سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق:
سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمن ۽ ماهرن جي وڏي فهرست آهي، جن مان ڪي خاص هيٺيان آهن:
ڪيپٽن جارج اسٽئڪ: هي انگريز ليکڪ ۽ ڪامورو هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ تي وڏو ڪم ڪيو. سندس ڪم جي نوعيت ان ڪري قابل قدر آهي، ڇاڪاڻ ته هن سڀ کان پهريان سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيق جو ميدان هموار ڪيو. هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکڻ سان گڏ سنڌي انگريزي ۽ انگريزي سنڌي لغتون ترتيب ڏنيون ۽ ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جو سرشتو مقرر ڪيو. (وڌيڪ ڏسو: جارج اسٽڪ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڊبليو. ايڇ. واٽسن: هن انگريز عملدار سنڌيءَ جو پهريون گرامر انگريزيءَ ۾ لکيو هو.
جان بيمس: هي انگريز عملدار هو، جيڪو پنجاب جي شهرن گجرات ۽ لڌيانا ۾ رهيو. هن ‘ڪمپريٽو گرامر آف ماڊرن آرين لينگويجز آف انڊيا’ لکيو، جنهن ۾ ٻين ٻولين سميت سنڌي ٻوليءَ بابت چڱو خاصو مواد ڏنائين. (وڌيڪ ڏسو: جان بيمس، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون)
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ: هي اصل ۾ جرمنيءَ جو رهواسي هو، ايسٽ انڊيا هائوس پاران کيس هندستان ۾ ٻولين تي ڪم ڪرڻ، گرامر لکڻ ۽ لغتون تيار ڪرڻ جي آڇ ٿي. ان لاءِ 1854ع ۾ بمبئيءَ پهتو. هن سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي ڪم ڪيو، پهريون ڀيرو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو جرمنيءَ مان ڇپرايائين، جنهن ۾ سندس تحقيق کيرون لهڻي. هن سنڌي ٻوليءَ تي پڻ قابل قدر تحقيق ڪئي. (وڌيڪ ڏسو: ارنيسٽ ٽرمپ، جلد پهريون)
جارج ابراهم گريئرسن: هيءُ ناميارو لسانياتي ماهر، برطانيا جو رهواسي هو. 1898ع ۾ کيس ‘لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا’ جو سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. هن 30 سالن جي عرصي ۾ اهو ڪم پورو ڪيو. برصغير هند جي ٻين خطن جي ٻولين وانگر هن سنڌي ٻوليءَ تي به قابل تحسين ڪم ڪيو. هن ’لئنگسٽڪ سروي آف انڊيا‘ جي اٺين جلد ۾، سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي اصل نسل بابت پنهنجا رايا مرتب ڪيا. (وڌيڪ ڏسو: جارج ابراهم گريئرسن، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون)
جارج شرٽ: هي چرچ مشن سوسائٽيءَ پاران سنڌ ۾ اچي رهيو ۽ سنڌيءَ ۾ عيسائي مذهب متعلق ڪتابن لکڻ ۽ ڇپائڻ سان منسلڪ رهيو. هن مذهبي پرچار سميت سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهم ۽ ڪارائتو ڪردار نڀايو. هن ٻه ڪتاب: (1) اکر ڌاتو (1866ع)، ۽ (2) سنڌي انگلش ڊڪشنري (1879ع) اڌارام ٿانورداس ۽ صادق علي مرزا سان گڏجي تيار ڪري شايع ڪرايا. هي ‘سنڌيءَ جي دراوڙي ٻولي هئڻ واري نظريي’ جو حامي هو. سندس مضمون جو عنوان The Traces of Daravition Elements in Sindhi هو، جيڪوIndian Antiquity’ ’ ميگزين جي ڊسمبر 1878ع واري شماري ۾ شايع ٿيو. هن عيسائي مذهب متعلق به ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا. (وڌيڪ ڏسو: جارج شرٽ، جلد ٽيون)
جهمٽ مل نارو مل وسڻاڻي: هي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سنڌي عالم ٿي گذريو آهي. جنهن سڀ کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ’نئون سنڌي ويا ڪرڻ‘ جي نالي سان مرتب ڪيو، جيڪو 1892ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ اصل شڪارپور جو هو. سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس خدمتون فراموش ڪرڻ جهڙيون ناهن. هن ’وئتپتي ڪوش‘ عنوان سان لغت به لکي، جيڪا 1886ع ۾ ڇپي. هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد تي لکيو ۽ پنهنجي راءِ مرتب ڪئي. (وڌيڪ ڏسو: جهمٽمل نارو مل وسڻاڻي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ: مرزا قليچ بيگ جهڙيءَ ريت سنڌيءَ جي سڀني صنفن تي پاڻ موکيو، تيئن سنڌي ٻوليءَ جي ميدان ۾ به سندس خدمتون تاريخي آهن. هن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، لغت نويسي ۽ گرامرنويسي وغيره جي ميدان ۾ پاڻ موکيو. ان ڏس ۾ سندس اهميت جوڳا ڪتاب: (1) لغات لطيفي 1913ع، (2) سنڌي ويا ڪرڻ چار ڀاڱا، (3) Hilogical Curiosities، (4) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (1900ع)، (5) سنڌي لغات قديمي، (6) پهاڪن جي حڪمت (1925ع)، (7) Philological quiracities. هن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت پنهنجو نظريو مرتب ڪيو ۽ سندس ڪم سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ڄاڻڻ لاءِ بنيادي ماخذ آهي.
