سنڌي ٻوليءَ جا ڪي اهم گرامر نويس ۽ محقق:
ڊبليو. ايڇ. واٿن (W. H. Wathen): مسٽر واٿن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان بمبئي سرڪار ۾ چيف سيڪريٽريءَ جي عهدي تي ڪم ڪندڙ عملدار هو، جنهن سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪپن تي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ جي يورپي عملدارن کي ڄاڻ ڏيڻ خاطر گرامر جو ڪتاب لکيو. هن سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت مان نڪتل ۽ ڪن صورتن ۾ پالي ٻوليءَ سان هڪجهڙائيءَ جو به ذڪر ڪيو ۽ ان جي پکيڙ سنڌ کانسوءِ بهاولپور، ديره جات، ملتان، ڪڇ ۽ بلوچستان تائين ٻڌائي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت جيڪي ڪتاب لکيا، تن مان پهريون ‘A Grammar of Sindhi Language’ هو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1836ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپيو. ان کانپوءِ اُن جا چار ايڊيشن ٻيا به ڇپيا. سندس ٻيو ڪتاب ساڳئي ڪتاب ۾ واڌارن سان ڇپيو:A Grammar of Sindhi Language (Vocabulary English and Sindhi- Sindhi and English)، جنهن جو فقط هڪ ايڊيشن ساڳئي سال ڇپيو. ان کان سواءِ برطانيا جي رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ طرفان سندس ٻه اهم مقالا پڻ ڇپيل آهن، جن ۾ هن سنسڪرت ٻوليءَ جي هڪ قديم لکت، ٽامي جي ٽن ٿالهين تي لکيل پڙهي شايع ڪرائي، جيڪي ڪرناٽڪ مان مليون هيون ۽ ڪنڙ جي پرواڙ هالا (Parvada Halla) اکرن ۾ لکيل هيون، جڏهن ته ٻي لکت پڻ ساڳئي قسم جي پڙهي (decipher ڪئي) هئائين، اهي ٻئي مقالا 1837ع ۽ 1839ع ڌاري شايع ٿيا هئا. ڊبليو. ايڇ. واٿن جي گرامر کي بنياد بڻائي، ڪيپٽن جارج اسٽئڪ پنهنجو گرامر جوڙيو هو. ٻئي طرف ڊاڪٽر ٽرمپ، واٿن جي گرامر کي نحوي حوالي سان کٽل ڄاڻايو آهي. هن گرامر کي پهريون باقاعدي گرامر جو ڪتاب مڃيو ويو آهي. ڊبليو. ايڇ. واٿن جي زندگيءَ جو باقاعدي احوال نه ٿو ملي. هُو اولهه هندستان جي ڪن ٻولين جو ماهر هو ۽ 1826ع ڌاري بمبئيءَ جي گورنر جو پرشين سيڪريٽري (فارسيءَ لاءِ سيڪريٽري) به رهيو هو.
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ: ڪئپٽن جارج اسٽئڪ مشهور محقق ٿي گذريو آهي. هيءُ اوائل ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو فوجي ملازم هو. اندازاً 44-1843ع ڌاري بمبئيءَ آيو. هتي رهندي هندي ۽ سنسڪرت زبانن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. فوج ۾ کيس ڪئپٽن جو عهدو مليو، جنهن بعد 1845ع ۾ حيدرآباد سنڌ جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي آيو ۽ سال ڏيڍ اندر هن سنڌي ٻوليءَ تي دسترس حاصل ڪري ورتي. کيس سنسڪرت، هندي ۽ اردو ٻولين تي اڳي ئي مهارت هئي. سنڌيءَ جي صورتخطي مقرر ٿيڻ کان اڳ ئي هن گرامر ۽ ڊڪشنريون لکيون، جيڪي سنڌيءَ جي ديوناگري لِپيءَ ۾ لکيون. هن ‘سنڌي ٻوليءَ جو گرامر’ (A Grammar of Sindhi Language) مارچ 1897ع ۾ لکيو ۽ انهيءَ سان گڏ ‘انگريزي سنڌي لغت’ به مرتب ڪندو رهيو. اهي ٻئي ڪتاب هن بمبئي سرڪار جي حڪم سان آمريڪن مشن پريس بمبئيءَ مان سن 1849ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا.
