سنڌي شعبو، ممبئي يونيورسٽي: ممبئي يونيورسٽي، هندستان جي آڳاٽي يونيورسٽي آهي، جيڪا 1857ع ۾ قائم ٿي هئي. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ’سنڌي شعبو‘، 15 جون 1974ع تي قائم ٿيو. پروفيسر رام پنجواڻي هن شعبي جو پهريون ريڊر ۽ هيڊ مقرر ٿيو ۽ 19 نومبر 1976ع تائين ساڳئي عهدي تي قائم رهيو. سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌي شعبي جو ٽن سالن تائين ڪو به سربراهه مقرر نه ٿيو. 3 مارچ 1981ع تي ڊاڪٽر ارجن شاد ميرچنداڻي، سنڌي شعبي جي چارج سنڀالي ۽ ان جو ٻيو ريڊر ۽ هيڊ مقرر ٿيو. هن 20 اپريل 1985ع تائين شعـبـي جـو ڪاروهـــنوار هلايو. کانئس پـوءِ ڊاڪٽر اين. جي. پرياڻي، 8 آگسٽ 1985ع تي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، ۽ کيس 13 سيپٽمبر 1990ع ۾ ريڊر مقرر ڪيو ويو ۽ ان عهدي تي 30 سيپٽمبر 1992ع ۾ رٽائر ٿيڻ تائين فائز رهيو. 15 فبروري 1994ع تي ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سينئر اسڪيل ۾ ليڪچرر ٿيو ۽ 13 اپريل 1994ع تي سنڌي شعبي جو هيڊ مقرر ٿيو. ترت پوءِ سليڪشن ڪميٽيءَ، 1 سيپٽمبر 1994ع تي ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ کي ريڊر مقرر ڪيو. جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ کي ’ڪيريئر ائڊوانسمينٽ اسڪيم‘ (CAS) هيٺ 1 جون 1994ع تي ريڊر جو اسڪيل ڏنو ويو ۽ اهڙيءَ ريت 5 جولاءِ 2001ع تائين سنڌي شعبي جو هيڊ رهيو. جنهن بعد کيس ترقي ڏئي 1 سيپٽمبر 2002ع تي پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ هڪ ڀيرو وري ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي 14 جون 2005ع کان 12 جون 2008ع تائين هن شعبي جو سربراهه رهيو. ٽيون ڀيرو ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي 10 سيپٽمبر 2008ع کان 30 سيپٽمبر 2011ع تائين سنڌي شعبي جو هيڊ رهيو. هن 30 سيپٽمبر 2013ع تي رٽائر ڪيو آهي.
جڏهن ته هن شعبي جو ٻيو سربراهه ڊاڪٽر منوهر بختراءِ مٽلاڻي، 27 نومبر 1996ع تي سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو، کيس 27 نومبر 2000ع تي سينيئر اسڪيل ليڪچرر طور ترقي ڏني وئي ۽ 6 جولاءِ 2001ع تي شعبي جي هيڊ جي ذميواري کيس ڏني وئي ۽ سندس سنڌي شعبي جي سربراهه طور مدو 13 جون 2005ع تي پورو ٿيو. 27 نومبر 2005ع تي ائسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو. ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي ٻيو ڀيرو 13 جون 2008ع کان 9 سيپٽمبر 2008ع تائين سنڌي شعبي جو سربراهه رهيو. ان دوران ڀارت سرڪار جي HRD وزارت پاران ڊاڪٽر منوهر لال مٽلاڻيءَ کي NCPSL (National Council for the Promotion of Sindhi Language) نئين دهليءَ جي ڊائريڪٽر جي آڇ ڪئي وئي ۽ هو ڊيپوٽيشن تي 10 سيپٽمبر 2008ع تي هن اداري جو ڊائريڪٽر بڻيو، جنهن عهدي 27 جنوري 2010ع تائين رهيو، اتان واپسيءَ تي کيس ٻيهر 1 آڪٽوبر 2011ع تي سنڌي شعبي جو سربراهه بنايو ويو، جتي اڄ ڏينهن تائين سنڌي شعبي جو سربراهه آهي.