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، سنڌي ٻوليءَ جي انهن پهرين نامور لسانياتي ماهرن مان هڪ آهي، جن سنڌي ٻوليءَ تي گھڻ رخو ڪم ڪري ان جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪم ڪيو. هن جا سنڌي ٻوليءَ تي هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) الف بي ڪيئن ٺهي (سنڌي ٻولي)، (2) قديم سنڌ، (3) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، (4) وڏو سنڌي وياڪرڻ، (5) غريب اللغات، (6) گلقند.
ڀيرو مل مهرچند کي سنڌي ٻوليءَ جي اهم بنيادي لسانياتي ماهر واري حيثيت حاصل آهي. سندس خدمتون ادب ۽ ٻوليءَ جي تاريخ ۾ اهميت واريون آهن. (وڌيڪ ڏسو: آڏواڻي ڀيرو مل، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي: هن نامور عالم ۽ اديب جي سڃاڻپ شاهه لطيف جي رسالي جي شارح ۽ مرتب واري آهي. هن رسالي ۾ پهريون ڀيرو مقدمو لکي، شاهه جي ڪلام بابت ضخيم مواد جمع ڪري ڏنو. انهيءَ مقدمي جي هڪ ڀاڱي ۾ شاهه جي ڪتب آندل ٻوليءَ جي صرفي ۽ نحوي ترڪيبن بابت ڄاڻ ڏنائين. هيءُ هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي، عربي، فارسي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين جو ڄاڻو هو. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ لفظن جو معنائون به ڏنائين. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت پنهنجا ويچار به ونڊيا آهن.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو: شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، سنڌي ادب، تحقيق ۽ ٻوليءَ جي علمن جو ماهر هو. هن سنڌي ٻوليءَ جي اوسر، خاصيتن، ادبي اهميت ۽ شاعري وغيره تي عالماڻي پد جا مقالا ۽ مضمون لکڻ سميت ڪيترين ڪانفرنسن ۾ خطبا ڏنا. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي ٻوليءَ بابت مضمونن جو ڪتاب ’سون برابر سڳڙا‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي ۽ اُن جو مرتب انور فگار هڪڙو آهي. ان کان سواءِ سندس شاهه لطيف جي ٻوليءَ تي اهم ڪم ٿيل آهي. (وڌيڪ ڏسو: دائودپوٽو ڊاڪٽر عمر بن محمد، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پنجون)
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سنڌي ٻوليءَ جو اهم ليکڪ ۽ عالم ٿي گذريو آهي. هن صاحب ادب جي موضوع سان گڏ ٻوليءَ جي لساني پهلوءَ تي به لکيو. سنڌي ٻوليءَ متعلق سندس ڪتاب ‘آفتاب ادب عرف ساهت جو سج’ نهايت اهم آهي. ان ڪتاب ۾ هن ٻولين ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت لکڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو سڀني ٻولين سان تقابلي اڀياس ڪيو آهي. (وڌيڪ ڏسو: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
علامه آءِ آءِ قاضي: سنڌي ٻوليءَ جي هن وڏي عالم سنڌي ٻوليءَ بابت ڪو خاص ڪتاب ته ڪونه لکيو، پر شاهه جي رسالي تي سندس تحقيق (شاهه جو رسالو) ۽ مختلف ادبي ڪانفرنسن ۾ سندس ادب بابت پڙهيل مقالن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت تمام گهڻو ذڪر موجود آهي.
جئرامداس دولترام: جئرامداس دولترام وڏو عالم هو، جنهن ڪيترائي مقالا سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ عظمت بابت لکيا. هن هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيق جا نوان رخ اختيار ڪيا ۽ ديوناگري لپيءَ ۾ سنڌي لکڻ لاءِ سرگرم رهيو. هن جي ٻوليءَ بابت مضمونن جو ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ ۽ لپيءَ جو اتهاس’ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايو آهي. (وڌيڪ ڏسو: جئرامداس دولت رام، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادب، تاريخ، ٻولي، لوڪ ادب، لطيفيات، لغت جي نهايت قدآور شخصيت آهي. هن ٻين سڀني رخن سميت سنڌي ٻوليءَ تي قابل تحسين ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس ڪتاب: (1) ‘ٻولي ۽ ادب جي تاريخ'>سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ’، (2) ‘جامع سنڌي لغات’ (پنج جلد)، (3) ‘سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي’ وغيره شامل آهن.
ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي کانئس اڳ ٿيل ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت تحقيق ڪري ان کي سنڌو ماٿريءَ جي قديم ٻوليءَ جي حيثيت ۾ سنسڪرت کان جدا ٻولي قرار ڏنو ۽ ان جو تعلق سامي سٿ جي ٻولين سان ڄاڻايو. (وڌيڪ ڏسو: بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
ڊاڪٽر غلام علي الانا: ڊاڪٽر غلام علي الانا، سائنسي بنيادن تي سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيق ڪندي نتيجا سامهون آندا آهن. هي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون سنڌي محقق آهي، جنهن لسانيات جي اهم شاخ ‘صوتيات’ جي مضمون ۾ سَند حاصل ڪئي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت اڳ ٿيل تحقيق جي مفروضن کي علمي حقيقتن سان واضح ڪيو ته سنڌي ٻولي اصلوڪي سنڌي ٻولي آهي، جيڪا نه سنسڪرت مان نڪتي، نه ئي وري اها ڪنهن سامي زبانن جي سٿ مان آهي. بلڪه هيءَ سنڌ جي ڏيهي ‘سينڌوئي’ نالي ٻولي، هتان جي تهذيب مان ئي ڦٽي نڪتي ۽ پروان چڙهي آهي. ڊاڪٽر الانا جو سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، گرامر، صوتيات وغيره تي ڪيل ڪم انتهائي اهم ۽ جديد نظريي جو بنيادي ماخذ آهي. سنڌي ٻوليءَ بابت سندس ڪتابن ۾ ‘سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ’ ، ‘صوتيات '>سنڌي صوتيات ’ ، ‘سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس’ ۽ ‘سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي’، ‘سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا’ وغيره شامل آهن. (وڌيڪ ڏسو: الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد: پهريون)
محمد حسين پنهور (ايم ايڇ پنهور): هي صاحب بنيادي طور هڪ زرعي ماهر هو، پر هن سنڌ لاءِ تاريخ، جاگرافي، هيڊرالاجي، جيالاجي، آرڪيالاجي ۽ ٻوليءَ جي ثقافتي پهلوئن تي به لکيو آهي. هن جو اهم ڪم Dictionary of Sindh Chronological ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيترن هنڌن تي سنڌي ٻوليءَ بابت داخلائون موجود آهن، جن ۾ هن ٻوليءَ جي ارتقائي مرحلن متعلق بهترين مواد ڏنو آهي. ان کان سواءِ سندس ڪتاب Cultural Heritage of Sindh ۾ سندس ڇپيل مقالو Sindhi Language ٻوليءَ متعلق اهم مقالو آهي. هن صاحب سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا تي دور وار تحقيق ڪري، ان جو ڳوڙهو اڀياس پيش ڪيو آهي. (وڌيڪ ڏسو: ايم. ايڇ پنهور، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
مرليڌر جيٽلي: هند ۽ سنڌ جي هن نامور اديب، محقق، لسانيات جي ماهر، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد ۽ لوڪ ادب جي ورثي تي قابل قدر ڪم ڪيو آهي. هن ودوان ليکڪ 1965ع ۾ پونا يونيورسٽي هندستان مان لسانيات جي مضمون ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي، جنهن ۾ سندس تحقيق جو موضوع ’سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي بناوٽ‘ هو. مرليڌر جيٽلي سنڌي ٻوليءَ متعلق هيٺيان ڪتاب لکيا آهن: (1) سنڌي ويا ڪرڻ (ٽي ڀاڱا: پرسي گدواڻيءَ سان گڏ)، (2) سنڌي پهاڪا، (3) سنڌي ٻوليءَ جو سرشتو، لکاوٽ ۽ لپيون (1999ع)، (4) سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (1996ع) وغيره. هن جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي صف اول جي لسانياتي ماهرن ۾ ٿئي ٿو.
