سنڌي صحافت ۽ اخبار نويسي پسمنظر ۽ تاريخ

سنڌي صحافت ۽ اخبار نويسي (پسمنظر ۽ تاريخ) مقصد ۽ ذميواريءَ جي خيال کان صحافت جو بنيادي ڪم عوام کي سياسي، سماجي، ادبي، علمي ڄاڻ ڏيڻ يا سياسي معاملن کان باخبر رکڻ آھي. اھو تصور نه رڳو تمام آڳاٽو آھي، پر اڄ به اُن جي اھميت ساڳي آھي ۽ ھاڻي ته جديد ٽيڪنالاجيءَ جي زماني ۾ صحافت ھڪ منظم سائنس بنجي چڪي آھي. صحافت جي مقصدن ۾ پڙھندڙ کي سيکارڻ، عام راءِ متاثر ڪرڻ، سماجي براين تي چوڪسي رکڻ، کوج لڳائڻ ۽ شھري ۽ بنيادي حقن جو بچاءُ ڪرڻ شامل آھن. شھري ۽ بنيادي حقن جي بچاءَ جي ذميداري ته صحافت تي ايتري عائد ٿئي ٿي، جو ان کي چوندا ئي ’رياست جو چوٿون ٿنڀ‘ آھن. صحافت جو علم ۽ عمل، جيڪو اڳي رڳو لکت ۽ ڇپائيءَ (پرنٽ ميڊيا) تائين محدود ھو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان گڏ ترقي ڪندو، نه رڳو اليڪٽرانڪ ميڊيا (ريڊيو ۽ ٽي وي) جي دور ۾ داخل ٿي ويو، پر ھاڻ ته انٽرنيٽ جي ايجاد اُن جي اھميت، تصور ۽ رفتار اڃا به وڌائي ڇڏي آھي. سنڌي اخبارون ۽ رسالا آن لائين اچي ويا آھن، ويب ريڊيو قائم ٿي چڪا آھن، جڏھن ته سوشل ميڊيا تي سنڌيءَ ۾ لکجڻ جو سلسلو شروع آھي. صحافت جي رفتار جو اندازو ان مان ڪري سگھجي ٿو ته اڳي ڪنھن خبر کي ڏورانھين ھنڌ تائين پھچڻ ۾ ڪيئي ڏينھن بلڪ ھفتا لڳي ويندا ھئا. مثال طور: 1805 ۾ جڏھن ايڊمرل لارڊ نيلسن ٽريفلگر واري جنگ ۾ ھڪ بحري جھاز تي مارجي ويو ته اھا خبر لنڊن پھچڻ ۾ ٻه ھفتا لڳا ھئا. رائل نيويءَ جو ھڪ ليفٽيننٽ اھا خبر کڻي پاڻ ھڪ بحري جھاز ۾ سفر ڪندو لنڊن پھتو ھو. لنڊن کانپوءِ انگلنڊ جي ٻين شھرن ۾ اھا خبر ته اڃا به دير سان پھتي. ان کانپوءِ به ھڪ سئو سالن تائين مواصلاتي ذريعا گھڻو ڪونه وڌيا سواءِ ان جي ته لاريون ۽ ريل گاڏيون ھلڻ لڳيون ھيون. صحافت کي وڏي ھٿي تڏھن ملي، جڏھن 1920 ڌاري ريڊيو ايجاد ٿيو. 1939 کان 1945 تائين ٻي مھاڀاري جنگ دوران بي. بي. سيءَ جي خبرن ته ڌُم مچائي ڇڏي ھئي ۽ اخبارن کي ريڊيو نشريات سبب وڏو خطرو محسوس ٿيڻ لڳو ھو، پر 1956 ۾ وري ٽيليويزن وجود ۾ اچي وئي. نومبر 1963 ۾ جڏھن آمريڪي صدر جان ايف. ڪينيڊي، ڊلاس، ٽيڪساس ۾ قتل ٿيو ته اھا خبر ڪجھه سيڪنڊن اندر سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي وئي ۽ ان جو ڪارڻ ريڊيو ۽ ٽيليويزن ھئا. بي. بي. سي ريڊيو جون نشريات ايتريون طاقتور ھيون، جو سنڌ ۾ به ٻڌڻ ۾ اينديون ھيون. سورھيه بادشاهه شھيد پير صبغة الله وٽ به ھڪ ريڊيو ھوندو ھو، جنھن تان ھو بي بي سي جون خبرون ٻڌندو ھو ۽ برطانوي فوجن جي چُر پُر ۽ پيش قدميءَ بابت نه رڳو پاڻ باخبر رھندو ھو، پر پنھنجي حُر مجاھدن کي به معلومات ڏئي کين حالتن مطابق تيار رھڻ جي ھدايت ڪندو ھو. سنڌ ۾ مواصلاتي ذريعن جي گھڻي ترقي نه ٿيڻ سبب ڪراچيءَ مان ڇپجندڙ سنڌي اخبارون ويھين صديءَ جي ستر واري ڏھاڪي تائين به ڏورانھن علائقن ۾ سج لٿي مھل يا ٻئي ڏينھن پھچنديون ھيون. اخبارن جا بنڊل ٽرينن ۽ بسن ۾ سٿيا ويندا ھئا ۽ اخبارن جي ورڇ به انھن گاڏين جي مختلف شھرن ۾ پھچڻ جي وقتن تي دارومدار رکندي ھئي. ھلالِ پاڪستان پھرين سنڌي اخبار ھئي، جنھن 1972 ۾ ڪراچيءَ مان سراج ميمڻ جي ادارت ھيٺ جديد ڇپائيءَ سان نروار ٿيڻ تي خاص وين مقرر ڪئي، جنھن ۾ اخبار ڪراچيءَ کان حيدرآباد پھچائي ويندي ھئي. ان ھوندي به ٻين شھرن لاءِ ٽرينن ۽ بسن جو سھارو وٺڻو پوندو ھو. ايڪيھين صديءَ جي شروعات سان ھڪ فرق اھو آيو ته اخباري ادارن ساڳي اخبار ھڪ کان وڌيڪ ھنڌن تان ڇپرائي ورھائڻ شروع ڪئي. ان حڪمت عمليءَ سان اخبارون بنا دير جي صبح سوير ئي ھر ھنڌ پھچڻ لڳيون. ھن وقت ڪي اخبارون ھڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر مان ڇپجن ٿيون.
صحافت جي اھميت جي ڪري دنيا جي يونيورسٽين اندر صحافت جي علم جا نه رڳو شعبا قائم ٿي ويا، پر جيئن ته صحافت رڳو خبرن تائين محدود ڪانه رھي، تنھنڪري ان جو نالو ئي مٽائي ’ماس ڪميونيڪيشن‘ رکيو ويو، جنھن ۾ پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ايڊورٽائيزنگ جو علم سيکاريو وڃي ٿو. اھڙيءَ طرح پبلڪ رليشن (تعلقاتِ عامه) به ماس ڪميونيڪيشن جو اھم حصو آھي، جنھن ۾ سرڪاري توڙي خانگي ادارن جي پبلڪ رليشن وارن شعبن ۾ وڃڻ لاءِ ھينڊ آئوٽ ۽ پريس رليز ٺاھڻ سيکاريو وڃي ٿو. سنڌ ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت وارن ڏينھن ۾ اُڻويھه سئو ستر واري ڏھاڪي جي اوائل ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ’ماس ڪميونيڪيشن‘ جو شعبو قائم ٿيو، جنھن کانپوءِ 1975 ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ اھڙو شعبو قائم ٿيو، جتان ماسٽرس جي ڊگري ڏني وڃي ٿي. ڪيترائي سنڌي شاگرد انھن يونيورسٽين مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ ڊگريون وٺي چڪا آهن.
سنڌيءَ ۾ ڇپائيءَ جي شروعات: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپائي 1848 کان شروع ٿي ۽ پھريون سنڌي ڪتاب 1858 ۾ ڇپيو ھو. ’ھسٽري آف انڊين لٽريچر‘ (واليوم 9، ڀاڱو 1 ۽ 2 ) موجب سڀ کان پھرين سنڌي ٽائيپ جو استعمال 1858 ۾ لنڊن ۾ ٿيو، جڏھن ارنيسٽ ٽرمپ جو سنڌي ريڊنگ بُڪ ڇپيو. ان ڪاميابيءَ کانپوءِ 1863 ۾ سسئي پنھونءَ جو داستان ڇاپيو ويو. ارنيسٽ ٽرمپ جو شاھه جو رسالو ليپزگ، جرمنيءَ ۾ 1866 ۾ ڇپيو. اھو بھرحال اڻپورو ھو، جنھن ۾ باب ترتيب ۾ ڪونه ھئا. ٽن سالن کانپوءِ 1869 ۾ ڪراچيءَ ۾ پھرين ’ليٽر پريس‘ قائم ٿي، جتان پھرين سنڌي اخبار شائع ڪئي وئي. انگريز حڪمرانن ھتي ڪرسچين اسڪول قائم ڪيا ھئا، جتي پڙھائڻ لاءِ بائيبل جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي ڇپرايو ويو. اُن سان سنڌي نثر لکڻ ۽ ڇپجڻ جي شروعات ٿي. جيتوڻيڪ ان وقت جي ڇپائيءَ جي طريقهءِ ڪار موجب سنڌي ڇپائيءَ جو دور 1848 ٻڌايو وڃي ٿو، پر تاريخي حقيقتون ٻڌائين ٿيون ته سنڌي ڇپائي مختلف شڪلين ۾ ان کان اڳ به ٿيندي ھئي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري ۾ قرآن، حديث، تفسير، فقھه، شاعري، تاريخ ۽ طب وغيره جي موضوعن تي 1684 جي زماني جا 300 کان وڌيڪ ھٿ اکر لکيل ڪتابن ۽ اخبارن جا نسخا سانڍيل آھن. ان کانسواءِ تاريخي اخبار الوحيد (1920 کان 1950)، انگريزي اخبارسنڌ قاصد‘ (1854 کان 1857 )، سنڌ سڌار (1878 ) ۽ انگريزي اخبار ڊيلي گزيٽ (1921 کان 1931 ) جا شمارا به سانڍي رکيا ويا آھن.
سنڌ ۾ صحافت جي قدامت جو جائزو: سنڌ ۾ صحافت جو سلسلو ڏھين صدي عيسويءَ کان به اڳ جو معلوم ٿئي ٿو. ڏھين صدي عيسويءَ کان اُڻويھين صديءَ جي اڌ يعني انگريزن جي آمد تائين سنڌ ۾ فارسي زبان رائج ھئي. جيتوڻيڪ ڏھين صديءَ دوران سنڌي زبان جي مالا مال ھجڻ جي تصديق مشھور سياحن ۽ مؤرخن: استخري، ابن حوقل ۽ مقدسي به ڪئي آھي، پر ادبي ۽ سرڪاري ٻولي گھڻو ڪري فارسي ھئي. ظاھر آھي ته ان صورتحال ۾ اخبار نويسي به (پوءِ اھا جھڙي به شڪل ۾ ھئي) فارسي زبان ۾ ئي ھلندي ھوندي. حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ موجب مغلن جي دور ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي روزانيون اخبارون ھڪ بکر سرڪار، ٻي سيوستان سرڪار ۽ ٽين ٺٽي سرڪار پاران نڪرنديون ھيون، جن ۾ گھڻي ڀاڱي مٿئين طبقي جي مصروفيتن، شوقن، شڪارن، مقررين ۽ بدلين جا احوال ڇپبا ھئا. اھي ان وقت جا سرڪاري ھينڊ آئوٽ چئي سگھجن ٿا جيئن اڄڪلھه جي حڪومتن جا سرڪاري ھينڊ آئوٽ روزانو جاري ٿين ٿا. اھي اخبارون يا ھينڊآئوٽ خوش نويسن کان لکرائي وڏن ماڻھن ۾ تقسيم ڪيا ويندا ھئا. حڪيم صاحب جي چوڻ موجب ’وقائع سرڪار سيوستانيءَ‘ جي نالي سان نڪرندڙ روزاني اخبار جي آفيس سيوھڻ ۾ اڙل واھه جي ڪناري ڀرسان ھئي. مغلن جي دور ۾ سيد عبدالجليل بلگرامي ۽ سيد غلام علي آزاد بلگرامي سيوھڻ ۾ ڪافي وقت رھيا ۽ سندن ذمي اھو ڪم ھو ته اھي ھتان جي حالتن کان دھليءَ جي حڪومت کي باخبر رکن. ھي ٻئي وڏا وقائع نگار ھئا. وقائع نگاري ۽ واقعن جي موڪلڻ جا انھن ڏينھن ۾ انتظام سيوھڻ کان سواءِ بکر ۽ ٺٽي ۾ به ھئا. آزاد بلگرامي وڏي محدث ۽ عالم محمد حيات سنڌيءُ جو شاگرد ۽ سيوھڻ ۾ اڪبر بادشاھه جي حڪومت پاران ’وقائع سرڪار سيوستان‘ اخبار جو ايڊيٽر ھو. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ مطابق مغلن جي زماني ۾ اخبار نويسيءُ ۽ وقائع نويسيءَ وڏي ترقي ڪئي. ابوالفضل آئينِ اڪبريءَ ۾ وقائع نگاريءَ جي اھميت بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”سلطان جي واقعن جو قلمبند ڪرڻ نه فقط حڪومت جي ترقي ۽ انتظام لاءِ ضروري آھي پر ھر طبقي ۽ ھر مجلس جي رونق بحال ڪرڻ لاءِ به ضروري آھي. جيتوڻيڪ قديم زماني ۾ به ان جو پتو پوي ٿو پر ان جي اصل حقيقت کان اھلِ زمانا کي ھن مبارڪ عھد (اڪبر جو دور) ۾ آگاھي ٿي.“
معلوم ٿيو ته ان دور ۾ دراصل وقائع نويسي ئي ’اخبار نويسيءَ‘ جي پيڙهه جو ڪم ڪيو. ان دور ۾ خبرن کي ڦهلائڻ بابت ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد پنهنجي تصنيف ۾ لکي ٿو ته، ”هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته سلاطين دهلي ۽ مغل حڪمرانن جي دور ۾ خبرن کي عام ماڻهن تائين ڪيئن پهچايو ويندو هو. ان سلسلي ۾ هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اڄ به پاڪ وهند ۾ اخبارون هزار مان فقط پنج ماڻهو پڙهن ٿا. اڄوڪي زماني جو مقابلو چند سؤ سال اڳ سان ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ان وقت هن کان به گهٽ ماڻهن کي خبرن سان دلچسپي هئي. عوام رڳو وڏين وڏين فتحن جي خبرن ۾ دلچسپي وٺندو هو. خبرن ڦهلائڻ جو ان وقت طريقو نغارو وڄائي شهر ۾ ان جو اعلان ڪرڻ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مسجدن ۾ به اعلان ٿيندا هئا. باقي خبرن ۾ دلچسپيءَ جو سامان صرف اميرن ۽ سردارن لاءِ موجود هو. اڳئين وقت ۾ به اندروني امن ۽ ٻاهرين حملي کان بچڻ لاءِ ’اخباري تنظيم‘ وڏي مدد ڏيندي هئي. اخباري تنظيم عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ بهترين ذريعو هئي. اخبار نويس کي معاشري ۾ اعلى مقام حاصل هو ۽ هو خبرن جي فراهميءَ ۽ پهچ ۾ مڪمل آزاد هو، جيڪي خبرون معاشري جي جنهن طبقي تائين پهچائڻ ضروري هيون، اهي پهچايون وينديون هيون. سنڌ ۾ دهل وڄائي پڙهو ڏيڻ جو رواج به آڳاٽو آهي، جيڪو پيغام يا خبر رسانيءَ جو هڪ طريقو هو.
دنيا ۾ اخبار نويسيءَ جي پهرئين دور جي باقاعده مرتب ڪيل تاريخ نه آهي، پر تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته عوام تائين خبرون پهچائڻ جي شروعات چين ملڪ ۾ ٿي ۽ پهرين اخبار جو نالو ’سنگ پائو (Tsing Pao)‘ هو، جيڪا ڪاٺ جي بلاڪن سان ڇپجي هئي. ڪجهه ماڻهن جي راءِ آهي ته پهرين اخبار ’ايڪٽا ڊيورانا‘ هئي، جيڪا روم ۾ جوليس سيزر جي زماني ۾ رومن زبان ۾ نڪرندي هئي. ’ايڪٽا ڊيورانا‘ جي معنى آهي ’روز جا واقعا‘. هن جا ٻه حصا هوندا هئا، هڪ ’ايڪٽا سينٽا‘ ۽ ٻيو ’ايڪٽا پبليڪا.‘ پهريون حصو مختصر سرڪاري اطلاعن جو مجموعو هوندو هو، جنهن ۾ جنگين جا احوال، چونڊن جا نتيجا، تفريحي پروگرامن جا اعلان، مذهبي رسمن جا اطلاع ۽ ڏنل سزائن متعلق خبرون هونديون هيون. ٻئي حصي ’ايڪٽا پبليڪا‘ ۾ عوام سان واسطو رکندڙ ڳالهيون ڇپبيون هيون. هي اخبار سرڪاري سند سان شايع ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ ڄم ۽ موت جا انگ اکر، خزانن ۾ جمع ڪرايل رقمون، صوبن جي کاڌ خوراڪ جا تفصيل ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيون خبرون، شاهي سفر ۽ قافلن جا پروگرام، ڪورٽ سرڪيولر ۽ پارليامينٽ ۾ ڪيل تقريرون شايع ٿينديون هيون. صبح جو نيرن وقت روم جا سردار ۽ سندن عورتون هي گزيٽ نهايت شوق سان پڙهندا هئا. ڪجهه روايتن موجب چين جي اخبار ’ٽچائو‘ (Tichau) قديم ترين اخبارن مان تصور ڪئي وڃي ٿي. هن اخبار کي ’پيڪنگ گزيٽ‘ به چيو ويندو هو. هن اخبار ۾ 20 کان 40 صفحا هوندا هئا ۽ ان کي سرڪاري گزيٽ جي حيثيت هوندي هئي. هيءَ اخبار 618ع کان 905ع تائين نڪرندي رهي. يورپ ۾ ’تحريري صحافت‘ جي شروعات سترھين صديءَ کان ٿي.
سنڌ ۾ ’غير تحريري صحافت‘ ته گهڻي آڳاٽي زماني کان جنم ورتل آهي، پر تحريري سنڌي صحافت جي تاريخ کي مکيه طرح پنجن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جڏھن ته سنڌي پرنٽ ميڊيا جو ھڪ الڳ دور آھي. پهريون دور 1858ع کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن ڪراچي مان ’فوائد الاخبار‘ جاري ٿي، جيڪا جيتوڻيڪ سڄي سنڌي زبان ۾ نه هئي، پر پهريون ڀيرو فارسيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ ٻنهي ٻولين تي مبني شايع ٿي. ٻيو دور 1911ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ سان ختم ٿئي ٿو. اهو عرصو تيز تحريڪن ۽ ڇڪتاڻ جو دور هو جنھن ۾ اڻڳڻيون سنڌي اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيا. ٽيون دور ملڪي آزاديءَ جي ابتدا سان شروع ٿئي ٿو ۽ 1989ع ۾ پورو ٿئي ٿو. ان دور ۾ سنڌي ڇپائيءَ ترقي ڪئي جو لِٿو ۽ آفسيٽ پرنٽنگ شروع ٿي. چوٿون دور 1989ع کانپوءِ جو آهي، جڏھن سنڌي رسالا ۽ اخبارون ڪمپيوٽر تي تيار ٿيڻ لڳيون ۽ ان ۾ ترقيءَ جو نئون سلسلو شروع ٿيو.
