سنڌي عورتن جو ادب ۾ حصو

سنڌي عورتن جو ادب ۾ حصو: علم ادب کي قوم جي زندگيءَ جو آئينو ڪري ليکيو وڃي ٿو. جو ان ذريعي قوم جي ذهني ۽ فڪري لاڙن جي سڌ پوي ٿي، قوم کي درپيش سماجي توڙي اقتصادي مسئلن جو ڏس ملي ٿو. ساڳئي وقت سماجي براين کي تڙي ڪڍڻ لاءِ پيش ڪيل تجويزن ۽ کنيل عملي قدمن جي پڻ پروڙ پوي ٿي.
اسان وٽ لوڪ ادب جون اڪثر صنفون عورتن جون چيل آهن، جن ۾ لولي، ڳيچ، سهرا، لوڪ گيت ڪوڏاڻا، انيڪ چوڻيون ۽ ٻاراڻا ٻول شامل آهن. پر باقاعده شاعريءَ ۾ به ٻي سموري معلوم شاعريءَ جيان عورتن جي شاعري، سومرن جي دور کان ملي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي پهرين معلوم شاعر عورت مرکان شيخڻ، جيڪا سومرن جي دور ۾ ستين صدي هجريءَ (اٽڪل ٻارهين صدي عيسويءَ) ڌاري ٿي گذري آهي. جنهن جي ڪلام تي مشتمل هڪ ڪتاب ’ڪلام مرکان شيخڻ‘ نالي سان 1971ع ۾ محمد سومار شيخ، بدين مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. سندس ڪلام جا ڪجهه ٻول هن ريت آهن:
هي ڪانڊيرڙي لس،
هي واسيرڙي وس،
ڀانڊاري ڏٺم سک پار ۾،
آءُ کلندي ڪڏندي اچان.
هيءَ شاعر عورت شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي مريد هئي. سندس اڪثر شاعري مرشد جي شان ۾ چيل آهي.
پير حسام الدين شاهه راشديءَ ’حديقة الاولياء‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”سومرن جي دؤر ۾ (جو سنه 1050ع کان 1350ع تائين هو) هڪ شخص حاجي ابراهيم جي والده هڪ مجذوب سالڪياڻي هئي. هوءَ سنڌيءَ ۾ شعر چوندي هئي.“ پير صاحب سندس هڪڙو بيت هن ريت ڄاڻايو آهي:
وسين تان وس، عالم لڳو ئي آسري،
هاڻي ڪيم ترس، جو مندون موٽي آئيون.
مطلب ته سنڌي عورتن جي علم ادب ۾ ورتل حصي جا ’پهريان اُهڃاڻ‘ سومرن جي دور ۾ ملن ٿا.
ارغونن جي دور ۾ هڪ شاعره ’مائي ساران‘ جو نالو به ملي ٿو، جنهن جي مڙس کي سرڪار بيگناهه سزا ڏني، جنهن سبب هو ڀڄي ٻيلي ڏانهن هليو ويو ۽ ڌاڙيل ٿي ويو. اُن جي جدائيءَ ۾ مائي ساران ڪجهه ڪلام چيو، جيڪو وقت جي دز ۾ گم ٿي ويو. البته هڪ ٻي شاعره ’جادل جتڻي‘ نالي ٿي گذري آهي، جنهن جو هڪڙو ڇلو ملي ٿو. هن شاعره لاءِ چيو وڃي ٿو ته تمام سهڻي هئي ۽ جنهن زماني ۾ شاهه شجاع سنڌ تي ڪاهه ڪئي، ان وقت هيءَ عورت پنهنجي تر ۾ سونهن سبب مشهور هئي. سندس ڇلي جا ٻول آهن:
ڇلا پورب پتڻي،
جيوي جادل جتڻي،
جنهن جي نٿ آهي نچڻي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ’مقدمه لطيفي‘ ۾ لکيو آهي ته: ”شاهه وفات کان ٿورو اڳ، رسالي جا نسخا فقيرن کان وٺي ڪراڙ جي ڍنڍ ۾ اڇلائي ڦٽا ڪيا، ڇو ته اهو خيال اچي پيس ته متان ماڻهو سندس معنوي ڪلام جي رمز پروڙي گمراهيءَ ۾ نه گرفتار ٿين.“
رسالن نهوڙڻ تي، شاهه لطيف جي مريدن ۽ فقيرن واويلا مچائي ڏني. شاهه لطيف کي احساس ٿيو، جنهن پنهنجي هڪ مريدياڻي مائي نيامت (نعمت) کي، جنهن کي گهڻا بيت برزبان ياد هئا، فرمايو ته مريدن کي اهي بيت لکرائي. پوءِ مائي نيامت بيت لکرايا، جنهن نسخي کي ’گنج‘ ڪري ٿا سڏين. ظاهر آهي ته شاهه جي رسالي جو بنيادي نسخو تيار ڪرڻ ۾مائي نيامت جو هٿ هو. محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان طرفان ڇپايل ڪتاب ’ياد لطيف‘ ۾ ان ’گنج‘ جو عڪس ڏنل آهي، جنهن جي آخر ۾ مائي نيامت جو نظم ڏنل آهي.