جارج اسٽئڪ ‘سنڌي گرامر’ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته، “کيس سنڌ ۾ هڪ به اهڙو سنڌي شخص نه مليو، جنهن کي پنهنجي مادريءَ زبان جي ‘وياڪرڻ’ (Grammer) جي ڄاڻ هجي ۽ هو سنڌي ٻوليءَ جي لساني خوبين کان واقف هجي.” جيئن ته ان وقت سنڌيءَ لاءِ ڪا به هڪ مقرر لکت ڪا نه هئي، اُن ڪري ڪئپٽن اسٽئڪ اڳيان مکيه مسئلو رسم الخط جو پيدا ٿيو. هن ديوناگريءَ ۾ ڪتاب لکيا ۽ ان کي استعمال ڪرڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکيو ته، “هن ڪم جي شروع ڪرڻ وقت اول سوچڻو پيم ته ديسي لفظ ڪهڙي رسم الخط ۾ لکان، پنهنجي انتخاب لاءِ منهنجي نظر ۾ سنڌي خط، رومن خط، پارسي خط، گرمکي خط ۽ ديوناگري خط هئا. پارسي خط انهيءَ ڪري ترڪ ڪيم، جو منهنجي اڳيان واٿن جو گرامر (Wathen’s Grammar) ۽ ٻيا سنڌي ڪتاب موجود هئا. فارسي خط مقرر ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي نج سنڌي آوازن لاءِ نيون صورتون مقرر ڪرڻيون هيون. پارسي خط سنڌين لاءِ بلڪل ائين ٿئي ها، جيئن رومن خط، جنهن ۾ صورتن جا اضافا ڪجن ها يا تبديليون ڪجن ها، جيڪي پارسيدانن کي عجيب لڳن ها.” ڪئپٽن اسٽئڪ جو گرامر ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل هو، جنهن کي ۽ سندن ٻين لغتن کي موجوده سنڌي لپيءَ ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ (2010ع) ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جارج اسٽئڪ سنڌيءَ جو پهريون لغت نويس هو. سنڌي ٻوليءَ جي هن محسن ڊسمبر 1853ع ۾ وفات ڪئي.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ: سنڌي ادب لاءِ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جون خدمتون لازوال آهن. هو اصل جرمن هو. هن سنڌ ۾ سنڌي سکڻ کانپوءِ ‘Sindhi Reading Book’ لکيو. کيس سنڌ جي سدا حيات ۽ آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي پهرئين مرتب جو اعزاز حاصل آهي. هن شاهه جي رسالي کي ترتيب ڏئي 1866ع ۾ جرمنيءَ مان ڇپرايو ۽ ان تي عالماڻو مقدمو پڻ لکيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، سنڌي گرامر ‘The Grammar of The Sindhi Language’ نالي لکيو، جيڪو 1872ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي سنڌي گرامر جي تاريخ ۾ تمام گهڻي اهميت آهي. هن گرامر ۾ ٽرمپ صاحب سنڌي ٻوليءَ جي ڪن انوکين خصوصيتن جي ڪري اُن کي سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين کان نرالي ٻولي سڏيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ هن ڪتاب ۾ سنڌيءَ جي سنسڪرت ۽ پراڪرت سان لاڳاپي ۽ سنڌي الف- ب (Alphabet) تي به بحث ڪيو آهي. گرامر واري حصي کي ويهن بابن (Chapters) ۾ ورهايو ويو آهي ۽ آخر ۾ ٻه ضميما ڏنا ويا آهن.