1843ع ۾ سنڌ تي قابض ٿيڻ وقت انگريزن ڏٺو ته سنڌ جي سرڪاري ٻولي فارسي هئي، جنهن کي همٿائڻ بدران هنن پنهنجي زبان کي زور وٺرائڻ جو ارادو ڪيو، جيڪو بعد ۾ کين تبديل ڪرڻو پيو ۽ ڏيهي ٻولي سنڌيءَ ڏانهن توجهه ڏنائون. انگريز عملدارن کي معاملا سمجهڻ لاءِ ڏيهي زبان جي واقفيت لازمي هئي. 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عربي رسم الخط ۾ الف- ب جوڙي (نئين تشڪيل ڏئي) سنڌيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ جا احڪام جاري ڪيا ويا. هڪ طرف اهي ڪوششون پئي هليون ته ٻئي پاسي اخبارن جي معاملي ۾ به انگريز سرڪار حد کان زياده محتاط رهي ۽ ڪوشش اها پئي ڪئي وئي ته عوام جي صحيح ترجمانيءَ جو حق ڪڏهن به ادا نه ٿئي. ان کان سواءِ اها به ڪوشش ڪيائون ته سنڌ جي ماڻهن جا پاڻ ۾ ۽ پاڙي وارن ملڪن سان روايتي رابطا قائم نه ٿي سگهن. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پريس جا سخت قانون ٺاهيا ويا، جنهن ڪري ديسي ماڻهن لاءِ اخبار ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. نيٺ اهو ڪم به انگريز سرڪار پاڻ ڪيو. سر چارلس نيپيئر جي ھدايتن تي 1844ع ۾ پندرھن وار انگريزي اخبار ’Karachi Advertiser‘ (ڪراچي ائڊورٽائيزر) جاري ڪئي وئي، جيڪا پورا اٺ سال ھلي. جنهن کانپوءِ 1854ع ۾ ٻي انگريزي اخبار ‘Sindhian’ (سنڌين) ۽ ٽين اخبارسنڌ قاصد‘ ڪراچيءَ مان ڪڍيون ويون. Sindhian اخبار ڪڍندڙ ٻه پارسي دورابجي ۽ پوچا جي ھئا. ’سنڌ قاصد‘ به انگريزي اخبار هئي. هن اخبار جو ايڊيٽر ڊبليو اي اسٽرينج هو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ باقاعده اخبار نويسيءَ جي ابتدا انگريزي اخبار ’ڪراچي ائڊورٽائيزر‘ سان 1844ع ۾ ٿي. بقول ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد:
‘Karachi Advertiser retains the honour of being the first newspaper of the territories now forming Pakistan’
پر ساڳئي وقت ڊاڪٽر عبدالسلام خورشيد اهو به ٻڌايو آهي ته پهرين اخبار، جنهن سنڌ ۾ سر چارلس نيپيئر جي حڪومت ۽ ظلم و تشدد جي خلاف آواز بلند ڪيو، سا ’بمبئي ائڊورٽائيزر‘ هئي. جيتوڻيڪ فارسي زبان، سرڪاري سرپرستيءَ کان گهڻو ڪري محروم ٿي وئي، پر پنهنجي پراڻي اثر و رسوخ جي بنياد تي ايترو سولائيءَ سان ختم ٿيڻ واري به ڪانه هئي. 1855ع ۾ ڪراچيءَ مان فارسي زبان ۾ اخبار ’مفرح القلوب‘ شايع ٿي، جنهن جو ايڊيٽر شمس العلماء مرزا مخلص علي ٿيو. مرزا صاحب وڏي پايي جو عالم، فاضل، شاعر ۽ صحافي هو. ان سان گڏ ٻيون به فارسي اخبارون جاري ٿيون، جن جا نالا ’مطلع خورشيد‘ ۽ ’اُڪليل‘ هئا، پر ’مفرح القلوب‘ جي حيثيت ٻين کان منفرد هئي ۽ مطالعي جي ميدان ۾ ٻين اخبارن کان گهڻي وسيع هئي. هن اخبار جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن جي خريدارن ۽ پڙهندڙن ۾ سلطان مسقط، ايران جو وليعهد، امير افغانستان، سر آغا خان جو والد آغا خان شاهه علي شاهه، ائوڌ جو نواب واجد علي شاهه ۽ خيرپور جو مير شامل هئا. مرزا صاحب جي وفات کانپوءِ سندس فرزند مرزا محمد شفيع، هن اخبار جي ادارت جون ذميواريون سنڀاليون ۽ ان مشعل کي روشن رکيو. مرزا محمد شفيع جي وفات کانپوءِ سندس ڀائرن مرزا محمد صادق ۽ مرزا محمد جعفر اهو ساڳيو ڪم پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ 1912ع تائين اخبار هلايائون. مرزا محمد جعفر جون نه صرف صحافتي، پر تعليمي حوالي سان به خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. 15 مئي 1858ع تي هڪ هفتيوار سنڌي-فارسي اخبار سرڪاري سطح تي ڪراچيءَ مان جاري ٿي هئي، جنهن جو نالو ’فوائد الاخبار‘ هو. هيءَ اخبار گورنمينٽ پريس ۾ ڇپبي هئي ۽ ان جا اڪثر مضمون تعليم ۽ ان جي ترقيءَ جي موضوعن تي هوندا هئا. هيءَ اخبار اسڪولن ۽ مڪتبن ۾ ورهائي ويندي هئي. 1860ع ۾ سکر مان ’مطلع الخورشيد‘ نالي اخبار مرزا مخلص عليءَ جي ادارت ۾ شايع ٿي. هن جي به اها ساڳي خصوصيت هئي ته اُن جو هڪ ڪالم فارسي زبان ۾ ۽ هڪ ڪالم سنڌي زبان ۾ شايع ٿيندو هو. ڏٺو وڃي ته خانگي سطح تي، سنڌي صحافت جو بنياد فراهم ڪندڙ هيءَ پهرين اخبار هئي. سنڌي صحافت جي بنيادي حيثيت جي لحاظ کان ’فوائد الاخبار‘ کي وڏي اهميت حاصل آهي. اُن کي اهڙي اخبار تصور ڪرڻ گهرجي، جنهن پهريون ڀيرو سنڌي اخبار نويسيءَ لاءِ گنجائش پيدا ڪئي، پر هن معاملي ۾ ’مطلع الخورشيد‘ ان ڪري وڌيڪ اهم آهي، ڇو ته اها اخبار سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي پهرين اخبار ليکجي ٿي. پر جنهن اخبار کي پهرين مڪمل سنڌي اخبار هجڻ جو شرف مليو، اها هفتيوار ’سنڌ سڌار‘ هئي، جيڪا 1866ع ڌاري ڪراچيءَ مان انگريز سرڪار پنهنجي اهتمام ۽ نظرداريءَ هيٺ ان ارادي سان جاري ڪئي هئي ته ان جي ذريعي پنهنجي فيصلن ۽ پاليسين کي ماڻهن تائين پهچايو وڃي. اها اخبار سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران ليٿو تي سندن قائم ڪيل ڇاپخاني مان ڇپبي هئي. هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر مسٽر نارائڻ جڳن ناٿ ويديا هو، جيڪو حڪومت ۾ تعليم کاتي جو ڊپٽي انسپيڪٽر به هو. ان بعد هن اخبار جو ايڊيٽر مرزا صادق علي بيگ ٿيو، بعد ۾ ساڌو هيرانند هن اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. ان وقت اخبار جي سرڪيوليشن 700 هئي، جيڪا ان دور جي حساب سان وڏي ڳالهه هئي. ساڌو هيرانند 1884ع ۾ هڪ انگريزي اخبارسنڌ ٽائيمز‘ جو ايڊيٽر به ٿيو، جڏهن اها اخبار سرڪاري تنظيم مان نڪري، هڪ خانگي جماعت ’سنڌ سڀا‘ جي سنڀال هيٺ آئي. ان وقت اها اخبار ’سنڌ سڀا‘ کي ان شرط تي ڏني وئي هئي ته ان ۾ تعليم ۽ اسڪولن جي خبرن ڇپجڻ وارو سلسلو جاري رهندو.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ موجب: ”ڪراچيءَ ۾ هندن، مسلمانن ۽ پارسين جي هڪ گڏيل سياسي ۽ پنگتي جماعت ’سنڌ سڀا‘ هوندي هئي، جنهن جي سهاري هيٺ انگريزي اخبارسنڌ ٽائيمز‘ نڪرندي هئي. 1884ع ڌاري ساڌو هيرانند ڪلڪتي مان بي.اي ڪئي ته کيس ان اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌي اخبار جو مهتمم پڻ مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ خبرون ڇاپڻ کانسواءِ تعليمي ۽ ادبي مضمون پڻ هوندا هئا.“
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ موجب: ”حسن علي آفندي به شروع ۾ ’سنڌ سڀا‘ ۾ شريڪ ٿيو هو، پر بعد ۾ ان اداري ۾ سنڌي مسلمانن جي مفاد کي غير محفوظ ڄاڻندي ڇڏي ويو ۽ پنهنجو الڳ ادارو ’سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ جي نالي سان قائم ڪيائين. ان ڪم ۾ ڪاميابيءَ تي ڪن مسلمانن ۽ هندن کي آفندي صاحب سان حسد پيدا ٿي پيو هو.“ مرزا محمد صادق 1870ع ۾ ڪراچيءَ مان ’اڪليل‘ نالي هڪ اخبار پڻ جاري ڪئي هئي، جيڪا پنجن سالن کان وڌيڪ عرصو نه هلي سگهي، اها فارسيءَ ۾ هئي. ان کان اڳ 1868ع ۾ هڪ ٻي سرڪاري هفتيوار ’سنڌ آفيشل گزيٽ‘ نالي اخبار ڪڍي وئي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي سرڪاري پڌرايون ۽ اعلان شايع ٿيندا هئا. هن جي خصوصيت اها هئي ته اصلي اخبار انگريزيءَ ۾ ڇپبي هئي، پر ان جو سنڌي ترجمو عام ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ ڏنو ويندو هو. هيءَ اخبار ڪمشنر سنڌ جي پريس ڪراچيءَ ۾ ڇپبي هئي ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ورهائي ويندي هئي، جيڪا اخبار سڄي ساري سنڌيءَ ۾ هجڻ سان گڏ پهريون ڀيرو خانگي شعبي مان نڪتي هئي، اها ’معين الاسلام‘ هئي، جيڪا پڻ مرزا محمد صادق 1880ع ڌاري ڪراچيءَ مان جاري ڪئي. ’اڪليل‘ ۽ ’معين الاسلام‘ بابت مشهور شاعر سيد غلام مرتضيٰ شاهه ٺٽويءَ پنهنجي تصنيف ’يوسف زليخان‘ ۾ هيٺ ڏنل بيت ذريعي تعريف ڪئي آهي:
ڪڍي ’اڪليل‘ جا اخبار عمدي،
منجهاران فارسي بسيار عمدي،
معين آهي سنڌي جا اخبار،
برابر آهي سا ڄڻ گوهر بار.
هي اهو دور هو، جڏهن هندستان جي سطح تي مسلمانن ۾ انگريزي نه ڄاڻڻ جي گهٽتائيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو هو ۽ ’انڊين محمدن ائسوسيئيشن‘ جي بنياد جو مقصد انگريزن ۽ هندن جي پاليسين کي سمجهڻ لاءِ مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ هو، جيڪو انگريزي تعليم اختيار ڪرڻ کانسواءِ ممڪن نه هو. ان تحريڪ جو اثر سنڌ تي به پيو ۽ حسن علي آفنديءَ جي ڪوششن سان هتي به ’سنڌ محمدن ائسوسيئيشن‘ جو بنياد پيو، جنهن جي سهاري هيٺ 1885ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام قائم ٿيو. ان اداري جي اهتمام هيٺ مٿئين مقصد کي عام ڪرڻ لاءِ 1889ع ۾ ’معاون مجمع‘ نالي هڪ هفتيوار سنڌي اخبار ڪڍي وئي، جنهن مسلمانن ۾ انگريزي تعليم جي ضرورت جو احساس پيدا ڪرڻ ۽ سياسي بيداري آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان جي اوائلي ايڊيٽرن ۾ مولوي محمد عثمان نورنگزادو، الله بخش اٻوجهو ۽ شمس الدين ’بلبل‘ شامل هئا. 1890ع ۾ ساڌو نوولراءِ ۽ ڏيارام گدومل گڏجي، ساڌو هيرانند جي تعاون سان سنڌي زبان جي پهرين مخزن ’سرسوتي‘ جي نالي سان جاري ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر ساڌو هيرانند بڻيو. هن مخزن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي. ’سرسوتي‘ جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ مسٽر خانچند پرتاب اُن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. اهو ساڳيو خانچند 1917ع ۾ اڪيڊمي اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال ٿيو ۽ ان عرصي دوران هن ديوان ڏيارام ڄيٺمل (جنهن جي نالي پٺيان ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي آهي) جي زندگيءَ متعلق هڪ ڪتاب ڇپيو هو. 1895ع ۾ اخبار ’آفتاب سنڌ‘ ۽ هفتيوار ’پترا‘ نڪتيون. ’آفتاب سنڌ‘ جو مالڪ سکر جو سيٺ حاجي احمد ميمڻ ۽ ايڊيٽر شمس الدين ’بلبل‘ هو ۽ ’پترا‘ جو ايڊيٽر تاراچند شوقيرام هو، جيڪو سنڌ حڪومت جو ايڊيوڪيشنل ٽرانسليٽر ۽ ساڌو هيرانند جو وڏو ڀاءُ هو. ’آفتاب سنڌ‘ اخبار ان وقت جي مسلمانن جي مزاج مطابق لکندي هئي ۽ مسلمانن ۾ سياسي حقن لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. هن اخبار بعد ۾ شمس الدين ’بلبل‘ جي ئي ادارت هيٺ هندن جي ’هند واسي‘ ۽ مسلمانن جي ’الامين‘ جو قلمي ميدان ۾ مقابلو ڪيو. ’بلبل جي ’آفتاب سنڌ‘ جو ايڊيٽر مقرر ٿيڻ تي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ شعر لکي خير مقدم ڪيو هو:
شمس بلبل جو هي شيرين مقال،
سندهه ۾ شاعر هي عالي مرتبه،
هي ايڊيٽر آفتاب سندهه ڪا،
جلوه گر جس ڪا سخن هي همچومه.
’آفتاب سنڌ‘ تي خصوصاً علي ڳڙهه سوچ جو گهڻو ۽ گهرو اثر هو. ’بلبل‘ جي قلمي قوت جي ڪري ’آفتاب سنڌ‘ کي سنڌ جي سياست ۽ صحافت ۾ منفرد ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ جو شرف حاصل رهيو. لڳ ڀڳ ان ساڳئي زماني ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي اهم هفتيوار اخبارون نڪتيون، جن ۾ سکر جي ويرومل بيگراج طرفان ’سنڌي‘، لاڙڪاڻي مان ’خيرخواهه‘ ۽ حيدرآباد مان ’مسافر‘ جاري ٿيون. ’خيرخواهه‘ ۽ ’مسافر‘ جي ايڊيٽري جا فرائض به شمس الدين ’بلبل‘ سرانجام ڏنا. ’خيرخواهه‘ جي باري ۾ ’اهي ڏينهن اهي شينهن‘ ڪتاب ۾ پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته: ”هي خوشامدي پرچو هوندو هو، زياده تر ڪليڪٽر ۽ ڪمانيءَ جون تحريرون شايع ٿينديون هيون، جنهنڪري قومي تحريڪ شروع ٿيڻ سان ان اخبار جو وقار قطعاً ختم ٿي ويو.“ ان اخبار جي ڀيٽ ۾ لاڙڪاڻي جي ٻي اخبار ’لاڙڪاڻه گزيٽ‘ چڱو نالو ڪڍيو، جنهن جو ايڊيٽر ٽهلرام مولچند هو. ويرو مل بيگراج پنهنجي اخبار ’سنڌي‘ ذريعي هندن ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي ۽ اڳواڻيءَ جا ڏاڪا چڙهندي آخر سنڌ هندو مهاسڀا جو صدر بڻيو. سنڌ ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ ويرومل بيگراج جو به اهم ڪردار آهي. هُو وقت جي حاڪمن انگريزن خلاف سخت لکندو هو، جنهن جي ڪري ٻه ڀيرا قيد به ٿيو، پر پوءِ به پنهنجي مقصد تان نه هٽيو. ويرومل بيگراج پنهنجي پٽ رامچند کي به اخباري دنيا ۾ آندو. رامچند به پنهنجي دور ۾ چڱو نالو ڪمايو. هي شڪارپور مان نڪرندڙ روزاني اخبار ’قرباني‘ جو ايڊيٽر ٿي رهيو، پر ٿوري عرصي ۾ ئي گذاري ويو.
1896ع ۾ ٻه مکيه اخبارون ’پرڀات‘ ۽ ’جوت‘ نڪتيون. ’پرڀات‘ هفتيوار هئي، جيڪا پروفيسر تاراچند گاجرا ۽ مسٽر ٻالچند گڏجي شڪارپور مان جاري ڪئي هئي. هن اخبار ۾ شهر جي مقامي خبرن کان علاوه قومي سطح جون خبرون، انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جون ڪارگذاريون، مصروفيتون ۽ اعلان شايع ٿيندا هئا. جڏهن ته ’جوت‘ پندرنهن روزه هئي، جيڪا مشهور اديب پرمانند ميوارام جاري ڪئي. هيءَ مهيني جي پهرين ۽ آخري اربعا تي شايع ٿيندي هئي. اها اخبار 1942ع تائين جاري رهي، جنهن مان چونڊ مضمونن کي بعد ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇاپيو ويو، جن ۾ ’گل ڦل‘ ۽ ’دل بهار‘ وغيره شامل آهن. 1938ع ۾ پرمانند ميوارام جي وفات بعد فادر ڪوٽواڻي هن جو ايڊيٽر بڻيو ۽ 1946ع ۾ ’جوت‘ جو ’سلور جوبلي‘ نمبر ڪڍيائين، اها ان کان سُتت پوءِ بند ٿي وئي. هنن اخبارن جي خدمتن جو ذڪر پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ پنهنجي مشهور تصنيف ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۾ به ڪيو آهي.
شيخ محمد سليمان سکر مان هفتيوار اخبارالحقجاري ڪئي، جنهن ۾ مسلمان ڪامورن خاص ڪري مير محمد يعقوب خيرپور واري جو ساٿ ۽ تعاون ساڻس هو. هيءَ اخبار ڪجهه عرصو سکر مان نڪتي. 1901ع ۾ حيدرآباد آندي وئي، پر 1907ع کان وري سکر مان نڪرڻ لڳي. هيءَ اخبار شروع ۾ سنڌي ۽ انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ نڪرندي هئي، انگريزي حصي جي ادارت علي محمد بئرسٽر جي حوالي هئي. مشهور مؤرخ پير حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ’هو ڏوٿي هو ڏينهن‘ ۾ لکيو آهي ته، ”سنڌ ۾ مسلمانن جي سڀ کان پهرين قومي اخبار شيخ محمد سليمان جي ’الحق‘ هئي، جيڪا ابتدا ۾ حيدرآباد کان انگريزيءَ ۾ ۽ پوءِ سکر مان سنڌيءَ ۾ نڪرندي هئي. انهيءَ اخبار جا جيڪي ناليوارا صحافي ايڊيٽر رهيا، سر علي محمد دهلوي به انهن مان هڪ هو. رئيس شمس الدين ’بلبل‘ به ڪجهه وقت لاءِ اخبار جي سنڌي ايڊيشن جو ايڊيٽر رهي چڪو هو.“ محمد هاشم مخلص ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به ان اخبار جا ايڊيٽر رهيا. شيخ محمد سليمان جي وفات تي سندس پٽن شيخ عبدالعزيز ۽ شيخ عبدالحڪيم اخبار هلائڻ جون ذميواريون سرانجام ڏنيون.
ڪراچيءَ جي ’سناتن ڌرم سڀا‘ پاران 1901ع ۾ ’سناتن ڌرم پرچارڪ پتر‘ نالي هڪ ماهوار رسالو نڪتو، جنهن جو پهريون ايڊيٽر مهراج سوڀراج شرما هو ۽ ان جي وفات کانپوءِ مهراج تيجورام شرما ان جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ان 1947ع تائين ان جون ذميواريون سرانجام ڏنيون. هن رسالي ۾ ادبي قسم جو مواد ڇپبو هو. 1902ع ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فارمين جي نظرداريءَ هيٺ ’اخبار تعليم‘ جي نالي سان هڪ معياري رسالو جاري ٿيو. ان وقت ڪاليج جو پرنسپال ساڌو هيرانند جو وڏو ڀاءُ ديوان تاراچند شوقيرام هو، جيڪو خود تعليمي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ علم کي عام ڪرڻ لاءِ دل و جان سان ڪوشان هو. ديوان بولچند هن مخزن جو خاص مهتمم هو. هن رسالي ۾ تعليم، ثقافت ۽ تاريخ تي اعلى مضمون هوندا هئا. ساڳئي وقت ان ۾ شاگردن جي باري ۾ ۽ ٻين اهم تعليمي واقعن بابت خبر نامو پڻ شايع ڪيو ويندو هو. هي رسالو 1970ع تائين جاري رهيو. ان ساڳئي سال سنڌ مدرسي جي سهاري هيٺ ’رساله مدرسه‘ جاري ٿيو، جنهن جي ايڊيٽرن ۾ مولوي الله بخش ’اٻوجهو‘ ۽ ’مولوي عبدالرحيم‘ شامل هئا. رسالي نظم توڙي نثر ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي. 1904ع ڌاري شعر و شاعري ۽ صحافت ۾ محمد هاشم ’مخلص‘ پنهنجو چڱو نالو ڪڍيو ۽ ٽکڙ مان هڪ ماهوار رسالو ’تحفته احباب‘ جاري ڪيائين. 1905ع ۾ ڪراچيءَ مان محمد اسماعيل سرهندياصلاح‘ نالي رسالو جاري ڪيو، جيڪو ماهوار نڪرندو هو. 1909ع ۾ محمد هاشم ’مخلص‘، ’جعفر زٽلي‘ بعد ۾ ’ڪچڪول‘ نالي ٻه ماهوار رسالا ڪڍيا. ’ڪچڪول‘ رسالو گهڻو وقت نه هلي سگهيو.
1905ع ۾ تولارام ٻالاڻي هڪ هفتيوار اخبار ’ماتا‘ جي نالي سان ڪڍي. هڪ لحاظ کان هيءَ اخبار سنڌ ۾ ’پهرين سياسي اخبار‘ ڪوٺي سگهجي ٿي، جيڪا پنهنجي تيز مخالفاڻي انداز وارين لکڻين سبب سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻي. 1908ع واري سال کي اهو شرف حاصل آهي ته ان دوران پهرين روزاني سنڌي اخبار جو بنياد پيو، جنهن جو نالو ’سنڌ واسي‘ هو. ان اخبار جو ايڊيٽر سرڳواسي ڪنول سنگهه هو. 1929ع ڌاري اخبار جو ايڊيٽر ۽ مالڪ هاسارام پمناڻي ٿيو. 1909ع ۾ ’زميندار‘ گزيٽ‘ جي نالي سان هڪ ماهوار جرنل حيدرآباد مان نڪتو، جنهن جو ايڊيٽر حڪيم ڌرمسنگ ڏهلسنگ هوندو هو. هي جرنل زميندارن ۽ ڪاروبارين جي مفادن جي حفاظت جو داعي هو. هي جرنل 32 صفحن تي نڪرندو هو. 1910ع ۾ ديوان ٽيڪچند گوڪلاڻيءَ ’واپار سماچار‘ نالي سان شڪارپور مان هڪ واپاري ڍنگ جي اخبار جاري ڪئي، جنهن ۾ واپار متعلق خبرون ۽ مضمون هوندا هئا. 1911ع ۾ مهراج لوڪرام قومي ويچار ڦهلائڻ لاءِ ’سنڌ ڀاسڪر‘ نالي هڪ اخبار جاري ڪئي. 1912ع ۾ خوشيرام موٽومل هيراننداڻيءَ حيدرآباد مان ماهوار ’ناولس اخبار‘ ڪڍي، جنهن جو مقصد ناولن کي ترقي ڏيارڻ هو. هن ۾ 40 صفحن تي مشتمل ناول يا شايع ٿيندڙ سلسليوار ناول جي قسط ۽ باقي ويهارو کن صفحن تي اڳ شايع ٿيل مواد ڏنو ويندو هو. هن اخبار پڙهندڙن جو وڏو حلقو پيدا ڪيو ۽ هن جي جاري ٿيڻ سان سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي ناولن جو اضافو ٿيو. ساڳئي وقت حيدرآباد مان 1913ع ۾ مسٽر ڪندن مل ڏيپچند شوداساڻيآنند‘ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو. هن رسالي طرفان پڙهندڙن کي سال جي آخر ۾ اعزازي طور هڪ ڪتاب مفت ۾ ڏنو ويندو هو. ساڳئي سال جي جولاءِ مهيني ۾ مسٽر ڄيٺانند ٿڌي مل واسواڻيءَ هڪ رسالو ماهوار ’ناول‘ جي نالي سان ڪڍيو. ساڳئي سال حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ به هڪ ماهوار مذهبي رسالو ’اسلام‘ جي نالي سان ڪڍيو، جنهن جي ادارت اعزازي طور محمد صالح ڀٽيءَ سنڀالي.
1914ع ۾ ’ميرپورخاص گزيٽ‘ نالي سان هڪ هفتيوار اخبار ميرپورخاص مان جاري ٿي، جنهن جو مالڪ ۽ ايڊيٽر گرڏنو ٽهل سنگهه هو. هيءَ اخبار 1921ع کان 1923ع تائين محمد هاشم مخلص جي ادارت ۾ شايع ٿي. هيءَ اخبار 1947ع تائين جاري رهي. 1915ع ۾ حڪيم ڌنراج مل شڪارپور مان هڪ ماهوار رسالو ’سُک جو سنيهو‘ جاري ڪيو. 1916ع ۾ حيدرآباد مان ’هندو‘ نالي هڪ هفتيوار سنڌي اخبار جاري ٿي، جيڪا ترقي ڪندي ڇهه روزه، ٻه روزه ۽ پوءِ روزاني ٿي وئي. 1934ع کانپوءِ ڪراچيءَ مان نڪرڻ لڳي. هن اخبار جو ايڊيٽر مهراج لوڪرام هو، جنهن 1911ع ۾ ’سنڌ ڀاسڪر‘ اخبار جاري هئي ۽ کيس جيل موڪليو ويو هو. اها ساڳي اخبار پاڪستان کان سال اڳ يعني 1946ع ۾ ’هندو‘ مان بدلجي ’هندستان‘ ٿي، جيڪا اڃا تائين ممبئيءَ مان نڪري رهي آهي. ان جي باري ۾ ناميارو صحافي حافظ خير محمد اوحدي لکي ٿو ته، ”’هندو‘ ظاهر ۾ ته سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪميٽيءَ جي سرڪاري ترجمان، مگر فرقه پرستيءَ ۾ سنڌ جي مهاسڀائي اخبارن کان به اڳري هئي. سنڌ جا هندو ليڊر سنڌ جي مسلمانن خلاف انهيءَ اخبار جي آفيس ۾ ويهي سازشون ڪندا هئا. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس جي موقعي تي ڪانگريس اسيمبلي پارٽي ۽ هندو انڊيپينڊنٽ پارٽيءَ جا ميمبر آڌي آڌي رات تائين اتي گڏبا ۽ مسلم وزارتن جي خلاف مشورا ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن سڀاڻي تي اسيمبليءَ اڳيان مفاد سان تعلق رکندڙ ڪو بل پيش ٿيڻو هوندو هو ته ان جي اهم ترين فقرن ۾ ڪجهه اهڙيون رٿون پيش ڪرڻ لاءِ اهڙيون ترميمون تيار ڪندا هئا، جن سان اهو بل غير مفيد ۽ بي اثر بڻجي پوندو هو، 1931ع وارو سال ’هندو‘ اخبار لاءِ مشڪل سال هو، ڇو ته ان هڪ سال اندر ان جا 9 ايڊيٽر ۽ مئنيجر گرفتار ڪيا ويا هئا ۽ جيل اماڻيا ويا هئا.