منشي آوتراءِ صاحبراءِ ملڪاڻيءَ، جو مير صوبدار خان جو منشي ٿي رهيو هو، تنهن ميرن جي صاحبيءَ جي آخري ڏينهن جو اکين ڏٺو احوال، سنه 1896ع ۾ حيدرآباد جي وڪٽوريا لائبرريءَ ۾ ٻڌايو، جو 1938ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جو نالو آهي ’سنڌ جا مير‘. هن ڪتاب جي صفحي 48 تي مير صاحب جي تعليم بابت ڄاڻايل آهي ته: ”بيبي ڪا پڙهندي هئي ته ٻانهي خليفي کان عربي اکرن ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ سبق وٺي وڃي، بيبيءَ کي ڏيندي هئي. اهڙيءَ طرح مير صوبدار خان جي ماءُ ۽ ٻيون علم سکيون. نور محمد خان جا پٽ پڙهيل هئا ۽ مير صوبدار خان جي ماءُ ته کيس ڪلڪتي ۾ خط پٽ لکندي هئي.“ هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اڳوڻي دؤر ۾ ٻايون توڙي ٻانهيون علم پرائينديون هيون.
مرزا قليچ بيگ جي خودنوشته سوانح عمري ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ ۾ اسان کي مرزا صاحب جي وڏي ڀيڻ زيب النساء جو ذڪر ملي ٿو، جيڪا فارسيءَ ۾ شاعري ڪندي هئي. سندس تخلص ’مخفي‘ هو. نالي ۽ تخلص ۾ هوءَ اورنگزيب عالمگير جي ڌيءَ جي هم نام هئي. شهزادي زيب النساءِ جي غزل جي جواب ۾ هن هڪ غزل لکيو آهي، جو مرزا صاحب پنهنجي سوانح عمريءَ ۾ درج ڪيو آهي. غزل جو مقطع هن ريت آهي:
گر تو ئي ’زيب النسا‘ فخر و تڪبر هم مڪن،
من خودم ’زيب النسا‘ و خواهرم شرف النسا ست.
انـگريـزن جي دؤر ۾ ڪيتريون ئي شاعر عورتون مــلـن ٿـيـون. پني عاقل جي پاسي هڪ شاعره غلام فاطمه لعل نالي ٿي گذري آهي، جنهن جو مڙس جوانيءَ ۾ گذاري ويو، پوءِ ان جي غم ۾ شاعري ڪيائين. ان عورت 1925ع ۾ وفات ڪئي. اُن کان سواءِ شڪارپور جي هاسي ٻائي عرف رڪي ٻائي عرف ’نماڻو فقير‘ نالي عورت سچل سرمست جي مريدياڻي ٿي گذري آهي، جنهن سچل سرمست کان متاثر ٿي صوفياڻو ڪلام چيو آهي. نماڻي فقير 1925ع ۾ سچل جو هڪ رسالو مرتب ڪري ڇپايو هو. انهيءَ دؤر ۾ لاڙڪاڻي پاسي هڪ شاعره ڀڳواني نالي پڻ هئي. ان کانسواءِ ڀڳوان داسي نالي هڪ شاعره پڻ ٿي گذري آهي. سنه 1853ع ۾ هاڻوڪي سنڌي الف- ب رواج ۾ آئي ۽ درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيڻ لڳا. انگريزي دؤر ۾ سنڌي نثر ۽ نظم جي ترقيءَ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنه 1853ع کان سنه 1937ع تائين ڪتاب جوڙيندڙ فقط مرد ئي هئا. سنه 1938ع کان ڪتاب جوڙڻ ۽ مضمونن لکڻ ۾ عورتن بهرو وٺڻ شروع ڪيو. انهن ۾ ڏهه هندو عورتون ۽ ٽي مسلمان عورتون هيون. انهيءَ ابتدائي دؤر ۾ ميدان ۾ ايندڙ ڪن ليکڪائن جو ذڪر دلچسپيءَ کان خالي نه آهي:
گلي ڪرپالاڻي پهرين سنڌي هندو ڇوڪري هئي، جنهن ٽئگور جي ناول ’گورا‘ جو سليس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ’گورا‘ هڪ معاشرتي ۽ قومي ناول آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙي نوجوان جي جدوجهد جو احوال آهي، جنهن جو پيءُ انگريز هو ۽ ماءُ هندستاني هئي. اڳتي هلي گلي سدارنگاڻيءَ ’اتحاد‘ نالي هڪ سماجي ناول ترجمو ڪري سماجي اڳواڻن ۾ چوٻول پيدا ڪري ڏنو. گلي سدارنگاڻيءَ ٻارن جي رسالي ’گلستان‘ جي ايڊيٽر ٿي پڻ ڪم ڪيو.
’گلستان‘ جي ٻي عورت ايڊيٽر پاروتي گدواڻي هئي. ’گلستان‘ جي پبلشر به هڪ عورت رُڪي. سي. ٿڌاڻي هئي. ڪراچيءَ مان انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندڙ روزاني شام جي اخبار ’ڪراچي ڊيلي‘ جو ايڊيٽر ڊاڪٽر تاراچند هو. سنه 1942ع ۾ ڪانگريس هلچل دوران ڊاڪٽر تاراچند کي سرڪار جيل اندر بند رکيو هو. هن جي غير موجودگيءَ ۾ سندس زال اخبار ايڊٽ ڪندي هئي. پاروتي آڏواڻي ٻي عورت هئي، جنهن ’سچو رهبر‘ نالي ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ گرونانڪ جي زندگيءَ جو احوال ڏنل آهي.