سنڌي شعبي ۾ ايم. اي، ايم. فل، پي. ايڇ. ڊي، سنڌيءَ ۾ سرٽيفڪيٽ ڪورس، سنڌيءَ ۾ ڊپلوما ۽ ايڊوانسڊ ڊپلوما جي تعليم ڏني وڃي ٿي. هن شعبي پاران شاگردن جي ذهني صلاحيتن وڌائڻ ۽ کين ڄاڻ مهيا ڪرڻ لاءِ مختلف موضوعن تي سمپوزيم ۽ سيمينار ڪرايا ويندا آهن. گڏوگڏ سنڌي ادب جي ميدان ۾ تحقيق جون سهولتون پڻ ڏنيون وينديون آهن. سنڌي شعبي 1997ع کان پبلشنگ جو ڪم پڻ شروع ڪيو آهي ۽ هن شعبي پاران تحقيق تي ٻڌل 25 ڪتاب ڇپايا ويا آهن، جن مان اهم ڪتابن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
(1) ’فن تحقيق ۽ ان جا اصول‘ (ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي: اردوءَ مان ترجمو: 1997ع)، (2) ’سنڌي لوڪ ادب‘ (ڊاڪٽر ٻلديو: 1998ع)،
(3) ’ Sindhi Midievel Literature‘ (ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي: 1998ع)،
(4) ’سنڌي ڪهاڻي‘ (ڊاڪٽر منوهر لال مٽلاڻي: سال 2000ع)،
(5) ’سنڌي ٻوليءَ جا هزار سال‘ (ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي: 2000ع)،
(6) ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي‘ (ڊاڪٽر منوهر لال مٽلاڻي: نومبر 2001ع)، (7) ’گوبند مالهي- شخص ۽ اديب‘ (ڊاڪٽر منوهر لال بختراءِ مٽلاڻي: پي. ايڇ. ڊي ٿيسز: 2002ع)، (8) ’اساسي سنڌي شاعري‘ (ڊاڪٽر منوهر لال مٽلاڻي: ڊسمبر 2002ع)، (9) ’شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس‘ (ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي: پي. ايڇ. ڊي ٿيسز: نومبر 2003ع)، (10) ’برطانوي دور ۾ سنڌي ادب‘ (مرتب: ڊاڪٽر منوهر لال مٽلاڻي: نومبر: 2003ع)، (11) ’اڳ نه ڏٺو ڪڏهن‘ (سفرنامو: ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي: مارچ 2003ع)، (12) ’ادب ۽ تحقيق‘ (ٻلديو مٽلاڻي: 2008ع)، (13) ’سنڌي ادب جو سماجي ڪارج‘، (14) ’سنڌي ٻوليءَ جو اصل نسل ۽ ارتقا‘،
(15) ‘Sindhis- Gods’ Gift to Global Economy’ (Ram Buxani: 2007)، (16) The Indus Empire– History of Sindh (Prem Matlani)، (17) The Vignettes from Prem Matlani، (18) اڱڻ عجيبن جا (ٻلديو مٽلاڻي)، (19) Relavince of Sindh (Dr. Manohar Matlani)، (20) Bombay Presidency and Sindh (Dr. Manohar Matlani، (21) سنڌي سرويچ (رام جواهراڻي)، (22) سچل جو رسالو (عثمان علي انصاري)، (23) ڏور جنين جو ڏيهه (ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي)، (24) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو-1: ڀوڄراج ناگراڻي)، (25) ساميءَ جا سلوڪ (ڀاڱو 2: ڀوڄراج ناگراڻي) وغيره.
سنڌي شعبي ۾ بهتر تدريس لاءِ هر سال پاليسين جو جائزو وٺي نوان ڪورس به متعارف ڪرايا وڃن ٿا، جيئن ممبئي توڙي سڄي هندستان ۾ رهندڙ سنڌي شاگردن ۽ نئين ٽهيءَ جو ڌيان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ڏانهن ڪجي ۽ سنڌي پڙهڻ ۾ نئين ٽهيءَ جي دلچسپي پيدا ڪجي.
هن شعبي پاران بين الاقوامي يونيورسٽين مان شاگردن جا وفد گهرائي سنڌي شعبي جي شاگردن سان سندن گفتگو ڪرائي وڃي ٿي ته جيئن شعبي ۾ پڙهندڙ شاگرد ٻاهرين يونيورسٽين جي شاگردن جي تعليم اتان جي ماحول وغيره جو اندازو لڳائي سگهن. ان ڏس ۾ 20 آگسٽ 2004ع تي برطانيا مان شاگردن جي هڪ وفد کي دعوت ڏئي گهرايو ويو.