محمد ابراهيم جويو: جديد سنڌي ادب جو سرجڻهار ۽ سنڌي ٻوليءَ جو برک ليکڪ محمد ابراهيم جويو، ويجھيءَ ماضيءَ توڙي هلندڙ وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ هر لحاظ کان جاکوڙيندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي جائز مقام، ڏيارڻ لاءِ پنهنجون توانايون صرف ڪندڙ اديب ۽ عالم آهي. هن سنڌي ٻوليءَ جي نصابي پهلوءَ ۾ قابل قدر ڪم ڪيو ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ اڪثريت سنڌيءَ جي درسي ڪتابن جي آهي. سنڌي ٻوليءَ تي ڪيترائي اهم مقالا پڻ لکي چڪو آهي. مادري زبان جي ترقي ۽ ترويج لاءِ جويي صاحب جو ڪم نهايت ئي اهم ۽ تاريخي آهي. سندس اهم ڪتاب: (1) ‘ادب، ٻولي ۽ تعليم’ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي حوالي سان اهم ڪتاب آهي. هن عالم جو سراج ميمڻ جي ڪتاب ‘سنڌي ٻولي’ تي لکيل مهاڳ هن ڏس ۾ اهم آهي. (وڌيڪ ڏسو: ابراهيم جويو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
پوپٽي هيراننداڻي: پوپٽي هيراننداڻيءَ جي سڃاڻپ ڪهاڻيڪـار ۽ ناول نويـس جي آهي. پوپٽي هيراننداڻيءَ سنـڌي ٻولـيءَ متعلق ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، جن ۾: (1) ‘ڀاشا شاستر’ (1962ع)، (2)‘ٻولي منهنجي ماءُ’، (3) History of Sindhi Literature، (4) ‘ڏهن ڏينهن اندر سنڌي سکو’ اهم آهن. هي سنڌيءَ جي انهن محققن مان آهي، جن شروعاتي زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت پنهنجا رايا مرتب ڪيا. (وڌيڪ ڏسو: پوپٽي هيراننداڻي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد: ٽيون)
علي نواز ‘حاجن’ جتوئي: پروفيسر علي نواز حاجن جتوئي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي چند نامور استادن مان هڪ هو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لسانيات جي علم جو پايو وڌو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بناوت، صوتيات رسم الخط، صرفيات، نحويات ۽ تاريخ تي لکيو. سندس هڪ ڪتاب: ’علم السان ۽ سنڌي زبان‘ اهم آهي. پروفيسر علي نواز حاجن جتوئيءَ، سنڌي ٻوليءَ بابت مختلف رخن تي ڪيترن ئي مخزنن ۾ مقالا لکيا. (وڌيڪ ڏسو: جتوئي علي نـواز حاجن، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
سراج ميمڻ: سراج ميمڻ جي سڃاڻپ ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار جي آهي، پر هن ‘سنڌي ٻولي’ (1964ع) ڪتاب لکي، جيڪو نظريو مرتب ڪيو، ان سان سنڌي ٻولي خواهه سنڌ جي تاريخ ۽ ادبي روايتن جو زاويو ئي بدلجي ويو. دليلن سان سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سر زمين مان ڦٽي نڪتل اصلوڪي سنڌي ٻولي قرار ڏيڻ سميت سنسڪرت ۽ ان سان لاڳاپيل تمدن کي سنڌيءَ مان ڦٽل قرار ڏنائين. سندس مرتب ڪيل نظريو سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي کوجنا ۾ اهم انقلابي قدم طور ڳڻيو ۽ مڃيو وڃي ٿو. سندس تازو ڪتاب Hi(story) of Sindhi Language (2014ع) سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت اهم آهي. (وڌيڪ ڏسو: سراج ميمڻ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ستون)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: هن محقق ۽ اديب جا سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي پهلوءَ تي هيٺيان ڪتاب لکيل آهن: (1) لاڙ جي لغات،
(2) سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر، (3) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (ٽي ڀاڱا)، (4) سنڌي ٻوليءَ جا لاڙي ۽ ڪڇي لهجا. (وڌيڪ ڏسو: جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد: ٽيون)
ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي: هيءُ بين الاقوامي سطح تي مڃيل هند جو سنڌي لسانياتي ماهر ٿي گذريو آهي. هن لسانيات ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس مقالي جو عنوان: The Acculturation of Indian Sindhi to Hindi: a Study of Language in Contact هو. هن جي دلچسپيءَ جا موضوع لسانيات ۽ ڪميونيڪيشن، سماجي لسانيات، لئنگئيج- ڊيماگرافي رهيا. هن پوپٽي هيراننداڻيءَ جي ڪتاب ‘ڀاشا شاستر’ ۾ رهجي ويل اوڻاين جي نشاندهي ڪندي، ‘ڪهاڻي’ رسالي ۾ پنهنجا ليک شايع ڪرايا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا. تازو هن نومبر 2015ع ۾ وفات ڪئي آهي. (وڌيڪ ڏسو: خوبچنداڻي لڇمڻ، جلد چوٿون)
رايا ييگورووا (R. P. Yegorova): مس رايا ييگورووا، روس جِي لسانياتي ماهر آهي، جنهن ماسڪو ۾ ويهي، پهريان ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ جارج اسٽئڪ جي لکيل گرامرن تان سنڌي سکي ۽ اڳتي هلي سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق ڪئي. هن 1971ع ۾ ‘سنڌي ٻولي’ (Sindhi Language) ڪتاب لکيو، جيڪو ماسڪو ۾ ڇپيو. هن سنڌي ٻوليءَ جي صرف نحو، عدد، جنس، حالتن، صفتن توڙي فعلن تي لکيو. هيءَ اسڪالر ماسڪو ۾ ويهي ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ پير حسام الدين شاهه راشديءَ کان خطن ذريعي رهنمائي وٺندي رهي. هن سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت به لکيو آهي. سندس هيٺيان لکيل مقالا سنڌي ٻوليءَ بابت آهن:
1. from passive v Sindhi (Passive Form in Sindhi).