خواجه احمد عباس جي اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ’ڊاڪٽر ڪوٽنس جي امر ڪهاڻيءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو موهني دوداڻيءَ ڪيو هو. حيدرآباد مان ڪاليج مخزن ’ڦليلي‘ ۾ جن هندو ڇوڪرين جا تاريخي ۽ فلسفيانه مضمون ۽ آکاڻيون شايع ٿيون، تن مان ڪجهه جا نالا هي آهن: ايشوري جوتواڻي، ساوتري ميرچنداڻي ۽ ڪملا ڪيسواڻي.
ڪملا ڪيسواڻيءَ پنهنجي پيءُ سان گڏجي هڪ ڪتاب ’شعر جي ڪسوٽي'>سنڌي شعر جي ڪسوٽي‘ لکيو. انهيءَ ڪتاب ۾ هن ’بيوس‘ جي ڪلام کي ’عزيز‘ جي ڪلام کان بهتر ثابت ڪيو آهي ۽ هي ڪتاب سنڌي تنقيد بابت اوائلي ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ايشوري جوتواڻيءَ جا ڪجهه ناول، ڪهاڻين ۽ مضمونن جا ڪتاب لکيل آهن، جهڙوڪ: (1) محبت جو تياڳ (ناول: 1951ع)، (2) الفت جي آڳ (ناول: 1952ع)، (3) ڪامل جون ڪهاڻيون، (4) امنگن جو آبشار (مضمون ۽ ڪهاڻيون: 1993ع)،
(5) ڇترپتي شيواجي (جيوني: 1996ع)، (6) آکاڻيون پورب ديس جون وغيره. ايشوري جوتواڻي، 1942ع جي ڪئٽ انڊيا تحريڪ ۾ جيل به وئي هئي.
سنڌي شاعرائن مان سندري ٽهلراماڻي به هئي، جنهن جو سڀ کان پهرين ڪتاب ’لهرون‘ نالي سان ڇپيو، جنهن شاعرائن کي تمام گهڻو اتساهه بخشيو. آزاديءَ کان اڳ واري دؤر ۾ مسلمان عورتن پڻ علم و ادب توڙي سياست ۾ حصو ورتو. سنه 1946ع ۾ بيگم طاهره آغا ’اسان جو پاڪستان‘ نالي سان هڪ ڪتاب شايع ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي عورتن کي سولي نموني ۾ پاڪستان متعلق سمجهاڻي ڏني اٿس. انهيءَ کانسواءِ بيگم زينت عبدالله چنا نه صرف مضمون لکيا، پر ڪيتريون ڪهاڻيون پڻ لکيون. مهراڻ جي ڊسمبر 1946ع کان فبروري 1947ع واري گڏيل پرچي ۾ سندس ڪهاڻي ’انصاف ۽ احسان‘ جي عنوان سان شايع ٿي. هوءَ ماهنامي ’مارئي‘ جي ايڊيٽر به هئي. شڪارپور جي ويٺل روشن آرا مغل، جنهن ڊي. جي. سائنس ڪاليج مان بي. ايس. سي جي ڊگري حاصل ڪئي، تنهن سنڌي شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ هن روشن اسحاق جي نالي سان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان عورتن لاءِ نشر ٿيندڙ پروگرام ۾ سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي تقريرون نشر ڪيون. هن جي ڪمهلي وفات تي شيخ اياز ۽ ٻين ’شاگرد‘ رسالي جو نمبر ڪڍيو هو، جنهن ۾ روشن آرا جي شاعري ڇپيل آهي.
آزاديءَ کانپوءِ هندو ليکڪائون هندستان لڏي ويون. نئين سر زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ ۾ کين ڪافي تڪليفون پيش آيون، پر هنن لکڻ جي پچر نه ڇڏي، سندن جاءِ وٺڻ لاءِ ڪيتريون ئي نيون ليکڪائون ساماڻيون، جن مان ڪن ڪهاڻين ۽ ناولن لکڻ ۾ چڱي چوکي شهرت حاصل ڪئي. انهن مان ڪن اهم ليکڪن جا نالا هي آهن: ڪلا پرڪاش، سندري اتمچنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي، مايا راهي ۽ تارا ميرچنداڻي.
ڪلا پرڪاش، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، جهڙوڪ: ’آرسي آڏو‘ (ناول: 1992ع)،
’وقت وٿيون وڇوٽيون‘ (ناول: 1989ع)، ’وارن ۾ گل‘ (ڪهاڻيون: 1993ع)،
’پيار‘ (ناول: 1997ع)، ’ممتا جون لهرون‘ (شاعري)، ’سمنڊ ۽ ڪنارو
(ناول: 2004ع)، ’انتظار‘ (ڪهاڻيون: 2008ع)، ’اوکا پنڌ پهاڙ جا‘ (ناول: 2010ع)، ۽ ٻيا. پويون ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو انعام يافته آهي.
سندري اتمچنداڻي برک ليکڪا، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، شاعره ۽ ناول نگار ٿي گذري آهي ۽ تازو، آگسٽ 2013ع ۾ گذاري وئي آهي. سندس ڪهاڻين جا 12 ڪتاب، ٻه طبعزاد ناول ۽ ٻه ڪرشنچندر ۽ امرتا پريتم جا ترجمو ڪيل ناول ڇپيل آهن. هن جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’هڳاءُ‘ ۽ ’ڏات بڻي لات‘ کانسواءِ ناٽڪن جو هڪ مجموعو ’سنڌو‘، روسي ادب جا ترجما ۽ روس جي اڳوڻي وزيراعظم ليونڊ بزنيف جي آتم ڪٿا جو سنڌي ترجمو وغيره ڇپيل آهن.