ان سال حيدرآباد مان ’ڪيسري‘ نالي هڪ هفتيوار اخبار جاري ٿي، جنهن جو ايڊيٽر سوامي گووند آنند هو، جنهن ڪٽر هندن جي نمائندگي ڪندي، مروج عربي رسم الخط کان پرهيز ڪئي ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ ڪم هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ سال تائين ته ديوناگريءَ ۾ اخبار جو ڪم هلايو ويو، پر پوءِ ساڳي اخبار عربي رسم الخط ۾ ڪڍي وئي، اها اخبار پهرين هفتي ۾ ٻه ڀيرا نڪرندي هئي، پر پوءِ شايد روزانه شايع ڪئي وئي. 1916ع ۾ هڪ ٻي هفتيوار اخبارالامين‘ جي نالي سان حيدرآباد مان رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جاري ڪئي. هونئن ته هيءَ سڄي اخبار سنڌي زبان ۾ هئي، پر ٻن صفحن تي انگريزي ٻولي استعمال ٿيل هوندي هئي، جنهن جو مقصد شايد اهو هو ته وقت جي حڪمرانن سان انهن جي ٻوليءَ ۾ ئي عام ماڻهن جا اهنج پهچائي، انهن جو درمان ڪرائجي. هيءَ اخبار 12 صفحن تي مشتمل هئي. اخبار جو مالڪ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، هڪ آزاد ۽ قومي خيالن وارو اڳواڻ هو. رئيس ڀرڳڙي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هندن سان اتحاد ڪرڻ جو قائل هو. شروع ۾ ’الامين‘ جو ايڊيٽر محمد هاشم ’مخلص‘ ٿيو، جنهن کي ڪجهه وقت کانپوءِ هٽائي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار پنهنجون صحافتي ذميواريون ۽ فرض ڀرپور نموني ادا ڪيا.
1916ع ۾ ڪراچيءَ مان مهاراج هرومل پريمچند شرما هڪ وڏي سائيز وارو دلچسپ ماهوار رسالو ’سنسار چڪر‘ جي نالي سان شايع ڪرڻ لاءِ جاري ڪيو. رسالو هر مهيني جي 15 تاريخ تي نڪرندو هو. رسالي جي بهترين ليکڪن کي انعام به ڏنو ويندو هو. اهو رسالو برما، سيلون، چين، جپان، آمريڪا، آفريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ سنڌي هندو به گهرائي پڙهندا هئا، جيڪي واپار سانگي ٻاهر رهندا هئا. 1917ع ۾ ماڻهن ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڀرڳڙي صاحب هڪ ٻي اخبار ’هندواسي‘ جي اجراءَ ۾ امداد ۽ تعاون ڪيو. اها اصل ۾ سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جاري ڪئي هئي، جيڪا شروع ۾ روزاني هئي، پر پوءِ هفتيوار بڻي. هنن ٻنهي اخبارن (الامين ۽ هندواسي) هوم رُول تحريڪ ۽ هندو مسلم جي اتحاد سان آزادي حاصل ڪرڻ واري راهه ۽ ويچار جو زبردست پرچار ڪيو ۽ زوردار نموني سان پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو.
1917ع ۾ ئي پنڊت ايس طوطارام هڪ اخبارسنڌ سماچار‘ جي نالي سان جاري ڪئي، جيڪا ڪانگريس پارٽيءَ جي ترجمان هئي. 1917ع جي نومبر مهيني ۾ ’سنڌ شيوڪ سڀا‘ پاران ’ناري ڌرم‘ نالي سان عورتن جي نمائندگي ڪندڙ هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو ويو، جيڪو ديوناگري رسم الخط ۾ ڇپبو هو. ان ساڳئي سال هڪ ٻيو ماهوار رسالو ’سوکڙي‘ نڪتو، جيڪو جاري ڪندڙ مسٽر جي.ايس.نندواڻي هو. هن رسالي ۾ تصوف جي افاديت سمجهائڻ لاءِ ڪافي ڪجهه لکيو ۽ ڇپيو ويندو هو. 1918ع ۾ شڪارپور مان سنڌي اخبارسوراججاري ٿي. هن اخبار جو ايڊيٽر ٻلديو تاراچند گاجرا هو. اخبار شام جو نڪرندي هئي ۽ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي ترجمان هئي. هيءَ اخبار ماڻهن ۾ تمام گهڻي مقبول هئي. 1947ع جي آخر تائين شايع ٿيندي رهي. ساڳئي سال مولانا دين محمد وفائي ماهوار رسالو ’الڪاشف‘ ٺلاهه شريف مان جاري ڪيو هو، جيڪو تبليغ جي لاءِ وقف هو. ان وقت ’ پريم پرچارڪ‘ ۽ ’ پريم پرڪاش‘ جي نالن سان ٻه رسالا جاري ٿيا هئا، جن جا ايڊيٽر ڀوڄراج واڌواڻي ۽ گر مک سنگهه نالي صحافي هئا، جيڪي حيدرآباد جا هئا. ان ساڳئي سال حيدرآباد مان هڪ ماهوار رسالو ’پريم پتر‘ جي نالي سان مهاراج سوامي هيمراج چداڪاشيءَ جي ياد ۾ ڪڍيو هو. رسالو ٻارهن تيرهن صفحن تي مشتمل هو ۽ هن ۾ نثر توڙي نظم ٻنهي ۾ مواد ڇپبو هو. ان جو گهڻي ڀاڱي مواد تصوف ۽ ويدانت جي باري ۾ هوندو هو. ان ساڳئي سال ’سک ٽرئڪٽ‘ نالي هڪ ماهوار مذهبي رسالو حيدرآباد مان ’سک ينگ مين ائسوسيئيشن‘ پاران جاري ٿيو. هن جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سک ڌرم جو ادب‘ ترجمو ٿيل ڇاپيو ويو.
ڪراچيءَ مان هڪ ٻيو ماهوار رسالو ساڳئي نالي سان 1926ع ۾ جاري ٿيو هو. هن سوسائٽي جو اعزازي سيڪريٽري لالچند ڪي. آر هوندو هو. هن ماهوار رسالي پڻ سنڌي ٻوليءَ کي سک مذهب جو ڪافي ادب ڏنو. ان ساڳئي سال پروفيسر هاسارام پمناڻيءَ روهڙيءَ مان ’ست سنگ ولاس‘ نالي هڪ ماهوار رسالو ڪڍيو. هي رسالو 1919ع کان وٺي ’ڌرم درشن‘ جي نالي سان ڪڍيائين. هن رسالي ۾ ڌرمي سکيا بابت آکاڻيون ۽ مضمون ڇپجندا هئا. مختلف ڌرم شاسترن جا ترجما شايع ڪيا ويندا هئا. هن رسالي لاءِ ڪراچيءَ جي ’سنڌ آبزور‘ راءِ ڏني هئي ته ’هي رسالو سون ۾ تورڻ جهڙو آهي.“ ان ئي سال آگسٽ مهيني ۾ هفتيوار جنگي اخبار سنڌي زبان ۾ حڪومت طرفان شايع ٿي، جنهن جو مقصد ماڻهن کي ان وقت هلندڙ جنگ بابت واقفيت ڏيڻ هو.
1919ع ۾ حيدرآباد مان حافظ حيات شاهه ماهوار رسالو ’الحافظ‘ جاري ڪيو، جيڪو حيدري ليٿو پريس ڪراچيءَ مان ڇپبو هو. سنڌ جي مسلمانن جي پهرين روزانه اخبارالوحيد‘ 15 مارچ 1920ع تي جاري ٿي، جنهن جو نالو مسلمانن جي مرڪزي ترڪي خلافت جي خليفي سلطان وحيدالدين جي نالي پويان رکيو ويو. هيءَ اخبار تحريڪ خلافت جي ترجمان هئي، جنهن ۾ مسلمانن جي جذبن جي ترجماني ڪئي وئي. هيءَ اخبار شروع ڪرڻ ۾ مکيه طرح شيخ عبدالعزيز،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سر عبدالله هارون جون گڏيل ڪوششون هيون. ابتدائي ڏينهن ۾ ’الوحيد‘ جي تحريري مددگارن ۾ ٻين کانسواءِ حڪيم شمس الدين به شامل هو. ادارتي عملي ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ کي به شامل ڪيو ويو هو، جيڪو ان مقصد لاءِ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيو. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي قيادت ۾ ’الوحيداخبار سنڌ جي مسلمانن جي عملي، اصلاحي، سماجي، سياسي ۽ ديني رهنمائي ڪئي. سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪرڻ جي لاءِ راءِ عام جوڙڻ ۾ به هن اخبار جو پنهنجو ڪردار رهيو. پير حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ’هو ڏوٿي هو ڏينهن‘ ۾ الوحيد اخبار جي تعريف ڪئي آهي. ابتدائي دور ۾ هندستان ليول تي قومي ويچارن جو زور هو ۽ آزاديءَ لاءِ اهو ضروري سمجهيو ٿي ويو ته هندو مسلمان اتحاد قائم رهي، ان متعلق به ’الوحيد‘جي لکڻين ۾ سنجيدگي ۽ غير جذباتيت غالب رهندي هئي ۽ هن ڪڏهن به بي واجبي ۽ هندن جي دل آزاري نه ڪئي. صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ الوحيد مسلمانن جي انفرادي سوچ ۽ مفاد طرف جهڪڻ لڳي. ’الوحيد‘ بنيادي طرح مسلمانڪي سياست ۽ خلافت جي معاملي ۾ بين الاقوامي ميدان ۾ مسلمانن ۽ ترڪن سان بي انصافين جي تدارڪ لاءِ وجود ۾ آئي هئي. هن جو اسلامي چهرو سندس مونوگرام مان ئي ظاهر هو، جنهن جي مٿان ’سنڌ جي واحد اسلامي روزاني اخبار‘ جي عبارت تحرير ٿيل هئي. الوحيد اخبار جي اداري پاران ھفتيوار انگريزي رسالو ’مسلم گزيٽ‘ به جاري ڪيو ويو ھو.
1948ع ۾ ’الوحيد‘ تي پابندي لڳائي وئي ۽ ان جي ايڊيٽر مولوي عبدالغفور سيتائيءَ کي سندس ڳوٺ ۾ نظر بند رکيو ويو. ان عرصي دوران 20 مئي 1948ع تي الوحيد لميٽڊ وارن نالو بدلائي ’سنڌ‘ رکيو، ان کانپوءِ به ’الوحيد‘ جا ايڊيٽر جيل ويندا رهيا. قاضي عبدالرحمان،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي به ڪيترائي ڀيرا جيل ويا. اخبار ۾ شروع ۾ خبرن جا سرا نه ڏنا ويندا هئا، پر بعد ۾ 1926ع ڌاري اخبار ۾ گهڻو ڦيرو آيو، خبرون هيڊنگ سان ڏيڻ شروع ڪيون ويون. 1929ع ۾ هيءَ اخبار
6 صفحن مان 8 صفحن تي ڪئي وئي. شروع واري عرصي ۾ وڌ ۾ وڌ حصو خلافت تحريڪ جي ڪارگذارين کي ٿي مليو. 37 سالن جي طويل عرصي ۾ ’الوحيداخبار جا ڪيترائي ايڊيٽر ٿيا، جن ۾ مکيه طرح قاضي عبدالرحمان، قاضي خدا بخش،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، شيخ عبدالسلام، مير الله بخش ٽالپر، رئيس علي محمد مري، مولانا دين محمد وفائي، دين محمد عليگ، مولانا عبدالڪريم چشتي، نبي بخش سرڪي، حڪيم شمس الدين، علاءُ الدين سمون، مولوي عبدالغفور سيتائي، مشتاق ابڙو ۽ شيخ عبدالرحيم وغيره شامل رهيا. هيءَ اخبار پنهنجي وقت جي نهايت مقبول اخبار رهي. الوحيد اخبار ۾ ڪيترائي ورھيه نوڪري ڪندڙ مرحوم فيض محمد سومري جو چوڻ ھو ته اخبار ھلائڻ لاءِ لميٽيڊ ڪمپني قائم ٿيل ھئي. 1945 ۾ جڏھن ھن الوحيد ۾ نوڪري شروع ڪئي ته ان وقت شيخ عبدالمجيد سنڌي لميٽيڊ ڪمپنيءَ جو چيئرمئن ۽ حاجي عبدالله ھارون مئنيجنگ ڊائريڪٽر ھو. اخبار جي آفيس فريئر روڊ تي سر عبدالله ھارون بلڊنگ ۾ ھئي، جنھن جي سامھون بوھري جماعت خانو ھو. بعد ۾ آفيس بلاسيس اسٽريٽ نيو چاليءَ ۾ سر عبدالله ھارون بلڊنگ ۾ منتقل ٿي. 1955 ۾ ’الوحيداخبار تي سنڌ پراونشل بئنڪ جو قرض ھجڻ سبب ’الوحيد پريس‘ نيلام ٿي.
1938ع کانپوءِ مسلم ليگ پاران مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جي گهر جي پڻ هن اخبار تائيد ڪئي. محمد علي جناح به ’الوحيد‘ کي هميشه اهميت ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. ايتري تائين جو قائداعظم هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي ايستائين خطاب نه ڪيو هو، جيستائين ’الوحيد‘ جو ’سنهڙو ڇوڪراٽ‘ نمائندو نه اچي پهتو. ان پريس ڪانفرنس ۾ قائداعظم هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ هندو آبادي ۽ مسلمان آباديءَ جي تبادلي جي رٿ ڏني هئي. ساڳئي سال حيدرآباد مان ٻه ماهوار رسالا ’جاسوسي ناول اخبار‘ جي نالي ۽ ’سنڌي اسڪائوٽ‘ جي سري هيٺ جاري ٿيا. ان کان سواءِ ’سک ٽرئڪٽ سوسائٽي‘ حيدرآباد ان ساڳئي سال ماهوار ٽرئڪٽ ’پنکڙيون‘ جي نالي سان ڪڍيو، جنهن جو مصنف ڀائي وير سنگهه ۽ ترجمان وديارٿي هو.
1921ع ۾ سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي تصوف ۽ ويدانيت جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ ’روح رهاڻ‘ نالي هڪ ماهوار رسالو حيدرآباد مان جاري ڪيو ۽ سکر مان مولچند هريسنگ پندرنهن روزه ناول اخبارسنسار چڪر‘ جي عنوان سان ڪڍي. هن رسالي جي ذريعي ڪيترائي ناول، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ۽ تخليق ٿيا. ’روح رهاڻ‘ رسالو ’ٿياسافي‘ نظرئي تحت سڀني مذهبن پٺيان هڪجهڙائيءَ واري اصول سان جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سڀني مذهبن جي بزرگن، شاعرن ۽ فلاسفرن جي نظرين ۽ اصولن جو بيان ۽ تذڪرو ڪيو ويندو هو. هي رسالو 1924ع تائين نڪرندو رهيو ۽ ان کانپوءِ ڀارتواسي اخبار سان ملايو ويو. 1926ع تائين هي ٻئي رسالا گڏيل شڪل ۾ نڪرندا رهيا ۽ پوءِ بند ٿي ويا. وري ٻيهر ڄيٺمل پرسرام 1947ع ڌاري ڪراچيءَ مان شروع ڪيو ۽ بعد ۾ هندستان مان به سندس حياتيءَ تائين نڪرندو رهيو. 1925ع واري اشاعت مان معلوم ٿئي ٿو ته ’روح رهاڻ‘ جي ان وقت واري ادارتي عملي ۾ ڄيٺمل سان گڏ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو فرزند نادر بيگ مرزا به شامل هو.
1922ع ۾ سچانند جي ادارت هيٺ هفتيوار ’شڪارپور سماچارجاري ٿي. اها اخبار انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي زيرِ نگراني نڪتي هئي، جنهن ۾ اڪثر ڪانگريس بابت خبرون ۽ ان جا پروگرام وغيره شايع ٿيندا هئا. سچانند هڪ ٻي اخبارشڪارپور گزيٽ‘ به جاري ڪئي هئي. 1923ع ۾ سکر مان ٽه روزه ’سنڌ زمينداراخبار نڪتي، ان ساڳئي ئي عرصي ۾ ڪراچيءَ مان ماهوار مذهبي، اصلاحي ۽ تاريخي رسالو ’توحيد‘ ۽ بزم مشاعره لاڙڪاڻي طرفان ماهوار ’گلدسته‘ جاري ٿيا. ٽنهي جي پنهنجي پنهنجي حساب سان وڏي اهميت هئي. ماهوار ’گلدسته‘ جي سرپرستي ’سنڌي سڌار سوسائٽي‘ ڪري رهي هئي، جنهن جو بنياد لاڙڪاڻي ۾ 1915ع ڌاري پيو هو ۽ ان جو بانيڪار حڪيم ميان علي محمد قادري هو، جنهن سان گڏ ان ڪم ۾ فقير ميان غلام سرور قادري، نواز علي ’نياز‘ ۽ حاجي محمود ’خادم‘ شامل هئا. ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جي جهوني ادبي اخبارالحقيقت‘ به اوج تي هئي، جنهن سوسائٽيءَ جي مقصدن جي حاصلات ۽ ان جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ’سنڌ زمينداراخبار ڪڍڻ ۾ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو هٿ هو. هن جا ايڊيٽر ماستر عبدالوهاب، مسٽر علي احمد عليگ، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور سيتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي رهيا. زميندار‘ پير حسام الدين چواڻي ته سنڌ’الوحيد‘ جي مقابلي لاءِ انگريزن جي چرچ تي، سرڪار پرست مسلمانن ڪڍي هئي.
سنڌ زمينداراخبار جو ڪجهه وقت مئنيجر آغا نظر علي خان به ٿيو، جيڪو ٿورو عرصو ايڊيٽر به رهيو.
توحيد‘ رسالي ۾ مذهب ۽ سوانح بابت مواد ڇپبو هو. هن جي سرورق تي ’مذهبي، علمي، اصلاحي، تاريخي ماهوار رسالو‘ لکيل هوندو هو. ساڳئي وقت هي رسالو ان وقت جو سياسي مواد به ڇاپيندو هو. هي رسالو 50 صفحن تي مشتمل هوندو هو ۽ هن جي مستقل ليکڪن ۾ ان وقت جا چوٽيءَ جا عالم علي خان ابڙو، عبدالله چنا، مولائي شيدائي، مولوي عبدالڪريم چشتي، حڪيم مولانا محمد صادق، حاجي محمود هالائي ۽ مولوي در محمد ’خاڪ‘ شامل هئا. هن رسالي ۾ ڪيترائي ديني ۽ فقهي مسئلا ڇيڙيا ويندا هئا ۽ انهن جي جواب ۾ رد ڏنا ويندا هئا. هي رسالو وچ ۾ بند ٿي ويو هو، 1934ع ۾ وري جاري ڪيو ويو هو.
1939ع هفتيوار اخبارڌرم اپڪار‘ جي نالي سان جاري ٿي، جيڪا 1925ع تائين جٽاءُ ڪري سگهي. هن ۾ گهڻو ڪري سنڌو ڌرم جي ترجماني هوندي هئي ۽ ان حوالي سان مضمون شايع ٿيندا هئا. اخبار جا ايڊيٽر ڪشن ڀاٽيا ۽ هريرام ڀٽ هئا. هيءَ اخبار شڪارپور مان نڪرندي هئي. 1924ع واري سال ۾ ڪافي اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيا، جن ۾ ميرپورخاص جي زميندارن پاران هفتيوار ’مسلمان‘ کي سڀني کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ان جو ايڊيٽر محمد هاشم ’مخلص‘ هو، جيڪو سٺو شاعر ۽ طنزنگار هو. ان ئي عرصي دوران شڪارپور مان هفتيوار اخبارشڪارپور گزيٽ‘، ’الحنيف‘ ۽ ماهوار ڪتابي سلسلو ’غنچه اسد‘ جي نالي سان جاري ٿيا. ان دوران هڪ ٻي هفتيوار اخبار ’تنظيم‘ نڪتي، جنهن جو ايڊيٽر نواب خالقداد خان ’عاجز‘ هو، جيڪو اصل ۾ ڳوٺ جاڳڻ، تعلقي شڪارپور ۽ ضلعي سکر جو رهاڪو هو. تعليم يافته ۽ روشن خيال نوجوان هو ۽ ڏتڙيل طبقي لاءِ وڏي همدردي رکندڙ هو. ان زماني ۾ ئي هڪ هفتيوار اخباراتحاد‘ نوابشاهه مان جاري ٿي، جنهن جو ايڊيٽر علي محمد خان مري هو. ان کان سواءِ سوامي گووند آنند ناٿاڻي ’ڪيسري‘ اخبار جاري ڪئي هئي، جيڪا مواد جي پاليسيءَ سبب منفرد مقام رکندڙ هئي. ان ئي دور ۾ ’غنچو‘ نالي هڪ ماهوار رسالو حيدرآباد مان نڪرندو هو، جيڪو کيتيءَ سان تعلق رکندو هو. ان ساڳئي سال جي اهم هفتيوار اخبار ’نور اسلام‘ جي نالي سان مولوي نور محمد نظاماڻيءَ ٽنڊي الهيار مان جاري ڪئي ۽ ديال سنگ ريلومل ۽ پروفيسر تاراچند گاجرا شڪارپور مان هفتيوار ’ميلاپ‘ ڪڍي، جيڪا 1935ع ۾ بند ٿي وئي. ’نور اسلام‘ 1929ع تائين هلي ۽ ٽنڊي الهيار کانپوءِ ميرپورخاص ۾ ’مسلمان‘ پريس ۽ ڪجهه وقت ٽنڊي محمد خان مان به نڪرندي رهي. ان کانسواءِ مختلف هنڌن تان ٻيا به ڪيترائي رسالا ماهوار ۽ هفتيوار صورت ۾ نڪتا، جهڙوڪ: ’ترقي‘، ’الحنيف‘، ’ديپڪا‘، ’گيان‘ ۽ ’شيوا منڊل‘ وغيره. ان کانسواءِ هڪ ٻيو ’سچتر ماسڪ پتر‘ رسالو نڪتو، جنهن جو ايڊيٽر مولچند ٺارومل هو. هن رسالي ۾ مذهبي ۽ اخلاقي قسم جو ادب ڇپبو هو. ساڳئي مولچند ٺارومل هڪ ٻيو ماهوار رسالو ’سرسوتي ساهتيه‘ نالي جاري ڪيو هو، جنهن ۾ ناول به ڇپبا هئا. 1924ع ۾ جاري ٿيل ’ترقي‘ ۽ ’الحنيف‘ به ڪافي اهم رسالا هئا. ’ترقي‘ ڪراچيءَ مان عبدالخالق مورائيءَ ڪڍيو. هي رسالو مذهبي، تاريخي ۽ ادبي نوعيت جي اعلى مواد سبب ممتاز حيثيت رکندڙ هو. هي رسالو 36 صفحن تي مشتمل هو ۽ سال ۾ هن جو هڪ خاص نمبر به ڪڍيو ويندو هو، جيڪو ڏيڍ سؤ صفحن تي مشتمل هوندو هو. انهن نمبرن ۾ ’آخري رسول‘، ’فاتح سنڌ‘، ’آخرين مذهب‘ ۽ ’قرباني‘ مشهور آهن. هن رسالي جي خصوصيت اها هئي ته ان ۾ اردو شاعري به ڏني ويندي هئي. ’الحنيف‘ شروع ۾ مذهبي رنگ ۾ نڪرندو هو، پر بعد ۾ سياسي مواد به هن رسالي ۾ ڇپيو رهيو. هن جي ايڊيٽرن ۾ غلام النبي قريشي، مولوي محمد ابراهيم ’خليل‘، ڪريم بخش ’ٽانوري‘، محمد حسين کهاوڙ ۽ حافظ خير محمد اوحدي شامل هئا. هي رسالو محمد حسين کهاوڙ جي ملڪيت هو ۽ جيڪب آباد مان نڪرندو هو. ان کان اڳ ٿورو عرصو شڪارپور مان به نڪتو. حافظ اوحديءَ جي چوڻ موجب ’الحنيف‘ سنڌ کان ٻاهر بلوچستان جي به سياسي ۽ سماجي خدمت ڪئي. 1924ع ۾ ’ڏيارام گدومل ڪاليج‘ حيدرآباد طرفان سالياني سنڌي، انگريزي مخزن ’ڦليلي‘ شروع ڪئي وئي. 1947ع ۾ مخزن جي سنڌي ڀاڱي جو ايڊيٽر اي. جي. اُتم هو.
’غنچئه اميد‘ هڪ ماهوار علمي ۽ ادبي مئگزين هئي، جنهن جو ايڊيٽر مسٽر عيدن مل مينگهراج هو ۽ حيدرآباد جي ڪرشنا پرنٽنگ پريس ۾ ڇپبو هو. ان ئي سال ڪراچيءَ مان شاگرد برادريءَ پاران هڪ هفتيوار ’دي اسٽوڊنٽ هيرالڊ‘ جي نالي سنڌي انگريزي اخبار جاري ڪئي وئي، جنهن جو اعزازي ايڊيٽر ايم.ايم ڪرپلاڻي هو. هن اخبار ۾ سنڌي شاگردن جي ان وقت جي مسئلن ۽ مطالبن جون خبرون ڇپجنديون هيون. 1925ع ۾ ’ديش متر‘ (ديش جو دوست) جي نالي سان هڪ هفتيوار اخبار سنڌي انگريزيءَ ۾ مسٽر کيمچند ڊيٽارام واسواڻي ڪراچيءَ مان جاري ڪئي هئي. هن اخبار ۾ گهڻو ڪري سماجي سڌارن متعلق مضمون هوندا هئا. هيءَ اخبار پاڪستان ٺهڻ تائين نڪرندي رهي. هن ۾ مکيه ليکڪ ديوان واڌومل گنگارام هوندو هو. ساڳئي سال حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ’الجامع‘ نالي رسالو جاري ڪيو، جنهن جي اجراءَ ۾ کيس سر عبدالله هارون جي امداد حاصل هئي. هي رسالو ڪراچيءَ جي کڏي واري مدرسي مان نڪرندو هو. هن ’علم‘ نالي هڪ ٻيو رسالو به ڪڍيو هو. ان ئي سال ڪراچيءَ مان هندو پريس وارن ’هندي هندو‘ نالي هڪ ماهوار رسالو ڪڍيو. قاضي عبدالرزاق پڻ 1927ع ۾ ’علمي دنيا‘ جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو. هي رسالو با تصوير ۽ علمي نوعيت جو هو. ان ۾ ادبي، تاريخي ۽ مذهبي مضمونن کانسواءِ دل کي وڻندڙ قصا، نتيجه خيز افسانا ۽ سلسليوار ناول شايع ٿيندا هئا. 1925ع ۾ عبدالله عباسي ڪراچيءَ مان ’گلشن‘ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو. ’ديپڪا‘ ماهوار رسالو حيدرآباد مان ڪيولرام مان ڪڍندو هو. هن رسالي ۾ ٿياسافيءَ جي اڳواڻن، مبلغن جي هلت چلت ۽ تقريرن، تحريرن کان پڙهندڙن کي واقف ڪيو ويندو هو. ان کان واءِ هن رسالي ۾ تعليم، سائنس ۽ اخلاق تي مضمون پڻ ڏنا ويندا هئا. هن رسالي ۾ ڪهاڻيون به شامل هونديون هيون. رسالو سورهن- سترهن صفحن تي مشتمل هوندو هو. ساڳئي سال شيوا منڊل ٽرئيڪٽ ڳڙهي ياسين وارن هڪ ٽماهي ’شيوا منڊل ٽرئڪٽ‘ نالي جاري ڪيو هو. هن جو ساليانو چندو 4 آنا هو. ان ئي سال مسٽر مولچند نارومل هڪ ماهوار رسالو ’گيان آديه‘ نالي سان جاري ڪيو، جنهن جو پهريون پرچو ’هندو پريس‘ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو. هن رسالي ۾ مذهبي، تاريخي، سماجي مضمون ۽ شعر هوندا هئا ۽ سال ۾ خريدارن کي هڪ ڪتاب مفت ۾ ڏنو ويندو هو. رسالي جي هيڊ آفيس ڪراچي ۽ برانچ آفيس حيدرآباد ۾ هئي.
1928ع ۾ ڪراچيءَ مان روزاني ’سنسار سماچار‘ جاري ٿي، جنهن جو ايڊيٽر ٺاڪر داس آنگاڻي هو. هيءَ اخبار ان ساڳيءَ عمارت مان نڪرندي هئي، جنهن ۾ بعد ۾ 1955ع ڌاري روزانه ’مهراڻ‘ اخبار نڪتي. مسٽر ليلارام منگترام جي زير ادارت هڪ ماهوار رسالو ’سندر ساهتيه‘ به نڪرندو هو. ان کان سواءِ ساڳئي سال سکر مان پير حزب الله شاهه راشدي عرف پير جيئل شاهه جي سرپرستيءَ هيٺ مولانا دين محمد وفائيءَ جي زير ادارت هفتيوار اخبارالحزب‘ به جاري ٿي، جيڪا ستن مهينن کانپوءِ بند ٿي وئي. ان ئي سال پير علي محمد راشدي هڪ ماهوار رسالو ’الراشد‘ جي نالي سان سکر مان جاري ڪيو. ان جا پهريان پرچا ’سنڌ زميندار‘ پريس مان ڇپرايا ويا، بعد ۾ شڪارپور واري ’الحنيف‘ پريس ۾ ڇپبو هو. 1928ع واري سال ئي محمد هاشم مخلص ميرپورخاص مان هفتيوار اخبار ’رهنما‘ جاري ڪئي. جيڪب آباد مان جاري ٿيل اخبار ’فرنٽيئر گزيٽ‘ جو ايڊيٽر عبدالڪريم گدائي هو. مولانا عبدالڪريم چشتي به جيڪب آباد مان ’صداقت‘ نالي اخبار جاري ڪئي، جيڪا 5 مهينن کانپوءِ ’الحنيف‘ جي ايڊيٽر مسٽر ٽانوريءَ جي حوالي ڪيائين. ان کان سواءِ مولانا چشتيءَ شڪارپور مان ’جمهور‘ نالي هڪ هفتيوار اخبار ڪڍي. ان کان سواءِ هيءُ اڳتي هلي روزانه ’قرباني‘ ڪراچي، روزانه ’مجاهد‘ ڪراچي ۽ هفتيوار ’پاڪستان‘ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر به ٿي رهيو.
1928ع ڌاري مولوي خيرمحمد نظاماڻي حيدرآباد مان هفتيوار اخبار ’خادم اسلامجاري ڪئي. سکر مان ’دعوت اسلام‘ ڊاڪٽر محمد يامين ڪڍي، حيدرآباد مان ’حيدرآباد گزيٽ‘ به نڪتي. ان کان سواءِ هفتيوار اخبار ’پيسا‘ به شڪارپور مان جاري ٿي. هن جي مالڪ ۽ هلائيندڙ جو نالو دولترام رهيجا هو، جيڪو مشهور کنڊ جو واپاري هو. 1929ع ۾ مسٽر ڀوڄراج موٽو مل ’ڀارت‘ نالي اخبار جاري ڪئي. ’الوحيد‘ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ ٻيراڻيءَ مان ’الامان سنڌ‘ ۽ ٻين هنڌن تانپرتاب‘، ’تيج‘ ۽ ’سکر گزيٽ‘ به نڪرنديون هيون. مشهور شاعر غلام احمد نظاميءَ ’دره حيدري‘ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو هو. ساڳئي وقت ٻه هفتيوار اخبارون ’چوڏس‘ ۽ ’پيغام‘ جاري ٿيون. ’چوڏس‘ آکاڻين جي اخبار هئي، جيڪا ڪراچيءَ مان مسٽر آسودومل اڌارام ماکيجا ڪڍندو هو. هن رسالي ۾ هندو توڙي مسلمان لکندا هئا، جن ۾ دين چند جيسارام کتري، لڇيرام بکاڻي، ڪرن، گورڌن شرما، درگداس شهاڻي، کيمچند مهتاڻي، جڳت ڀاٽيا، حبيب الله ڀٽو ۽ محمد يوسف ’مجرم‘ شامل هئا. رسالي ۾ افسانا، شاعري ۽ مختصر خبرون ڇپبيون هيون. ساڳئي سال مشهور ٿياسافسٽ، عالم ۽ صحافي مسٽر ڄيٺمل پرسرام، ’پرڪاش‘ اخبار جاري ڪئي، جنهن جي 23 آڪٽوبر 1929ع واري اشاعت ۾ هڪ مزيدار ناٽڪ ’زماني جي لهر‘ تي راءِ ڏني وئي هئي. ان مان ظاهر آهي ته اخبار ادبي خدمت ۾به مشغول هئي. غالباً ان ئي زماني ۾ ستاره منڊل پاران ’مخزن ستاره‘ جي نالي سان هڪ ماهوار مخزن نڪتي هئي، جيڪا مخزن سنڌيءَ کانسواءِ ٻين ڪيترين زبانن جهڙوڪ: انگريزي، فرينچ، اسپينش، نارويجن، پولش، روسي، اٽالين، ڊئنش ۽ ٻين هندستاني ٻولين ۾ به نڪرندي هئي. هي رسالو جيئن ته ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ سان وابسته هو، تنهنڪري منجهس برهم وديا، ويدانت، تصوف، اخلاق، تعليم ۽ سائنس تي مضمون هوندا هئا. هن ۾ مواد نظم توڙي نثر تي مشتمل هوندو هو. ڪرشنا مورتيءَ جي نظم جو ترجمو روزاني شايع ٿيندو هو، جيڪو (ڪرشنا مورتي) اصل ’ستاره‘ جي مرڪزي ايڊيٽوريل بورڊ جو صدر هو. هن رسالي جي شاعري گهڻو ڪري آزاد نظم جي صنف تي هوندي هئي. سنڌي ايڊيٽوريل بورڊ جو صدر ڪراچيءَ جو مشهور سماجي ڪارڪن ۽ رحمدل، نيڪ مرد جمشيد مهتا هوندو هو. 1930ع ۾ مسٽر عبدالرحيم ’آزاد‘ سکر مان هڪ رسالو ’المنار‘ نالي جاري ڪيو، جيڪو شروع ۾ ماهوار هو ۽ بعد ۾ هفتيوار ٿيو. ان زماني ۾ ٽنڊي محمد خان مان هڪ اخبار ’همدرد‘ نڪتي ۽ سلطان ڪوٽ مان مولانا صاحبداد ماهوار مئگزين ’الاسلامجاري ڪئي. لاڙڪاڻي مان هفتيوار ’عالمگيرجاري ٿي، جنهن جو ايڊيٽر غلام علي قريشي هو. ساڳئي سال مشهور ڪهاڻي نويس امر لعل هنڱوراڻي هڪ مخزن ’ڦلواڙي‘ جي نالي سان جاري ڪئي، جنهن ۾ ننڍا ناٽڪ ڇپيا ويندا هئا. ’ڦلواڙي‘ ۾ آسانند مامتورا جو ’اُما ۽ وناديڪ‘، منگهارام ملڪاڻيءَ جو ’پاپ جو ڪيتو‘ ۽ محمد حنيف صديقيءَ جو ’شريڪا جو پيش پوڻ‘ وغيره جهڙا ناٽڪ ڇپيا هئا. ان ئي سال مولوي خير محمد نظاماڻي ڪراچيءَ مان ماهوار ’طالب العلم‘، جامع يتيم خانه، عبدالله هارون جي سرپرستيءَ ۾ ڪڍيو، جيڪو 6 مهينا کن هليو. هڪ روزاني اخبارسنڌ شيوڪ‘ حيدرآباد مان تولارام ٻالاڻيءَ جاري ڪئي هئي. 1931ع ۾ صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ حيدرآباد مان ’گلزار‘ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو هو ۽ لڳ ڀڳ ان ئي عرصي ۾ ساڳئي صاحب جي ڪوششن سان سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي سالياني اجتماع کانپوءِ ’ادبي تحفو‘ ڪڍيو ويو، جيڪو هر سال اهڙي موقعي کانپوءِ ڇپيو ويندو هو، جنهن ۾ ڪوٺايل مشاعري ۽ طرح جي سٽاءَ تي موڪليل شعر ڇاپيا ويندا هئا ۽ نثر جا بهترين مقالا به شايع ٿيندا رهندا هئا. اپريل 1931ع ڌاري ڪراچيءَ مان ڪانگريسي نوجوان سيٺ شونداس هفتيوار ’آزاد‘ جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر مددگار ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو. اخبار قومي خيالن جي هئي. ساڳئي سال 12 آڪٽوبر تي شڪارپور مان هڪ ٻي روزاني اخبار ’قرباني‘ جاري ڪئي وئي. اها اخبار شروع ۾ ڪانگريسي خيالن جي پبلسٽي ڪندي هئي ۽ مشهور اخبار نويس خاندان ويرومل بيگراج وارن جي هئي، جنهن کي سندس فرزند رامچند سنڀاليندو هو، جنهن کانپوءِ اها اخبار سائين جي. ايم. سيد خريد ڪئي هئي ۽ ڪراچيءَ مان نڪرڻ لڳي. هي اخبار مهاتما گانڌيءَ جي ڄمڻ واري ڏينهن تي جاري ڪئي وئي هئي ۽ 1945ع تائين باقاعدگيءَ سان نڪرندي رهي. 1935ع ۾ جڏهن رامچند کي جيل اماڻيو ويو، تڏهن سندس پٽ هيرالعل ان جو ايڊيٽر ٿيو هو. 1937ع کان 1939ع تائين اخبار ڪراچيءَ مان نڪتي. ان وقت هن جو ايڊيٽر مسٽر ايم.آر. مائيداساڻي هو. ان کانپوءِ اخبار وري شڪارپور وئي، جتان ٻيءَ مهاڀاري جنگ جي خاتمي تي وري ڪراچيءَ منتقل ٿي، جتي جي. ايم. سيد سندس مالڪ ٿيو ۽ مولوي خير محمد نظاماڻي هن اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي کانپوءِ هيءَ اخبار پير علي محمد راشديءَ سنڀالي. پير صاحب جي مشهور تصنيف ’فرياد سنڌ‘ پهريان هن اخبار ۾ قسطوار ڇپي هئي. کهڙي جي وزارت ۾ اخبار کي ضبط ڪيو ويو، ڇو ته ان ۾ مسلم ليگ ۽ ان جي ليڊرن خلاف سخت تنقيد وارا ايڊيٽوريل ايندا هئا. هن جي ايڊيٽرن ۾ حافظ اوحدي، مير محمد شاهه ۽ مولانا عبدالڪريم چشتي به شامل هئا. ’قرباني‘ اخبار سنڌ جي سياسي
افق تي نهايت اهم رهي آهي. انهيءَ سال حيدرآباد مان هڪ ٻيو ماهوار رسالو ’آريه وير‘ جاري ٿيو، جيڪو مسٽر ٽهلرام آئلداس ڪڍيو.
هيءُ رسالو ’شڌي‘ ۽ هندو ’سنگٺن‘ تحريڪ جي پيداوار ۽ آريا سماج هندن جي تبليغي نوعيت جو هو. رسالي جي نالي هيٺيان ’سڄي سنسار کي آريه بڻايو‘ جو نعرو لکيل هوندو هو. 1932ع ۾ شڪارپور مان هڪ ماهوار ادبي رسالو ’سنڌو‘ جي نالي سان مسٽر بولچند راجپال جاري ڪيو، جيڪو ڪجهه عرصي کانپوءِ ميان جي ڳوٺ ڏانهن منتقل ٿيو ۽ وري سال 1935ع دوران جيڪب آباد مان نڪرڻ لڳو. هڪ سال کانپوءِ ساڳيو رسالو وري شڪارپور نيو ويو ۽ ماڌوداس شوالو مل ان جو ايڊيٽر ٿيو. هن رسالي جيڪي علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اهي وسارڻ جون نه آهن. هن ڪيترائي نوان ليکڪ پيدا ڪيا ۽ اڀاريا ۽ ڪيترن ئي شاعرن اديبن کي لکڻ جي واٽ ۾ پڪو پختو ڪيو. وڏي ڳالهه ته هندو توڙي مسلمان، چوٽيءَ جا اديب ۽ شاعر هڪ جهڙي چاهه سان رسالي ۾ لکندا هئا ۽ هيءُ رسالو وڌ ۾ وڌ پڙهيو ويندو هو. هي رسالو پاڪستان ٺهڻ تائين نڪرندو رهيو. پروفيسر احسان احمد بدويءَ مطابق هن رسالي لڳاتار پندرهن سال جيڪا سنڌي زبان جي خدمت ڪئي آهي، اها سنڌ وارن جي دلين تان ڪڏهن به وسري نه ٿي سگهي. مسٽر بولچند کانپوءِ جيڪو نوجوان ماڌوداس رسالي جو ايڊيٽر بڻيو، اهو پنهنجي سياسي لاڙي سبب هن خالص ادبي رسالي کي ڪانگريسي سياست ڏانهن گهلي ويو، جنهن ڪري هن جي ادبي حيثيت متاثر ٿي. هي رسالو 52 صفحن تي مشتمل، سهڻي سائيز ۾، اوچي پني تي، تصويرن سان نڪرندو هو. هن ۾ گهڻي جاذبيت هئي. ساڳئي سال ڀوڄرام لوڪومل واڌواڻي، سيپٽمبر مهيني دوران ’ پريم‘ نالي هڪ ماهوار چوپڙي سائيز رسالو شروع ڪيو. هن رسالي ۾ مضمون، شاعري، ڪهاڻيون، وچن ۽ ٻيو ويدانتي ادب شايع ڪيو ويندو هو. نظم واري حصي ۾ لڇمڻ داس ’سائل‘، ماستر خانچند ڪارکوڙائي، رگهو مل جيوترام، ايم شيوڪرام ۽ ان دور جي ٻين مشهور شاعرن جو ڪلام ڇپبو هو. نثر واري حصي ۾ پروفيسر نوٽاڻي ڪشنچند، اڌارام ريواچند گلراجاڻي، ماستر راڄومل بيکارام، ڀڳتراءِ ايسرداس، ڪرمچند هنڱوراڻي، ماستر گنومل ۽ مهاراج ٽوپڻ مل شرما لکندا هئا. هي رسالو حيدرآباد مان نڪرندو هو. ان ساڳئي سال مشهور هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئي حيدرآباد مان هفتيوار اخبار ’هاري حقدار‘ جي نالي سان ڪڍي هئي، جيڪا هارين جي حقن، وڏيرن ۽ سرڪار جي زيادتين خلاف لکندي هئي. هي پنهنجي دور جي نهايت مقبول اخبار رهي، جنهن کي هارين جي ترجمان اخبار سمجهيو ويندو هو.
1933ع ۾ جيڪب آباد مان نبي بخش سرڪي هفتيوار ’اتحادجاري ڪئي. نبي بخش سرڪي تحريڪ خلافت واري دور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ’الوحيد‘ جي ايڊيٽري به سنڀالي. هن آزاديءَ جي جدوجهد ۾ به ڀرپور حصو ورتو ۽ ان جي بدلي ۾ قيد و بند جون سختيون به سٺيون. ساڳئي سال نوابشاهه مان 16 صفحن تي مشتمل هفتيوار ’هند سماچار‘ جيوترام طوطلداس ڏامواڻيءَ ڪڍي. ان سال دوران ئي مولانا قاضي عبدالرزاق ڪراچيءَ مان ماهوار رسالو ’ڪاميابي‘ جاري ڪيو ۽ شڪارپور مان فقير ممتاز علي هفتيوار ’صداقت‘ ڪڍي، جڏهن ته شيوڪ ڀوڄراج ماهوار رسالو ’گلشن‘ ڪڍيو. هن رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ڀارتي گدواڻي ۽ لعلچند امرڏنومل شامل هئا. هيءُ پهريون رسالو هو، جنهن ذريعي ٻارن جي شخصيت ۽ ڪردار متعلق شعور پيدا ڪرڻ لاءِ منظم ڪوشش ڪئي وئي. ان کان سواءِ مولوي خير محمد نظاماڻي ڪراچيءَ مان هفتيوار ’بيداريجاري ڪئي، جنهن جو پرنٽر مشهور صحافي شيخ عبدالعزيز سکر وارو هو.