2. Pronominal Enclities for Verb in Sindh.
الهداد ٻوهيو: الهداد ٻوهيو سنڌي ٻوليءَ جو نامور محقق آهي. هن سماجي لسانيات جي موضوع تي 1977ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان ’سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج‘ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌي سماج جي سچي تصوير ڪوٺيو آهي. سندس سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل اورچ خدمتون قابل قدر آهن. (وڌيڪ ڏسو: ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هڪ ئي وقت سنڌي نثر، نظم، تنقيد، تاريخ، لطيفيات، سميت لسانيات جو ماهر ٿي گذريو آهي. هن ‘شڪارپور جي ٻولي’ ڪتاب ۾ سنڌيءَ جي شڪارپوري لهجي متعلق لکيو آهي. سندس ٻيو ڪتاب ‘پاڪستاني لسانيات’ نالي سان ‘مقتدره اردو زبان’ پاران شايع ٿيل آهي. ان کان سواءِ سندس ‘سنڌي ادب جو مختصر جائزو’ ۽ ‘سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس’ ڪتاب به ڇپيل آهن.
سُنيتي ڪمار چئٽرجي: سُنيتي ڪمار چئٽرجي، بين الاقوامي شهرت يافته لسانياتي ماهر آهي. ٻولين بابت سندس ڪيل تحقيق کي احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. بنگالي ٻوليءَ ۾ ڊي لِٽ (D. Lit) جي سنَد ورتي. هن پنهنجي ڪتاب The Origin and Development of Bengali ۾ سنڌي ٻولي، سنڌو لکت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل بابت لکيو آهي. هن 1985ع ڌاري ‘Indo Asian Culture’ نالي جرنل ۾ سنڌي ٻوليءَ متعلق هڪ مضمون An Early Arabian version of Mahabharata story from Sindh به لکيو. هي سنڌي ٻوليءَ کي قديم ٻولي ۽ ننڍي کنڊ جي نهايت اهم ٻولي تسليم ڪري ٿو.
ڪينسا ڪوماميا: هن نامور محقق ۽ لسانيات جي ماهر جو تعلق جپان سان آهي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1990ع ڌاري ‘سنڌي، اردو ۽ انگريزي دخيل لفظن جي پدن جي جوڙجڪ جو تقابلي مطالعو’ عنوان تي ايم فل جي ڊگري ورتي. هن جپاني ٻوليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر
Out line of Sindhi Grammar ڪتاب لکي ٽوڪيو مان 1994ع ڌاري ڇپايو. سنڌي ٻوليءَ کي جپان ۾ متعارف ڪرائڻ وارو سندس اهم ڪم تحسين جوڳو آهي. ان کان سواءِ هن ‘سنڌالاجيءَ جو تعارف’ نالي ڪتاب جپانيءَ ۾ تحرير ڪيو آهي. پنهنجي ايم فل جي مقالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ به لکيائين. ڪينسا ڪوماميا سنڌي ٻوليءَ لاءِ داد لائق خدمتون سر انجام ڏنيون آهن.