پوپٽي هيراننداڻي، سنڌيءَ جي بيباڪ ليکڪا ٿي گذري آهي. هن حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. پوپٽيءَ جو شمار نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، نقاد ۽ شاعره طور ٿئي ٿو. سندس ڪهاڻين جا ڏهه مجموعا، چار ناول ۽ ٽيهارو مضمونن ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇپيل آهن. هن جو سنڌي ادب جي تاريخ تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب History of Sindhi Literature پڻ ڇپيل آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي سنڌي ۽ هڪ انگريزي ڪتاب ڇپيل آهن. هن انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڀڳوت گيتا، ڪبير ڀڳت ۽ سوامي وويڪانند جي سوانح جا ترجما به ڪيا آهن. سندس آتم ڪٿا ’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق‘ سنڌ ۽ هند ۾ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪي آهي.
تارا ميرچنداڻي پڻ برک ليکڪا، ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار آهي، هن پڻ حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو هو. سندس ڪهاڻين جا پنج مجموعا ’آئينو ۽ عڪس‘ (1965ع)، ’رٻڙ جي گڏي‘ (1996ع)، ’الجهيل تندون ريشم جون‘ (1986ع)، ’درد‘ (1991ع)، ’وسريا نه وسرن‘ (1996ع) ڇپيل آهن. هن جا پنج ناول ’ڪومايل ڪلي‘ (1949ع)، آشا (1950ع)، هٺ يوگي (ٻه ڀاڱا: 1998ع)، لهرن جي گونج (1992ع) ۽ ’سورج جي پهرين ڪرڻ‘ (1998ع) پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
مايا راهي پڻ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ شاعره آهي. سندس ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ’محبت جو مينهن‘ (1990ع)، ’موڪش‘ (2003ع)، ’ڍال‘ (2006ع) ۽ ٻيا شامل آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’احساس‘ به ڇپيل آهي.
اهڙيءَ طرح اندرا واسواڻي به سٺي ڪهاڻيڪار ٿي گذري آهي، سندس ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ’منجري‘ (1996ع) ۽ ’ٿڙ‘ (2002ع) ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن.
ريٽا شاهاڻي، سنڌيءَ جي زودنويس (تيز لکندڙ) ليکڪا ٿي گذري آهي. هن جيتوڻيڪ دير سان 1980ع ڌاري لکڻ جي ابتدا ڪئي، پر ٽيهارو سالن اندر پاڻ کي شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، نقاد، سوانح نگار طور مڃائي ورتو ۽ سندس مٿين موضوعن تي ٽيهن کان مٿي ڪتاب لکيل آهن، جن ۾ ’پنک وڄائن شنک‘، ’سوريه ياترا‘، ’منهنجي حد آڪاش‘، ’ارٽ جو آواز‘ (شاعري)، ’گيت رامائڻ‘ (ڀڳوت گيتا جو منظوم ترجمو)، ’منع ٿيل ميوو‘، ’پچڻ کي پچاءَ‘، ’سوال ئي سوال‘، ’رشتن جو رقص‘ (ڪهاڻيون)، ’سج کان چنڊ تائين‘، ’پرهه جا پياڪ‘، ’ڇهي مئي‘، ’گونگي گگن سان گفتگو‘، ’ميران سان وارتا لاپ‘، ’ترڪڻا ترورا‘،
’بي زبان زبان‘ (ناول)، ’لپ ڀر مهراڻ‘، ’جيون ۽ ساهت‘، ’آڪاش گنگا‘
(مضمون ۽ خاڪا)، ’جتي منهنجا اوٺيئڙا‘، ’کٿوريءَ جي کاڻ‘، ’سفر درسفر‘
(سفرناما)، ’ٻپهريءَ جا ٻه پل‘ (آتم ڪٿا)، ’سڄاڻ جون سمرتيون‘، ’اڪٿ ڪهاڻي ڪبير‘، ’روبرو‘، ’يرودا جيل جون ڪهاڻيون‘ (سوانح) وغيره ڇپيل آهن.
ڪملا گوڪلاڻيءَ، تحقيق ۽ ڪهاڻين ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي. سندس ڪهاڻين جا ٽي ڪتاب ’حادثو‘ ، ’فيصلو ٿيڻ تائين‘ ’اظهار‘ کانسواءِ مضمونن جا ٻه ڪتاب ’ادبي تاثرات‘ ۽ ’اولهه راجسٿان ۽ سنڌي ڀاشا جي ڀيٽ‘ ڇپيل آهن. ان کان سواءِ سندس تحقيقي ڪتاب ’سنڌي شعر ۾ قدرت جو چِٽ‘ (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز) ڇپيل آهي. ان کانسواءِ هن راجسٿان جون چونڊ سنڌي ڪهاڻيون هنديءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيون آهن.
وينا شرنگي، آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪافي ڪم ڪيو آهي. هن جي ڪهاڻين، سفرنامن ۽ يادگيرين جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جهڙوڪ: ’ڪڇان ته ڪافر‘،
(2) ’منهنجي پيشي جا گل و خار‘ (ريڊيو سان وابسته يادون)، (3) سڄڻ سار لهيج (مضمون)، (4) ’ڪيئن وساريان ويڙهيچن‘ (سفرنامو: 2002ع)، (5) ’وايون وڻجارن جون‘، ’ناريءَ جي جيون ياترا‘ (ڪهاڻيون: 2007ع) وغيره.