سنڌي شعبي جي استاد ۽ سربراهه ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ڪيترين بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي آهي، جهڙوڪ: (1) 23 کان 25 سيپٽمبر 2003ع تائين ڀارتيه وديا ڀون، نيويارڪ، آمريڪا ۾ هندستاني ادب بابت ڪانفرنس ۾ هن ’هندستاني ادب ۾ آيل تازن لاڙن‘ بابت سنڌي زبان ۽ جديد هندستاني ادب جي حوالي سان تقرير ڪئي. (2) ’سنڌي ائسوسيئيشن آف سدرن ڪئليفورنيا‘ پاران 5 آڪٽوبر 2003ع تي نارواڪ، ڪئليفورنيا، آمريڪا ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾ هن ’سنڌي زبان جي ارتقا‘ بابت مقالو پڙهيو. (3) سنڌي ائسوسيئيشن يونائيٽيڊ ڪنگڊم، لنڊن پاران 23 کان 25 جولاءِ 2004ع تي گهرايل يارهين انٽرنيشنل سنڌي سميلن جي موقعي تي هن ’سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سلامتيءَ‘ بابت ليڪچر ڏنو. (4) ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘ جي 31 جولاءِ 2004ع تي لنڊن ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ هن ’سنڌي ڪلچر جي سيڪيولر روايتن جي احياءَ‘ بابت مقالو پڙهيو. (5) ٽورنٽو، ڪئناڊا ۾ سنڌي ائسوسيئيشن آف آمريڪا جي ٻاويهين سالياني ڪنوينشن، 30 جون کان 3 جولاءِ 2006ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ تحفظ بابت مقالو پيش ڪيو.
اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻيءَ کي پڻ سنڌي شعبي جي هيڊ طور مختلف ڪانفرنسن ۾ گهرايو پئي ويو آهي. مثلاً: (1) ڊيلاس، ٽيڪساس، آمريڪا ۾ سانا جي چوويهين سالياني ڪنوينشن، جولاءِ 2008ع ۾ ڊاڪٽر منوهر لال مٽلاڻيءَ ’ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري‘ بابت مقالو پڙهيو. (2) هن وزيٽنگ پروفيسر طور ٽوڪيو يونيورسٽي آف فارين اسٽڊيز، جپان ۾، 16 آگسٽ کان 22 سيپٽمبر 2008ع تائين جپاني شاگردن کي سنڌي زبان سيکاري.
سنڌي شعبي، بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تحقيق تي، هيٺينءَ ريت پي. ايڇ. ڊي جون ڊگريون ڏنيون ويون آهن:
(1) سنڌي لوڪ ادب ۾ سماجي پسمنظر (نارائڻ ڀارتي: 1978ع)
(2) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استريءَ جو چٽ (موتي پرڪاش: 1981ع)
(3) سنڌي ناول جي اوسر (چندو لعل جئه سنگهاڻي: 1982ع)
(4) سنڌي ڊراما جي اوسر (پريم سنگهه ميلسنگهاڻي: 1986ع)
(5) سنڌي شاعريءَ ۾ عورت جو چٽ (ڪملا گوڪلاڻي: 1993ع)
(6) شاهه ۽ سچل جو تقابلي مطالعو (ٻلديو مٽلاڻي: 1994ع)
(7) ٻنيءَ جا لوڪ گيت (ڄيٺو لالواڻي: 1996ع)
(8) سنڌي ٻالڪ ساهتيه (هوندراج بلواڻي: 1996ع)
(9) گوبند مالهي- شخص ۽ اديب (منوهر مٽلاڻي: 1998ع)
(10) ’سامي هڪ ويدانتي شاعر‘ (وندنا رامواڻي: 2000ع)،
(11) ’ڀارت جي سنڌي شعر ۾ ورهاڱي جي تصوير‘ (جڳديش لڇاڻي: 2002ع)،
(12) هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ آيل تبديل (ڀوڄراج ليکواڻي: 2002ع)
(13) سنڌي لفظن جو تاريخي اڀياس (پونم سي. ٻيلاڻي: 2003ع)
(14) سنڌي ادب ۾ ڄيٺمل پرسرام جي دَين (انيتا ڏوڏيجا: 2010ع)
(15) رام پنجواڻي- شخص ۽ فنڪار (رام جواهراڻي: 2013ع)
هن وقت هيٺيان شاگرد سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ هيٺين موضوعن تي پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيا آهن:
(1) چندر ٺڪر (سنڌي موسيقي ۽ شاهه لطيف)
(2) راجيشري ٽيڪچنداڻي (گرونانڪ ۽ سنڌي ساهتيه)
(3) راجڪمار موهناڻي (ڪشنچند بيوس هڪ شاعر)
(4) ڪاجل رامچنداڻي (پرواسي سنڌين جو اڀياس)
(5) روينا سيلاني (ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، محبت جو مسيحا)