ڊاڪٽر پرسو گدواڻي: ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ پنهنجي سموري ڄمار سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ڪلچر تي تحقيق ڪندي گذاري. هن لطيفيات، سنڌ جي سماجيات، ثقافت ۽ لوڪ ادب وغيره تي لکڻ سميت سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ويا ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جي لاءِ نصاب وغيره تي ڪم ڪيو آهي. هن ڪڇ ۽ ٻنيءَ جي علائقن ۾ وڃي سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق ڪئي. سنڌي ٻوليءَ متعلق سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿيل آهن: (1) سال '>سنڌيءَ جا ٽيهه سال (1979ع- الهاس نگر)، (2) سنڌي ٻوليءَ جي زيارت (1989ع-گانڌي نگر گجرات)، (3) سنڌي ويا ڪرڻ (ڏهين ڪلاس لاءِ)، (4) سنڌي اپڀاشائن جا چونڊ لفظ، (5) اچو ته سنڌي سکون، (6) Lets Learn Sindhi، (7) ‘Glimpses of Sindhi Language’. ان کان سواءِ هن سنڌي ٻوليءَ بابت ڪيترائي مقالا لکيا آهن. (وڌيڪ ڏسو: پرسو جي گدواڻي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، ڊاڪٽر، جلد ٽيون)
محمد سومار شيخ: نامور محقق ۽ اديب محمد سومار شيخ، سنڌي ادب جي تاريخ، ثقافتي تاريخ، لوڪ ادب سميت لسانيات جي موضوع تي ڪافي لکيو آهي. لسانياتي حوالي سان به هن تمام لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. هيٺين ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي علم متعلق خيال آرائي ڪئي آهي: (1) ڪڇين جا قول، (2) آريائي زبانون، (3) سنڌي ٻولي پنج هزار ورهيه اڳ، (4) سنڌي ۽ پراڪرت، (5) سنڌي اور پراڪرت (اردو)، (6) سنڌي ۽ سنسڪرت، (7) سنڌيءَ ۾ آوازن جا تبادلا ۽ (8) ڪاٺ جي هنرمندن جي لغت. (وڌيڪ ڏسو: سومار شيخ، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ستون)
محمد عمر چنڊ: محمد عمر چنڊ، سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ماهر لسانيات آهي. هن آمريڪا مان لسانيات جي تعليم پرائي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس ڪم کي چڱي پذيرائي حاصل آهي. سنڌي ٻوليءَ متعلق سندس ڪتاب ‘سنڌي ٻولي، لسانياتي جاگرافي، آراڌيون ۽ لفظي ترتيب’ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران شايع ٿيل آهي. (وڌيڪ ڏسو: چنڊ محمد عمر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ليلو رُچنداڻي: نامور سنڌي ليکڪ، صحافي ۽ ماهر لِسانيات، لِيلَي رُچنداڻيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، قدامت بابت ڪافي ڪم ڪيو آهي. هن هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پذيرائيءَ لاءِ لکيو آهي ۽ ٻوليءَ متعلق پنهنجو نظريو مرتب ڪيو. هن جي سنڌي ٻوليءَ بابت ڪتابن ۾: (1) ‘سنڌي ٻوليءَ جو وڪاس’، ۽ (2) ‘سنڌي ويا ڪرڻ’ کان سواءِ 9 ڪتاب شايع ٿيل آهن، جيڪي سنڌي ٻولي ۽ ادب وغيره جي موضوع تي روشني وجهن ٿا. هند ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پروان چاڙهڻ وارن چند سنڌي اديبن ۾ ليلو رچنداڻي اهم اديب آهي.
غلام محمد گرامي: مولانا غلام محمد گرامي، سنڌي ادب جو گهڻگهرو ۽ سنڌي شاعريءَ جو اعليٰ پايي جو نقاد هو. هن صاحب سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط ۽ اسلوب بيان جي ارتقا تي قلم آرائي ڪئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي رسم الخط جي تشڪيل ۽ ارتقا تي تحقيق ڪندي هن پنهنجي ادبي تحقيقي مقالي ‘مشرقي شاعريءَ جا قدر ۽ رجحانات’ ۾ روشني وڌي آهي، جيڪو مهراڻ (1964ع) ۾ ڇپيو. اهو تحقيق مقالو طويل ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي هر پهلوءَ کان جامع مقالو آهي.
ڊاڪٽر اياز قادري: ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي ادبي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار محقق ۽ تنقيدنگار جي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ متعلق ڪيترا تحقيقي مقالا لکيا. سندس لکيل مقالو ‘سنڌي ٻوليءَ تي پارسي شاعريءَ جو اثر’ اهميت وارو آهي. (وڌيڪ ڏسو: اياز قادري ڊاڪٽر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
ڊاڪٽر حيدر سنڌي: ڊاڪٽر حيدر سنڌي، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي پاڪستان اسٽيڊيز شعبي ۾ پروفيسر رهيو آهي. لسانيات ۾ پي. ايڇ. ڊي آهي. هن ‘پاڪستان جي صوبائي ۽ علائقائي زبانن ۾ سنڌيءَ جي علمي، ادبي ۽ لساني حيثيت’ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکيو. سنڌي ٻوليءَ تي سندس ڪيل ڪم اهميت وارو آهي. سندس ڇپيل ٻه ڪتاب: (1) ‘ٻوليءَ جا سرچشما’ (1979ع) ۽ (2) ‘همارا لساني و ادبي ورثه’ (1995ع) اهميت وارا آهن. (وڌيڪ ڏسو: حيدر سنڌي ڊاڪٽر، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي: سنڌي ٻوليءَ لاءِ هن نامور اديب ۽ عالم جو اعليٰ ڪارنامو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ جي ڪليد ‘ٻاروچي ٻوليءَ’ جا ڪيترائي جلد تحرير ڪرڻ آهي، جن مان پهريون جلد انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان ڇپيل آهي، جڏهن ته باقي جلد اڃا اشاعت هيٺ نه آيا آهن، ۽ سندس پونيرن وٽ موجود آهن.
هيرو ٺڪر: هن صاحبِ علم شخص جون خدمتون سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جي کوجنا ڪري، ان جي معنوي ۽ فڪري شرح ڪرڻ آهي، پر سنڌي ٻولي جي تاريخ تي سندس لکيل مضمون ۽ مقالا به اهميت جا حامل آهن. سندس لکيل تحقيقي مقالو ‘سنڌي ٻولي 1500ع کان 1843ع تائين’ اهم تحقيق آهي. ان کان سواءِ اهم ڪتاب ‘قاضي قادن جو ڪلام’، ‘انڊلٺ’ (مضمون)، ‘ادب ۽ تحقيق’ آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت اهم مواد موجود آهي.
ڊاڪٽر فهميده حسين: ڊاڪٽر فهميده حسين جي ادب ۾ سڃاڻپ گهڻ رُخي آهي. هن ٻين موضوعن سميت سنڌي ٻوليءَ جي لساني پهلو، تاريخ، تحقيق ۽ ڪتابن جا ترجما، ڊڪشنرين، ڊائريڪٽرين جي ايڊيٽنگ ڪئي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ اردو ڳالهائيندڙن جا ڪلاس هلائڻ سميت ڪورس ترتيب ڏنا اٿس. جي. اي. گريئرسن جي ڪتاب Lingustic Sarvey of India (اٺين جلد) جو ترجمو ڪرڻ سميت هلندڙ دور ۾ سنڌ لکت جي ڀاڃ متعلق سڄيءَ دنيا جي عالمن جي تحقيق تي ٻڌل مقدمن جو ترجمو ڪري، ‘سنڌو لکت: ايڪهين صديءَ ۾ ٿيل نئين تحقيق’ نالي ڪتاب شايع ڪرايو اٿس. ڊاڪٽر فهميده حسين، شاهه لطيف جي ڪردارن تي تنقيد سميت شاهه لطيف جي ٻوليءَ ۽ سماجي رُخن تي به ڪيترا مضمون لکيا آهن.
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو: ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو سماجي لسانيات جي علم ۾ پي. ايڇ. ڊي آهي. سنڌي ٻوليءَ متعلق سندس ڪتاب ‘سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات تائين’ 1998ع ۾ شايع ٿيل آهي. ان کان علاوه سندس ڪيترائي مضمون لسانيات جي موضوع تي ڪيترن رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي ٻوليءَ جي رٿابنديءَ تي جوڳو ڪم ڪيو آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٻگهيو محمد قاسم، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
داد محمد ‘خادم’ بروهي: سنڌي ٻوليءَ جو لساني ماهر ڊاڪٽر داد محمد ‘خادم’ بروهي، سنڌي ٻوليءَ سميت براهوي، سرائيڪي، اردو ۽ پنجابي ٻولين جو ماهر ٿي گذريو آهي. هن 1991ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتي، سندس پي. ايڇ. ڊي جي مقالي جو موضوع ‘سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو’ هو. ڊاڪٽر داد محمد سنڌي ٻوليءَ جي چونڊ لهجن متعلق تحقيقي مضمون لکيا آهن. داد محمد ‘خادم’ جا ٽي ڪتاب: (1) سنڌي براهوي ٻولين جو تقابلي جائزو، (2) براهوي لغت'>سنڌي براهوي لغت، ۽ (3) بلوچستان ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اڀياس، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايا آهن. (وڌيڪ ڏسو: داد محمد خادم بروهي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پنجون)
ڊاڪٽر هدايت پريم: هدايت پريم سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ سنڌيءَ جو استاد ٿي رهيو. سنڌي ٻوليءَ متعلق ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيا. سنڌي ٻوليءَ جي محققن جي تعارف تي سندس هڪ ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ جا محقق’ تصنيف ڪيل آهي. ‘قديم زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ٻين ٻولين سان ميلاپ’ عنوان سان مضمون، سنڌيءَ جي علم لسان ۾ سندس مهارت جو احاطو ڪري ٿو. هن سنڌي ٻوليءَ تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي.
ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي: ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي، جيتوڻيڪ لطيفيات ۽ سچليات جو ڄاڻو ۽ شارح آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص مضمون ۾ پڻ سندس خدمتون آهن. هن ‘سنڌي ٻولي 1500ع کان 1843ع’ نالي ڪتاب مرتب ڪرڻ سميت ڪجهه مضمون به سنڌي متعلق لکيا. سنڌيءَ ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي آهي.
ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي: بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سرواڻ رهيو آهي. سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي آهي. سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب تي ڪيترا مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل اٿس.
ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي: ڄيٺي لالواڻيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي سماجي ۽ ثقافتي پهلو، اؤسر، ٻوليءَ جي وصف ۽ ٻوليءَ جي ادبي ترقيءَ جي پهلوئن تي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. هن ڪڇ جي ‘ٻنيءَ واري علائقي جي سنڌي لوڪ گيتن’ تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي ۽ لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان سندس ڪيترا ڪتاب لکيل آهن. (وڌيڪ ڏسو: ڄيٺو لالواڻي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون)
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو: غلام محمد لاکو هونئن ته تاريخ جو محقق آهي. تڏهن به سنڌي ٻوليءَ جي سمن جي دور ۾ حيثيت سميت عربي سنڌي الخط جي اوسر تي هن گهڻو ڪجهه لکيو آهي.
ڊاڪٽر مدد علي قادري: ڊاڪٽر مدد علي قادري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ عربيءَ جو پروفيسر هو. هن ‘سنڌي ٻوليءَ تي عربيءَ جو اثر’ نالي مضمون کان سواءِ هڪ ڪتاب ‘سنڌي ۽ عربي ٻولين جو لغوي ڳانڍاپو’ (2007ع) به لکيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپايو آهي.
تاج جويو: تاج جويي جي سنڌي ادب ۾ سڃاڻپ نقاد ۽ شاعر واري آهي. هن جو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، سٽاءَ، نصاب، اخبارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال، بيهڪ جي نشانين ۽ اسلوب جي درستگين بابت وڏو ڪم ڪيل آهي. ‘سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال’ نالي سندس هڪ ڪتاب شايع ٿيل آهي. هيءُ سنڌي ٻوليءَ جي سفير طور سڃاتو وڃي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: تاج جويو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
آفتاب ابڙو: اديب ۽ محقق ڊاڪٽر آفتاب ابڙي، سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ سميت اوسر وغيره تي ڪيترائي مضمون لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن. هن سنڌي ٻوليءَ جي انفراديت تي خوب لکيو آهي. سندس ڪتاب ‘شاهه جي ٻولي’ اهم آهي. هن سنڌي رسم الخط تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي ۽ پاڻ لسانيات جو وڏو ڄاڻو آهي. (وڌيڪ ڏسو: ابڙو آفتاب، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
ڊاڪٽر الطاف جوکيو: پروفيسر ڊاڪٽر الطاف جوکيي ‘عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جي اڀياس’ تي پي. ايڇ. ڊي ڪندي ڪيترن معاملن کي بحث هيٺ آڻي تحقيق جا نوان پهلو اجاڳر ڪيا آهن. سندس سنڌي ٻوليءَ جي گرامر، لساني خوبين، ٻوليءَ جي ٻوليائي گڻن کي لاحق خطرن ۽ انهن جي حل تي ڪيترا مضمون ‘سنڌي ٻولي’، ‘ڪينجهر’ ۽ ‘ڪلاچي’ تحقيقي جنرلن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. (وڌيڪ ڏسو: الطاف جوکيو، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پهريون)
مختيار احمد ملاح: هن نوجوان اديب سنڌي ادب، ڪهاڻي ۽ ناول تي ڪتابن لکڻ کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ، لپي ۽ ادبي اصطلاحن بابت ٽي اهم ڪتاب لکيا آهن: (1) ‘سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا’ (ترتيب)، (2) ‘سنڌي رسم الخط جي مختصر تاريخ’ (2013ع)، (3) ‘سنڌي ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت’ (2014ع)، جيڪي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيا آهن.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: نوجوان محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، سنڌي ٻوليءَ، لسانيات، لغت ۽ اصطلاح سازيءَ جي حوالي سان اهم ڪم ڪيو آهي. سندس ان موضوع تي ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ‘انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا’، (2) ‘اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون’، (3) ‘ٻوليءَ جو بڻ’، (4) ‘ٻول جو بڻ’، (5) ‘ضميري پڇاڙيون’، (6) ‘سنڌي ٻولي، لفظ، لغت ۽ لکيت’ اهم آهن.
ان کان سواءِ سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڪيترن عالمن، اديبن، ليکڪن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌو لکت جي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جي سنڌو لکت جي ڀاڃ سميت گرامر، اهميت، سماجي، سياسي پهلوئن تي ڪافي لکيو آهي.