اهڙيءَ طرح رتنا گوديا ’رولاڪ‘ پوني جي ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعره جا به ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن، جهڙوڪ: ’محبت جي منزل‘ (ناول)، ’پٿرن ٿي رُنو‘ (ڪهاڻيون: 1999ع)، ’ڏوهه ڪنهن جو‘
(ڪهاڻيون: 2002ع)، هڪ رات جو راهي‘ (ڪهاڻيون: 2002ع)،
سون ورني ڪنوار‘ (ناول: 2002ع)، ’سمنڊ سمايو بوند ۾‘ (فلسفيانه مضمون)، ’سچ جو ڪچرو‘ (ڪهاڻيون)، ’مان ئي مان‘ (آتم ڪٿا) وغيره.
آزاديءَ کانپوءِ سنڌ ۾ مسلمان ۽ هندو عورتن ۽ شاگردياڻين ادبي دنيا ۾ پاڻ ملهايو آهي. خاص ڪري ستر واري ڏهاڪي ۾ عورتن جي آزادي ۽ سجاڳيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. زينت عبدالله چنه، خديجه خانم دائود پوٽو، شاهه بيبي، سشيلا مهتاڻي، مسز سلطان علي غلاماڻي، زيڊ اي. شيخ، فهميده حسين ۽ انيس ميمڻ عورتن جي رسالن جي ايڊيٽر ۽ صفحن جي انچارچ جي حيثيت ۾ پنهنجي صلاحيتن کي ڪم آڻي عورتن کي ادبي ميدان ۾ اڳتي قدم وڌائڻ ۾ رهنمائي ڪئي آهي ۽ انهن رسالن ذريعي نثر ۽ شاعري لکندڙ ڇوڪرين جي هڪ وڏي کيپ تيار ٿي، اڳتي هلي انهن مان ڪي نالا تمام اهم بڻجي ويا. ’مارئي‘، ’اديون‘ ۽ ’سوجهرو‘ رسالا سنڌي عورتن جا نهايت ئي پسنديده رسالا رهيا آهن. ساڳيءَ طرح ’هلال پاڪستان‘ ’سگهڙين سٿ‘ وارو صفحو به بيحد مقبول رهيو آهي.
آزاديءَ کان اڳ توڙي پوءِ ’الوحيد ۽ هلال پاڪستان‘ جي هفتيوار پرچن ۾ ڪيترن ئي عورتن جا مضمون ۽ افسانا شايع ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر حميده ميمڻ پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ ’الوحيد‘ جي هفتيوار پرچي ۾ افسانا لکندي هئي. پوءِ هڪڙو وقت اهڙو آيو، جو سياسي حالتن جي ناخوشگوار اثرن ڪري سنڌي ادب تي ماٺار ڇائنجي وئي، اخبارن جا خاص پرچا شايع ٿيڻ بند ٿي ويا ۽ رسالا به ويا ڏينهون ڏينهن بند ٿيندا.
عورتن جي خاص رسالن کانسواءِ ’نئين زندگي‘ ۽ ’مهراڻ‘ ۾ پڻ ڪيترين ئي ليکڪائن جا افسانا شايع ٿيندا رهيا آهن، جن مان ڪيترائي افسانا اعلى معيار جا تسليم ڪيا وڃن ٿا. سنڌ جي مقبول افسانا نويسن ۾ جن عورتن جو شمار ٿئي ٿو سي هي آهن:
بيگم زينت عبدالله چنا، رشيده حجاب، ماهتاب محبوب، ثميره زرين، زيڊ.اي شيخ، شمس سرڪي، فهميده حسين، خيرالنساء جعفري، تنوير جوڻيجو، ثريه سوز ڏيپلائي، ليلى بانا، فهميده بلوچ، تبسم مهتاب قريشي، اقبال پروين، ثريا ياسمين، جميله نرگس، ذڪيه دريشاڻي، خديجه شيخ، نور الهدى شاهه، نسيم ٿيٻو، ڊاڪٽر پروين ممتاز عقيلي، زبيده ميتلو، جبين ڪاڪيپوٽه، ج.ع. منگهاڻي، رضيه کوکر ۽ مهتاب محبوب جا لکيل افسانا ٽيليويزن تان ڊرامائي صورت ۾ پيش ٿي چڪا آهن.
ثميره زرين سنڌي ڪهاڻيءَ جو وڏو نالو آهي. هن 62-1960ع ڌاري نئين زندگي رسالي پاران گذريل دورن ۾ نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيل افسانن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ’مهراڻ جون ڇوليون‘ عنوان سان ترتيب ڏئي ڇپايو. سندس طبعزاد ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ’گيت اڃايل مورن جا‘ (1970ع) ۽ ’آءٌ اها ئي مارئي‘ (1981ع) ڇپيل آهن.
ماهتاب محبوب، سنڌ جي برک ليکڪا آهي، جنهن سنڌ جي مڊل ڪلاس جي گهرن جون سماجي ڪهاڻيون لکيون آهن. سندس ڪهاڻين جا ’پرهه کان پهرين‘ ۽ چانديءَ جون تارون‘ مجموعا ۽ ٻه ناول ’خواب خوشبوءَ ۽ ڇوڪري‘ ۽ ’پيار پناهون ڇانورا‘ ڇپيل آهن. ماهتاب محبوب جا سفرنامن ۽ خاڪن پروفائيلن ۽ خطن تي مشتمل ڪيترا ڪتاب ڇپيا آهن ۽ سنڌ ۾ هڪ مانائتي ڪهاڻيڪار سمجهي ويندي آهي. سندس ڪهاڻيون اردوءَ ۾ به ترجمو ٿي ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪيون آهن.