1934ع ۾ پير علي محمد راشدي، نبي بخش خان ڀُٽي جي مالي سهڪار سان خاص اليڪشني هنگامن کي منهن ڏيڻ لاءِ سکر مان هفتيوار ’ستاره سنڌ‘ جاري ڪئي ۽ بقول شيخ عزيز جي تڏهن ساڳئي سال ڪراچيءَ مان روزاني اخبار ’صبح سنڌ‘ به ڪڍي وئي، جيڪا 1938ع تائين هلي. حافظ اوحدي مطابق ’ستاره سنڌ‘ به روزاني اخبار هئي. ساڳئي سال لاڙڪاڻي مان هڪ ماهوار فلمي رسالو ’ستما سماچار‘ نالي سان جاري ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر ٽي.ڊي سياڻي ۽ جوائنٽ ايڊيٽر بي. بي. موٽواڻي هئا. ان ئي سال لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول هڪ سالياني مئگزين ’لاڙڪاڻه هاءِ اسڪول مسلني‘ جي نالي سان شروع ڪئي، جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن، استادن ۽ ٻين ليکڪن توڙي شاعرن جون تخليقون ڇپبيون هيون. ان جي پهرين پرچي جا ليکڪ: هري دلگير، ’بيوس‘ ڪرمچند هنڱوراڻي، رام پرتابراءِ، عبدالرحيم، موتي ايس. واسواڻي، جشن بي. آر. لاهوري ۽ پرڀو ڇڳاڻي هئا. ان ئي زماني ۾ مولوي نور محمد نظاماڻي ’مرغ فلڪ‘ اخبار جاري ڪئي. ان کان اڳ ’طيراً ابابيل‘ جي نالي سان هڪ اخبارڪڍي هئائين. ان سال شيخ عبدالله حيدرآباد مان هفتيوار اخبار ’نومسلم‘ جاري ڪئي هئي ۽ ميرپورخاص مان حاجي محمود هالائي ’همدرد‘ ڪڍي. ان دور ۾ ٻه ٻيون هفتيوار اخبارون ’فتح‘ ۽ ’چاند‘ حيدرآباد مان نڪرنديون هيون، جن جا ايڊيٽر مرچومل ۽ هريرام تولارام هئا. هنن اخبارن ۾ فرقيواراڻو مواد گهڻو هوندو هو. ان ساڳئي سال ڪراچيءَ مان ’ڪراچي رابندر ناٿ ڊراماٽڪ ڪلب‘ پاران سنڌي انگريزيءَ ۾ ساليانو ’انڊس‘ رسالو جاري ٿيو هو. ان جو ايڊيٽر سنڌي زبان جو مشهور عالم ۽ اديب پروفيسر منگهارام ملڪاڻي هو. ان جي لکندڙن ۾ ڄيٺمل پرسرام، ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ليکراج ’عزيز‘، آسانند مامتوراءِ، هيرانند آڏواڻي، پرڀداس ڀيرومل ۽ پروفيسر ڪرشن ڪرپلاڻي شامل هئا. ان عرصي ۾ ’نتو گيان‘ نالي هڪ ماهوار انتخاب (ڳٽڪو) رسالي جي شڪل ۾ ’شري ويدانت پرڪاش منڊل‘ پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ سوامي رام تيرٿ جا ويا کياڻ ۽ ويدانت تي لکيل مضمون ۽ شعر شامل هوندا هئا. هن منڊل جون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ هيڊ آفيسون هونديون هيون ۽ لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد، نوابشاهه ۽ شهدادپور ۾ هن جون شاخون هيون. ساڳئي سال سيپٽمبر کان ’رتن ساهيته منڊل‘ پاران ماهوار رسالو ’رتنجاري ڪيو ويو، جنهن جو ايڊيٽر پارومل ڪيولراماڻي هو. هن رسالي ذريعي سنڌي ادب جي چڱي خدمت ٿي. ان ۾ قسطوار ناول ۽ ناٽڪ ڏنا ويندا هئا. 1944ع ۾ ’آئرلينڊ جي آزاديءَ جون آکاڻيون‘ جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو، جنهن تي حڪومت ايڊيٽر کان هڪ هزار روپيا ضمانت طور ڊپازٽ رکرايو. هن رسالي ۾ ان دور جي هر مشهور اديب ۽ شاعر لکيو.
1935ع ۾ ڪراچيءَ مان ماهوار ’مُکڙي‘ نڪتو، جنهن جو ايڊيٽر صوڀراج ايس واڌواڻي ۽ سب ايڊيٽر منگهارام ٽي تلسياڻي هو. ساڳئي وقت ٽوپڻ داس ٽي کيمواڻيءَ جي سرواڻيءَ ۾ ماهوار رسالو ’موتين جو هار‘ ۽ آغا بدرالدين جي سرپرستيءَ ۾ هفتيوار ’پيغام صلحجاري ٿيا. آغا بدرالدين درانيءَ ڳڙهي ياسين مان ’آشيانه‘ ادب نالي هڪ رسالو به ڪڍيو. ساڳئي سال حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي شعرن جي انتخاب جي شڪل ۾ ’بهار اخلاق‘ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو، جيڪو پنهنجي جدت، روشن خيالي، سادگي ۽ رواني سبب ڏاڍو مقبول ٿيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 1936ع ۾ ڪراچيءَ مان ٽي روزه اخباراصلاح‘ به جاري ڪئي، جنهن جو نائب ايڊيٽر شيخ عبدالله ’عبد‘ هوندو هو. ان اخبار ۾ حڪيم علي انور، مولوي عبدالغفور سيتائي ۽ حافظ خير محمد اوحدي ٿوري ٿوري عرصي لاءِ ادارت جو ڪم هلايو. حڪيم صاحب کان اها اخبار پير الاهي بخش خريد ڪئي هئي ۽ هن کي روزاني اخبار بڻايو ويو هو. ’الاصلاح‘ نالي سان هڪ اخبار محمد اسماعيل ٽکڙ مان ڪڍي. ان ئي سال جي آخر ۾ حيدرآباد مان روزانه ’سنڌ ڊيلي نيوز‘ جاري ٿي، جنهن جو ايڊيٽر ٽي.ايل پنواڻي هو. اها اخبار ڪراچيءَ مان به شايع ٿيڻ لڳي. ان جو هفتيوار ايڊيشن 14 صفحن تي مشتمل هوندو هو. ساڳئي سال جيڪب آباد مان حافظ اوحدي هڪ هفتيوار اخبار ’نعره تڪبيرجاري ڪئي. حيدرآباد مان ’الڪمال‘ ۽ ڪوٽڙيءَ مان هفتيوار ’مسلم ليگ‘ جاري ٿيون. ’الڪمال‘ حيدرآباد جي مشهور سماجي ۽ قومي ڪارڪن سيٺ ڪمال الدين ميمڻ شايع ڪرائيندو هو ۽ ان جي ايڊيٽر جو نالو جي.ايم ميمڻ هو. انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي مان ٽه روزه ’ايڪتااخبار جاري ٿي، جنهن جو مرڪزي پيغام هندو مسلم اتحاد تي زور ڏيڻ هو. ان جو ايڊيٽر قسمت راءِ ڇڳاڻي هو. ان اخبار کي ڪجهه عرصي لاءِ حافظ اوحدي به هلايو. ’اصلاح‘ روزانه جي صورت ۾ 1939ع جي آخر ۾ شايع ٿيڻ لڳي ۽ 1941ع جي آخر ۾ بند ٿي وئي.
1936ع ۾ ئي هڪ هفتيوار ادبي مخزن ’باغبان‘ جي نالي سان هر آچر تي نڪرندي هئي. سندس ايڊيٽر وديارٿي هو ۽ رسالي طرفان هر ٽن مهينن کانپوءِ پُکا ڪڍيا ويندا هئا، جنهن مطابق 50 روپين جي رقم مان پهريون انعام 15 روپيه، ٻيو انعام 10 روپيه، ٽيون انعام 5 روپيا ڏنا ويندا هئا. باقي پئسن مان ٻارهن نمبرن کي ٻه ٻه روپيا انعام طور ڏنا ويندا هئا. اهي انعام خريدارن کي ڏنا ويندا هئا. ساڳئي نموني لکندڙن کي به هر ٽئين مهيني ٻه انعام ڏنا ويندا هئا. مخزن 40 صفحن
تي مشتمل هوندو هو ۽ ان ۾ انگريزي، گجراتي، روسي ۽ هندي ڪهاڻيڪارن ۽ شاعرن جون تخليقون شايع ٿينديون هيون. 1937ع ۾ ڪراچيءَ مان هڪ ماهوار جاسوسي اخبارسنسار چڪر‘ جاري ٿي، جيڪا مشهور بوڪ سيلر ۽ پبلشر هوندراج پهلاج راءِ ڪڍي. هي اخبار هر مهيني جي پنجين تاريخ تي باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندي هئي. هن جي نئين خريدار کي هڪ ناول ۽ هڪ ڊائري مفت ڏنا ويندا هئا. ان کانسواءِ هر ڇهين مهيني خريدارن کي هڪ ناول مفت ڏنو ويندو هو. هر پرچي ۾ 5 پروليون ڏنيون وينديون هيون، جيڪي سلڻ تي ڏيڍ سؤ رپين جا ڪتاب انعام ۾ڏنا ويندا هئا. هن رسالي ۾ ڪيترائي ناول شايع ٿيا. 1938ع ۾ سنڌ جي معروف ليکڪ سيد صدرالدين شاهه بخاريءَ پهرين آڪٽوبر تي هڪ هفتيوار اخبارالجماعتجاري ڪئي، جيڪا
پير جهنڊي جي جماعت ’احياءُ الاسلام‘ جي حمايتي ۽ ترجمان سمجهي ويندي هئي. ساڳئي سال نوابشاهه مان هفتيوار’نو ڀارت‘ جاري ٿي، جنهن جو ايڊيٽر سچانند ڦيرومل هو. 19 مئي 1938ع واري الوحيد جي پرچي ۾ ٻين ٻن اخبارن ۽ رسالن جو پتو پوي ٿو، جن ۾ هڪ ’سنڌ مسلم‘ هئي، جيڪا نوابشاهه مان نڪرندي هئي ۽ ٻيو رسالو ’رهبر سنڌ‘ هو. پروفيسر ملڪاڻيءَ جو چوڻ آهي ته، ”1938ع ڌاري پروفيسر نرملداس گربخشاڻي ’وديا‘ نالي اخبار ڪڍندو هو. ساڳئي سال ڪراچيءَ مان پير الاهي بخش ’علم‘ نالي اخبار جاري ڪرائي، جنهن جو مقصد سنڌ جي مسلمانن ۾ تعليم لاءِ ترغيب پيدا ڪرڻ هو. ان عرصي ۾ ئي لعلچند امرڏنيمل هفتيوار ’سنڌڙي‘ اخبار جاري ڪئي، ان ۾ علمي ۽ تنقيدي مضمون شايع ٿيندا هئا.“
1939ع ۾ ڪراچيءَ مان مولوي محمد شفيح ماهوار ’مجاهد‘ جاري ڪيو، جيڪو سال کن هليو. 1940ع ۾ ڀارت جيون ساهتيه منڊل حيدرآباد جي باني ڄيٺانند لعلواڻيءَ جي زير ادارت هڪ ماهوار رسالو ’ڀارت جيونجاري ٿيو، جنهن ۾ ان وقت جي مشهور مسلمان توڙي هندو ليکڪن ۽ شاعرن جون تخليقون ڇپبيون هيون. انهن ۾ مولائي شيدائي، دلدار حسين موسوي، علي محمد مري، اين. ٽي. واسواڻي، ٺاڪر ڪرپلاڻي، هوندراج دکايل، گورڌن شرما، مسٽر آهوجا ’طائر‘، رام پنجواڻي، نانڪ مير چنداڻي وغيره شامل هئا. ساڳئي سال شڪارپور مان ’اخبار الجماعتجاري ٿي، جنهن جو سرپرست ڀرچونڊي شريف جو سجاده نشين پير عبدالرحمان هو ۽ ايڊيٽر سيد صدرالدين شاهه بخاري هو. 1945ع جي ابتدا ۾ بخاري صاحب سان سرور شاهه به ايڊيٽر ٿيو، ٻنهي جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا، جنهن ڪري سرور شاهه اها اخبار کڻي ڪراچيءَ مان اردو ۾ ڪڍڻ لڳو ۽ بخاري صاحب شڪارپور مان اخبار ’تنظيم‘ جاري ڪئي. ان ئي سال حاجي الله بخش سومري جي سرپرستيءَ ۾ روزانه ’آزاد‘ جاري ٿي، جنهن ۾ گوبند مالهي ۽ قادر بخش نظاماڻي سندس مددگار رهيا. روزانه ’آزاد‘ اخبار جو پهريون ايڊيٽر
مولانا عبدالڪريم چشتي ٿيو ۽ بعد ۾ مولانا دين محمد وفائي ۽
مولائي شيدائي به ان جا ايڊيٽر ٿي رهيا. اها ’آزاد‘ اڳتي هلي هفتيوار بڻي ۽ علي نواز وفائيءَ جي زيرِ ادارت ڪراچيءَ مان به نڪتي. مسٽر گوبند لوڪرام ڀاٽيه ’آزاد‘ جو ايڊيٽر رهيو. 1941ع ۾ ريجهومل آگناڻي روزاني ’سنسار سماچار‘ کان جدا ٿي، پنهنجي روزاني اخبار ’هندو سنسار‘ جي نالي سان جاري ڪئي. ساڳئي سال لاڙڪاڻي جي ’سنڌ سڌار سوسائٽيءَ‘ پاران ماهوار رسالو ’اديب سنڌ‘ نڪتو، جنهن جا مختلف وقتن تي مختلف ايڊيٽر رهيا، جن ۾ ماسٽر جمع خان ’غريب‘، عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي ۽ رئيس ضياءُ الدين شامل هئا. هي رسالو 1952ع تائين باقاعدي نڪرندو آيو ۽ ان ذريعي سنڌي شعر و شاعريءَ ۾ نون شاگردن جي ڪافي رهنمائي ڪئي وئي. ان رسالي جو روح روان حاجي محمود ’خادم‘ لاڙڪاڻوي هو. ساڳئي سال ’سندر ساهت منڊل‘ پاران ميلارام واسواڻيءَ ٻارن لاءِ ’گل ڦل‘ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو، جنهن ۾ ٻارن جي ڏانءَ جا مضمون ۽ آکاڻيون ڇپبيون هيون. هي رسالو 1948ع تائين خدمت ڪندو رهيو. 1941ع ۾ حيدرآباد مان محمد عثمان ڏيپلائيءَ هڪ ماهوار رسالو ’عبرت‘ جي نالي سان جاري ڪيو، جيڪو 13 فيبروري 1946ع تي هفتيوار بڻيو ۽ 1956ع ۾ قاضي خاندان جي خريد ڪرڻ کانپوءِ روزاني عبرت اخبار جي صورت ورتي. عبرت گروپ آف پبليڪيشن جون سنڌي صحافت ۾ وڏيون خدمتون آهن. ماهوار ۽ هفتيوار هجڻ دوران محمد عثمان ڏيپلائيءَ هن کي شاندار نموني هلايو ۽ پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو. روزاني ٿيڻ کانپوءِ عبرت جو ايڊيٽر شيخ علي محمد کي بڻايو ويو. 1969ع ۾ شيخ علي محمد جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ خير محمد کوکر کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، جيڪو 23 مئي 2006ع تي وفات تائين ان جو ايڊيٽر رهيو. هن اخبار جو هينئر چيف ايڊيٽر قاضي اسد عابد آهي، جيڪو نه صرف صحافتي، پر سياسي ۽ سماجي حوالي سان به پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. عبرت گروپ آف پبليڪيشن طرفان گذريل 31 سالن کان پندرهن روزه عبرت مئگزين شايع ٿئي ٿي، جنهن جو هن وقت ايڊيٽر واحد پارس هيسباڻي آهي. ڪافي سالن کان هفتيوار سنڌو، ماهوار هزار داستان ڊائجسٽ، ماهوار بختاور مئگزين به شايع ٿي رهيا آهن. هفتيوار ’سنڌو‘ جا 95-1994ع ۾ تاج جوئي ۽ زيب سنڌيءَ ٽيهارو ڪامياب شمارا شايع ڪيا.
پهرين سيپٽمبر 1941ع تي محمد اسماعيل زرگر جي ايڊيٽريءَ هيٺ هفتيوار اخبارٽالپرجاري ٿي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته نه رڳو مذهبي تفرقي بازيءَ کان پاڪ هئي، پر هن اخبار صحيح صحافت جو مثال قائم ڪيو. انهيءَ زماني ۾ مولوي خير محمد نظاماڻي
باب الاسلام‘، ’غازي‘ ۽ ’عوام‘ هفتيوار ۽ روزانه اخبارون جاري ڪيون. مولوي نظاماڻي صاحب ان زماني جي سياسي تحريڪن ۽ پنهنجي قلم جي زور تي ڪيتريون ئي اخبارون ڪڍڻ سبب گهڻو مشهور ٿيو ۽ ان وقت جي نوجوانن جي ڄڻ ته جذبن جو ترجمان بڻجي پيو. 1942ع ۾ هفتيوار رسالو ’جنم ڀومي‘ ميرپورخاص مان جاري ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر ڪانگريسي خيالن وارو مسٽر هرداس پريمچند واسواڻي هو. 1943ع ۾ هڪ ماهوار فلمي رسالو ’فلمستان‘ جاري ٿيو، جنهن جو جاري ڪندڙ موتي تيج ڀاونداس مهتا هو. 1945ع ۾ آغا بدرالدين سکر مان روزاني ’انقلابجاري ڪئي، جيڪا 1948ع تائين جاري رهي. 5 نومبر 1946ع تي حيدرآباد مان روزاني ’هلال پاڪستانجاري ڪئي وئي، جنهن جو پهريون ايڊيٽر رحيمداد خان مولائي شيدائي هو ۽ بسمل ٽکڙائي به ان ۾ ڪم ڪندو هو.
ساڳئي سال سنڌ سرڪار طرفان ’مهراڻ‘ رسالو جاري ڪيو ويو. مهراڻ جي اجراءَ جا ٻه دور رهيا آهن، پهريون دور جنوري 1946ع کان جون 1948ع تائين ٻيو دور 1955ع کان هيل تائين.
جي. ايم. سيد تعليم جي وزير هئڻ دوران سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ادب لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون، جن مان سنڌي ادبي بورڊ جو قيام سندس اهم ڪارنامو آهي. جي. ايم. سيد جي سرپرستيءَ ۾ سيد ميران محمد شاهه جي ڪوششن سان 1940ع ۾ تعليم کاتي جي نگرانيءَ هيٺ سنڌي ادب (ساهت) لاءِ ’مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ قائم ٿيو. ان جي منشور ۾ هڪ معياري سنڌي رسالو جاري ڪرڻ به شامل هو. جيئن ته ان وقت ٻي مهاڀاري جنگ هلي رهي هئي، ان ڪري پئسي جي فراهمي نه ٿيڻ سبب بورڊ رسالو جاري ڪري نه سگهيو. جنگ ختم ٿيڻ تي بورڊ جي چيئرمئن سيد ميران محمد شاهه ۽ سيڪريٽري عثمان علي انصاريءَ مٿيون ڪم هٿ ۾ کڻي رسالو جاري ڪيو. صلاحڪار بورڊ جو اشاعتي ادارو پنهنجي دور جو وڏي ساک وارو ادارو هو، جنهن جي ذمي رسالو ڪڍڻ سان گڏ معياري ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جهڙا ڪم پهرين ترجيح تي هئا. ان ئي سلسلي جي ڪڙيءَ طور مهراڻ رسالي جو اجراءِ ٿيو. مهراڻ جي شروعاتي جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ عثمان علي انصاري (چيئرمئن)، مولانا دين محمد وفائي (چيف ايڊيٽر)، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي (ايڊيٽر) ۽ لالچند امرڏنومل جڳتياڻي (مئنيجنگ ايڊيٽر) هئا. هنن ’مهراڻ‘ رسالي کي انتهائي خوبصورت نموني شايع ڪيو. ٻيو ڀيرو مهراڻ 1955ع ۾ جاري ٿيو. 1955ع کان 1956ع تائين هن جو ايڊيٽر محمد ابراهيم جويو رهيو. هن رسالي جو 1957ع کان 1958ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو ايڊيٽر ٿيو. 1958ع ۾ سيد حسام الدين راشدي ايڊيٽر ٿيو. مولانا غلام محمد گرامي 1959ع کان 1976ع تائين ايڊيٽر رهيو. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو پڻ مهراڻ ۾ بنيادي ڪردار آهي، 1956ع ۾ رسالي جو مئنيجنگ ايڊيٽر رهيو. امداد حسيني 1976ع کان 1979ع تائين پهريون ڀيرو، جڏهن ته 1992ع کان 1993ع تائين ٻيو ڀيرو مهراڻ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 2004ع کان 2006ع تائين کيس اعزازي چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن رسالي ۾ نفيس احمد شيخ کي سڀ کان گهڻو عرصو ايڊيٽر رهڻ جو موقعو مليو. هيءُ 1972ع کان 1979ع تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر، جڏهن ته 1980ع کان 2010ع تائين ايڊيٽر رهيو. ان کانپوءِ طارق عالم ابڙو ايڊيٽر مقرر ٿيو، جيڪو پنهنجي وفات 20 جون 2011ع تائين سنڌي ادب جي هن يگاني رسالي جو ايڊيٽر رهيو. طارق عالم کي وچ ۾ به ٿوري ٿوري عرصي لاءِ مهراڻ جي ايڊيٽر جون ذميواريون مليون. ان بعد دين محمد ڪلهوڙو ايڊيٽر مقرر ٿيو، پر تعليم کاتي ۾ ليڪچررشپ ملڻ کانپوءِ ڇڏي ويو. هينئر مهراڻ رسالو ثمينه ميمڻ جي ادارت ۾ نڪري رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ ’مهراڻ‘ جو وڏو ڪردار ۽ وڏيون خدمتون رهيون آهن. ان ئي سال (1946ع) هڪ ماهوار رسالو ’سدا بهار‘ ٻارن لاءِ جاري ڪيو ويو هو. ان جي سرپرستي ’رتن ساهتيه منڊل‘ ٿي ڪئي. 1946ع ۾ ئي حيدرآباد مان ’نيازنامه‘ نالي سان اردو ڍنگ جي هفتيوار سنڌي اخبار جاري ٿي، جنهن جو بانيڪار جي. ايم. خان ۽ ايڊيٽر مسئول محمد اسماعيل منشي هو. انهيءَ زماني ۾ ’نئين دنيا‘ ۽ ’باغي‘ رسالا به نڪتا، جيڪي ترقي پسند تحريڪ جي نمائندگي ڪندڙ هئا. ان ئي سال جنوريءَ ۾ روزاني ’قرباني‘ جي ادارت جون ذميواريون مولوي خير محمد نظاماڻيءَ جي حوالي ٿيون، جتي هو ٽي مهينا کن رهيو. ساڳئي سال ٺٽي مان هفتيوار ’الحيدر‘ ۽ ميرپورخاص مان ’ٿري گزيٽ‘ به جاري ٿيون.