(6) مهاديو لوهاڻو (سچل سائين هڪ انقلابي صوفي شاعر)
هن شعبي مان هيٺين اديبن ايم. فل جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن:
(1) ٻلديو مٽلاڻي (سچل جون واديون: 1985ع)
(2) مينا روپچنداڻي (جديد سنڌي شاعريءَ جو باني: بيوس)
(3) سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر (جڳديش لڇاڻي: 1985ع)
(4) شاهه جا سورما (منوهر لال مٽلاڻي: 1990ع)
(5) سنڌي لوڪ چوڻيون (لڇمڻ چانڊواڻي: 1990ع)
(6) سنڌي ڪهاڻيءَ جي وڪاس ۾ موهن ڪلپنا جو يوگدان (مينا شهدادپوري: 1990ع)
(7) ساميءَ جا سلوڪ (نيلم موٽواڻي: 1996ع)
(8) هري دلگير- شخص ۽ شاعر (آشا رنگواڻي: 1996ع)
(9) رام پنجواڻي- شخص ۽ اديب (انيتا ڏوڏيجا: 2000ع)
(10) ڊاڪٽر ديال آشا- هڪ شخص (ڪيرتي روپاڻي: 2013ع)
رام جوهراڻي ’رام پنجواڻي- شخص ۽ ڪلاڪار‘ جي موضوع تي هن شعبي مان پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي. ان کانسواءِ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سؤ سالا جشن جي موقعي تي سنڌي شعبي پاران، 6 مارچ 2007ع تي ‘Relevance of Sindhyat in Modern Times’ جي عنوان سان بين الاقوامي سيمينار منعقد ڪيو ويو. مرهٽي ڀاشا ڀون وديانگري ڪئمپس ۾ منعقد ٿيل هن سيمينار جو افتتاح يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر وجئه ڪولهيءَ ڪيو. ان سيمينار ۾ سنڌ مان مظهرالحق صديقي (وائيس چانلسر، سنڌ يونيورسٽي)، امر جليل (وائيس چانسلر، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد) پڻ شريڪ ٿيا هئا.
سنڌي شعبي، بمبئي يونيورسٽيءَ، 1994ع کان 2003ع تائين قومي سطح جا 9 سيمينار منعقد ٿي چڪا آهن:
1. Sufism in Sindhi Poetry (20 March, 1994)
2. Growth of Sindhi Language (18 May, 1994)
3. Development of Sindhi Language upto 1947 (10 March, 1995)
4. Development of Sindhi Literature in India after Independence' (Part I), (21 Nov, 1995)
5. Development of Sindhi Literature in India after Independence" (Part II), (8 March, 1996)
6. Sindhyat in Sindhi Literature (27 January, 1997)
7. Millenium of Sindhi Language (21 February, 2000)
8. Classical Sindhi Poetry (21 March, 2002)
9. Sindhi Prose in British Period (29 January, 2003)
اهڙيءَ طرح 1997ع کان 2013ع تائين بين الاقوامي سطح جا 11 سيمينار منعقد ڪرايا آهن.
Sindhi Folk Literature (2 December, 1997)
Sindhi Short Story (4 December, 1998)
Shah Abdul Latif Bhittai- A Mystic Poet (9 January, 2001)
Social Role of Sindhi Literature (21 March, 2004)
Origin & Evolution of Sindhi Language (1 March, 2005)
Media & Sindhi Language (1 March, 2006)
Relevance of Sidhyat in Morden Time (6 March, 2007)
Bombay Presidency, Sindh and Sindhis (11 March, 2008)
Sindhyat Essence of Secularism (22 ‘January, 2009)
Global Sindhis & World Peace (28 March, 2011)
Global Sindhis & World Peace (11 March, 2013)
سنڌي شعبي ۾ شاگردن جي مطالعي لاءِ ’جواهر لعل نهرو ڊپارٽمينٽل لائبرري‘ قائم ٿيل آهي، جتي سنڌي ادب سميت تاريخ تي ڄاڻ ڏيندڙ سڀ ڪتاب ميسر ڪري رکيا ويا آهن.
سنڌي شعبي ۾ يونيورسٽيءَ جي اعلان ڪيل ايڊميشن ٽيسٽ جي ذريعي داخلا ڪئي وڃي ٿي. مجموعي طور هندستان اندر هن شعبي جون سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي تدريس ۽ تحقيق لاءِ ڳڻڻ لائق خدمتون آهن.