خيرالنساءِ جعفري، سنڌيءَ جي بيباڪ ڪهاڻيڪار ٿي گذري آهي. هن جون ڪهاڻيون سماجي حوالي سان انتهائي کليل ۽ بيباڪ ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’تخليق جو موت‘ ڇپيو، تازو سندس مضمونن ۽ هند جي سفرنامي تي مشتمل هڪ ڪتاب ’خيرالنساءِ جعفريءَ جو تخليقي سفر‘ پڻ ڇپيو آهي. سندس ڪهاڻي ’حويليءَ کان هاسٽل تائين‘ سنڌي سماج ۾ وڏو چوٻول پيدا ڪيو هو.
تنوير جوڻيجو به سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻين جو مجموعو ’امرت منجهه ڪڙاڻ‘ (1974ع) ۽ مضمونن جو هڪ ڪتاب ’عورت، سماج ۽ ڏاڍ‘ ڇپيل آهن.
نورالهديٰ شاهه به خيرالنساءِ جعفريءَ وانگر بيباڪ ليکڪا رهي آهي. سندس ڪهاڻين جا ڪيترا مجموعا ڇپيل آهن. سندس ڪهاڻين جو ڪليات ’ڪيڏارو‘ عنوان سان شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ سندس ڪهاڻين جي مجموعن ’جلاوطن‘، ’منهنجو من ڀنڀور‘، ’ڪربلا‘ کان سواءِ سندس اڻڇپيل سموريون ڪهاڻيون شامل آهن. هوءَ شاعره به آهي. سندس نثري شاعريءَ جو ڪتاب ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ‘ ڇپيل آهي.
ڊاڪٽر فهميده حسين هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، نقاد، لطيف شناس ۽ لسانيات جي ماهر آهي. هن ابتدا ۾ ’تسنيم يعقوب‘ جي نالي سان شاعري به ڪئي هئي. سندس سفرنامو ’هوائن جي آڌار‘، ڪهاڻين جو ڪتاب ’حوا ۽ ٻيون ڪهاڻيون‘، شاهه لطيف بابت ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ (پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز)، ’اديون آءٌ اڄاڻ‘، ۽ سنڌو لکت بابت دنيا ۾ ٿيل تحقيق جو ترجمو ’سنڌو لکت ۽ ايڪيهين صديءَ ۾ ٿيل تحقيق‘ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن.
زبيده ميتلو جون 12 کن ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن، سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ڏات ڏوهاري‘ (2001ع) ڇپيل آهي. هن ’ٻار ۽ سماجي نفسيات‘ بابت ايم. فل جو مقالو به لکيو آهي.
افسانن کانسواءِ مقاله نويسيءَ ۾ پڻ ڪيترن ئي ليکڪائن دلچسپي ورتي آهي، جن مان شروعاتي دور جي ڪن مشهور ليکڪائن جـا نالا هـن ريـت آهـن: بادام ’ناتوان‘، شمس عباسي، مريم نوحاڻي، مرحومه امينه هاليپوٽو ۽ خورشيد ميمڻ.
بادام ’ناتوان‘ جو ناول ’خوش خلصت خاتون‘، سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل ڪافي مشهور آهي. سيد ميران محمد شاهه انهيءَ ڪتاب جي ’پيش لفظ‘ ۾ بادام ’ناتوان‘ جي محنت کي هن نموني ۾ داد ڏنو آهي: ”مصنفه رواجي رومان لکڻ بجاءِ، اڄڪلهه جي دستور موجب پنهنجي ڪلڪ کي ڪارآمد مضمونن لکڻ تي مجبور ڪيو آهي، جو هڪ عورت لاءِ آسان ڪم نه آهي ۽ ائين ڪرڻ سان، مصنفه سنڌي اديب عورتن لاءِ هڪ نئون رخ رٿيو آهي. شايد ٻيون هم جنس به هن کانپوءِ سندس نقش قدم تي هلي، اسان جي ثقافتي ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻين.“ هن جو ٻيو ڪتاب ’قلبي اُڃ‘ به ڇپيل آهي.
شعر شاعريءَ جي ميدان ۾ پڻ ڪيترين ئي عورتن قدم ڌريو آهي ۽ چڱي ڪاميابي حاصل ڪئي اٿن. مشهور شاعرائن جي فهرست ۾ هي نالا شامل آهن: نور شاهين، نجمه ڦلپوٽو، شمشاد مرزا، سلطانه ’وقاصي‘، سحر امداد، شبنم ’موتي‘، مريم ’مجيدي‘، نذير ناز، ج. ع. منگهاڻي، ثريا ’سوز‘ ڏيپلائي، عطيه دائود، شميم ميمڻ، روبينه ابڙو، فضا غزل، ومي سدارنگاڻي، رشمي راماڻي، رخسانه پريت، لتا ٽهلياڻي، امر سنڌو، شبانه سنڌي، ناياب سرڪش.
نذير ناز سينيئر ليکڪا آهي. هن ناري پبليڪيشن قائم ڪري ڪيترن اديبن جا ڪتاب ڇپيا آهن. سندس ڪالمن جو ڪتاب ’جهرڻا‘ ۽ شاعريءَ جو مجموعو ’غزل ڇو نه چوان‘ (2004ع) ڇپيل آهن.
مريم مجيدي، سنڌي ٻوليءَ جي پختي ۽ جديد شاعره آهي. سندس والد محمد خان مجيدي ڪهنه مشق شاعر هو، پر مريم مجيديءَ جو ڊڪشن پنهنجو آهي، سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’سروم دکم دکم‘ (1986ع) ۽ ’نيرانا ئي نيڻ‘ (شاعري: 2012ع) ڇپيل آهن.
نور شاهين روايتي شاعريءَ جي نمائنده شاعر ٿي گذري آهي، سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ڇپيل آهي.
شمشاد مرزا جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ڇپيل آهن: ’سنڌو تنهنجا سڏ‘ (1974ع) ۽ ’نيڻن لاتي ڇڙي‘ (شاعري: 2006ع).
سلطانه وقاصي نثري نظمن ۽ ڪالم نگاريءَ ۾ پنهنجو نالو مڃايو آهي.
نجمه نور ڦلپوٽو، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سماجيات جي استاد رهي آهي. هن ’ڪاروڪاريءَ جو سماجي ۽ تاريخي پسمنظر‘ تي ٿيسز لکي آهي. هن جا مقالا، مضمون رسالن ۾ ڇپبا رهن ٿا. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’چنڊ ۽ اجرڪ‘ (2010ع) به ڇپيل آهن.
سحر امداد، سنڌيءَ جي نالي واري شاعره آهي ۽ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وڏو عرصو استاد رهي آهي. هن جديد سنڌي شاعريءَ جي عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’چوڏهين چنڊ آڪاس‘ ۽ مضمونن ۽ مقالن جو ڪتاب ’شاعر، شعر ۽ شعور‘ ڇپيل آهي. ج. ع. منگهاڻي هڪ ئي وقت شاعر، نقاد ۽ ناول نگار آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’رولاڪ خواب‘، ’ناول ’رڃ‘ ۽ هڪ تنقيدي ڪتاب ’شاهه لطيف جي ٻولي: تحقيقي جائزو‘ ڇپيل آهن.
شبنم موتيءَ جي شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي، پر سندس شاعريءَ جو ڪو ڪتاب ڇپيل نه آهي. هن فيض احمد فيض جو هڪ ڪتاب اردوءَ مان ’فيض جا ايليس ڏانهن خط‘ نالي سان ترجمو ڪيو آهي.
ثريا سوز ڏيپلائيءَ شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون. سندس پهرين ڪهاڻي ’چالاڪي‘ ڇپي. مارئي ۽ ٻين رسالن ۾ سندس شاعري شايع ٿي. پهرين ’نسيم‘ جي تخلص سان ۽ بعد ۾ ’سوز‘ جي تخلص سان لکڻ لڳي. سندس قسطوار ناول ’نيڻن ننڊ اُڏائي‘ سنڌ ٽائيمس ۾ ڇپيو. سندس پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز ’محمد عثمان ڏيپلائي ۽ سندس سنڌي سماج تي اثر‘ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو آهي.
عطيه دائود به هن دور جي بيباڪ ليکڪا ۽ شاعر آهي. سندس شاعريءَ جا ڪتاب ’شرافت جي پلصراط‘ ۽ ’اڻپوري چادر‘ ڇپيل آهن. سندس شاعريءَ تي شيخ اياز ۽ فهميده رياض انتهائي مؤثر نموني لکيو آهي.
عذرا سرور به افسانا ۽ مضمون لکيا آهن. هوءَ شاعره به آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا، هڪ اردوءَ ۾ ’نيل گگن تلي‘ ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ ’نم جي ڇانوري ۾‘ (2005ع) ڇپيل آهن.
روشن تبسم ڪهاڻيڪار ۽ شاعره آهي. سندس ٻه ڪتاب ڪهاڻين جو ڪتاب ’سوچن جي صليب‘ (1990ع) ۽ شاعريءَ جو مجموعو ’سپنا ۽ رابيل‘ (1990ع) ڇپيل آهن.
موجوده دور جي شاعرائن ۾ روبينه ابڙو جي شاعري سڀ کان وڌيڪ ڇپجندي رهي ٿي. هوءَ غزل ۽ نظم جي نهايت پختي شاعر آهي ۽ پنهنجي همعصر شاعرائن ۾ سڀ کان مقبول آهي. سندس شاعري سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن ۽ اخبارن جي ادبي صفحن ۽ ميگزينن ۾ ڇپجندي رهي ٿي، پر سندس ڪو ڪتاب نه آيو آهي.
شبنم گل، سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ شاعره آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’آخري لفظ‘ (1994ع)، ڪهاڻين جو مجموعو ’اڻ ڄاتل شهر جو نقشو‘ ۽ آتم ڪٿائي ساروڻيون ’منهنجو سورج مکي‘ ڇپيل آهن.
رخسانه پريت چنڙ ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعر آهي. سندس هڪ ڪتاب ’پياسي ساڀيان، جل ٿل خواب‘ ڇپيل آهي.
امر سنڌو به سنڌيءَ جي بيباڪ ليکڪا ۽ شاعره آهي، سندس سوين ڪالم، ادبي اڀياس وغيره ڇپيل آهن. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’اوجاڳيل اکين جا خواب‘ تازو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
ومي سدارنگاڻي، هند ۾ سنڌي تنقيد، ادبي اڀياس ۽ شاعريءَ جي حوالي سان نئين ٽهيءَ جي مقبول ليکڪا ۽ شاعره آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’سونهري رنگ جي ڪاراڻ‘ ۽ ’سج الائي ڪٿي ڪِري پيو‘ ڇپيل آهن. هن ٻاراڻي ادب ۾ به ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، جهڙوڪ: ’ٻليءَ جو اسڪول‘، ’ممي ائين ڇو آهي؟‘ (مونولاگ) ۽ ’سٻاجهي راڻي‘. ان کان سواءِ هن سنڌي پرائمريءَ جا ڪيترا نصابي ڪتاب به لکيا آهن ۽ پوني ۽ احمدآباد ٽيڪسٽ بڪ بورڊن جي ميمبر آهي.
