ 8 نومبر 1996ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: اياز گل، جوائنٽ سيڪريٽري: وسيم سومرو، خزانچي: غلام نبي ناشاد ۽ آڊيٽر: معشوق ڌاريجو.
¨ 13 ڊسمبر 1998ع تي قاسم آباد ڪاليج حيدرآباد ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: مختيار ملڪ، جوائنٽ سيڪريٽري: ضراب حيدر، خزانچي: اختر درگاهي ۽ آڊيٽر: اصغر سجاڳ سنڌي.
¨ 19 فبروري 2001ع ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: ادل سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري: گل ڪونڌر، خزانچي: انور ڪانڌڙو'>آزاد انور ڪانڌڙو ۽ آڊيٽر: اسد سولنگي.
¨ 14 ڊسمبر 2003ع تي مسلم ڪاليج، حيدرآباد ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: تاج جويو (چوٿون ڀيرو)، جوائنٽ سيڪريٽري: رياضت ٻرڙو، خزانچي: آصف مٺياڻوي ۽ آڊيٽر: نور چاڪراڻي.
¨ 19 جنوري 2006ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، جوائنٽ سيڪريٽري: ڊاڪٽر مشتاق ڦل، خزانچي: معشوق ڌاريجو ۽ آڊيٽر: غلام محمد غازي.
¨ 27 اپريل 2008ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد جي ڊاڪٽر بلوچ هال ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: يوسـف سـنڌي، جوائنٽ سيڪريٽري: ڊاڪـٽر محمد عـلـي مانجهي، عورت جوائنٽ سيڪريٽري: زيب نظاماڻي، خزانچي: جبار ملاح ۽ آڊيٽر: منظور اڄڻ.
¨ 11 جولاءِ 2010ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڊاڪٽر بلوچ هال ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: (هن ڀيري اياز گل جي ڌُر چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو) سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر مشتاق ڦل، جوائنٽ سيڪريٽري: مشتاق بخاري، عورت جوائنٽ سيڪريٽري: مهرالنساءِ لاڙڪ، خزانچي: نبي بخش ناز ۽ آڊيٽر: بشير منگي.
¨ 14 اپريل 2013ع تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ چونڊيل سنڌ سنگت جا عهديدار: سيڪريٽري جنرل: ڊاڪٽر مشتاق ڦل، جوائنٽ سيڪريٽري: ملهار سنڌي، عورت جوائنٽ سيڪريٽري: مهرالنساءِ لاڙڪ، خزانچي: نبي بخش ناز ۽ آڊيٽر: رضا ڏاهري.
à سنڌي ادبي سنگت جو نئون دؤر، تاج جويي جي دؤر (5.8.1983) کان شروع ٿيو. 1956ع کان 1983ع تائين سنڌ سنگت جا ٽي ڪنوينشن (1956ع، 1966ع ۽ 1970ع)، ٽي سنڌ سنگت ڪائونسل اجلاس ۽ اٺ ڪاروباري ڪميٽيءَ جا اجلاس ٿيا هئا. هن نئين دؤر ۾ اجلاسن ۾ باقاعدگي آندي وئي. پهرين ٻن سالن ۾ مرڪزي عهديدارن جا 12، ڪاروباري ڪميٽيءَ جا 7 ۽ سنڌ سنگت ڪائونسل جا ٻه اجلاس ٿيا. سنگت جو آئين، ميمبرشپ جا فارم، ليٽرپيڊ، رسيد بوڪ، سنگت سڃاڻپ ڪارڊ، ووٽر لسٽون ۽ اٺ خبرناما ڇپايا ويا. سنگت پبليڪيشن جو بنياد وڌو ويو. سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ، ڪردار، ادب جي سماجي ڪارج، ادبي تخليقي لاڙن، دنيا جي انقلابن ۾ ادب جي ڪردار، شاهه لطيف جي شاعري، سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر، ادب جي نفسياتي رخن، ترقي پسند ادب جي معيارن، ذميوار صحافيءَ جي سماج ۾ ڪردار، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب، اڄ جي ڪهاڻي ۽ اڄ جو شعر وغيره جهڙن موضوعن تي سوڀي گيانچنداڻي، سراج، شمشير الحيدري، آغا سليم، ڪامريڊ روچيرام، تاج صحرائي، انور پيرزادي، شمس سومري، ف. م. لاشاري، برڪت آزاد، محمد حسين وساڻ، غلام رباني آگري، حاڪم شاهه بخاري، مدد علي سنڌي، هدايت منگي، مير محمد پيرزادي، نواز رڪڻائي، تاج جويي ۽ ٻين کان ليڪچر ڏياريا ويا. شاهه لطيف، شهيد هوش محمد، عبدالڪريم گدائي، حيدربخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، رائچند راٺوڙ، مسڪين جهان خان کوسي، ماٺيڻي اوٺي ۽ ٻين جون ورسيون ملهايون ويون. هن دؤر ۾ 102 شاخون متحرڪ رهيون. سنڌ کان ٻاهر جدي، اسلام آباد، ڪوئيٽا ۽ واهه ڪينٽ (پنجاب) ۾ شاخون کوليون ويون. ٻئين دؤر ۾، 27 ڊسمبر 1985ع تي سنڌ سطح جي ادبي ڪانفرنس بسنت هال حيدرآباد ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جي مختلف اجلاسن جا صدر ۽ خاص مهمان، سنڌ جا سينيئر اديب- محمد ابراهيم جويو، تنوير عباسي، ابن حيات پنهور، برڪت آزاد، الهداد ٻوهيو، شمشير الحيدري ۽ ٻيا هئا. مارچ 1986ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ سيڪريٽري جنرل شرڪت ڪري ’ترقي پسند تحريڪ ۽ سنڌي ادب‘ عنوان تي مقالو پڙهيو ۽ مختلف ٻولين واري سيشن ۾ سنڌي، سرائڪي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتو ٻولين کي قومي ٻوليون بنائڻ بابت سخت موقف اختيار ڪيو. پهريون ڀيرو ’سنگت ادبي اوارڊ‘ شروع ڪيا ويا. ’ڌارين جي آبادڪاريءَ خلاف‘ سڄيءَ سنڌ ۾ مظاهرا ڪرايا ويا. ٽنڊي ٺوڙي حيدرآباد ۾، مرزا قليچ بيگ لائبرريءَ ۾ سموريءَ سنڌ جي اديبن ۽ صحافين جو اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويو، نثار حسيني، استاد بخاري، نجم عباسي، ولي رام ولڀ، فقير محمد لاشاري، انور پيرزادو، يوسف لغاري، قاسم پٿر، ڪامريڊ روچيرام، غلام حسين رنگريز، ارشاد ساگر، مدد علي سنڌي، جي. اين. مغل، دستگير ڀٽي، قمر شهباز، محمد خان مجيدي، علي بابا، نٿو مورواڻي، حميد سنڌي، خاڪي جويو، اياز گل، ناز سهتو، نياز پنهور، اسير ملاح ۽ ٻيا سؤ کن اديب شريڪ ٿيا. ان موقعي تي سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري ۽ ٻين قومي مسئلن تي ’گڏيل پڌرنامو‘ جاري ڪيو ويو. 13 سالن جي خاموشيءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز کي 31 ڊسمبر 1987ع تي حيدرآباد ۾ ’ادبي اوارڊ تقريب‘ ۾ آندو ويو، جتي سندس هٿان محمد ابراهيم جويي، دادا سنڌي، نصير مرزا، فقير محمد لاشاري ۽ ٻين کي اوارڊ ڏياريا ويا. اپريل 1988ع ۾ ٻيو ڀيرو پريس ڪلب حيدرآباد ۾، شيخ اياز، سنڌي ادبي سنگت جي ڪانفرنس ’سنڌ جي بقا ۾ اديب جو ڪردار‘ جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، شمشير الحيدري، نجم عباسي، فقير محمد لاشاري، غلام حسين رنگريز ۽ ٻين مقالا پڙهيا. حافظ محمد بخش خاصخيلي مشهور نظم ’پاڻيءَ تي اڄ پاڻي ٿيندو‘ پيش ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو نوجوان شاعر حسن درس کي شيخ اياز آڏو متعارف ڪرايو ويو. تاج جويي جي چئني دورن ۾ ڪالاباغ ڊيم، ٿل ڪئنال ۽ ڌارين آبادڪاريءَ خلاف جدوجهد هلائي وئي، مظاهرا ڪرايا ويا. سنگت جا باقاعدي اجلاس ٿيا، قومي مسئلن تي ٺهراءُ پاس ڪرايا ويا. اديبن جي ورسين، رهاڻين ۽ شامن جا پروگرام منعقد ٿيا. ’سنڌ سنگت ڪائونسل‘ جي هر اجلاس ۾ پڌرناما جاري ٿيا. 29 سيپٽمبر 1991ع تي ’سنڌ ۾ ڌاڙيل مسئلو ۽ ان جو حل‘ سيمينار، قومي شاعر استاد بخاريءَ جي صدارت ۾ ڪرايو ويو. خاص مهمان پروفيسر محمد عمر ميمڻ هو، جڏهن ته لياقت عزيز، نصير سارنگ، حسن مجتبيٰ، ائڊووڪيٽ غلام رسول رند، يوسف لغاري، پروفيسر سعيده بشير، جامي چانڊئي، ڄام ساقي ۽ نزهت پٺاڻ پيپر پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون. سنڌي رائيٽرس ائڪشن ڪميٽيءَ پاران سنڌ جي مسئلن تي انعام شيخ، حسن درس ۽ ٻين ڄام شوري ۾ بک هڙتال ڪئي، جنهن جو سيڪريٽري جنرل تاج جويي ۽ خزانچي نياز پنهور ’چارٽر آف ڊمانڊ‘ تيار ڪيو. جولاءِ 1990ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال حيدرآباد ۾ سيڪريٽري جنرل شرڪت ڪري سنگت جو موقف پيش ڪيو. اهڙيءَ ريت ايلس فيض جي اڳواڻيءَ ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن جي آيل وفد آڏو ’سنڌ ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي پسمنظر‘ تي تفصيلي موقف پيش ڪيو ويو. هن دؤر ۾ پهريون ڀيرو ڪوئيٽا، بلوچستان ۾ ’سنڌي بلوچ ۽ پشتون قومن‘ جي يڪجهتيءَ جي حوالي سان 19 جولاءِ 1990ع تي شاهه لطيف ڏينهن سنگت طرفان ملهايو ويو. هن عرصي ۾ سنڌ جي قومي مسئلن تي سنگت پبليڪيشن جو هڪ خاص نمبر پڻ شايع ڪيو ويو. 1994ع ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ٻن شاگردن جي قتل تي سنگت پاران ’قومي جرڳو‘ ڪوٺايو ويو. نورالهديٰ شاهه، پروفيسر عمر ميمڻ، پروفيسر لياقت عزيز، ائڊوڪيٽ يوسف لغاري ۽ تاج جويي تي مشتمل ڪميٽيءَ، وائيس چانسلرن، استادن، پوليس عملدارن، شاگردن ۽ ٻين جا انٽرويو ڪري انڪوائريءَ بعد قاتل ظاهر ڪيا ۽ فيصلو ڪري واسطيدار سياسي پارٽيءَ کي ڏوهارين خلاف قدم کڻڻ لاءِ لکيو ويو.
چوٿين دؤر ۾، پهريون ڀيرو (ڊسمبر 2003ع ۾) 15 رڪني سنڌ سنگت صلاحڪار ڪائونسل جوڙي، ان ۾ سنڌ سنگت جا ست اڳوڻا سيڪريٽري ۽ ست سينيئر اديب کنيا ويا، جيڪا وقت به وقت قومي مسئلن تي موقف پڌرو ڪندي هئي. ’سنگت تعليمي سٿ‘ مرڪز ۽ ضلعن ۾ ٺاهي، خانگي اسڪولن ۾ سنڌيءَ جي تعليم ۽ سرڪاري دفترن ۾ سنڌيءَ جي استعمال لاءِ تحرڪ ورتو ويو. سنڌ سنگت لايرز فورم ائڊووڪيٽ يوسف لغاريءَ جي نگرانيءَ ۾ ٺاهيو ويو. ثقافتي سٿ جوڙي بازاري ڪئسٽ شاعريءَ خلاف آواز اُٿاريو ويو. شيخ اياز فائونڊيشن جي سهڪار سان شيخ اياز جي ورسين جا پروگرام ڪيا ويا. هندستان مان آيل اديبن جي آجيان طور ڊسمبر 2004ع ۾ ’سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ‘ ڪتاب پڌرو ڪيو ويو. ڊسمبر 2005ع ۾ ’سنگت سالنامو‘ ۽ سنگت پبليڪيشن جو ڪتاب ’شاهه، سنڌ ۽ هندستان‘ شايع ڪيو ويو. مرڪز ۽ ڪراچي شاخ پاران هند جي سنڌي اديبن: هري موٽواڻي، هيري ٺڪر ۽ نند جويريءَ کي آجياڻو ڏنو ويو. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کي اعزازي ميمبرشپ ڏني وئي.
à غلام حسين رنگريز جو دور تنظيمي طرح بهترين دور رهيو. سنگت جي هر شاخ جو ڌار فائيل رکيو ويو، سمورا مرڪزي اجلاس ۽ شاخن جا تنقيدي ڪلاس باقاعدي ٿيا، غير متحرڪ شاخن کي متحرڪ ڪيو ويو ۽ هن دور جو رڪارڊ آهي ته سنگت جي ڪنهن به شاخ جو الحاق رد نه ڪيو ويو. ’سنگت پبليڪيشن‘ جا ڊبل ڪرائون سائيز جا پنج پرچا ڪڍيا ويا، جن مان هڪ ’نارائڻ شيام‘ کي منسوب ڪيو ويو ۽ هڪ ’سنگت ڪارڪردگي نمبر‘ طور شايع ڪيو ويو. اشاعت جي ڪم ۾ مرڪزي عهديدارن سان گڏ سهڪاري ساٿ ۾ تاج جويو ۽ يوسف سنڌي شامل رهيا. 28 جنوري 1989ع تي ’سنڌ ۽ جمهوريت جي بحاليءَ‘ جي حوالي سان ڀرپور پڌرنامو جاري ڪيو ويو. پهريون ڀيرو سنڌ سنگت جي مرڪزي باڊيءَ کي اسلام آباد شاخ آجياڻو ڏنو. 1988ع ۾ سائين جي. ايم. سيد جي ميزبانيءَ ۾ سن ۾ ٿيل ’سنڌ قومي اتحاد‘ جي جوڙجڪ واري اجلاس ۾، سنڌي ادبي سنگت مبصر طور شرڪت ڪئي. سنگت جي نمائندگي سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز ۽ جوائنٽ سيڪريٽري راشد مورائي ڪئي. تنوير عباسي ۽ تاج جويي به سنگت جي ميمبرن طور اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. 1989ع ۾ سگا طرفان ڪراچيءَ ۾ ڪوٺايل ’سچل انٽرنيشنل ڪانفرنس‘ ۾ سيڪريٽري جنرل شرڪت ڪئي، سنڌي ادبي سنگت جي باني ايڊيٽر گوبند مالهي ۽ هند مان آيل اديبن ڪرشن کٽواڻي، وينا شرنگي ۽ ٻين کي منظور چيمبرس حيدرآباد ۾ آجياڻو ڏنو ويو. بلوچستان ۾ ڪوئيٽا شاخ جي سهڪار سان شاهه لطيف ڪانفرنس جي صدارت سيڪريٽري جنرل ڪئي، جڏهن ته خاص مهمانن ۾ مشهور بلوچ شاعر عطا شاد ۽ عبدالواحد آريسر شامل هئا. واهه ڪينٽ طرفان ’شاهه لطيف ڪانفرنس‘ ڪرائي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي. هن دور ۾ شاخن سان خط وڪتابت ذريعي مستقل رابطا رهيا. سنگت پبليڪيشن لاءِ همدرد فند قائم ڪيو ويو. ساميءَ جي شاعري، ورڊس ورٿ جي فن ۽ فڪر، فرينچ انقلاب، سنڌ جون موجوده حالتون ۽ ان جو حل وغيره موضوعن تي عبدالواحد آريسر، رسول بخش پليجي، سيد اڪبر ۽ ٻين کان ليڪچر ڏياريا ويا. نارائڻ شيام، شهيد عبدالرزاق سومري، ماٺيڻي اوٺي، مائي ڀاڳي، رشيد ڀٽي، مولائي شيدائي، آفتاب نظاماڻي ۽ ٻين جون ورسيون ملهايون ويون. پهريون ڀيرو 22 مارچ 1990ع تي ٽيچرس ڪلب ڄامشوري ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعر خليفي نبي بخش ’قاسم‘ لغاريءَ جي ڀرپور ورسي ملهائي وئي.
à ادل سومري جي دور ۾ به سنڌي ادبي سنگت جي شاخن سان رابطا ۽ خط و ڪتابت باقاعدگيءَ سان جاري رهي ۽ شاخن جو رڪارڊ بهتر نموني رکيو ويو. هن دور ۾ ’سنڌي ڪهاڻي ڪانفرنس‘ (22 آڪٽوبر 1992ع) خيرپور ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جا ٻه اجلاس ٿيا. پهرئين اجلاس جو صدر حميد سنڌي ۽ خاص مهمان اياز قادري هو ۽ ٻئي اجلاس جو صدر عبدالقادر جوڻيجو ۽ خاص مهمان رسول ميمڻ هئا. 22 اپريل 1993ع تي ’سنگت ڪهاڻي نمبر‘ ۽ ’شاعريءَ جي تربيتي ڪيسٽ‘ (ليڪچر: تنوير عباسي) جو مهورت پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم، سنڌالاجي، ڄام شوري ۾ ڪرايو ويو. ’سنگت ڪهاڻي نمبر‘ تي تاج جويي ۽ ڪئسٽ تي غلام حسين رنگريز تنقيدي مقالا پڙهيا. ٻيو اجلاس سنگت اوارڊ تقريب جو ٿيو. پهرئين اجلاس جو صدر ۽ مهورتڪار نجم عباسي ۽ خاص مهمان حميد سنڌي هئا. ٻئي اجلاس جو صدر محمد ابراهيم جويو ۽ تنوير عباسي هئا. هن دور ۾ پهريون ڀيرو اوارڊ: ڪنور ڀڳت، عبدالڪريم گدائي، نارائڻ شيام، استاد بخاري، هري دلگير، ذوالفقار راشدي، مرزا قليچ بيگ، مولائي شيدائي، موهن ڪلپنا، طارق اشرف، الطاف عباسي، جيجي زرينا بلوچ، رشيد ڀٽي، آپا خيرالنساءِ ملڪ، قاضي عبدالحئي قائل ۽ ٻين شخصيتن جي نالي جاري ڪيا ويا ۽ اهو رواج پوءِ به جاري رهيو. ادل سومري جي دور ۾ ئي سنگت اوارڊ جي ڊزائين نامور مصور خدا بخش ابڙي کان ٺهرائي سنڌ سنگت مرڪزي ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ منظور ڪرائي وئي هئي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان لاڙڪاڻي ۾ رهاڻ (9 ڊسمبر 1993ع) ملهائي وئي. ’سنگت شاعري نمبر‘ ۽ ’شيخ اياز جي شاعري (سندس آواز ۾) ڪئسٽ‘ جو مهورت 18 مارچ 1994ع تي سڪرنڊ ۾ ڪرايو ويو. رشيد ڀٽيءَ جي ورسي سکر ۾ 25 مارچ 1994ع تي ملهائي وئي. سندس ٻنهي دورن ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف حيدرآباد ۽ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا، جن ۾ سينيئر اديب وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. منظور سخيراڻي (فنڪار) وحيد انصاري (شاعر)، سولنگي '>منٺار سولنگي (اديب) ۽ حسين بخش ناريجي (سياستدان) جي اغوا خلاف مظاهرا ڪيا ويا. تنوير عباسي ۽ شيخ اياز جون ورسيون ملهايون ويون. سنگت مرڪز جي آفيس لاءِ هڪ لک کان وڌيڪ فند گڏ ڪيو ويو. 13 ڊسمبر 2003ع تي اختر ڪاٽيج حيدرآباد ۾ سنگت آفيس ۽ گوبند مالهي لائبرريءَ لاءِ پيڙهه جو پٿر محمد ابراهيم جويي کان رکرايو ويو. 13 اپريل 2003ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هال ۾ ’سنڌي ادبي ڪانفرنس‘ ڪرائي وئي ۽ ’سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي حيثيت‘ بابت پڌرنامو جاري ڪيو ويو. سنگت جو سڌاريل آئين، ڪيترا نيوزليٽر ۽ ’سنگت ڪارڪردگي نمبر‘ شايع ڪيا ويا. آئيني ۽ تنقيدي اجلاس باقاعدي ٿيندا رهيا. سنگت پبليڪيشن پاران ’ڪهاڻيون‘ ڪتاب جو مهورت 7 مارچ 2001ع تي علي محمد پرويز کان ڪرايو ويو. هن دور ۾ ادل سومري، جون 1992ع ۾ ڪن غير ذميوار فردن طرفان غلط روش تي استعيفا ڏني ۽ جولاءِ تائين جولاءِ تائين گل ڪونڌر قائم مقام سيڪريٽري جنرل طور ڪم هلايو. بعد ۾ موري ۾ جولاءِ 1992ع دوران ڪاروباري ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سندس استعيفا نامنظور ڪئي وئي. ادل سومري جي دور ۾ گل ڪونڌر جي ادارت هيٺ نڪرندڙ ’ادب‘ رسالي جي هر شماري ۾ 16 صفحا لڳاتار ٻئي سال ’سنگت خبرنامي‘ طور ڇپجندا رهيا.
à ڊاڪٽر شمس سومرو ڇهه مهينا سيڪريٽري جنرل رهيو ۽ عهديدارن سان اختلافن بعد استعيفا ڏئي ويو. قائم مقام سيڪريٽري ممتاز بخاريءَ، ذوالفقار سيال ۽ آزاد انور ڪانڌڙي واري باڊيءَ (94-1996ع) جي دور ۾ آئيني سڌارن لاءِ تنوير عباسي، تاج جويي ۽ يوسف سنڌيءَ تي مشتمل ’آئيني ڪاميٽي‘ جوڙي وئي، شاخن ۽ فردن کان 700 تجويزون ورتيون ويون، جن جي روشنيءَ ۾ آئيني سڌارا ڪيا. هن دور ۾ به مرڪزي اجلاس باقاعدگيءَ سان ٿيا. ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين قومي مسئلن تي مظاهرا ڪرايا ويا. خبرناما ۽ سنگت ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪئي وئي. ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي‘ سيمينار ڪرايو ويو. پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ دستخطي مهم هلائي وئي. 1700 اديبن ۽ اهم ماڻهن جي صحيحن سان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي يادداشت نامو پڄايو ويو. قومي اسيمبليءَ جي ميمبر سيد خورشيد شاهه ۽ پنجابي دانشور فخرالزمان سان ملاقاتون ڪري کين سنڌ جو آواز پڄايو ويو. سنڌ جي مسئلن تي خيرپور اجلاس ۾ ’16 نقاطي پڌرنامو‘ جاري ڪيو ويو.
ڪراچيءَ ۾ اياز قادري، عمر ميمڻ، نجم عباسي ۽ ن. م. محزون جي ياد ۾ ادبي ميڙاڪا ڪيا ويا، جن جي علي احمد بروهي، نورالهديٰ شاهه ۽ ماهتاب اڪبر راشديءَ صدارت ڪئي.
à اياز گل جي دور (98-1996ع) ۾ تنظيمي حوالي سان خاص ڌيان ڏئي، غير متحرڪ شاخن کي ختم ڪيو ويو. هن دور ۾ سمورن مرڪزي اجلاسن جو ڪورم پورو رهيو. باقاعدي خبرناما جاري ٿيا. ڪالاباغ ڊيم خلاف مظاهرا، مباحثا ۽ ليڪچر ڪرايا ويا. مرڪز پاران حيدرآباد ۾ جون 1997ع ۾ وڏو مظاهرو ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي سينيئر اديبن سميت 350 اديب شريڪ ٿيا. باقاعدي ادبي موضوعن تي ڪيترائي ليڪچر ڪرايا ويا. 50 سالن ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس لاءِ اختر ڪاٽيج، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ پلاٽ خريد ڪري رجسٽر ڪرايو ويو، جنهن تي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي دور ۾ تازو مرڪزي آفيس جوڙائي وئي آهي. پهريون ڀيرو عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي ’جنم ڏينهن ڪارڊ‘ ڇپيل صورت ۾ موڪليا ويا. سنگت جي مونوگرام سان فائيل، پينون ۽ ٻيو مواد تيار ڪرائي ڇپرايو ويو، جيڪو مرڪزي اجلاسن ۾ ڏنو ويندو هو. اياز گل جي دور ۾، ادل سومري، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي نگرانيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي پسمنظر ۽ تاريخ تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. هن دور ۾ سنڌ جي نامياري شاعر تاجل بيوس جي نون (9) ڪتابن تي مشتمل مجموعو سنڌ سنگت پاران ڇپايو ويو، جنهن جي ڪمائي سنگت جي حوالي ٿي. هن ئي دور ۾ ’سنگت جي پهرين گولڊن جوبلي ڪانفرنس‘ 1997ع ۾ ملهائي وئي، جنهن موقعي تي سنگت جي سمورن زنده سيڪريٽري جنرلن شرڪت ڪئي، جن کي اوارڊ ڏنا ويا. گولڊن جوبلي ڪانفرنس واري ڏينهن، 28 ڊسمبر 1997ع تي سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جو لاڏاڻو ٿيو. ان ڪري ڪانفرنس کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي مشوري سان تعزيتي اجلاس ۾ بدلايو ويو. تاريخ ۾ شايد اهو پهريون ڀيرو هو، جو ڪنهن ليجنڊ کي دفن ٿيڻ کان اڳ سوين اديبن خراج تحسين پيش ڪيو هجي. هن اجلاس ۾ سوين سينيئر اديبن ۽ جونيئر اديبن شرڪت ڪئي. پهريون ڀيرو هن موقعي تي سنگت جي بهترين شاخن کي، اڳوڻن سيڪريٽرين جي نالي سان مڃتا شيلڊون ڏنيون ويون. هن دور ۾ شاخن جون ادبي سرگرميون باقاعدي جاري رهيون.
à مختيار ملڪ جي دؤر جي مرڪزي باڊي چونڊجڻ کان اڳ چونڊن ۾ بيٺل ٻن گروپن جي اڳواڻن تاج جويي ۽ يوسف سنڌيءَ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ گڏيل اميدوار چونڊن ۾ ڪامياب ٿيا. هن دور جي شروعات ان ريت ٿي ته 20 صدي ختم ٿي ۽ نئين ملينيم جي ابتدا ٿي. هن دور ۾ سالياني ادبي اوارڊ تقريب ۽ ٻوليءَ بابت سيمينار ٿيا. 9 اپريل 1999ع کان ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي هفتو‘ ملهائي سڄيءَ سنڌ ۾ پروگرام ڪيا ويا، جنهن جي ابتدا سنڌي ادبي سنگت ٺل شاخ کان ٿي، جتي 9 اپريل تي افتتاحِ پروگرام ٿيو، جتي ڪتابي ميلو، ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن تاج جويي ۽ ڊاڪٽر شمس سومري پڻ شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ 11 اپريل تائين ٻوليءَ بابت سيمينار، ليڪچر پروگرام ۽ ورڪشاپ منعقد ٿيا، خاص ڪري لاڙڪاڻي شهر ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، ميهڙ، دادو، سوڀي مگسي ۽ ٻين شاخن ۾ ’سنڌي ٻولي، قومي ٻوليءَ‘ بابت پروگرام ڪرايا ويا، جن ۾ سيڪريٽري جنرل ذاتي طور شرڪت ڪئي. هن سلسلي جو آخري پروگرام موري شهر ۾ سيد حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر سليمان سولنگي، راشد مورائي، سيڪريٽري جنرل مختيار ملڪ ۽ ٻيا اديب شريڪ ٿيا. هن دور ۾ ٽي خبرناما ۽ سالياني ڪارڪردگي رپورٽ ڇپائي وئي. مرڪزي اجلاس باقاعدي ٿيا. رابطه سيڪريٽرين جا ٻه اجلاس نوابشاهه ۽ خيرپور ۾ ڪرايا ويا. حيدرآباد کي سنڌ جي دل سمجهندي، سيڪريٽري جنرل، حيدرآباد جي بند پيل شاخ کي ٻيهر متحرڪ ڪيو، جتي سنگت جي گڏجاڻين ۾ محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين مستقل شرڪت ڪئي. هتي مرڪز سان گڏجي ڪيترا پروگرام ڪيا ويا ۽ ڪالاباغ ڊيم بابت هڪ مرڪزي مظاهرو پڻ ڪرايو ويو. هن دور ۾ ڪراچيءَ جي شاخن کي به متحرڪ ڪيو ويو. ان کانسواءِ شيخ اياز جي پهرين ورسي سنڌ سنگت پاران اياز جي مزار جي آڳر ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ محمد ابراهيم جويي، سوڀي گيانچنداڻي ۽ ٻين اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اهو سلسلو بعد ۾ جاري رهيو. سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ جي برک شاعر ۽ اديب تنوير عباسيءَ جي لاڏاڻي تي مرڪز پاران خيرپور شهر ۾ ٽي ڏينهن تڏو ڪيو ويو ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ تعزيتي ميڙاڪا ڪوٺايا ويا.
à ڊاڪٽر ذوالفقار سـيـال، يوسف سنڌي ۽ ڊاڪٽر مـشـتـاق ڦـل جـو دور (2006ع کان 2013ع ۽ اڄ تائين هلندڙ) هڪٻئي سان سهڪاري رهيو.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ سنگت جي آئين ۾ ترميم ڪري عورت جوائنٽ سيڪريٽريءَ جو عهدو وڌايو ويو. آئيني ڪميٽيءَ تي تاج جويو ۽ يوسف سنڌي ميمبر هئا. يوسف سنڌيءَ جي دور (10-2008) ۾ پهرين عورت جوائنٽ سيڪريٽري زيب نظاماڻي بنا مقابلي چونڊجي آئي ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي پهرين دور ۾ مهرالنساءِ لاڙڪ چونڊجي آئي ۽ ائين هن وقت ٻئي دور ۾ پڻ مهرالنساءِ لاڙڪ عورت جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجي آئي آهي.
2006ع کان هن وقت تائين ٽنهي سيڪريٽري جنرلن جي دور ۾ يوسف سنڌي، ’سنگت پبليڪيشن‘ جو نگران رهيو آهي ۽ هن وقت تائين سنگت پبليڪيشن جا 30 کان مٿي شمارا ڪڍيا ويا آهن ۽ مختلف اديبن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا ويا آهن، جن ۾ خاص طور ’نئين سنڌ جي ڳولا ۽ ايڪيهين صديءَ جون تقاضائون‘ (نصير سارنگ)، ’شاهه لطيف: تاريخ جي آئيني ۾‘، ’سنڌي ٻولي، ماضي، حال ۽ مستقبل‘، ’سامرين جي شهر ۾‘ (شاعري: آثم ناٿن شاهي) قابل ذڪر آهن.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ ٻيو ڀيرو ’سنڌ- سنگت گولڊن جوبلي ڪانفرنس‘ جون تقريبون ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ 15 کان 16 ڊسمبر 2007ع تائين ڪرايون ويون. هن گولڊن جوبلي ڪوٺائڻ لاءِ اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته جيئن ته سنڌ سنگت جي مرڪزي تنظيم 1956ع ۾ ٺهي هئي، ان ڪري 2006ع کي سنگت جي گولڊن جوبلي سال طور ملهايو ويو آهي. 7 جنوري 2007ع تي ’سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ‘ جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ ’ٻولي ڪانفرنس‘ ڪوٺائي وئي. ان ئي تسلسل ۾ يوسف سنڌيءَ جي دور ۾، 21 فبروري 2009ع تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ٻولي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ محمد يوسف ٽالپر، نواب وساڻ ۽ ماروي ميمڻ خصوصي شرڪت ڪئي. فبروري 2010ع ۾ صدر پاڪستان کي هڪ لک صحيحن سان پوسٽ ڪارڊ موڪليا ويا ۽ ان کانپوءِ هر سال 1 فبروري کان 21 فبروريءَ تائين ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي‘ جاڳرتا مهم هلائي ويندي آهي. مشتاق ڦل جي دور ۾ پهرين فبروري 2011ع تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي بابت مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ محمد ابراهيم جويي سميت ڪيترا اديب شريڪ ٿيا. 20 فبروري 2011ع تي ڪراچيءَ ۾ٻولي ڪانفرنس ٿي ۽ 21 فبروري 2011ع تي سنگت اسلام آباد جي ميزبانيءَ ۾ اسلام آباد ۾ ’ٻولي ڪانفرنس‘ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ٻين ٻولين جي اديبن، سياسي، سماجي شخصيتن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. هن ئي سال محترمه سسئي پليجو، وزير ثقافت جي سهڪار سان ثقافت کاتي، سنڌي ٻولي اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي گڏيل ڪوششن سان ’سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جو ڪيس‘ تيار ٿي قومي اسيمبليءَ جي اسٽئنڊنگ ڪميٽيءَ تائين پهتو. ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي دور ۾ ئي 5 مارچ 2012ع تي سنڌ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي عمارت جو اختر ڪاٽيجز، قاسم آباد، حيدرآباد ۾ وزير ثقافت محترمه سسئي پليجو ۽ سائين محمد ابراهيم جويي افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين به موجود هئي.
مارچ 2012ع ۾ سنگت مرڪز پاران ’سنگت پبليڪيشن جي 29 ڪڙي‘، ’يادگار ڪهاڻي نمبر‘ طور شايع ڪئي وئي. فبروري 2013ع ۾ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ تي مشتمل ذوالفقار سيال جو ڪتاب ’سنڌي شاعريءَ جو سفر‘ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. مشتاق ڦل جي دور ۾ ’ٻٽي مڪاني نظام‘ خلاف سنڌي اديبن ۽ سياستدانن سان گڏجي جدوجهد هلائي وئي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي. هن دور ۾ سنگت جا اجلاس باقاعدي ٿيندا رهيا.
اهڙيءَ ريت ابتدا کان وٺي اڄ تائين سنڌي ادبي سنگت پنهنجي روشن خيال، سيڪيولر، ترقي پسند ۽ غير تڪراري حيثيت برقرار رکندي، سنڌي ٻولي، ادب، تهذيب ۽ قومي مسئلن تي ڀرپور ادبي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏ پنهنجو جمهوري عمل برقرار رکيو آهي.