جھمٽ مل نارو مل وسناڻي: جھمٽ مل نارومل وسناڻي، سنڌ جو اهو عالم آهي، جنهن سڀ کان اڳ سنڌيءَ ۾ ‘سنڌي ٻوليءَ جو گرامر’ لکيو، جنهن جو نالو ‘نئون سنڌي وياڪرڻ’ رکيائين، جيڪو 1892ع ۾ ڇپيو. هن نه رڳو سنڌي گرامر لکيو، پر ان کان اڳ 1886ع ۾ ‘وئُتپتي ڪوش’ نالي لغت به ڇپرائي، جنهن ۾ هن سنسڪرت سان لاڳاپيل سنڌي لفظن جا بنياد ڏنا آهن. هيءُ ڪتاب، سنڌ ۾ ورهاڱي کانپوءِ به ٻه ڀيرا ڇپيو آهي. جھمٽ مل وسناڻي وڏو ودوان هو. سنسڪرت توڙي پارسيءَ جو چڱو ڄاڻو هو. پهرين سرڪاري هاءِ اسڪول شڪاپور ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ماستر ٿيو ۽ نوڪريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سرڪاري بوڪ ڊيپو جو ڪيوريٽر (Curator) مقرر ٿيو ۽ اُن عهدي تان 1902ع ۾ رٽائر ڪيائين. هن پنج عالماڻا ۽ ڪارائتا ڪتاب لکيا، جن مان اهم ڪتاب ‘سنڌي وياڪرڻ’ آهي، جيڪو حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جي شاگردن ۽ هاءِ اسڪول جي مٿين درجن لاءِ ان دور ۾ سنڌ سرڪار منظور ڪيو هو.
هي ڪتاب تيار ڪرڻ مهل جھمٽمل وسناڻيءَ، ‘سنسڪرت وياڪرڻ’ ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ جي گرامر کي آڏو رکيو هو. جھمٽمل وسناڻيءَ جو ‘وئتپتي ڪوش’، اشتقاقي لغت (Etymological Dictionary) آهي، جنهن ۾ سنسڪرت بنياد وارا لفظ ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ ٻيهر ڇپايو هو. وسناڻيءَ جو ٽيون ڪتاب ‘هتوپديش’ سنسڪرت مان ترجمو ڪيل اخلاقي آکاڻين جو ڪتاب آهي، جيڪو آڳاٽي سنسڪرت جي ڪتاب ‘پنج تنتر’ جي طرز جو هو، جنهن جو اختصار سان ترجمو پروفيسر نارائڻ داس بٺيجا، بمبئيءَ مان ڇپايو هو. جھمٽ مل جو چوٿون ڪتاب ‘شاهه جا بيت’ 1895ع ۾ ڇپيو، جيڪو مئٽرڪ جي نصاب تي رکيل هو. هن مختصر ڪتاب ۾ لفظن جي معنيٰ ۽ تشريح ڏنل آهي. جھمٽ مل جو پنجون ڪتاب ‘ديسي حساب جو ڪتاب’ هو، جيڪو تعليم کاتي ڪراچيءَ، 1890ع ۾ شايع ڪرايو هو.
منشي اُڌارام ٿانورداس: منشي اُڌارام ٿانورداس، 1833ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جن انگريزن جي شروعاتي دور ۾ سنڌي نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکي، اُن کي مالامال ڪيو. هن سنڌ ۾ سڀ کان پهريائين ڪمشنر جي آفيس ۾ ملازمت ڪئي. منشي اُڌارام ٿانورداس، سنڌي صورتخطي ٺاهڻ واري ڪميٽيءَ جو ميمبر به هو. سنڌيءَ جا ڪيترائي درسي ڪتاب لکيائين. پهريون، ٻيو ۽ ٽيون ڪتاب تيار ڪيائين. ان کان سواءِ ‘دهليءَ جي تاريخ’، ‘راءِ ڏياچ جو قصو’، ‘ڪامسين ۽ ڪامروپ’، ‘طوطي نامو’ ۽ ڪجهه ٻيا قصا لکيائين. هو هڪ سٺو مترجم (translator) هو. انگريزي ناول نگار ڊاڪٽر جانس جي مشهور ناول جو ترجمو ‘راسيلاس’ جي ساڳئي نالي سان ديوان نولراءِ سان گڏجي ڪيائين. هو درسي ڪتابن جي سبقن ۾ ڪي ڳالهيون ۽ نُڪتا سمجهائڻ لاءِ ڏوهيڙا ۽ موزون ڪلام به شامل ڪندو هو، جيڪي سندس پنهنجا لکيل هوندا هئا. ديوان صاحب 1892ع ۾ سنڌي گرامر جو ڪتاب ‘سنڌي وياڪرڻ’ لکيو، جيڪو تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ ان دؤر ۾ ڪيترا دفعا شايع ٿيو ۽ ايترا ڇاپا ٻئي ڪنهن گرامر جي ڪتاب جا نه ڇپيا. سندس ‘صرف ۽ نحو’ مان اها خبر ٿي پوي ته ٻولي صحيح ڪيئن ڳالهائجي ۽ لکجي. ‘صرف’ مان لفظن جي قسمن ۽ اسم جي ڦيرن ۽ فعلي گردانن جي خبر پوي ٿي. منشي اُڌارام لفظن جا اٺ قسم: اسم، ضمير، صفت، فعل، ظرف، حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا- بيان ڪيا آهن. هن گرامر جو اهو ئي انداز آهي، جيڪو پوءِ جي گرامرن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. منشي اڌارام ٿانورداس جو ‘سنڌي وياڪرڻ’، عربي سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهي. منشي صاحب اسم جون پنج حالتون لکيون آهن، جيڪي اڄڪلهه به رواج ۾ آهن. هن گرامر ۾ لفظ سان ان جي ترتيب ۽ ڦيرو به ڏنو ويو آهي.
ڪشنچند گلابسنگهه گدواڻي ۽ ڏيارام وسڻ مل ميرچنداڻي: ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي، ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ ڏيارام وسڻ مل حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جو استاد هو. هنن ٻنهيءَ جو واسطو تعليم کاتي سان هو. هنن 1914ع ۾ گڏجي ‘سنڌي وياڪرڻ’ اسڪول جي شاگردن لاءِ لکيو، جيڪو ٻن ڀاڱن تي مشتمل هو، جنهن لاءِ هنن لکيو آهي ته، “سنڌي ٻوليءَ ۾ ننڍن ٻارن لاءِ ڪنهن سولي ۽ سليس وياڪرڻ جي گهڻي گهرج ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن وقت جيڪي وياڪرڻ جا ڪتاب موجود آهن، تن ۾ فقط وياڪرڻ جون حقيقتون ڏنل آهن، پر ٻارن کي اهي ڪيئن سمجهائجن، تنهن بابت ڪا ترتيب ڏنل نه آهي. سٺو رستو اهو آهي ته وياڪرڻ جون سڀ حقيقتون باقاعدي مثالن وسيلي سيکاريندڙ جي هدايت هيٺ شاگرد پاڻ ڳولي ڪڍن ۽ وصفون پاڻ چئي سگهن. جيئن ته هي ڪتاب هيٺين ڪلاسن جي شاگردن لاءِ لکيو ويو هو، ان ڪري ان ۾ سمجهائڻ جو طريقو تمام گهڻو سولو ۽ سٺو آهي.”
مثال طور: اسم کي سمجهائڻ لاءِ ان کي ڇهن ڀاڱن ۾ ورهائي، شاگردن کي چونڊڻ لاءِ چيو ويو آهي، مثال طور: (1) ماڻهن جا نالا،
(2) ساهوارن جا نالا، (3) جاين جا نالا، (4) شين جا نالا، (5) خاصيتن جا نالا، (6) ڪمن جا نالا. ان کانپوءِ وصف ڏني وئي آهي ته انهن سڀني نالن کي اسم چئبو آهي، تنهنڪري: “ڪنهن ماڻهوءَ، ساهواري شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت يا خاصيت جي نالي کي اسم چئبو آهي.”ڪشنچند گلاب سنگهه ۽ ڏيارام وسڻ مل پهريون دفعو سنڌي گرامر ۾ بيهڪ جي نشانين (Punctuation Marks) تي هڪ باب لکيو، جن جي اهميت ۽ ضرورت بابت لکيو اٿن ته: لکيل جملي جي پوري معنيٰ معلوم ڪرڻ لاءِ بيهڪ جون نشانيون ڏيڻ ضروري آهن، انهن کي غلط جاءِ تي ڏيڻ سان جملي جو مطلب مٽجي وڃي ٿو. معنيٰ ۽ مفهوم پڙهندڙ تائين واضح طريقي سان پهچائڻ لاءِ بيهڪ جي نشانين جو صحيح استعمال ضروري آهي. هنن ليکڪن اسم جون ٽي حالتون: ‘فاعلي، مفعولي ۽ جري’ لکيون آهن. حالت اضافت ۽ حالت ندا کي حالتن جي دفعي مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. هي پهريان عالم هئا، جن فعل جو بنياد (Root) مصدر (Infinitive) کي ڄاڻايو. باقي ٻين ڳالهين ۾ پهرين گرامرن واري هڪجهڙائي ڏيکاريل آهي.
مرزا قليچ بيگ: مرزا قليچ بيگ، 7 آڪٽوبر 1853ع تي حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پيدا ٿيو. هو شاعر، نثرنويس، مترجم، محقق، مؤرخ، گرامرنويس، لغت نويس، لطيف شناس ۽ ڊراما نويس هو. هن تمام گهڻيون علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن ‘سنڌي وياڪرڻ’ (4 ڀاڱا) لکيا، جن ۾ ‘علم صرف ۽ علم نحو’ جو بيان آهي. سندس گرامر جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ مرزا صاحب عربي ‘صرف نحو’ جي قاعدن سان ڀيٽ ڪئي ۽ ڪيترن هندي ۽ سنسڪرت جي اصطلاحن سان گڏ عربي اصطلاح به استعمال ڪيا.
مرزا قليچ بيگ ‘علم صرف’ واري ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ جا (انگريزي گرامر موجب) اٺ لفظ ئي لکيا آهن، پر ‘نحو’ جي بيان ۾ (عربي، فارسي صرف ۽ نحو موجب) جيڪي لفظ ڳالهائجن ٿا، سي ٽن قسمن جا آهن: اسم، فعل ۽ حرف. عربي ۽ فارسي نحو موجب ضمير، صفت ۽ ظرف، اسم هيٺ اچن ٿا ۽ حرف جر، حر جملو ۽ حرف ندا، حرف هيٺ اچن ٿا.
آخوند عبدالرحيم عباسي: 19 صدي عيسويءَ جي سنڌي عالم آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جو ٻوليءَ جي خدمت جي حوالي سان اهم ڪم رهيو آهي. سندس ذڪر خانبهادر صديق ميمڻ پنهنجي ادبي تاريخ (ڀاڱي ٻئي) ۾ ڪيو آهي. هن ٻين ڪيترن ڪتابن کان سواءِ غالباً 1854ع ۾ ‘جواهر لغات سنڌي اڪيچار’ جي نالي سان مرتب ڪئي هئي. هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، سال 1993ع ۾ شايع ڪرايو آهي.
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جو شمار، ورهاڱي کان اڳ جي ناليوارن ليکڪن ۽ عالمن ۾ ٿئي ٿو. هن 1875ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو، نثر ۽ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين. سندس تخلص ‘غريب’ هو. هن خاص ڪري ٻارن لاءِ ڪيترائي شاهڪار نظم: ‘منهنجي امڙ’، ۽ ‘وقت چوي آءُ بادشاهه’ وغيره لکيا. سندس ڪتابن مان ‘هيري جون ڪڻيون’، ‘قديم سنڌ’، ‘غريب اللغات’، ‘پهاڪن جي پيڙهه ’ ، ‘وڏو سنڌي وياڪرڻ’، ‘سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ’، ‘سنڌ جو سيلاني ’ ۽ ‘لطيفي سير’ هر دؤر ۾ مقبول رهيا آهن. ڀيرو مل، شاعر، نثر نويس، مؤرخ، محقق ۽ ماهر لسانيات هو. ڀيرو مل مهرچند، سنڌي ادبي بورڊ جي ‘جامع سنڌي لغات’ جو پهريون جلد مرتب ڪرڻ ۾ سرگرم حصو ورتو. هو سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ (موجوده سنڌي ادبي بورڊ) جو شروع کان وٺي ميمبر رهيو هو.
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ، ‘سنڌي وياڪرڻ’ نالي گرامر جو ڪتاب لکيو، جيڪو بنيادي ڪتاب آهي. هن اسم جا ٽي قسم: ‘اسم عام’، ‘اسم خاص’ ۽ ‘اسم ذات’ لکيا آهن، وري انهن قسمن کي ذاتي ۽ صفاتي اسمن ۾ به ورهايو آهي. ڪاڪو ڀيرومل ان نظريي جو حامي هو ته سنڌي ٻولي، سنسڪرت ڄائي آهي. سنسڪرت ۽ انگريزيءَ ۾ الڳ جنس به آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ بي جان جنس (Neuter Gender) چيو ويندو آهي، جيئن ‘ڪتاب’، ‘ٽيبل’، ‘قلم’ وغيره. سنڌيءَ ۾ بي جان شين کي مذڪر يا مؤنث جنس جي دفعي ۾ آندو ويندو آهي. ان سان ڪٿي ڪٿي جيڪو مونجهارو پيدا ٿئي ٿو، ان جو ذڪر ڪندي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو: “سنڌيءَ ۾ جنس بي جان ڪانهي ۽ ان جو نتيجو اهو ٿيو آهي، جو ڪي لفظ هڪ هنڌ جنس مذڪر ته ٻئي هنڌ جنس مؤنث پيا ليکجن جيئن ‘رت’ لفظ عام طرح جنس مذڪر ليکجي ٿو، پر اتر سنڌ ڏي چون ‘رَتُ’ (جنس مؤنث) هن قسم جي مونجهاري ختم ڪرڻ لاءِ ڪي قاعدا جوڙڻ مشڪل آهي.” سنسڪرت ۾ جنس بي جان آهي. ڪاڪو ڀيرومل ۽ ڊاڪٽر ٽرمپ، سنڌيءَ ۾ جنس ‘بي جان’ نه هئڻ کي سنڌيءَ جو سنسڪرت کان ڌار هئڻ ڏانهن پهريون قدم سڏيو آهي. اسم جون حالتون ڪيتريون آهن، انهيءَ بابت شروع کان وٺي اتفاق نظر نٿو اچي. ڪن عالمن اٺ حالتون لکيون آهن ته ڪن وري ٽي ڄاڻايون آهن. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي به اسم جون ٽي حالتون: فاعلي (Nominative)، مفعولي (Objective) ۽ جري (Ablative) ڄاڻائي ٿو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا: ڊاڪٽر غلام علي الانا، سنڌ جو نامور عالم، دانشور ۽ ماهر لسانيات آهي. ڊاڪٽر الانا اديب هئڻ سان گڏ اداره ساز شخص به رهيو آهي. هن لسانيات جي ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. لسانيات ۾ سندس ڪتاب: ‘صوتيات '>سنڌي صوتيات ’ ، ‘سنڌي صورتخطي’، ‘سنڌ جي لساني جاگرافي’، ‘سنڌي مُعلم’، ‘سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس’، ‘سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ’ ، ‘سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا’، ‘زبان ۽ ثقافت’، Origin and Growth of Sindhi ۽ ٻيا لکيل آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رُخن ۽ پهلوئن تي بنيادي ۽ ضروري معلومات ڏني وئي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جي مختلف موضوعن تي سڀ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. 1984ع ۾ ‘سنڌي مُعلم’ نالي ڪتاب اردو دانن کي سنڌي سيکارڻ جي خيال کان لکيائين ۽ هن سنڌيءَ جو مڪمل ۽ تفصيلي گرامر ‘سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر’ پڻ لکيو آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي گرامر کي نهايت آسان پيش ڪيو آهي، جيئن هر درجي جي ٻار جي سمجهه ۾ اچي. هن اُن کي ڪُل چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي:
پهريون ڀاڱو: ‘ڳالهائڻ جا لفظ ۽ انهن جو اڀياس’ جي نالي سان چوڏهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڳالهائڻ جا لفظ، اسم جا عدد، رائج حالتون، انهن جا قسم، حرف جر، صفت، ظرف، فعل، فعل جا ڪردنت يا مشتق مرڪب فعل، زمانن جو اڀياس، فعلن جون معروضي ۽ مجهولي صورتون/ فعلن جا پريوگ، حرف جملو ۽ حرف ندا شامل آهن.
ٻيو ڀاڱو: ‘علم صرف جو اڀياس’ جي نالي سان صرف هڪ باب تي مشتمل آهي، جنهن ۾ علم صرف جي وصف، ڪارج ۽ مفهوم ڏنل آهن.
ٽيون ڀاڱو: ‘علم نحو جو اڀياس’ جي نالي سان ڇهن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ نحو جي وصف ۽ اُن جا اصول، جملي يا فقري جا مکيه ڀاڱا، جملن جا قسم، عبارت/ اُسلوب (Style) جي لحاظ کان جملي جا قسم، ضمير متصل جو استعمال، ٻٽا ضمير متصل- شامل آهن.
چوٿون ڀاڱو: چئن بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ترڪيب، تفريق يا ڇيد ڪرڻ، بيهڪ جون نشانيون، سنڌي ويا ڪرڻ جون ڪي خاص ۽ اهم خصوصيتون شامل آهن. هن ڀاڱي ۾ مختلف جانورن/ جاندارن جي آوازن لاءِ لفظ، جانورن جي ڦرن/ ٻچن جا نالا، محنت ڪشن جي اوزارن جا نالا، اصطلاح/ ورجيسون ۽ ڪي چونڊ تشبيهون ڏنل آهن.
واحد بخش شيخ: واحد بخش شيخ، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حڪومت سنڌ ۽ چيئرمئن بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد به رهيو. واحد بخش شيخ سنڌي ٻوليءَ جو ‘صرف و نحوِ’ ٻن ڀاڱن ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ هن سنڌي گرامر کي عربي اصولن تي پرکيو آهي ۽ سنڌي کي عربيءَ جي ڀيڻ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪيترا عربي اصطلاح به ڪتب آندا آهن. هي سنڌي ٻوليءَ جو ‘صرف ۽ نحو’ ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهريون ڀاڱو 1986ع ۾ ۽ ٻيو ڀاڱو 1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي. هن ليکڪ تي عربي ۽ فارسيءَ جو گهڻو اثر نظر اچي ٿو. هي پنهنجي ‘تمهيد’ واري بيان ۾ لکي ٿو: “سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ آواز اهي ئي آهن، جيڪي سنسڪرت جا آهن. يعني اَ، آ، اِ، اي، او، اَو، اؤ، اَؤ، ائ حقيقت ۾ هندي يا سنسڪرت ۾ حرڪتن جو استعمال ظاهري طرح آهي ئي ڪونه، پر سنڌي ٻوليءَ جي آوازن جون ظاهري نشانيون: زبر، پيش، شد ۽ مد استعمال ٿين ٿيون، سي عربيءَ کان اڌاريون ورتل آهن ۽ اهي هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن حد تائين امتيازي خصوصيت بڻجي چڪيون آهن.”
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌي ادب جي ذخيري کي مالامال ڪيو آهي. هن علمي ۽ ادبي تاريخ جا ڪيترا ڪتاب لکيا آهن. ان کان سواءِ سنڌي ‘گرامر ۽ ڪمپوزيشن ٻارهين ڪلاس لاءِ’ لکيو آهي، جنهن ۾ گرامر، علم بديع، ادبي تاريخ ۽ مضمون نويسيءَ وغيره تي مختصر معلومات ڏني وئي آهي. ڪتاب جي فصل پهرئين ۾ ڳالهائڻ جا اٺ لفظ ڏنل آهن. لفظن سان گڏ انهن جي قسمن جو به بيان ڏنو اٿس. فصل ٻئي ۾ پريوگ ڏنل آهن. جملن جي ترڪيب ‘ٽئين فصل’ ۾ ڏنل آهي، ترڪيب ۾ لفظ جو قسم، جنس، عدد، حالت ۽ زمان ڏيکاريا ويا آهن. فصل چوٿين ۾ جملن جو ڇيد، پنجين ۽ آخري فصل ۾ بيهڪ جون نشانيون ڏنل آهن.”
رايا ييگورووا: هيءَ خاتون روس سان تعلق رکندڙ اسڪالر آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ تي ‘The Sindhi Language’ نالي ڪتاب روسي ٻوليءَ ۾ لکيو هو، جنهن جو انگريزيءَ ۾ E. H. Tsipan ترجمو ڪيو آهي. هي ڪتاب 1971ع ۾ ماسڪو ۾ ڇپيو. ڪتاب ۾ پهرين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، ارتقا ۽ سنڌي ادب جي مختلف دورن ۾ ترقي ۽ واڌاري جو احوال آهي. قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه لطيف، لطف الله قادريءَ کان وٺي موجوده دور جي اديبن پير حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا وغيره تائين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هوءَ پنهنجي ڪتاب جي شروعات ‘صوتيات’ (Phonetics) کان ڪري ٿي ۽ لکي ٿي ته، “سنڌي صوتيات جي هڪ خاص خوبي، آخري ننڍي سُر، زبر، پيش ۽ زير جي موجودگي آهي، جيڪا لفظن جي معنيٰ ۾ تبديلي آڻي ٿي. ڏيههُ (ڌرتي)، ڏيههَ (ملڪ)، جَڙ (پاڙ)، جَڙَ (جنهن جي سکيا ٿيل نه هجي)، ڇوڪر (ڇوڪرو)، ڇوڪرِ (ڇوڪري). دنيا جي هر ٻوليءَ جا ڪيترائي لهجا (dialects) هوندا آهن، جيڪي ڪجهه ڳالهين ۾ هڪٻئي کان مختلف هوندا آهن. سنڌيءَ جا به ڪيترائي لهجا آهن، جن مان اُترادي هڪ نمايان لهجو آهي. اترادي لهجي ۾ ڪن اکرن سان ‘ر’ جو اچار ڳنڍيو ويندو آهي. جيئن ڊ، ڍ، ٽ وغيره. ييگورووا ان کي قديم هندستاني باقيات لکي ٿي. سنڌيءَ ۾ ٽ، ڊ، ڍ آوازن کي ڪڏهن ڪڏهن ٽر، ڊر، ڍ اچاري سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ ‘ر’ کي لکت ۾ ظاهر نه ڪيو ويندو آهي. فعل ۾ مصدر (The infinitive) ۽ صفت طور استعمال ٿيندڙ ڪردنت (The participle)، اسم طور استعمال ٿيندڙ ڪردنت (Gerundive)، صيغا (Moods)، زمان (Tenses)، بنياد (Roots) ۽ مرڪب (Compound Verbal Derivatives) کي سمجهايو ويو آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو: هي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري ۾ پروفيسر آهي، جنهن ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌي ٻولي ۽ گرامر جي موضوع تي انيڪ تحقيقي مقالا لکيا آهن. الطاف جوکيي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ‘عربي- سنڌي صورتخطيءَ جي ترجيحي صورتن جو اڀياس’ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي.
ڊاڪٽر شازيه پتافي: سنڌي گرامر نويسيءَ جي ارتقا جي موضوع تي نئين ٽهيءَ جي محقق شازيه پتافيءَ پڻ ڪم ڪيو آهي. سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار آهي. سندس ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا’ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو آهي.