1947ع ۾ ڪمار سنڌيءَ، ڪراچيِءَ مان هڪ ماهوار رسالو ’تعمير‘ جاري ڪيو. ڄيٺمل پرسرام ’روح رهاڻ‘ کي وري جياريو ۽ ڪنيالعل گابا ’پرستان‘ نالي رسالو شايع ڪرڻ شروع ڪيو. جون 1947ع ۾ پندرهن روزه ’چترڪار‘ رسالو جاري ٿيو، جنهن جي خاص ڳالهه هيءَ هئي ته ان ۾ ٻه صفحا اردو ادب متعلق ڏنا ويندا هئا. رسالي ۾ فلمي ادب، سوال جواب، ڪهاڻيون ۽ شعر وغيره پڻ شايع ٿيندا هئا. 1947ع ۾ ئي حيدرآباد مان شيخ علي محمد ’آفتاب‘ نالي روزاني اخبار جاري ڪئي. جنوري 1948ع ۾ ’حقيقت الاسلام‘ رسالو جاري ٿيو. هي رسالو حيدرآباد مان قاضي عبدالرزاق ڪڍندو هو. هن رسالي جو نج مذهبي نظريي وارو مزاج هو. پندرهن روزه ’مؤذن‘ رسالو، سيپٽمبر 1948ع ۾ شروع ٿيو. هي به مذهبي طرز جو رسالو هو، جيڪو حيدرآباد مان مولوي خير محمد نظاماڻي ڪڍندو هو. ساڳئي سال 1948ع جي آگسٽ مهيني ۾ پاڪستان جي پهرين سالگرهه جي مناسبت سان سنڌ سرڪار هڪ هفتيوار رسالو ’اطلاعات سنڌ‘ شايع ڪيو. 1949ع ۾ حيدرآباد مان سيد محمد شاههعرفان لطيف‘ رسالو جاري ڪيو، جيڪو سياست، مذهب ۽ تاريخ جي موضوعن تي مضمون شايع ڪندو هو. هن رسالي جو پهريون ايڊيشن شاهه لطيف جي نالي ڪري ’لطيف نمبر‘ سان شايع ڪيو ويو. 1950ع ۾ مولوي عبدالحق ربانيءَ جي رهنمائيءَ هيٺ ’مبلغ‘ رسالو شايع ٿيو، جنهن ۾ پڻ مذهبي مضمون ۽ ملڪي صورتحال تي تجزيا هوندا هئا. ’اعلان حقبدين مان نذير حسين حيدريءَ، نومبر 1950ع ۾ شايع ڪيو. هي رسالو به مذهبي خيالن جي نمائندگي ڪندڙ هو. 1955ع ۾ نوابشاهه مان ’ادا‘ رسالو جاري ٿيو، هن رسالي ۾ سياسي ۽ سماجي مواد سان گڏ ادبي مضمون به شامل هوندا هئا. 1956ع ۾ حيدرآباد مان سليم هالائيءَ ’ڳوٺ سڌار‘ نالي رسالو جاري ڪيو. هي رسالو سماجي ڀلائيءَ تي مشتمل مواد شايع ڪندو هو. 1957ع ۾ حيدرآباد مان عورتن جي مسئلن تي بيگم زينت عبدالله چنا ’مارئي‘ رسالو شايع ڪيو. ان کانپوءِ 1958ع ۾ مارشل لا جو دور شروع ٿئي ٿو. 1947ع کان 1957ع تائين اٽڪل 60 رسالا جاري ٿيا، جن ۾ 11 سياسي هئا، جڏهن ته باقي مذهبي، سماجي، ادبي، ٻارن جا ۽ عورتن جا هئا. ايوب خان 1958ع ۾ جڏهن مارشل لا لڳائي، تڏهن سنڌي پريس تي پابندي وڌي وئي. ون يونٽ جي ڪري سنڌ جي پنهنجي الڳ حيثيت ختم ڪئي وئي، جنهن جو ردعمل انتهائي سخت ٿيو. سنڌ جي وڏي وزير عبدالستار پيرزادي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ خلاف بل اڪثريت سان پاس ڪرايو. سندس اهڙي قدم تي ناراض ٿي، سنڌ حڪومت برطرف ڪئي وئي ۽ عبدالستار پيرزادي جي جڳهه تي ايوب کهڙي کي وڏو وزير بنايو ويو. ان وقت جي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر غلام علي ٽالپر کي گرفتار ڪري ٿرپارڪر ۾ قيد ڪيو ويو. ان وقت جيڪو به ون يونٽ جي خلاف ڳالهائيندو هو، ان کي گرفتار ڪيو ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي شاگرد سياست جون سرگرميون تکيون ٿي ويون، صحافتي دنيا ۾ به جذباتي منظر نظر آيو، ايوب کهڙي جي اخبار ’نواءِ سنڌ‘ کان سواءِ باقي سموريون اخبارون سنڌ جي صورتحال کي پڌرو ڪرڻ لڳيون. سموريون اخبارون ون يونٽ خلاف ايڊيٽوريل لکڻ لڳيون. حڪومت طرفان ’الوحيد‘ تي پابندي وڌي وئي. سنڌي ادبي سنگت به ايوبي آمريت خلاف ڀرپور هلائي. سنڌي ادبي بورڊ جا فنڊ بند ڪيا ويا مطلب ته اظهار جي آزاديءَ جا هر طرف رستا بند ڪيا ويا. ڪجهه وقت کانپوءِ آمريت جو زور ڪجهه گهٽ ٿيو، پر سنڌي اخبارن جو مزاج ساڳيو ردعمل وارو رهيو. 1961ع ۾ ٻوليءَ واري مسئلي تي هڪ ٻيو وڳوڙ اڀريو، نصابي تعليم ۾گهٽتائي ڪري ميٽرڪ کان هيٺ آڻي ڇهين درجي تائين سنڌي ۽ اردو تعليم کي لازمي ڪيو ويو. سنڌي اخبارون ته اڳ ۾ ئي ايوبي آمريت خلاف سخت رويو رکيو ويٺيون هيون، مٿان وري هي نئون اشو پيدا ٿي ويو. ان کانسواءِ غيرن جي آبادڪاري، سنڌ جي وسيلن تي قبضي ۽ سنڌي ماڻهن جي روزگار تنگ ٿيڻ وارن مامرن کي سنڌي اخبارن اڀاريو. اهڙن مسئلن جي گڏجڻ سان هڪ طوفان جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو. 1962ع ۾ سنڌ بلوچستان سان لاڳاپيل اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ميمبرن هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو ته 9 فبروريءَ تي ’سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن‘ احتجاج طور ملهايو وڃي. جن شخصيتن ان بل تي دستخط ڪيا، انهن ۾ مير رسول بخش ٽالپر، ميجر افسرالدين،
غلام مصطفى جتوئي، مخدوم طالب المولى،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، قاضي فضل الله، خير بخش مري، غلام رسول جيلاني، مولا بخش سومرو، آغا غلام نبي پٺاڻ ۽ غلام محمد وساڻ شامل هئا. ان وقت روزاني ’مهراڻ‘ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ته: ”حڪومت جي فيصلي سنڌي ٻوليءَ کي جيڪو مقام ڏنو آهي، ان سان عوام جي تباهي يقيني آهي. اخبارن لڳاتار 15 سالن تائين سخت ايڊيٽوريل لکيا، جنهن جو بدلو سندن سرڪاري رعايتون ختم ڪري ڏنو ويو.
يحيٰ خان ون يونٽ ختم ڪيو ۽ صوبن کي پنهنجي الڳ حيثيت ڏنائين. 1970ع وارين سنڌي اخبارن يحيٰ خان جي ون يونٽ ٽوڙڻ واري قدم کي انتهائي ساراهيو. يحيٰ خان 1962ع وارو آئين به بحال ڪيو ۽ ڪنهن قدر حالتون ٺيڪ ٿيڻ لڳيون. انهن ئي ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي به سياسي ميدان ٺاهڻ جو موقعو مليو. مارشل لا جي خاتمي سان سنڌي صحافت ۾ به تبديليون اچڻ لڳيون. ’الوحيد‘ ٻيهر صحافتي دنيا ۾ واپس اچي وئي، پر ٻيهر سندس اهو جوش نه رهيو، جيڪو اڳئين دور ۾ هن اخبار کي حاصل رهيو. ڪجهه عرصي بعد بغير ڪنهن سبب جي اخبار بند ٿي وئي. حيدرآباد مان ’روح رهاڻ‘ رسالو به هن ئي دور ۾ جاري ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر حميد سنڌي هو.
هن ئي دور ۾ ’نواءِ سنڌ‘ ڪراچيءَ کان حيدرآباد منتقل ٿي روزنامي جي شڪل ۾ آڏو آئي. هلال پاڪستان اخبار جو هڪ وڏو ۽ تاريخي دور رهيو آهي، خاص ڪري 1971ع کان ع تائين وارو دور جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي اخبار خريد ڪري سراج الحق ميمڻ کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. سرڪاري سرپرستي هجڻ باوجود سراج صاحب هن اخبار کي آزاد ۽ خودمختيار نموني هلايو. 1977ع ۾ سراج الحق جنرل ضياء الحق جي فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺن کان انڪار ڪندي ايڊيٽرشپ تان استعيفا ڏني. هلال پاڪستان مختلف دور ڏٺا، جنھن دوران ڪراچيءَ جو ڪاٺياواڙي ميمڻ محمد ھاشم، الوحيد جي زماني جو تجربيڪار صحافي شيخ عبدالرحيم، سردار قريشي، ناصر بروھي، شيخ عبدالحليم جوش (شاعر ۽ رٽائرڊ ڊائريڪٽر، سنڌ اطلاعات کاتو)، اقبال دل، دستگير ڀٽي، شمشيرالحيدري، عالم شاھه (پ پ پ جو ڪارڪن، جنھن جو صحافت سان واسطو ڪڏھن نه رھيو) ۽ مدد علي سنڌي هن اخبار جا چيف ايڊيٽر ٿيا. اڄڪلهه هن اخبار جي مالڪي ٺٽي جي شيرازين وٽ آهي ۽ اخبار جو ايڊيٽر اقبال دل آهي. ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ’ھلالِ پاڪستان‘ کي سراج ميمڻ جي زماني ۾ محمود يوسفاڻي، اسلم آزاد، منظور قريشي، دستگير ڀٽي، جي.اين.مغل، نصير اعجاز، محمد خان سيال، انور پيرزادي، فقير محمد لاشاري ۽ ٻين تجربيڪار صحافين جي ٽيم مليل ھئي، جن اسسٽنٽ ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر، ميگزين ايڊيٽر، سب ايڊيٽر ۽ رپورٽر وغيره طور اخبار کي سنڀاليو ۽ رنگين ايڊيشن ۽ ميگزين جاري ڪيون ويون ۽ خصوصي خبرن سان نئون انداز ڏنو. امر جليل ۽ ٻين مشھور ليکڪن جي ڪالمن جي ڪري به ھن اخبار جي مقبوليت بيحد وڌي. سراج ميمڻ سنڌي صحافت ۾ پھريون ڀيرو ڪارٽون کي شايع ڪرڻ جو رواج وڌو. سيد محمود نالي مشھور ڪارٽونسٽ ڪيترائي سال ھلالِ پاڪستان ۾ ڪم ڪندو رھيو. ان کانپوءِ ھڪ ٻيو ڪارٽونسٽ عبدالله ٿيٻو به ھن اخبار لاءِ ڪارٽون ٺاھيندو ھو. ھلالِ پاڪستان کانپوءِ ٻين سنڌي اخبارن به ڪارٽونن جو سلسلو شروع ڪيو. 1977 ۾ مارشل لا لڳڻ ۽ اخبار کي فوجي حڪومت جي تحويل ۾ وٺڻ تائين سراج ميمڻ جي ادارت ۾ ھيءَ اخبار ’سنڌ جو آواز‘ ٿي اُڀري ۽ ماڻھو اخبار وٺڻ لاءِ قطارون ڪري انتظار ۾ بيھندا ھئا. ’ھلال پاڪستان‘ جو بدترين دور سردار قريشيءَ وارو اٺ مھينن جو عرصو ھو، جڏھن وڏي تعداد ۾ ملازمن ۽ صحافين کي ڪڍيو ويو، خبر ايجنسين جي سروس بند ڪئي وئي ۽ پراڻين اردو اخبارن مان خبرون ترجمو ڪري اخبار ڪڍي ويندي ھئي، جنھنڪري اخبار جو وڪرو نه جي برابر وڃي رھيو. ھن اخبار کي 67 سال ٿي چڪا آھن. 1991ع ۾ جڏھن علي احمد بروھي ’شيخ سلطان ٽرسٽ‘ جو وري ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر ٿيو ته ھن سال 1992ع ۾ 30 کان وڌيڪ ملازمن ۽ صحافين کي ڪڍي اخبار کي ٽرسٽ کان ڌار ڪري باقي بچيل ملازمن جي حوالي ڪري ڇڏي، جنھن کي ’ملازم شيئر ھولڊرس‘ طور ھلائڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا، پر ڪجھه سالن بعد ناڪام ٿي ھنن اخبار ٺٽي جي شيرازي ڀائرن کي وڪرو ڪري ڇڏي، جيڪا اخبار اڃا هن وقت به نڪرندي رهي ٿي.
1972ع ۾ ڪراچيءَ مان ’سوجهرو‘ رسالو جاري ٿيو. هن جي ايڊيٽر گلبانو سلطان هئي. سندس مددگارن ۾ تاج بلوچ، قربان جعفري شامل هئا. اڳتي هلي فهميده ميمڻ (فهميده حسين) نوان موضوع آندا، خاص طور عورتن جي سجاڳيءَ تي سندس ادارت ۾ ’سگهڙين سٿ‘ ۽ ’سوجهري‘ رسالي اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ رسالي جي ٽيم ۾ سحر بلوچ (سحر امداد) به شامل ٿي، هينئر اهو رسالو ٻيهر تاج بلوچ جي ادارت ۾ شايع ٿي رهيو آهي. ان کان سواءِ عوامي آواز اخبار ۾ سلطانه وقاصي به عورتن جي صفحي جي ادارت ڪئي. انهن ڏينهن ۾ صحافت زور ورتو. وزيراعلى غلام مصطفيٰ جتوئيءَ ’نئون نياپو‘ حيدرآباد مان جاري ڪرايو. هي رسالو ادبي ۽ معلوماتي ته هو، پر گهڻو ڪري پارٽيءَ جو ترجمان هو ۽ مسعود نوراني اُن کي هلائيندو هو. 1975ع ۾ هڪ قومپرست رسالو ’چارڻ‘ به حيدرآباد مان جاري ٿيو. اهڙيءَ طرح رسول بخش پليجي ’تحريڪ‘ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو، جنهن جو ايڊيٽر سيد عالم شاهه هو. هي رسالو مڪمل سياسي هو ۽ شاگرد سياست کي گهڻو فروغ ڏيندڙ هو. هن رسالي کي ناقابل برداشت مواد ڇاپڻ جي الزام ۾ بند ڪيو ويو. هن جي ڊڪليريشن رد ڪري ايڊيٽر کي جيل موڪليو ويو، انهن ڏينهن ۾ عبدالواحد آريسر ’پيغام‘ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو، اُن تي به پابندي هڻي آريسر صاحب کي جيل موڪليو ويو. قومي فڪر جي پرچار ۾ ان رسالي جو هڪ الڳ معيار ۽ تاريخي ڪردار آهي. ان بعد سنڌ سرڪار طرفان ’پيغام‘ نالي سان رسالو جاري ڪيو ويو، جيڪو اطلاعات کاتي جا آفيسر شايع ڪندا هئا. حيدرآباد مان 1966ع ۾ مشهور اديبن غلام نبي مغل، طارق اشرف، نظير شيخ ۽ منظور قريشي پاران شروع ڪيل ’سهڻي‘ رسالي جو به علمي، ادبي توڙي سياسي حوالي سان وڏو ڪردار آهي. 1975ع ۾ انسهڻي‘ رسالي تي پابندي وڌي وئي ۽ ٻن سالن (1977ع) تائين ان جي اشاعت بند رهي. ان کانسواءِ ’فردوس‘، ’بادل‘ به پنهنجي دور جا مقبول ادبي رسالا رهيا. بادل رسالو پهرين عمرالدين بيدار جاري ڪيو، ان کانپوءِ عبدالحق عظيم جي ادارت ۾ نڪرندو رهيو. ڀُٽي صاحب جي دؤر ۾ سنڌي صحافت جي مرڪزي شهر حيدرآباد مان روزاني ’سنڌ نيوز‘ شايع ٿي. هن اخبار سنڌي صحافت ۾ جدت جا نوان انداز ڏنا. هن اخبار جو ايڊيٽر سينئر صحافي ۽ اديب شيخ عزيز هو. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ صحافت جو شعبو پڻ قائم ٿيو.
”ضياءُ الحق جي مارشل لا ۾ ڪا به نئين سنڌي اخبار نه نڪتي، البت رسالا وقفي وقفي سان پڌرا ٿيندا رهيا.“ (حوالو: مضمون سنڌي صحافت، تاريخ، سفر ۽ ڪردار- طارق عزيز شيخ- ڪلاچي تحقيقي جنرل، مارچ 1999ع) 1985ع ۾ جوڻيجو حڪومت آئي ۽ قاضي عبدالمجيد عابد سُڌ سماءُ وارو وفاقي وزير ٿيو، جنهن ۾ اخبارن کي ڪنهن حد تائين لکڻ جي آزادي ملي. 1988ع-1989ع کان سنڌي صحافت جو نئون دؤر شروع ٿيو. هن دور ۾ اخبارن کي مڪمل اظهار جي آزاديءَ جو موقعو مليو.
1989ع ۾ سنڌ جي پهرين ڪمپيوٽرائيزڊ اخبار روزاني ’عوامي آواز‘ پڌري ٿي. هن اخبار کي سهيل سانگي، امداد اوڍي، انور پيرزادي ۽ عبدالرحمان نقاش جهڙن ڪامياب صحافين جي ٽيم ملي. جديد اسٽائيل ۽ سهڻي بيهڪ سبب ’عوامي آواز‘ سنڌي صحافت ۾ نواڻ پيدا ڪئي ۽ سمورين سنڌي اخبارن ۾بلڪل منفرد گيٽ اپ سان اُڀري آئي. هي اخبار صرف ڏسڻ ۾ سهڻي نه هئي، پر هن سنڌ جا قومي مسئلا پڻ کنيا. خاص ڪري نوجوان صحافين کي وڌيڪ اڀرڻ جو هن ئي اخبار موقعو ڏنو. 1998ع ۾ سنڌيءَ ۾ عورتن جي لاءِ رسالو سگهڙين سٿ، فهميده حسين ۽ انيسه رحمان جي ادارت ۾ نڪتو، جيڪو پهريون ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿيل رسالو هو. بلڪل ساڳئي وقت دستگير ڀٽيءَ جي ادارت ھيٺ ’ھلال پاڪستان‘ به شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي پوٽن جي مدد سان اڌ اخبار ڪمپيوٽر تي تيار ڪرڻ شروع ڪئي. سال 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان عورتن لاءِ رسالو ’سرتيونجاري ٿيو، جنهن جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا رهي آهي. ان کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ پاران 60 واري ڏهاڪي ۾ رسالو ’گل ڦل‘ پڻ جاري ڪيو ويو، جيڪو اڃا تائين نڪري ٿو، جنهن جا ايڊيٽر غلام رباني آگرو،
انور هالائي، اڪبر جسڪاڻي، طارق عالم ابڙو ۽ ٻيا رهيا آهن. 1990ع ۾ حيدرآباد مان روزاني ’ڪاوش‘ شروع ٿي. هن اخبار رنگين، گهٽ قيمت ۽ تڪڙي رپورٽنگ جي ڪري جلد ئي پنهنجي جڳهه ٺاهي ورتي. ساڳئي گروپ طرفان ’خادم وطن‘ نالي پهرين سنڌي شام واري اخبار پڻ شايع ٿي. عبرت گروپ پڻ ’خادم وطن‘ جي مقابلي ۾ شام جي ’سنڌو‘ اخبار ڪڍي. 1988ع کان 1991ع تائين ڪجهه ٻيون اخبارون به جاري ٿيون. 1991ع ۾ سراج ميمڻ، غلام قادر پليجي ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ جي ڪوششن سان فقير محمد لاشاريءَ جي ادارت هيٺ ڪراچيءَ مان ’جاڳواخبار به شايع ٿي. ان عرصي دوران حيدرآباد مان غلام حسين سچاوريءَ ’سرواڻ‘ اخبار ڪڍي، جنهن جو ايڊيٽر عبدالرحمان ميمڻ هو. شهيد بينظير ڀٽو جو پهريون حڪومتي دؤر سنڌي اخبارن جي ترقيءَ وارو دور هو. هن دؤر ۾ سنڌي اخبارون ۽ رسالا ڪثرت سان شايع ٿيا. سنڌي رسالن ۾ هڪ مڪمل سياسي ۽ شعوري رسالو ’ساڃاهه‘ به حيدرآباد مان انهن ئي ڏينهن ۾ جاري ٿيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي، ان جو ايڊيٽر خاڪي جويو آهي. سنڌ جي قومي مسئلن جي ترجمانيءَ جي حوالي سان ’ساڃاهه‘ جو سٺو ڪردار رهيو آهي. ’عوامي آواز‘ کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ امداد اوڍي ’سنڌ سجاڳ‘ اخبار شروع ڪئي. هي ان نالي سان پهريان جيڪب آباد مان رسالو ڪڍندو هو. ان ئي عرصي ۾ ’الوحيد‘ ٽيون ڀيرو جاري ٿي، پر گهڻو عرصو نه هلي سگهي. سکر مان نڪرندڙ اخبار ’پڪار‘ ڪجهه وقت ڪراچيءَ مان به جاري ٿي، پر پنهنجو وجود گهڻو وقت قائم نه رکي سگهي. 1993ع جي چونڊن کانپوءِ جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته حيدرآباد مان محترمه جي نياڻيءَ جي نالي سان ’بختور‘ اخبار جاري ڪئي وئي، هن اخبار جو ايڊيٽر پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ مولابخش چانڊيو مقرر ٿيو، اڳتي هلي مدد علي سنڌي هن اخبار جو ايڊيٽر رهيو. ڪجهه عرصو جمال رند به هن اخبار کي هلايو. 1994ع ۾ ڪراچيءَ مان ’برساتاخبار جاري ٿي. 1971ع کان ’برسات‘ نالي سان رسالو نڪرندو هو، جنهن کي يوسف شاهين روزاني اخبار بڻايو. هن اخبار جو چيف ايڊيٽر شيخ اياز کي مقرر ڪيو ويو. اڳتي ھلي سينئر صحافي نصير اعجاز ان جو ايڊيٽر ۽ بدر ابڙو ائسوسيئيٽ ايڊيٽر ٿيا. 1996ع ۾ يوسف شاھين جي گرفتاريءَ کانپوءِ نصير اعجاز مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ بدر ابڙو ايڊيٽر ٿيا. ’برساتاخبار وڏو نالو پيدا ڪيو، جو اھا سنڌ جي اھم مسئلن کي نھايت سنجيدگيءَ سان کڻندي ھئي ۽ ناليوارا اديب به ان ۾ لکندا ھئا. برسات سنڌ جي اھم مسئلن تي خاص ميگزين شايع ڪري اخبار سان مفت ڏيندي ھئي. 1997ع ۾ مالي مسئلن جي ھوندي به ان اخبار روزانو رنگين ميگزين ڏيڻ شروع ڪيو، جيڪو ڏھه مھينا جاري رھيو. ان کانپوءِ اڄ تائين برسات مالي مسئلن جي شڪار آھي، پر اڄ به پساھه کڻي رھي آھي. برسات رسالي کي اخبار ۾ بدلائڻ سان گڏ انگريزيءَ ۾ ’سنڌ ٽربيون‘ نالي اخبار به جاري ڪئي وئي، جيڪا ڪجھه سال ھلڻ بعد اڄڪلھه مالي مسئلن سبب پوئتي آھي.
1995ع ۾ ’سنڌ‘ اخبار شايع ٿي، هن اخبار ۾ نوجوانن جي ٽيم هئي ۽ اخبار سٺي مقبوليت حاصل ڪئي. هن اخبار جو ايڊيٽر رشيد راڄڙ ٿيو. هن وقت اخبار جو ايڊيٽر جعفر ميمڻ آهن. انهن ئي ڏينهن ۾ حيدرآباد مان ’خلق‘ اخبار جاري ٿي. هن اخبار جو ايڊيٽر نوجوان صحافي حسن مجتبيٰ هو. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ٻيون به ڪافي نيون اخبارون جاري ٿيون، جن ۾ روزاني اخبار ’هلچل‘ حيدرآباد مان 1998ع ۾ جاري ٿي. هن اخبار جون هينئر چيف ايڊيٽر محمد يونس مهر آهي، روزاني ’ڪوشش‘ 1998ع ۾ ڪاوش گروپ طرفان جاري ٿي، هن اخبار جو ايڊيٽر رشيد راڄڙ آهي. روزاني ’شام‘ به ڪاوش گروپ طرفان 1999ع ۾ جاري ٿي. هن اخبار جو ايڊيٽر ناز سهتو آهي، هي شام جي وقت جاري ٿئي ٿي. روزاني ’تعمير سنڌ‘ ڪراچيءَ مان 1998ع ۾ جاري ٿي. هن اخبار جو هن وقت ايڊيٽر قاضي شهمير آهي، پر ھاڻ اھا ڊميءَ جي شڪل ۾ آھي. روزاني ’پاڪ سنڌ‘ سکر مان 1993ع ۾ جاري ٿي. هن جو چيف ايڊيٽر رفيق پيرزادو آهي. روزاني ’خبرون‘ لبرٽي پيپرز لميٽيڊ طرفان 2002ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ٿي. هن اخبار جو چيف ايگزيڪيوٽو ضياء شاهد آهي. روزاني ’سوڀ‘ 2004ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿي، هن اخبار جو ايڊيٽر ظهير ميراڻي آهي. روزاني ’سڪار‘ 2005ع ۾ ڪراچيءَ مان جاري ٿي. جيڪا هينئر حيدرآباد مان شايع ٿئي ٿي ۽ ان جو ايڊيٽر شفيق احمد پيرزادو آهي. ان دوران ٻيون به ڪيتريون ئي اخبارون جاري ٿيون، جن مان ڪافي بند ٿي ويون، جڏهن ته ڪجهه هلندڙ آهن، جن ۾ روزاني ’سچ‘، روزاني ’فيصلو‘، روزاني ’آسرو‘، روزاني ’الک‘ وغيره شامل آهن. روزاني ’الک‘ ڪراچيءَ مان پھرين مرحوم بشير انصاريءَ جاري ڪئي ھئي. اھڙي طرح ’سچ‘ اخبار به پھرين ڪراچيءَ مان 1999 ڌاري شروع ٿي، جنھن جو ايڊيٽر آغا سليم ھو. انور پيرزادو،بدر ابڙو'> بدر ابڙو ۽ نصير اعجاز ان اخبار ۾ ڪالم لکندا ھئا. مرحوم علي حسين جمالي، جنھن وڏو عرصو حيدرآباد مان نڪرندڙ ’مھراڻ‘ اخبار جي ڪراچيءَ ۾ نمائندي طور ڪم ڪيو، ’نئون سج‘ نالي سان پنھنجي اخبار به ڪڍي، پر اھا ڊمي اخبار طور ھلندي رھي. علي حسين جماليءَ جي وفات کانپوءِ اھا اخبار ٻين مالڪن وٽ وڪرو ٿي.
1998ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪلاچي تحقيقي جرنل، ڊاڪٽر فهميده حسين جي ادارت ۾ نڪتو، جنهن اهو ڏهه سال باقاعدگيءَ سان هلايو. هن وقت ان جو ايڊيٽر سليم ميمڻ آهي. ساڳيءَ ريت سنڌ ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبن طرفان ڪينجهر ۽ ڀٽائي نالي جرنل پڻ جاري ٿيا.
ڪراچيءَ مان ڪافي عرصي کان پندرهن روزه ’افيئر‘ به جاري ٿي رهيو آهي، هي سنڌ جو بهترين نيوز مئگزين آهي، جنهن ۾ نيوز رپورٽون، ڪرنٽ افيئرس، عالمي صورتحال ۽ سياسي تجزيا اچن ٿا ۽ پڙهندڙن ۾ڪافي مقبول آهي. هن مئگزين جو ايڊيٽر ڊاڪٽر علي احمد رند آهي. تازو 2 جولاءِ 2012ع کان ايڪسپريس گروپ طرفان حيدرآباد مان روزاني سنڌي اخبار ’سنڌ ايڪسپريس‘ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چونڊي چونڊي مشهور صحافي کنيا ويا آهن، جنهنڪري اخبار پڙهندڙن ۾ پنهنجي الڳ جڳهه ٺاهي رهي آهي. تازو سنڌ ٽي. وي گروپ طرفان روزاني ’جيجل‘ جو اجراءِ ٿيو آهي. جيتوڻيڪ هي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ترقيءَ وارو دور آهي ۽ لاتعداد ٽي. وي چينل، خبرن کان وٺي تفريح جون شيون پيش ڪري رهيا آهن، پر پرنٽ ميڊيا جي اهميت پنهنجي جڳهه تي برقرار آهي. اڄ به وڏي تعداد ۾ اخبارون ڇپجي رهيون آهن ۽ وڪرو ٿي رهيون آهن.
موجوده وقت جون سنڌي اخبارون ۽ رسالا:
سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جي رڪارڊ موجب ھن وقت صوبي مان 114 اردو اخبارون، 34 انگريزي اخبارون، ھڪ گجراتي ۽ ھڪ پشتو اخبار نڪري ٿي، جڏھن ته سنڌي اخبارن جو ڪل تعداد 66 آھي. پشتو اخبار ڊمي آھي، جڏھن ته گجراتي اخبار جي به ڪا گھڻي سرڪيوليشن ڪانھي. اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ به گھڻو انگ ڊمي اخبارن جو آھي. ھيٺ سنڌي اخبارن جي نالن جي فھرست ڏجي ٿي:
(1) آس (حيدرآباد)، (2) آسرو (حيدرآباد)، (3) اپيل (ڪراچي)، (4) آئينو (ڪراچي)، (5) اڳتي قدم (ڪراچي)، (6) روزاني عوامي آواز (ڪراچي)، (7) روزاني عوامي آواز (سکر)، (8) عوامي سوچ (ڪراچي)، (9) عوامي فورم (ڪراچي)، (10) عوامي محاذ (ڪراچي)، (11) روزاني برسات (ڪراچي)، (12) بيسٽ (گھوٽڪي)، (13) عوامي پرچار (ڪراچي)، (14) ڀٽائي چينل (ڪراچي)، (15) بجيٽ (سکر)، (16) ڌرتي (ڪراچي)، (17) ايڪتا (ڪراچي)، (18) روزاني فيصلو (حيدرآباد)، (19) فاسٽ ٽائيم (لاڙڪاڻو)، (20) گراف (حيدرآباد)، (21) روزاني ھلچل (ڪراچي)، (22) ھاڪ (حيدرآباد)، (23) روزاني ھلالِ پاڪستان (ڪراچي)، (24) ھاري (ڪراچي)، (25) روزاني عبرت (حيدرآباد)، (26) جاکوڙ (ڪراچي)، (27) روزاني جاڳو (ڪراچي)، (28) روزاني جيجل (حيدرآباد)، (29) روزاني خبرون (ڪراچي)، (30) روزاني ڪوشش (حيدرآباد)، (31) روزاني ڪاوش (حيدرآباد)، (32) لوڪ (ڪراچي)، (33) روزاني مھراڻ (حيدرآباد)، (34) مومل (ڪراچي)، (35) روزاني مقدمو (ڪراچي)، (36) مراد (ڪراچي)، (37) نئون سج (ڪراچي)، (38) نواءِ سنڌ (ڪراچي)، (39) نجات (سکر)، (40) پاڪ (ڪراچي)، (41) روزاني پاڪ سنڌ (سکر)، (42) پاڪ سوچ (سکر)، (43) پِرھه (ڪراچي)، (44) ڪلامِ سنڌ (ڪراچي)، (45) سچ (حيدرآباد)، (46) سڏ (ڪراچي)، (47) سنڌ (حيدرآباد)، (48) روزاني سوڀ (ڪراچي ۽ حيدرآباد)، (49) سرواڻ (حيدرآباد)، (50) سنڌ پوسٽ (ڪراچي)، (51) سنڌ افيئرس (ڪراچي)، (52) سنڌ گزيٽ (ڪراچي)، (53) سنڌ لائين (ڪراچي)، (54) سنڌ اسپيشل (ڪراچي)، (55) صداءِ سنڌ (ڪراچي)، (56) سنڌ ڌرتي (ڪراچي)، (57) سنڌ ٽاڪس (ڪراچي)، (58) روزاني سنڌو (حيدرآباد)، (59) سنڌو (ڪراچي)، (60) سنڌ سجاڳ (ڪراچي)، (61) سنڌ جو آواز (حيدرآباد)، (62) روزاني سُڪار (حيدرآباد)، (63) تعمير سنڌ (ڪراچي)، (64) واديءِ مھراڻ (ڪراچي)، (65) واڪا (ڪراچي) ۽ (66) شڪتي (ڪراچي).
سنڌين جي پنھنجين انگريزي اخبارن ۾ ڪراچيءَ مان ست اٺ سالن کان نڪرندڙ ’ريجنل ٽائيمز‘ شامل آھي، جيڪا مرحوم قاضي سعيد اڪبر جاري ڪئي ھئي. يوسف شاھين 1994 ڌاري انگريزي اخبار ’سنڌ ٽربيون‘ ھاڻي بس پساھه کڻي رھي آھي. سندس پندرھن وار انگريزي رسالو ’بزنيس اينڊ فنانس انٽرنيشنل‘ ڪجھه سالن جي اشاعت کانپوءِ بند ٿي چڪو آھي. ’ڪاوش‘ اخبار جي مالڪن ڏھاڪو سال اڳ ڪراچيءَ مان ’دي مِرر‘ نالي انگريزي اخبار جاري ڪئي، پر ستت ئي بند ڪري ڇڏي. ھنن 1991ع ڌاري ھڪ انگريزي ’ٽيبلائڊ‘ ھفتيوار رسالو جاري ڪيو ھو، پر اھو به جلد ئي بند ٿي ويو. ستر ۽ اسيءَ وارن ڏھاڪن ۾ مرحوم سيد غلام مصطفى شاھه ٽه ماھي انگريزي رسالو ’سنڌ ڪوارٽرلي‘ ھلايو، انھن ۾ سنڌ جي حوالي سان اھم مضمون شامل ھوندا ھئا.
روزانين سنڌي اخبارن کانسواءِ ماھوار، پندرھن وار ۽ ھفتيوار رسالا به نڪرن ٿا. سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جي رپورٽ مطابق مجموعي طور 309 ماھوار رسالن جا ڊڪليريشن جاري ٿيل آھن، جن ۾ 9 کانسواءِ باقي سڀ اردو ۽ انگريزيءَ جا آھن. اھڙيءَ طرح 34 پندرھن وار رسالن مان فقط چار سنڌي آھن ۽ 141 ھفتيوار رسالن مان ڇھه سنڌي آھن. ڪُوڪ جي نالي سان ھڪ سرائڪي ٻوليءَ جو رسالو به نڪري ٿو. سنڌي رسالن جا نالا ھن ريت آھن:
ماھوار رسالا: الفاروق (ڪراچي)، بختاور (ڪراچي)، ھمرچو (ڪراچي)، انڊس لائين (ڪراچي)، ڪومل (ڪراچي)، ڪارونجھر (ڪراچي)، لاشار (لاڙڪاڻو)، ساڻيھه (ڪراچي)، ويڄ (ڪراچي) ۽ ويساھه (ڪراچي). ھن لسٽ ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ ٻه رسالا سوجھرو ۽ نئون نياپو شامل ناھن، جيڪي شايد غلطيءَ سان رھجي ويا ھوندن. سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي پاران به ھڪ ماھوار رسالو ’پيغام‘ سنڌيءَ ۾ ۽ ’اظھار‘ اردوءَ ۾ شايع ٿئي ٿو.
پندرھن وار رسالا: افيئر (ڪراچي)، عبرت (حيدرآباد)، سنڌ گرين (حيدرآباد) ۽ سنڌ ٽاپڪ. سنڌ جو اطلاعات کاتو به ھڪ سنڌي پندرھن وار رسالو ’سنڌ منظر‘ جي نالي سان سال ڏيڍ کان شائع ڪري رھيو آھي.
ھفتيوار: ڌرتيءَ جو آواز ، جذبو (بدين)، ماگھه (ٽنڊو محمد خان)، ماروئڙا (حيدرآباد)، پرھه ڦٽي (گھوٽڪي)، سنڌو ڊائجيسٽ (حيدرآباد) .
ان کان سواءِ سڳنڌ، بيداري، ساٿي، سرمست قلندر، شعور، سفيرِ سنڌ، پرک، ھزار داستان، سامي سماچار ۽ ڪجھه ٻيا رسالا به شائع ٿين ٿا، جن جا نالا سرڪاري لسٽ ۾ شامل نه آھن.
سنڌي اخبارن ۽ رسالن جو تعداد ان کان به وڌيڪ ھو، پر مالي مسئلن سبب اھي بند ٿيندا ويا. فوجي حڪمران جنرل پرويز مشرف جي زماني ۾ وڏي تعداد ۾ اھڙين اخبارن ۽ رسالن کي بند ڪيو ويو، جيڪي صرف دڪليريشن بچائڻ لاءِ ڊميءَ جي شڪل ۾ موجود ھئا. سنڌ جي ضلعي ھيڊڪوارٽرن مان به ڪي سنڌي اخبارون مقامي سطح تي ڇپبيون ھيون، پر انھن جي به بند ٿيڻ جا اطلاع آھن. سنڌي اخبارن ۽ رسالن جو ايترو تعداد ٻڌائي ٿو ته پاڪستان جي اصل ٻولين مان فقط سنڌي ئي آھي، جنھن ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ اخبارون ۽ رسالا ڇپجن ٿا.
سنڌ کان سواءِ انڊيا ۾ به ڪيترائي سنڌي رسالا ۽ اخبارون شائع ٿيندا رھيا آھن ۽ ھن وقت به نڪرن پيا. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي گل حيات انسٽيٽيوٽ جي انگن اکرن موجب سنڌي صحافت جي اڻويھين صديءَ ۾ شروعات کان وٺي 1980ع تائين سنڌ ۽ انڊيا ۾ نڪرندڙ اخبارن ۽ رسالن جو انگ 888 آھي. سندس انسٽيٽيوٽ جي ويب سائيٽ تي انھن اخبارن ۽ رسالن جا نالا ايڊيٽرن جي نالن سميت موجود آھن.
ھن وقت انڊيا مان نڪرندڙ اخبارن ۽ رسالن جا نالا ھي آھن: روزاني ھندو (احمد آباد)، روزاني زندگي سماچار (احمد آباد)، ھفتيوار سنڌي احوال (احمد آباد)، ھفتيوار راشتريه پريم (احمدآباد)، ھفتيوار چڻنگون (احمد آباد)، ھفتيوار سنڌي ٽائمز (اُلھاس نگر)، ھفتيوار مھراڻ (سنڌونگر)، ماھوار اکنڊ سنڌو سنسار (ڀوپال)، ھفتيوار ھندواسي (ممبئي)، روزاني دانڪ فرض (ڀوپال)، ھفتيوار زندگي (احمد آباد)، ھفتيوار سچائي (احمد آباد)، سنڌو ھلچل (داموھه)، روزاني ليڊر ايڪسپريس (اُلھاس نگر)، سنڌي گلستان (دھلي)، گنگا آشرم، روزاني نگرواسي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي.
سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا (ٽي وي ۽ ريڊيو):
ٽي وي: پاڪستان ۾ ريڊيو ته ملڪ ٺھڻ وقت به ھو، پر ٽي وي چينل 1964 کان شروع ٿيو. يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٽيليويزن ٻي مھاڀاري جنگ کان به اڳ تجرباتي بنيادن تي شروع ھئي، پر 1940ع ۾ ان جي باقاعدي پروگرام اچڻ لڳا ۽ 1950ع کان 1960ع تائين ٽيليويزن ڇائنجي وئي. پاڪستان ۾ اصل ۾ 1956 ۾ ٽي وي اسٽيشن قائم ڪرڻ جو پلان ٺھيو، جنھن تي ھڪ صنعتڪار واجد عليءَ ڪم ڪيو ۽ 1961 ۾ ملڪ جي خانگي شعبي جي پھرين ٽي وي اسٽيشن قائم ڪرڻ لاءِ ٽيليويزن براڊڪاسٽنگ ڪمپني قائم ڪئي. 26 نومبر 1964 تي ان ٽي وي چينل تان پھرين خبر نشر ٿي. ان ڪمپنيءَ ۾ پنجاھه سيڪڙو شيئر حڪومت جا ھئا. 1971 ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ ان ٽي وي چئنل کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو. ھن چينل تان سنڌي پروگرام يا خبرون ڪونه ھلنديون ھيون، پر قومي تحويل ۾ اچڻ کانپوءِ روازانو 25 منٽ پروگرام ۽ پنج منٽ سنڌي خبرون ھلڻ شروع ٿيون. سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سنڌي خبرون پهريون ڀيرو انيس ميمڻ 1972ع ۾ پڙهيون. ان کانپوءِ ان شعبي ۾ سحر امداد، فوزيه قريشي، رشيده هميراڻي، تاج بلوچ، ممتاز شيخ، خليل چنا ۽ سليم ميمڻ سنڌي خبرون پڙهڻ جاري رکيون. ان سان سنڌي خبرن جو شعبو ڪراچي سينٽر تي قائم ٿيو، جنھن ۾ سنڌي نيوز پروڊيوسر ۽ نيوز ڪاسٽر مقرر ڪيا ويا. اھو شعبو اڄ به قائم آھي ۽ پنج منٽ سنڌي خبرون روزانو نشر ڪيون وڃن ٿيون. جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ۾ 2002ع ۾ خانگي شعبي کي ٽي وي چينل قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، جنھن کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جو تاريخ جو پھريون ٽي. وي چينل ’ڪي. ٽي. اين‘ (ڪاوش ٽيليويزن نيٽ ورڪ) قائم ٿيو. ان کان ٻه سال پوءِ آڪٽوبر 2004 ۾ ’سنڌ ٽي وي‘ جي شروعات ٿي۽ پوءِ آواز ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ۽ مھراڻ ٽي وي چئنل قائم ٿيا. ڪي ٽي اين اڳتي ھلي ڪي ٽي اين نيوز جي نالي سان صرف خبرن لاءِ ھڪ چينل مخصوص ڪري ڇڏيو ۽ ڊرامن لاءِ ڪي ٽي اين ۽ موسيقيءَ لاءِ ڪشش چينل قائم ڪيو. ساڳيءَ طرح سنڌ ٽي ويءَ خبرن لاءِ الڳ چينل مخصوص ڪيو. ڪي ٽي اين، آواز، سنڌ ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي جا ھيڊڪوارٽر ڪراچيءَ ۾ آھن، جڏھن ته مھراڻ ٽي وي حيدرآباد جو پھريون ٽي وي چينل ھجڻ جي حيثيت ۾ اتي قائم آھي. ڪي ٽي اين اسلم قاضي ۽ علي قاضيءَ قائم ڪيو، آواز ٽي وي جو مالڪ سڪندر جتوئي ۽ سنڌ ٽي وي جو مالڪ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر آھي، جڏھن ته مھراڻ ٽي وي سابق ڪاموري غلام نبي مورائيءَ قائم ڪئي. ڌرتي ٽي ويءَ جا مالڪ بدلبا رھيا آھن. ان جي شروعات ۾ اڳوڻو ڪامورو عبدالقادر منگي قائم ڪرڻ وارن ۾ شامل ھو. ھن وقت ڪي ميمڻ واپاري ان کي ھلائي رھيا آھن. ٽي وي چينلن سان سنڌ جي صحافت ۾ وڏي تبديلي اچي وئي، جو ماڻھن کي ڪجھه منٽن اندر تازيون خبرون ملي وڃن ٿيون. انھن چينلن جو سڄي ملڪ ۾ ۽ خاص طرح سنڌ ۾ رپورٽرن ۽ نمائندن جو نيٽ ورڪ ٺھيل آھي. وڏي تعداد ۾ صحافي ۽ ڪئميرامين ميدان ۾ اچي ويا آھن. انڊيا ۾ سنڌين جو فلم ۽ ٽيليويزن جي شعبي ۾ وڏو ڪم ٿيل آھي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ آشا چاند ۽ ٻين دوستن به ڪوششون ڪيون آھن. ھنن ’سنڌي سڄڻ‘ ۽ ’سنڌي ڪڇي ٽيليويزن‘ شروع ڪيون، جڏھن ته دُور درشن ٽي ويءَ تان به سنڌي پروگرام شروع ڪرايا.
ريڊيو: اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ريڊيو جو به اھم ڪردار آھي. 1920 ۾ ريڊيو جي ايجاد کان ٿورن ورھين بعد 1926 ۾ ھندستان ۾ ريڊيو ڪمپنيءَ ڪم شروع ڪيو ۽ اڳتي ھلي ان آل انڊيا ريڊيو جي شڪل ورتي. گڏيل ھندستان ۾ لاھور ۽ پشاور ۾ ريڊيو اسٽيشنون به قائم ٿيون جيڪي پو۽ پاڪستان جي حصي ۾ آيون. 1948 ۾ راولپنڊي ۽ ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. ڪراچي ريڊيو ننڍي سطح جو ھو جنھن کي 1950 ۾ وڌايو ويو. 1951 ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جو بنياد رکيو ويو. 1974 ۾ خيرپور ريڊيو جو بنياد رکيو ويو جڏھن ته 1995 ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ريڊيو جو افتتاح ڪيو. فوجي صدر جنرل پرويز مشرف جي زماني ۾ 2002 ۾ جڏھن خانگي شعبي ۾ ايف ايم ريڊيو قائم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ان جا لائسنس نيلام ذريعي ڏنا ويا ته سنڌ جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ سنڌي ايف ايم ريڊيو قائم ٿي ويا. انھن ئي ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان جو ھڪ ايف ايم ريڊيو ٿرپارڪر ضلعي جي ھيڊڪوارٽر مٺيءَ ۾ به قائم ڪيو ويو. خانگي شعبي ۾ ايف ايم ريڊيو ڪراچي، نوري آباد، حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊو آدم، نوابشاھه، دادو، خيرپور، لاڙڪاڻي، شڪارپور، گھوٽڪي، ڪشمور ۽ عمرڪوٽ ۾ قائم آھن. ڪراچيءَ کي ڇڏي باقي ھنڌن تي ريڊيو تان سنڌي پروگرام ۽ خبرون نشر ٿين ٿا. انھن ايف ايم ريڊيو جو
ويب سائٽون به آھن ۽ انھن تان به لائيوِ پروگرام ٻڌي سگھجن ٿا. انٽرنيٽ اھا به سھولت پيدا ڪئي آھي ته ويب ريڊيو به ھلائي سگھجي ٿو. ان سھولت جو فائدو وٺندي امداد اوڍي لنڊن مان سنڌي ريڊيو وائس آف سنڌ ويب تي شروع ڪيو آھي. ھوڏانھن ممبئيءَ ۾ ’ريڊيو سنڌي‘ ڪيترن ئي سالن کان ھلي رھيو آھي، جنھن جا ڇھه چينل آھن. وائيس آف سنڌ ريڊيو خبرون، انٽرويو ۽ حالاتِ حاضرا جا پروگرام نشر ڪري ٿو. ريڊيو پاڪستان تان سنڌي پروگرام ته شروع کان ئي نشر ٿيندا ھئا، پر سنڌي خبرن جو سلسلو بعد ۾ ھليو. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان جي خبرن کي مرڪزيت سبب اسلام آباد مان نشر ڪيو ويندو ھو، تنھنڪري سنڌي خبرون به اتان ئي نشر ڪيون وينديون ھيون. ھن وقت به ريڊيو پاڪستان تان صبح، منجھند ۽ شام جو پنج کان ست منٽن جا ٽي سنڌي نيوز بليٽن نشر ڪيا وڃن ٿا. سنڌ جون ڪيتريون ئي مشھور شخصيتون ريڊيو پاڪستان سان لاڳاپيل رھيون آھن: امر جليل، آغا سليم، عنايت بلوچ، نثار ميمڻ، نصير مرزا، عبدالله ويسر، مراد علي مرزا، نصير مرزا ۽ ٻيا ريڊيو تي وڏن عھدن تي رھيا. مرتضى سولنگي 2008 کان 2013 تائين پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر رھيو. ھو پھرين پرنٽ ميڊيا ۾ ھو پر پوءِ آمريڪا ھليو ويو جتي ھن وائس آف آمريڪا لاءِ ڪم ڪيو ھو. اھڙيءَ طرح جاويد سومرو ڪراچيءَ ۾ انگريزي اخبار دي نيوز ۾ ڪجھه سال ڪم ڪرڻ کانپوءِ گذريل ڏھاڪو سالن کان لنڊن ۾ بي بي سي لاءِ ڪم ڪري ٿو. اھڙي طرح اعجاز مھر ڪراچيءَ جي سنڌي اخبارن کي ڇڏي اسلام آباد ۾ بي بي سيءَ لاءِ ورھين کان ڪم ڪندو رھيو.
صحافت ۾ سنڌي عورتن جو ڪردار: ھندستان جي ساھتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپرايل ڪتاب ’انڊين لٽريچر‘ ۾ ’ورھاڱي کانپوءِ واري سنڌي ادب‘ بابت لکندي، ايل ايڇ اڄواڻي چوي ٿو ته ”ورھاڱي کان اڳ سنڌي ادب م عورتن جو وجود ورلي ھو. اھي شاعري ته ڪونه ڪنديون ھيون، پر جيڪڏھن نثر ۾ ڪنھن لکيو، ته به اھي ٻين لاءِ ڄڻ ته عجوبو ھونديون ھيون. اڄواڻيءَ جي ان ڳالھه جي روشنيءَ ۾ اندازو ٿي سگھي ٿو ته ورھاڱي کان اڳ صحافت ۾ به سنڌي عورتون بلڪل ڪونه ھيون. بھرحال ساڌو ھيرانند، ديوان ڪوڙي مل چندن مل ۽ ٻين، سنڌي عورتن ۾ تعليم وڌائڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي ۽ عورتن لاءِ لکيو. ساڌو ھيرانند 1890 ۾ ’سُڌار پتريڪا‘ نالي سان ھڪ رسالو جاري ڪيو ھو جيڪو عورتن لاءِ سنڌ مان جاري ڪيل پھريون رسالو چيو وڃي ٿو. اھو گُرمکي لپيءَ ۾ نڪرندو ھو. ورھاڱي کانپوءِ سنڌ توڙي ھند ۾ سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ عورتن سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيو. 1957ع ۾ بيگم زينت عبدالله چنا، جيڪا مشھور سماجي اڳواڻ به ھئي، تنھن حيدرآباد مان عورتن لاءِ ماھوار سنڌي رسالو ’مارئي‘ جاري ڪيو. اھڙيءَ طرح اڳتي ھلي بيگم خديجا خانم دائودپوٽو ماھوار ’اديون‘ جي نالي سان رسالو جاري ڪيو، جيڪو شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد پوٽي جي ياد ۾ ڪڍيو ويو ھو. 1980ع ڌاري ان رسالي جو ايڊيٽر عمرالدين بيدار ۽ بيگم خديجا خانم دائودپوٽو ان جي پبلشر ھئي. ٻه ٽي سال ھلڻ بعد اھو رسالو بند ٿي ويو ۽ وري 2002ع ڌاري عمرالدين بيدار ڪجھه شمارا ٻيھر ڪڍيا. 1980ع ڌاري ’اديون‘ رسالي جي اسسٽنٽ ايڊيٽر فريده بشير ھئي. اھو رسالو پھرين ڪراچيءَ مان، پوءِ حيدرآباد ۽ وري ڪراچيءَ مان ڪڍيو ويو ھو. انھن رسالن ۾ گھڻو ڪري ڪھاڻيون، شاعري ۽ مضمون شايع ٿيندا ھئا، جن سنڌي عورتن ۾ لکڻ جو اُتساھه پيدا ڪيو. انھن رسالن کانسواءِ سنڌي اخبارن ۾ عورتن جي لاءِ الڳ خاص صفحا به شايع ٿيڻ شروع ٿيا. ستر واري ڏھاڪي ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ اخبار عبرت ۾ محترمه زيڊ اَي شيخ عورتن جي صفحي جي انچارج ھئي. ھوءَ مشھور صحافي شيخ عزيز جي ڀيڻ ھئي. ستر واري ڏھاڪي ۾ ئي ڪاڪي دولت مھتاڻيءَ سنڌي رسالو ’سوجھروجاري ڪيو، انھن سنڌي ادبي رسالن ۾ جديد رنگين ڇپائيءَ سبب نواڻ آندي. ان رسالي جي ايڊيٽر گل بانو سلطان ھئي، اُن رسالي ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر فهميده ميمڻ کان سواءِ ٻين خواتين ۾ شيرين فاروقي، ارشاد قمر، زهره انصاري، ڪملا مهتاڻي ۽ نرگس لطيف مختلف ڀاڱا ايڊٽ پئي ڪيا، جن ۾ سوال جواب، رڌ پچاءُ، ڪالم، فيشن ۽ ٻارن جو صفحو شامل هئا. هن رسالي جي ڪري ٻيون ڪيتريون ئي سنڌي ليکڪائون متعارف ٿيون، ڪجهه وقت کان پوءِ هن رسالي جي اسسٽنٽ ايڊيٽر سحر بلوچ بڻي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي موجوده چيئرپرسن ڊاڪٽر فھميده حسين (ان وقت فهميده ميمڻ) جو به سنڌي صحافت ۾ تمام گھڻو ڪردار رھيو آهي، جو ھوءَ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ رسالي ’بادل‘ ۾ 1968 کان 1972 تائين عورتن جي صفحي جي انچارج رھي. ان کانپوءِ جڏھن ھلال پاڪستان اخبار ڪراچيءَ مان جديد ڇپائيءَ تحت جاري ٿي ته ان ۾ به 1972 کان 1984 تائين ھوءَ عورتن جي صفحي جي انچارج رھي. ان صفحي جو نالو ھو ’سُگھڙين سٿ‘. اھڙيءَ طرح 1992 کان 1995 تائين ھوءَ ’جاڳواخبار ۾ عورتن جي صفحي جي انچارج رھي. 2000ع جي ڏهاڪي ۾ هوءَ عوامي آواز اخبار ۾ باقاعدي هفتيوار ڪالم لکندي هئي. 1989ع کان 1990ع تائين ’سُگھڙين سٿ‘ نالي سان ھن ماھوار رسالو ڪراچيءَ مان جاري ڪيو، جنھن جي ھوءَ چيف ايڊيٽر ھئي، جڏھن ته اديبه ۽ شاعره انيسه رحمان (انيس ميمڻ) مئنيجنگ ايڊيٽر ھئي. هي سنڌي رسالن ۾ پهريون ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿيل رسالو هو، جنهن جي ڪمپوزنگ ڪندڙ به هڪ عورت شاعره عطيه دائود هئي ته پبلشر به انيسه رحمان هئي. رسالي ۾ نسيم حيدري، تسنيم ڀٽي، رضيه کوکر ۽ ٻيون سنڌي عورتون توڙي مرد لکڻ وارن ۾ شامل ھئا. فھميده حسين ميمڻ ريڊيو پاڪستان تان 1968ع کان 2010ع تائين سنڌي سيکارڻ، خبرن جو ترجمو ڪرڻ ۽ اسڪرپٽ لکڻ جو سلسلو به جاري رکيو. مهتاب اڪبر راشدي 1974ع کان 1980ع تائين پي. ٽي. وي ۽ ريڊيو سان وابسته رهي. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ ئي سنڌي شاعره سلطانه وقاصي، جيڪا ڪراچيءَ جي هڪ سرڪاري ڪاليج ۾ پڙھائيندي ھئي، ڪجھه وقت ھلالِ پاڪستان جي عورتن واري صفحي جي انچارج رھي.
اسي جي ڏهاڪي ۾ حيدرآباد مان شاعره نذير ناز طرفان ناري پبليڪيشن قائم ڪري ’ناري‘ نالي رسالو جاري ڪيو ويو، جنهن جي ايڊيٽر نذير ناز ان جا ڪيترائي پرچا جاري ڪيا. 1990ع ۾ زرينه حسين ناريجو جي ادارت ھيٺ پندرھن وار رسالو ’صبح ٿيندو‘ جاري ٿيو، جنھن جو ڊڪليريشن ته لاڙڪاڻي جو ھو، پر شايع ڪراچيءَ مان ٿيندو ھو. ھڪ اڌ عورت کانسواءِ باقي مواد مرد ليکڪن جو ھوندو ھو. سمورو مواد گھڻو ڪري سياسي نوعيت جو ھوندو ھو. 1994 ڌاري ڪراچيءَ مان ماھوار رسالو ’پرک‘ جاري ٿيو، جنھن جي مئنيجنگ ايڊيٽر شگفته منصور ھئي. ھن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ’مھراڻ‘ جي ايڊيٽر ثمينه ميمڻ آھي. ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ ته وڏي تعداد ۾ عورتون اُڀري آيون ۽ شاعري ۽ ڪھاڻي کيتر ۾ وڏو نالو ڪمايائون، پر باقاعده صحافيءَ طور فيلڊ ۾ ورلي ڪي آيون. ڪراچيءَ جي پراڻن سنڌين مان هڪ سنڌياڻي ڪنهن اخبار جي فوٽوگرافر به هئي (جنهن جو نالو نه ملي سگهيو آهي). ان کانپوءِ نفيسه ھُودٻائي پھرين پروفيشنل صحافي چئي سگھجي ٿي جنھن انگريزي اخبار ڊان ۾ اسٽاف رپورٽر طور سورھن سال ڪم ڪيو. ھوءَ 1990 واري ڏھاڪي جي پڇاڙيءَ ڌاري شادي ڪري آمريڪا ھلي وئي، جتي پڻ وائس آف آمريڪا لاءِ ڪم ڪري رھي آھي. 1980 واري ڏھاڪي ۾ ئي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پڙھيل سنڌياڻي لاله رُخ به ڪيترائي سال سرڪاري خابرو ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۾ اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪيو ۽ پوءِ آمريڪا ھلي وئي. سندس وڏا اصل شڪارپور جا ھئا. ڪجھه سال اڳ آمريڪا ۾ ھوءَ گذاري وئي. تعليم وڌڻ ۽ اخبارن رسالن ۾ لکڻ جا موقعا ملڻ سبب ڪيترين ئي سنڌي عورتن پنھنجي ٻين سرگرمين ۽ نوڪرين سان گڏ اخبارن لاءِ انٽرويو ڪرڻ ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا ھئا. انھن ۾ عطيه دائود، صفيه سنڌو، ڪلثوم سنڌي ۽ ڪي ٻيا نالا شامل آھن. 1990 کان حيدرآباد مان ڪاوش اخبار شروع ٿيڻ سان به ڪيترين سنڌي عورتن مضمون لکي سياسي ۽ سماجي تجزيه نگار طور نالو ڪڍيو، جن ۾
امر سنڌو، عرفانه ملاح، بينا شاھه، انيتا شاھه، گلشن لغاري، وينگس، حسين مسرت شاهه، فوزيه بانو، سحر گل ڀٽي، تانيه ٿيٻو، شبنم گل ۽ زاهده گوپانگ شامل آھن. سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ عورتن جو رسالو ’سرتيون‘ 1999ع ۾ جاري ٿيو، جنهن جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا آهي. عبرت اخبار جو عورتن لاءِ رسالو ’بختاور‘ نالي 1990ع ڌاري جاري ٿيو، جنهن جي ايڊيٽر شهلا اسد عباسي هئي. ڪاوش گروپ طرفان ’هالار‘ نالي سان هڪ رسالو عورتن لاءِ جاري ڪيو ويو، جنهن جي ايڊيٽر عابده ظفر عباسي هئي. ان دور ۾ ڪن سنڌياڻين اخبارن ۾ به ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ جي ڏهاڪي ۾ انيس ميمڻ، سحر بلوچ ۽ فوزيه قريشي پي. ٽي. وي تان خبرون پڙهيون، 80 ۽ 90 واري ڏهاڪن ۾ پي ٽي وي تي ٻارن جي سنڌي پروگرام ’روشن تارا‘ ۾ مهتاب راشدي ۽ رخسانه عاقلاڻي ۽ ٻين ڇوڪرين ميزباني ڪئي. 1997ع ڌاري طاھره بلوچ

حيدرآباد ۾ ڪاوش اخبار لاءِ ڪم شروع ڪيو، جنھن بعد ڪراچيءَ ۾ ساڳي اخبار ۾ ڪم ڪيائين. ھوءَ پوءِ اسلام آباد ھلي وئي، جتي ھن حيدرآباد جي اخبار ’سنڌ‘ ۽ ڪراچيءَ جي اخبار ’ھلچل‘ جي بيورو چيف طور ڪم ڪيو. ھن وقت به ھوءَ سنڌ ٽي ويءَ لاءِ ڪم ڪري رھي آھي. ’سنڌ ٽي ويءَ‘ لاءِ ئي ھڪ سنڌياڻي ڇوڪري ’آسيه بلوچ‘ سکر ۾ سال کن کان رپورٽر طور ڪم ڪري رھي آھي. عنبرين ھيسباڻيءَ ’خادم وطن‘ ۽ ’ڪاوش‘ اخبارن ۾ ڪم ڪيو ۽ اھڙي طرح ٽي وي جي نيوز ڪاسٽر نازيه ميمڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اچڻ کان اڳ ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪيو. ’وينگس‘ اڃا به حيدرآباد جي ’عبرت‘ اخبار ۾ ڪم ڪري ٿي. صنوبر گل اُنڙ ’عبرت‘ ۽ ’سنڌ‘ اخبارن لاءِ ڪم ڪندي رھي آھي. جيجل اخبار جي حيدرآباد آفيس ۾ خان محمد پنهور جي نياڻي سهڻي پارس ڪم ڪري رهي آهي. ڪراچيءَ مان هن وقت ’مومل‘ نالي اخبار نڪري ٿي، جيڪا اڳ ۾ مرحوم آزاد جتوئيءَ ايڊٽ ڪندو هو، سندس گذاري وڃڻ کانپوءِ ان جي ادارت جي ذميداري حسينه جتوئيءَ کنئي آهي. سنڌي اخبارن لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌياڻين ۾ گلبدن آصف مصراڻي، پرهه منگي، فهميده جروار، شاهه پروين ابرو، ساجده چانڊيو، تاج ابڙو'>زاهده تاج ابڙو ۽ شيرين زنئور به شامل آھن. نصرت ف. م لاشاري، نازنين علي حسن چانڊيو، ارم درس، سعيده چانڊيو، سعيده بشير چانڊيو، زيبا لاشاري، امرتا سومرو، پرهه سڪينه گاد، ناياب سرڪش سنڌي ۽ مھوش عباسي مختلف اخبارن ۾ لکي رهيون آهن. ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار ’دي نيوز‘ ۾ عذرا سيد نالي سنڌياڻي ڪجھه ورھيه رپورٽر طور ڪم ڪيو، جنھن بعد ھوءَ لنڊن ھلي وئي. ’ڊان‘ اخبار ۾ بينا شاهه ڪالم نگار آهي، جنهن جو تعلق مٽيارين جي ڄاموٽ خاندان سان آهي.
قاضي سعيد اڪبر جڏھن ڪراچيءَ مان 2002 ڌاري انگريزي اخبار ’ريجنل ٽائمز‘ شروع ڪئي ته شيرين سومرو نالي سنڌياڻيءَ ان ۾ ڪيترائي سال نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جنھن بعد ھوءَ اين جي او سيڪٽر ۾ ھلي وئي. ھن وقت لاڙڪاڻي جي مھرالنساءِ سومرو ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٽي وي چئنل ’ڪي ٽي اين‘ جي اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪري رھي آھي. 2001ع ڌاري شبنم نواز پڻ پي ٽي وي کان پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. ڪمپيئرنگ بعد هوءَ اداڪاريءَ جي ميدان ۾ هلي وئي. ڪي ٽي اين ۾ ھڪ ٻي رپورٽر صبا بجير به ڪم شروع ڪيو آھي. ان کانسواءِ ڪراچيءَ جي مشھور شخصيت محمد صادق کڏي واري گھراڻي جي نياڻي ماريه اسماعيل ميمڻ به گذريل اٺن سالن کان صحافت ۾ آھي ۽ مختلف اخبارن لاءِ رپورٽنگ ڪندي رھي آھي. هن وقت ھوءَ ’عوامي آواز‘ اخبار جي ڪورٽ رپورٽر آھي. ان لحاظ کان ھوءَ پھرين سنڌي ڪورٽ رپورٽر آھي. سنڌي ٽي وي چينلن ڪيترين ئي سنڌي ڇوڪرين کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو آھي، جنھنڪري ھو نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪري رھيون آھن، اُنھن ۾ سبين ميمڻ، ناجيه مير، ندا ابڙو، صنم سنڌي، شمائله، شگفته، نوميتا گل، طوبيٰ گهمرو ۽ ٻيون شامل آھن. شاعر سرڪش سنڌيءَ جي ڏوهٽي مرڪ چانڊيو سنڌ ٽي وي نيوز جي ڪرنٽ افيئرز ۾ ڪيترو عرصو ڪم ڪيو. ماهين هيسباڻي پڻ مختلف سنڌي چئنلن تي پروگرامن جي ميزباني ڪئي آهي.
سنڌ کان ٻاھر به ڪيتريون ئي سنڌياڻيون صحافت ۾ سرگرم آھن. ڪرشما واسواڻي، جنھن جي مائٽن جو تعلق حيدرآباد سان ھو، سنگاپور ۾ ڄائي، ھانگ ڪانگ ۾ پڙھي ۽ ممبئيءَ ۾ بي بي سيءَ جي پھرين بزنيس رپورٽر طور ڪم ڪيائين. ھن وقت ھوءَ ملائيشيا ۾ بي بي سيءَ جي نمائندگي ڪري ٿي. تِرشا ديوي آمريڪا ۾ ڄائي ۽ پڙھي ۽ ڇھن ملڪن ۾ سندس مضمون ڇپجن ٿا. ھوءَ سنڌين جي انگريزي ميگزين ’بيانڊ سنڌ‘ لاءِ به لکندي رھي ٿي. رچنا پيرپوري فلپائن ۾ جنم ورتو. اولھه آفريڪا، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ رھي ۽ ھاڻي ’بيانڊ سنڌ‘ مئگزين جي پبلشنگ ايڊيٽر آھي. ھوءَ مضمون به لکي ٿي. پُشپا مورچاڻي جئپور، راجستان ۾ ڄائي ۽ پوءِ ممبئيءَ ۾ زندگي گذاريائين. ھوءَ سرينام ۽ ڪينري آئلينڊس ۾ به رھي. 2002 ۾ واپس آئي. ٻارن لاءِ ڪمپيوٽر بابت ٻه ڪتاب ۽ سنڌي کاڌن بابت ڪتاب ڇپيل اٿس. ھوءَ به ’بيانڊ سنڌ‘ ميگزين لاءِ لکي ٿي. پُوڄا کياڻي ’بيانڊ سنڌ‘ رسالي جي فيچر ايڊيٽر آھي. مشھور سنڌي ليکڪه سندري اُتمچنداڻيءَ جي خاندان سان واسطو رکندڙ پوڄا اوڪيناوا جپان ۾ ڄائي ۽ مارڪيٽنگ ڪميونيڪيشن ۾ گريجوئيشن ڪيل اٿس. بئنڪاڪ ڄائي پُوڄا ڪشناڻي ’بيانڊ سنڌ‘ رسالي جي ويب ڊزائنر آھي. نيتو سابناڻي ميرچنداڻي ڪيليفورنيا ۾ ڄائي ۽ پڙھي. ھوءَ ’بيانڊ سنڌ‘ رسالي جي اسٽاف رائيٽر آھي. بئنڪاڪ ڄائي مارڪيٽنگ گريجوئيٽ مونيڪا گرباڻي، منيلا ۾ ڄائي ۽ ڪيليفورنيا جي ڪميونيڪيشن گريجوئيٽ دينا سابناڻي ۽ منيلا ڄائي ڪنچن شهدادپوري به ان ساڳي رسالي لاءِ لکن ٿيون. ڪنچن دبئيءَ ۾ گلف نيوز اخبار جي مارڪيٽنگ ايگزيڪيوٽوِ رھي چڪي آھي. ھڪ ٻي سنڌياڻي انجلي ڪرپالاڻي، جيڪا ممبئيءَ ۾ ڄائي ۽ مائٽن سان گڏ ڏکڻ آفريڪا ۽ لاگوس (نائجيريا) ۾ رھي، تنھن کي ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ نوڪري نه وڻي ۽ صحافت ۾ ھلي آئي. ھن ڏکڻ آفريڪا جي ’اوپرا ميگزين‘ لاءِ آرٽيڪل لکيا ۽ اُتان جي لوٽس ايف ايم ريڊيو لاءِ ڊراما به لکيا. 2005ع کان انڊيا ۾ فري لانس صحافيءَ طور ڪم ڪرڻ سان گڏ ريڊيو لاءِ به ڪم ڪيائين. ھن وقت ھوءَ انڊيا جي اين ڊي ٽي ويءَ جي رپورٽر آھي. آل انڊيا ريڊيو سان وينا شرنگيءَ جو 80 واري ڏهاڪي کان لاڳاپو رهيو آهي. هيءَ سنڌي نيوز سان گڏ ڪيترا سنڌي پروگرام ڪندي رهي آهي. هن ريڊيو دهليءَ سان وابسته پنهنجي يادن تي مشتمل ڪتاب ’منهنجي پيشي جا گل و خار‘
به ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. وينا جي ڀيڻ شالني ساگر به ريڊيو دهليءَ سان وابسته آهي ۽ سنڌي پروگرام ڪندي رهي ٿي. هيري ٺڪر جي گهر واري پوجا ٺڪر پڻ وڏو عرصو خبرن واري شعبي سان وابسته رهي. ان کان سواءِ ڪِڪوڀلا نالي هڪ سنڌياڻي به ان شعبي سان وابسته رهي.
اهڙيءَ ريت ٻين شعبن وانگر سنڌي عورتن به صحافت جي شعبي ۾ پاڻ ملهايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو