سنڌي مهوو
سنڌي مهوو (وڻ): هيءُ ننڍي قد جو وڻ هندستان جي راجپوتانه جي علائقي ۽ پاڪستان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪثير تعداد ۾ ملي ٿو. هي وڻ Maringaceae خاندان سان واسطو رکي ٿو. انگريزيءَ ۾ Nimmo ex Dalf Gibs ۽ نباتاتي زبان ۾ Moringa Concanensis جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن وڻ جو چارو ٿلهو ۽ سڻڀو ٿئي ٿو. پتيور، مخلوڪ ۽ ٻن قطارن (ڪڏهن ڪڏهن ٽن قطارن) جي صورت هڪ ڏنڊي سان جڙيل هجن ٿيون، جيڪو تقريباً 45 سينٽي ميٽر ڊگهي ٿئي ٿو. ڏنڊي جي هر قطار ۾ پتين جا تقريباً 20 سينٽي ميٽر تائين ڊگها 5 کان 6 جوڙ ٿين ٿا.
هر ڏانڊي تي گونچن جو تعداد جهجهو ٿيندو آهي، جنهن تي 5-6 ڦٽل تازا گونچ پڻ ٿين ٿا. اهي گونچ ويڪرا، بيضوي، گول، ڪنارن سان، پاڙ گول ۽ هيٺاهين تائين کتل ٿئي ٿي. گونچ 2.5 کان 3.5 سينٽي ميٽر تائين ڊگها، 1.25 کان 2.5 تائين ويڪرا ٿين ٿا، انهن جي هيٺين سطح هلڪي پيلي رنگ جي، گلدار شاخون تقريباً 45 سينٽي ميٽر ڊگهيون، گل ننڍا، پنکڙيون 9 ملي ميٽر ڊگهيون ۽ هلڪي پيلي رنگ جون ٿين ٿيون، جن تي گلابي ۽ ڳاڙهي رنگ جون سنهڙيون رڳون پڻ ٿين ٿيون. اهي پتيون گهڻو ڪري ڊگهيون يا کوهي وانگر ٿينديون آهن. هن وڻ جي ٻوٽي/ گل ۾ نَر- ٻُور (Stamen) تقريباً 5 ۽ مادي وار (Staminode) جو تعداد 4 کان 5 هوندو آهي. هن وڻ جون ڦريون 30 کان 45 سينٽي ميٽر ڊگهيون ۽ نوڪدار ٿين ٿيون. ٻج ٽڪنڊو ٿيندو آهي. هن وڻ جون طبي خاصيتون سهانجڙي (ٻوٽي) سان مشابهت رکن ٿيون. هن وڻ جو آڪٽوبر کان ڊسمبر مهيني تائين سائو ستابو رهي ٿو.