انڊور جي رشمي راماڻي به سنڌيءَ جي مقبول شاعره آهي. سندس شاعريءَ جا ڪتاب ’پڃرو‘ (1991ع)، ’ڪڏهن ڪڏهن‘ (1991ع) ۽ ’مان هڪ سنڌڻ‘ (2005ع) ڇپيل آهن.
اهڙيءَ طرح لتا ٽهلياڻي (الهاس نگر) به سٺي شاعره آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ’الجهنون پيار جون‘ (1989ع) ۽ (2) بن بادل برسات‘ (2001ع) ڇپيل آهن.
شبانه سنڌي، پهرين ’سنجها سرواڻ‘ جي نالي سان لکندي هئي. هن ڪافي ڪهاڻيون لکيون آهن. ’اداس سانجهي‘ (2001ع) سنس ڪهاڻين جو مجموعو ڇپيل آهي. هوءَ شاعره به آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’چنڊ، سمنڊ ۽ مان‘ (2006ع) ڇپيل آهي. سندس ناول ’ٻه ناوليٽ‘ عنوان سان ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي، جنهن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، 2011ع جي ڇپيل بهترين ناولن طور انعام ڏئي چڪي آهي.
ارم محبوب به نئين ٽهيءَ جي سٺي شاعره آهي، سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’منهنجي ڌرتي‘ (نثري نظم: 1990ع) ڇپيل آهي.
باجارا (سيوهڻ) جي فضا غزل به نئين ٽهيءَ جي سٺي شاعره آهي، سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’چنڊ ۽ چاهتون‘ (2001ع) ڇپيل آهي.
ناياب سرڪش، نامياري شاعر سرڪش سنڌيءَ جي نياڻي آهي. هوءَ ڪافي عرصي کان ڪالم نگاري ۽ شاعريءَ جي ميدان ۾ سرگرم آهي. هن جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’من ۾ آهين تون‘ (ڪالم ۽ شاعري: 2012ع) ۽ ’ڇا ٿا پڇو ته ڇا هيو؟‘ (سرڪش سنڌيءَ جي وڇوڙي بابت مختلف اديبن ۽ ليکڪن جا تاثرات ۽ منظوم خراج: ترتيب: 2013ع) ڇپيل آهن.
منور سلطانه، سلطانه وقاصيءَ جي ننڍي ڀيڻ پڻ شاعره آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ڳولا‘ (1981ع) ڇپيل آهي.
حميره نور، سنڌيءَ جي ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعره آهي. سندس ٽي ڪتاب: (1) ’زائفان ذات‘ (ڪالم ڪهاڻيون: 2006ع)، (2) درد جي خوشبو‘ (شاعري: 2004ع)، (3) ’تون ۽ مان‘ (شاعري: 2011ع) ڇپيل آهن.
نسرين سيد جا نثر توڙي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) ’من اندر ۾ ڪير ته آهي‘ (نثري ٽڪرا: 2006ع)، (2) ’اسان جي ڳلين ۾ اوهان جا حوالا‘ (شاعري: 2004ع).
پشپا ولڀ نئين ٽهيءَ جي نمائنده شـاعـر آهي، سـندس شـاعـريءَ جا ٻه ڪـتاب: دريءَ جي ٻاهران‘ (1985ع) ۽ ’بند اکين ۾ آسمان‘ ڇپيل آهن.
اهڙيءَ طرح مهرالنساءِ لاڙڪ سٺي شاعره آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’رنگن جا اوجاڳا‘ (2010ع) ڇپيل آهي.
ماهين هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جو به هڪ ڪتاب ’تون‘ (2005ع) ڇپيل آهي.
تانيا ٿيٻو، بانو جوکيو، گلبدن جاويد مرزا، حسين مسرت، ريحانه چنڙ، ريحـانه نظير، عـرفانه ملاح، سهڻي پارس، نجمه پنهور، ثمينه ميمـڻ ۽ ٻيون ڪيتريون نوجوان ليکڪائون شاعراڻي ۽ ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ اڳڀريون آهن. گلبدن جاويد مرزا، سنڌي ادبي بورڊ جي عورتن جي رسالي ’سرتيون‘ جي ايڊيٽر آهي ۽ سُٺي شاعره آهي.
جيتوڻيڪ سنڌي لکندڙ عورتن مان ڪي لکڻ جي ميدان ۾ نيون نيون آهن، تڏهن به ايترو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته منجهن تجربيـڪـار لکـڻ وارين جو خاصـو تـعـداد آهي، جن پنهنجي ٻولـي، لکـڻ جـي طـرز، ڪهاڻـيءَ جي سٽ ۽ مرڪزي خيال کان ادبي حلقن ۾ چڱو داد حاصل ڪيو آهي. هن وقت نثر توڙي نظم جي ميدان ۾ عورتن جو چڱو وڏو تعداد طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. سندن موضوع ڪائنات، انسان ۽ خاص ڪري عورتن جون پيڙائون رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو