324-326 ق-م سڪندر جو سنڌ فتح ڪرڻ ۽ پوئتي موٽڻ

324-326 ق-م سڪندر جو سنڌ فتح ڪرڻ ۽ پوئتي موٽڻ

187-323 ق-م ۾ پنهنجي وڌ ۾وڌ پکيڙ وقت

187-323 ق-م ۾ پنهنجي وڌ ۾وڌ پکيڙ وقت

سنڌ تي سڪندراعظم جي ڪاهه

سنڌ تي سڪندراعظم جي ڪاهه:
يونان جو وڏو بادشاهه سڪندراعظم، سن 325-326 ق. م ڌاري سنڌو ماٿريءَ تي پنهنجي سر ڪاهي آيو. مليل معلومات موجب ان وقت سنڌو ماٿر جو علائقو، ايراني بالادستي ختم ڪري وڏيءَ حد تائين آزاد ٿي چڪو هو. سڪندر جي پيءُ فلپ (336- 359 ق. م) جي تاريخ ۾ گهڻي ساک هئي. هن وڏيءَ جدوجهد سان يونان جي مختلف حصن کي ايڪي ۾ آندو هو. ڪٿي جنگ ته ڪٿي صلح سان هن کي وڏي سوڀ حاصل ٿي هئي. فتوحات کانپوءِ هن جشن جي محفل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. اهڙيءَ هڪ محفل ۾ فلپ 336 ق. م ۾ قتل ٿي ويو.
ڪي لکندڙ نوجوان سڪندر تي پنهنجي پيءُ جي قتل جو الزام هڻن ٿا، جيڪا ڳالهه درست ڪانهي. اصل ۾ فلپ ۽ سڪندر جي ماءُ جا پاڻ ۾ اختلاف هئا، ان ڪري فلپ هڪ نوجوان حسين ڇوڪري قلوپطره سان شادي ڪئي. سندس قتل جو ڪارڻ اها شادي چئي وڃي ٿي.
سڪندر 336 ق. م ۾ يونان جو بادشاهه بنيو. ان وقت هن جي عمر ويهه سال هئي. دنيا جي تاريخ ۾ اڳتي هلي سڪندراعظم جي نالي يا لقب سان مشهور ٿيو. ابتدا ۾ هن يونان ۾ ٿيل بغاوتن کي ڪچلڻ ۾ پنهنجو پورو توجهه ڏنو. يونان ۾ ڪامياب ٿي، هن هخامنشي علائقن تي قبضي ڪرڻ ۽ فتوحات جي تياري ڪئي. ان وقت ايران ۾ دارا (هخامنشي) ٽيون تاجدار هو. دارا جي ڪوشش هئي ته سڪندر يونان جي بغاوتن ۾ ئي مصروف رهي. پر سڪندر سمورين ڏکيائين تي قابو پاتو ۽ پوءِ 334 ق. م ڌاري يورپ (يونان) کي ڇڏي ايشيا (ايران) ۾ عظيم لشڪر سان داخل ٿي ويو. گرانيڪ درياهه جي ڪناري تي ايراني ۽ يوناني لشڪر پهريون ڀيرو هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا. هيءَ لڙائي 333 ق. م ۾ ٿي گذري. هن جنگ ۾ هڪ لک ايراني سپاهي مارجي ويا. ايران جو شهنشاهه ساهه بچائڻ لاءِ ڀڄي نڪتو. ڪروڙن جي ملڪيت جو نقصان ٿيو. دارا جي راڻي ۽ ٻه شهزاديون، فاتح اعظم جي آڏو پيش ڪيون ويون. سڪندر انهن جي عزت ۽ آبرو لاءِ تاڪيدي حڪم جاري ڪيا ۽ هڪ محافظ دستو به سندن حفاظت لاءِ مقرر ڪيو.
ان بعد فتح ڪيل علائقن جي بندوبست کان پوءِ سڪندراعظم، شام، فنيقيا ۽ صور طرف پيش قدمي ڪئي. دارا اڃا به جنگ جي تياريءَ ۾ هو. اربيلا جي ماڳ تي 331 ق. م ۾، ٻئي طاقتون هڪ ٻئي جي سامهون ٿيون. ان زبردست جنگ ۾ وري به دارا هارايو ۽ ميدان ڇڏي ڀڄي ويو. اربيلا کان دارا ميڊيا طرف روانو ٿيو، تڏهن هن سان ڇهه هزار سوار ۽ ٽي هزار پيادا گڏ هئا. هن معرڪي کانپوءِ سڪندر باب، شوش، تخت جمشيد، بازارگد ۽ همدان کي فتح ڪيو. سڪندراعظمري‘ پهتو، جتي کيس دارا جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو. ’ري‘ ۾ دارا کي بلخ جي حاڪم بسوس ۽ ٻين مقامي طاقتن گرفتار ڪيو. سڪندر جيسين دارا تائين پهچي، ان کان اڳ بسوس دارا کي قتل ڪرائي ڇڏيو. هي واقعو جولاءِ 330 ق. م جو آهي. ان ريت ايران ۾ هخامنشي دور جي پڄاڻي ٿي. دارا جو لاش رٿ تي پيل هو ۽ هن جي اردگرد ڪير به نه هو. سڪندر کي هن صورتحال ۾ ڏاڍي تڪليف پهتي. سڪندر جي حڪم سان دارا جو ڪفن دفن شاهي رسمن موجب ٿيو.
ايران کي قبضي ۾ ڪرڻ کانپوءِ سڪندراعظم کي سنڌو ماٿري فتح ڪرڻ جو خيال آيو. اهو ان ڪري به ته هن عظيم فاتح کي خبر هئي ته ڪجهه وقت لاءِ، سنڌ ۽ پنجاب هخامنشي حاڪميت جي سايي ۾ رهي چڪا هئا. ان ڪري اتي پهچڻ ۽ سنڌو ماٿر کي فتح ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو. سر ’پِرسي سائيڪس‘ پنهنجي تحقيق ۾ ايرانين جي زوال ۽ فاتح سڪندراعظم جي ڪاميابين کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. (هسٽري آف پرشيا، جلد 1، لنڊ، 1951ع)
ايران جي مُهمن ۽ انتظام بعد سڪندراعظم هڪ لک ويهه هزار فوج سان، هندوڪش جبل کي پارڪري، موجوده قنڌار (سڪندريه) پهتو. هتان کان نڪاتا پهتو. اتي جي حاڪم ٽيڪسيلڪس سندس اطاعت ۽ خير مقدم ڪيو. ڪجهه آرام کان پوءِ سڪندر پنهنجي سپهه سالار هيپاسچن جي قيادت ۾، هڪ وڏي لشڪر کي خيبر لڪ طرف روانو ڪيو. سڪندراعظم پاڻ سوات جي رستي کان پشاور جو رخ ڪيو. رستي ۾ اڪثر مقامي قبائلين جون هن سان لڙايون ٿيون، جنهن ۾ سڪندر کي گهڻو نقصان ٿيو. خود هن کي به ڪنڌ ۽ ڪلهن ۾ ڌڪ لڳا. ان هوندي به يوناني فتح مند ٿي اڳتي وڌندا رهيا. هيپاسچن لشڪر وٺي اٽڪ پهتو ۽ سڪندر جي اڳتي وڌڻ لاءِ سنڌو درياهه تي ٻيڙين جي پل تعمير ڪرايائين. سڪندر اٽڪ پهتو ته ٽيڪسيلڪس ست سؤ سوار فوج سان هن جي آجيان ڪئي. هن سون چانديءَ جا ٿيلها، هاٿي، ڍڳا ۽ رڍون، پنهنجن سوارن ذريعي سڪندراعظم کي پيش ڪيون. ان کان سواءِ ٽيڪسيلا جو شهر، جيڪو ان وقت خطي جو اهم ماڳ سمجهيو ويندو هو، ان جو انتظام به يوناني حاڪمن جي هٿن ۾ ڏنو. ٽيڪسيلا جا آثار هن وقت اٽڪ ۽ راولپنڊيءَ جي وچ ۾ موجود آهن. هتي ڪنهن دور ۾ تمام وڏي درسگاهه ’تڪسشلا‘ جي نالي سان قائم هئي، جتان پاڻيڻيءَ سميت ڪيترا عالم پڙهي نڪتا. هي شهر ٻڌمت وارن جو به اهم مرڪز رهيو هو. هن وقت هي شهر دنيا جي سياحن جو هڪ اهم مرڪز آهي. سڪندر ٽيڪسيلا پهتو ته سندس شاندار آجيان ڪئي وئي.
مؤرخ مقبول بيگ بدخشاني، هن واقعي کانپوءِ سڪندر ۽ پنجاب جي حاڪم راجا پورس ۾ جنگين جو ڪي قدر تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. (تاريخ ايران، جلد اول، ص: 177-180، اردو) سڪندر، ٽيڪسيلا جي بندوبست کي ٺيڪ ڪري، ان وقت جي پنجاب جي مضبوط حاڪم راجا پورس جو پيڇو ڪيو. ٻنهي حاڪمن جو لشڪر جهلم درياهه جي ڪنارن تي پهچي چڪو هو. پورس جي لشڪر ۾ هاٿين جو وڏو انگ هو، جو يوناني گهوڙي سوار جٿن لاءِ نئين للڪار هئي. ان کان سواءِ جهلم ۾ ٻوڏ سبب گهڻو پاڻي هو. هيءَ هڪ ٻي مشڪلات هئي. چون ٿا ته مشڪل ترين وقت ۾ سڪندر جو ذهن گهڻو ڪم ڪندو هو. حالتن کي سمجهي هن فوج کي جهلم جي ڪناري کان ڪافي دور وٺي وڃي، پورس کي دوکو ڏئي، ٻيڙين جي پل ٺهرائي، ٻئي پاسي ٽپڻ جو بندوبست ڪيو. جاسوسن پورس کي سڄي ماجرا کان واقف ڪيو. هن هڪدم ٻه هزار فوجي لشڪر سان پنهنجي پٽ کي سڪندر سان ويڙهه لاءِ موڪليو. مختصر جنگ ۾ پنجاب جو لشڪر شڪست کائي ويو ۽ راجا پورس جو پٽ مارجي ويو. ان کانپوءِ چاليانواله جي ماڳ تي 326 ق. م ۾ پورس ۽ سڪندر ۾ زبردست لڙائي لڳي. سڪندر جي فوجي چال سوڀاري ٿي. سامهون اچڻ بجاءِ هن پنهنجي فوج کي کاٻي طرف کان حملي جو حڪم ڏنو. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته پورس جو لشڪر بي جگريءَ سان وڙهيو، پر هڪ ته سڪندر جي جنگي حڪمت عملي اهل پنجاب جي سمجهه ۾ نه آئي، ٻيو ته زوردار جنگ دوران پورس جي لشڪر ۾ شامل هاٿي به پنهنجي فوج لاءِ مصيبت بنجي ويا. جنگ هلندي هاٿين جو وڏو تعداد پوئتي موٽندي پورس جي لشڪر ۾ ڪاهي پيو. ان ڪري هن جي فوج جو وڏو نقصان ٿيو. جيسين پورس سان فوجين ساٿ ڏنو. ايسين تائين پورس وڙهندو رهيو. آخرڪار مجبور ٿي هن شڪست تسليم ڪئي ۽ پوءِ راجا پورس گرفتار ٿي ويو. ٻنهي حاڪمن جي گفتگو ٿي ته سڪندراعظم ڏاڍو مطمئن ٿيو ۽ خوش ٿي، راجا پورس جي آزاديءَ جو حڪم ڏيندي، کيس پنهنجي حڪومت واپس ڏنائين.
پورس جي مهم کانپوءِ سڪندراعظم چناب ۽ راويءَ کي عبور ڪيو. جتي جتي پهتو ٿي اتي يا ته ماڻهن سان وڙهي، انهن کي آڻ ٿي مڃايائين، يا وري هن جي بهادري، ڏاهپ ۽ جنگي هنر سبب ننڍن ننڍن سردارن يا حاڪمن ساڻس پنهنجي وفاداريءَ جو اعلان ٿي ڪيو. ان بعد سڪندر بياس نديءَ جي ڪنارن تي پهتو. ويڙهه ختم ڪندي پنهنجي سپاهه کي ڪجهه وقت آرام لاءِ ڏنائين. سڪندر جو ارادو هو ته هندستان تي حملو ڪجي، ليڪن سندس فوج وڙهي وڙهي ٿڪجي پئي هئي. ٻيو ته گهڻي وقت کان وطن کان دوريءَ واري احساس به کين مايوس ڪيو هو. لڳو ائين ٿي ته فوجي کُلم کُلا بغاوت ڪندا. ان پسمنظر ۾ ڪمانڊرن سڪندر کي سموري ماجرا کان واقف ڪيو. سڪندر کي خاطري ٿي ته فوجي وڌيڪ اڳتي نه هلندا ته هن واپسيءَ جو فيصلو ڪيو. فوجين اُن اعلان تي جشن ملهايا. فتحن جي ياد ۾ خيراتون (قربانيون) ڪيون ۽ سڪندر سان پنهنجي وفاداريءَ جو اعلان ڪيو. سڪندر ۽ سندس لشڪر، لاهور جي ڀرسان ڪنهن ماڳ تي راويءَ کي عبور ڪيو. پوءِ چناب ٽپي سنڌ جو رستو ورتو. هن سنڌو درياهه جي ڪناري پهچي اتي ڪجهه وقت قيام ڪيو. سڪندر بحري آرماڙ جي تياريءَ جو حڪم ڏنو. ٻيڙيءَ ۾ اٺ هزار سپاهي سوار ٿيا ۽ امير البحر نيارڪس (نارچس) ٻيڙيءَ کي سنڌو درياهه سان ڪاهيندي، سمنڊ ۾ پهچايو، جو پوءِ اچي ايراني سامونڊي ڪناري سان لنگر انداز ٿيو. سڪندر پاڻ خشڪيءَ جي رستي سان ايران (مڪران کان) پهتو ۽ اتي پهچي ڪاميابيءَ جو وڏو جشن ملهايو. (تاريخ ايران، ص: 179- 180)
پروفيسر مقبول بيگ، جيتوڻيڪ ايران جي تاريخ جو هڪ وڏو عالم هو، ليڪن افسوس ته هن سڪندر تي لکندي ’سنڌ واري باب‘ کي بنهه نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.
مولائي شيدائيءَ موجب پورس جي معاملي حل ٿيڻ کان پوءِ سڪندراعظم ملتان پهتو، جتي جي ’راجا مالي‘ سان جنگ ڪندي، اُن کي شڪست ڏنائين. پوءِ هيٺ ايندي هن هڪ شهر جو بنياد رکيو، جنهن کي ’اسڪلنده‘ جو نالو مليو. هي شهر اڳتي هلي ’اُچ‘ سڏيو ويو. بعد ۾ سنڌونديءَ جي رستي پٽالا (نيرن ڪوٽ) پهتو. مينانگر (ٺٽي) جي يادوونسي ’راجا سامبس‘ (سامس) کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ، سڪندر پيٿان کي پنهنجو نائب مقرر ڪيو. ان بعد سندس لشڪر جو گهڻو حصو سمنڊ جي رستي سان، ۽ سڪندر پاڻ ڪجهه لشڪر سان، مڪران کان ٿيندو ايران پهتو. (جنت السنڌ، ص: 40- 41)
هتي مولائي شيدائي پٽالا ۽ نيرن ڪوٽ کي لکيو آهي، جيڪو اصل ۾ الور/ روهڙي هو ۽ مينانگر (ٺٽو) نه، پر سنڊيمن (سيوهڻ) هو، جتي جو حاڪم موسيڪانس هو.
هنن محققن جي ڀيٽ ۾ موجوده سنڌ ۽ سڪندر جي حوالي سان، ايڇ. ٽي. ليمبرڪ مفصّل ۽ معتبر صورتحال نروار ڪئي آهي. سندس تحقيق موجب سڪندر شروع ۾ ئي سنڌ کي درياهن جي سنگم کان وٺي سمنڊ تائين هڪ ماتحت پرڳڻي جي حيثيت ڏئي چڪو هو. ان لاءِ پيٿان پٽ اگينو کي وائسراءِ به مقرر ڪيو ويو هو.
ان وقت جي سنڌ جي سياسي صورتحال ڪجهه هن ريت هئي. سنڌ ۾ ڪي قبيلا/ حاڪم هن طرح حڪمران هئا: ’ميوسيڪانس‘
سنڌوءَ جي اوڀر ۾ موجوده سکر کان رحيم يار خان جي علائقي ۾ حاڪم هو. عام طرح هن جي سڃاڻپ ماڇي قبيلي/ قبيلن طور ڪئي ويندي آهي. درياهه جي اوڀر ۾ هيٺينءَ سنڌ ۾ پٽالا جو علائقو هو. محققن جي راءِ ۾ اُن جو مرڪز برهمڻ آباد هو. هتي جو حاڪم موئيرس هو. درياهه جي اولهه ۾ موجوده لاڙڪاڻي ڊويزن جا اڪثر علائقا ’آڪسيڪانس‘ جي راڄ ۾ هئا. جڏهن ته آڪسيڪانس جي ڏکڻ سمنڊ تائين وارا زميني علائقا، راجا ’سامبس‘ جي حڪومت ۾ هئا، جنهن جو مرڪز سنديمانا (سيوهڻ) هو. موجوده دور ۾ ’سامبس‘ کي سما قبيلي سان ڀيٽيو ويو آهي، يا وري ائين به چيو وڃي ٿو ته، ’سامبس‘ سمن (سنڌي) قبيلن جو راڄ هو. محمد ابراهيم جويي، پنهنجي ڪتاب ’شاهه، سچل، سامي: هڪ مطالعو‘ ۾ پڻ لکيو آهي ته: ”سامبس/ سمبس (سما قبيلي جي راڄڌاني ’سنڊيمن‘ (سيوهڻ) شهر هو، جتي فتح کانپوءَ، سڀ کان اول، سڪندر سمورن برهمڻن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڇو ته هُن کي معلوم هو ته انهن ئي ماڻهن کي مقابلي لاءِ اُڀاريو هو. (ص: 37)
سيوهڻ ۾ اڄ به هڪ ڦٽل قلعي جا آثار موجود آهن، جنهن کي سڪندراعظم ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو. سنڌو درياهه جي اولهه جي جابلو علائقن کي ليمبرڪ ’اريبتي‘ سڏيو آهي. موجوده لس ٻيلي وارو علائقو به ان ۾ شامل ڏسجي ٿو. اڃا به اولهه ۾ اوريٽائي هو، جنهن کي مڪران سان ڀيٽيو وڃي ٿو.
’ميوسيڪانس‘ جو ملڪ وڌيڪ آباد ۽ ڳُتيل آباديءَ تي مشتمل هو. هي حاڪم سوکڙين پاکڙين سميت سڪندراعظم آڏو پيش پيو. سڪندر کيس پنهنجو علائقو حوالي ڪيو. [موسيڪانس لاءِ اها به راءِ ملي ٿي ته هن کي سڪندر ڦاهي چاڙهايو هو.] ’آڪسيڪانس‘
(پورٽيڪانس) ۽ ’سامبس‘ جي حيثيت جو تعين ڪرڻ مشڪل آهي، البت اهو چيو وڃي ٿو ته ان وقت ٻنهي ۾ جنگ هلندڙ هئي، پٽالا (پاتل) ’ميوسيڪانس‘ جي سرحدي حڪومت هئي، اها ڏسڻ ۾ ته خودمختيار هئي. ان علائقي جي سياسي جوڙجڪ اسپارٽا (يونان جي هڪ پرڳڻي) جهڙي هئي. جيئن مٿي ذڪر ٿيو. هتي جي حاڪم جو نالو ’موئيرس‘ هو. صورتحال جي مدنظر ’سامبس‘، سڪندر جي بالادستي قبول ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو، پر بادشاهه جو ’ميوسيڪانس‘ سان سٺو ورتاءُ ڏسي ’سامبس‘ پوئتي هٽيو. ڇو ته هنن ٻنهي مقامي حاڪمن جو پاڻ ۾ جهيڙو هلندڙ هو. اسان کي وڌيڪ هي معلوم ٿيو آهي ته هڪ مرحلي تي، آڪسيڪانس (پورٽيڪانس) بغاوت جو فيصلو ڪيو. جنگ هلندي هن سڪندر ڏانهن ايلچي موڪليو، پر سڪندر جنگ کي جاري رکيو ۽ ان جنگ ۾ ئي ’آڪسيڪانس‘ قتل ٿي ويو. ’آڪسيڪانس‘ جي مارجڻ کانپوءِ، سڪندر ’سامبس‘ جي علائقي ۾ داخل ٿيو. ڪيئي ڳوٺ ۽ شهر سڪندر جي تابعداري قبول ڪندي پيش پيا. يونانين کي پڪ ٿي ته هتان جا ماڻهو ڊنل آهن ۽ هاڻي سموري علائقي تي قبضو ڪرڻ آسان آهي. سڪندر ’سنديمانا‘ (سيوهڻ) پهتو ته شهر وارن هن لاءِ قلعي جا دروازا کولي ڇڏيا. هن ’سامبس‘ جي فرار متعلق معلوم ڪيو ته کيس ٻڌايو ويو ته، ’ميوسيڪانس‘ ۽ سڪندر جي شروع واري ٺاهه هن کي (سامبس) ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ڇو ته ٻنهي ۾ دشمني هئي. خوف ۽ خاموشي ختم ٿي. ’سامبس‘ جي علائقي ۾ برهمڻن بغاوت ڪئي. اهو معلوم ڪري يوناني سخت پريشان ٿيا. سڪندر برهمڻن تي حملو ڪرائي. شهر کي ناس ڪيو ۽ قتل عام جو حڪم ڏنو، ڇو ته سندس نظر ۾ برهمڻ ئي سندس اصل دشمن هئا، جن ماڻهن کي سڪندر سان ويڙهه لاءِ اُڪسايو هو. نامور دانشور محمد ابراهيم جويو پڻ ان بابت رقمطراز آهي ته، ”ماسيڪانس (ماڇي؟) قبيلي جي شڪست کاڌل (راڻي) کي بادشاهه (سڪندر) سندس ئي راڄڌانيءَ (الور) جي چؤنڪ تي اُتان جي سڀني برهمڻن سان گڏ ڦاسيءَ تي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو، ڇو ته انهن ئي هن کي ائين مقابلي لاءِ آماده ڪيو هو.“ (شاهه، سچل، سامي- ص: 37)
هن پسمنظر ۾ ’ميوسيڪانس‘ به بغاوت جو فيصلو ڪيو ۽ يونانين خلاف صف بندي شروع ڪري ڇڏي. سڪندر کي معلوم ٿيو ته هن ’پيٿان‘ کي تيزيءَ سان موسيڪانس خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سڪندر خود به ’ميوسيڪانس‘ ۽ ’آڪسيڪانس‘ جي علائقن ۾ ڪاهي پيو. شهرن جا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ناس ڪندي، مختلف علائقن ۾ مهم جوئي ڪندو رهيو. هن ٻنهي حاڪمن جي علائقن جي نئين سر حدبندي ڪئي. پيٿان ماراماريءَ کانپوءِ آخرڪار ’ميوسيڪانس‘ کي گرفتار ڪري، سڪندر جي حڪم تحت سندس ئي علائقي ۾ هن کي (ميوسيڪانس) ڦاسي ڏئي ڇڏي. برهمڻ سنڌ توڙي هند ۾ اعليٰ طبقي ۾ شمار ٿيندا هئا، جن سان وڙهڻ ته پري، پر انهن کي ڪو هٿ به نه لائيندو هو. ان ڪري سڪندراعظم حڪم ڏنو ته برهمڻن کي پوري طاقت سان چٿيو وڃي، ته جيئن ملڪ ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ۽ وڌيڪ بغاوتن کان بچي سگهجي. سنڌ جي ڏاکڻئين علائقي يعني پٽالا جو حاڪم موئيرس، ڪنهن ماڳ تي سڪندراعظم کي اچي پيش پيو. هن کان سنڌو ڊيلٽا جي ڄاڻ ورتي وئي، جا يونانين کي سنڌ ڇڏڻ ۾ مددگار ثابت ٿي. هن کي تاڪيد ڪيو ويو ته پٽالا ۾ پهچڻ وقت، اسان (سڪندراعظم) جي مثالي استقبال جي تياري ڪئي وڃي.
ٿيو ائين ته برهمڻ محب وطنن، ڪجهه يونانين کي ماري وڌو. موئيرس انتقام جي ڊپ کان پنهنجو ملڪ ڇڏي جان بچائڻ لاءِ سنڌ جي اولهه طرف جبلن ڏانهن ڀڄي ويو. ان کانپوءِ سڪندراعظم اربيتيءَ جي آزاد قبيلي جي ملڪ مان ٿيندو، اوريٽائي (مڪران) لوڪن جي علائقي ۾ پهتو ۽ پوءِ ايران ڏانهن هليو. سندس گهڻو لشڪر سمنڊ ذريعي سنڌ کان ايران پهتو (تفصيل لاءِ ڏسو: ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ، باب پنجون). ڊاڪٽر نبي بخش لکيو آهي ته سڪندر کي سنڌ ۾ گهڻي مخالفت ڏسڻ ۾ آئي. هو سنڌ مان جتان به گذريو، اتان سندس فوج سان سخت مقابلو ڪيو ويو. (حوالو: ’سنڌ جي فوجي مهارت‘، دادا سنڌي- ص: 40-41)
هتي سڪندر جي سنڌ ۾ شڪست جي حوالي سان ۽ سنڌين جي سورهيائيءَ بابت هي حوالو به تاريخ جي رڪارڊ تي اچڻ گهرجي. ”هن مغرب جي پهرئين ڌاڙيل سان، سنڌين جون، طويل جنگيون ظاهر ڪن ٿيون ته، سنڌ اندر آزاديءَ لاءِ وڏو جوش هو. جيترو وقت سڪندر سنڌ ۾ رهيو، سڪون گهڙيءَ لاءِ نه مليس.“ (’تاريخ سنڌ‘، ص: 302)
ماڻڪ پٿاوالا پنهنجي تحقيق ۾ سنڌ تي سڪندراعظم جي حملن جي اثرن جو هن ريت جائزو ورتو آهي: هن سموري سنڌو ماٿر تي قبضو ڪيو، مٿانهين سنڌو ماٿر ۾ ٽن شهرن جو قيام، ۽ هيٺينءَ سنڌو ماٿر ۾ پٽالا جي تعمير ۽ ڪيترن ئي قديم شهرن جي تعمير، سنڌوءَ جي اولهه ۽ اوڀر وارن ڇيڙن تي ٻن نون بندرگاهن جي تعمير، ڪجهه وقت لاءِ اتر ۽ ڏکڻ سنڌو ماٿريءَ جو سياسي اتحاد، اولهه ۽ اوڀر ۾ ايراني نار ذريعي واپار جي واڌ ۽ ترقي، سِڪن، فن تعمير ۽ مجسمي سازيءَ جي يوناني طرز تي واڌويجهه ۽ پيٿان جي ماتحت هڪ ئي سنڌ پرڳڻي جو قيام. (سنڌ جي تاريخي جاگرافي، انگريزي، ص: 67، سنڌالاجي: 1978ع)
سڪندر سنڌ ۾ ڪيترو وقت رهيو ۽ فوجي ڪارروايون ڪيون، ان لاءِ مختلف رايا آهن. ڪي عالم ٻه سال چون ٿا. ڪن جي راءِ آهي ته هو وڌيڪ عرصو سنڌو ماٿر ۾ رهيو. ايم. ايڇ. پنهور وڌيڪ باريڪ بينيءَ سان هن مهم جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. هن جي تحقيق موجب: سڪندر 326 ق. م آڪٽوبر ۾ ميوسيڪانس جي حد ۾ داخل ٿيو، ۽ جون 323 ق. م ڌاري سنڌ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيائين. هو 323 ق. م ۾ بائبلان (بابل) ۾ مري ويو. سڪندر جي فوجي مهم جي هاڪاري ۽ ناڪاري اثرات جا ڳچ پاسا آهن. هڪ ڳالهه ته ظاهري طور اُڀري اچي ٿي ته سندس حملي وقت سنڌ متعدد قبيلن يا رياستن طور هڪ آزاد علائقو هئي ۽ اتي ڪي به ايراني اثر نه هئا. ان جو مطلب ته دارا سنڌو ماٿر ۾ 18 مهينا رهيو ۽ پنهنجا ڪي نائب به مقرر ڪيا هئا. (26-325 ق. م)، پر يوناني حملي وقت سنڌو ماٿر جا باشندا ايراني ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍي آزاد ٿي چڪا هئا، توڙي جو هو پاڻ ۾ وڙهيل به هئا. سڪندر جي ٻه سال هِتي رهڻ سان چڱو خاصي خون خرابي ٿي ۽ وڏي بربادي ٿي، پر پوءِ به يوناني حملي سان يورپ ۽ سنڌ جا تعلقات قائم ٿيا. ان ڏس ۾ پٿاوالا جي راءِ چڱو وزن رکي ٿي.
سنڌ ۽ موريا خاندان:
هندستان جي هن نامور حڪمران خاندان جو باني چندرگپت موريا هو، جنهن ٽيڪسيلا ۾ تعليم ورتي هئي. هن گهراڻي 322 ق. م کان 183 ق. م تائين مگڌ تي حڪومت ڪئي هئي، ۽ موريا سڏبا هئا. (جيئن ته سندس والده مور پاليندي هئي، ان ڪري هو ’موريا‘ سڏجڻ لڳو.) چندرگپت 322 ق. م ڌاري مگڌ جي راجا سان بغاوت ڪري حڪومت ورتي. ان وقت مگڌ تي نندا خاندان پتاليپترا (پٽنا) تان حڪم هلاي رهيو هو. مگڌ فتح ڪرڻ بعد چندرگپت موريا پنجاب ۽ سنڌ (سنڌو ماٿر) مان يوناني حاڪمن سان ويڙهه ڪري کين ڀڄائي، هڪ منظم ۽ مضبوط سلطنت جو بنياد وڌو. هن جي گاديءَ جو هنڌ پاٽلي پترا (پٽنه) هو ۽ سندس سلطنت مغرب ۾ هرات تائين پکڙيل هئي. سندس وڏو وزير چاڻڪيه هو، جيڪو سنڌ جو وڏو پنڊت، ماهر طب ۽ مشهور سياستدان هو. چندرگپت 322 ق. م کان 297 ق. م تائين حڪمران ٿي رهيو. چندرگپت کانپوءِ سندس پٽ بندوسار 298 کان 272 ق. م تائين حاڪم رهيو ۽ ان بعد هن جو پوٽو (چندرگپت) اشوڪا (اشوڪ اعظم)، سن 273 ق. م ڌاري مگڌ جي تخت تي ويٺو. اشوڪ ٻڌ ڌرم جو پَڪو پوئلڳ هو. هن افغانستان، سنڌ، سوات ۽ نيپال تائين جابجا ٻوڌي ڪتبا نصب ڪرايا، جيڪي اڄ سوڌو موجود آهن. (جنت السنڌ، ص 46)
232 ق. م تائين حڪومت ڪئي. يونانين جي شڪست ۽ موريا خاندان جي اڀار جو پسمنظر هن ريت آهي، جنهن تي ڊاڪٽر ليمبرڪ تفصيلي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سڪندر اعظم جي لشڪر جي اٿاريل ڌوڙ به، اڃا سنڌو ماٿر ۾ ماٺي نه ٿي هئي ته، هن خطي ۾ موجود مختلف تضادن اڀرڻ شروع ڪيو. يوناني ڪمانڊرن ۾ ڦينٽاڙو انتشار، سنڌي قبيلن ۾ بي آرامي، ۽ سنڌو ماٿر ۾ آباد ڪيل يونانين ۾ وطن واپسيءَ جي خواهش، سڪندر جي فتوحات جي اهميت کي گهٽائي ڇڏيو. ان صورت ۾ ’نيارڪس‘ (نيرڪس) ٻيڙا وٺي، سنڌ مان ڀڄڻ تي مجبور ٿيو. ان کانپوءِ پيٿان کي فسادن روڪڻ جو ڪم سونپيو ويو. جڏهن ته ڏکڻ- اوڀر پنجاب ۾ خود يونانين ڪمانڊر فلپس کي قتل ڪيو. ان کان وڌيڪ هي ته جڏهن سن 323 ق. م ۾ سڪندر جي موت جي خبر پهتي هئي، تڏهن موجوده افغانستان کان عربي سمنڊ تائين، خوشي ۽ مايوسيءَ جي لهر ڊوڙي وئي.
اڳتي هلي راجا پورس جي مدد سان يونانين کي شڪست ڏئي چندرگپت مگڌ جو حاڪم بنجڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. ان ريت موريا خاندان جي راڄ جو پايو پيو هو. ان کانپوءِ چندرگپت سنڌو ماٿر طرف پيش قدمي ڪئي هئي. يونانين ۽ هندستانين ۾ جهڙپون ٿيون، پر ڪاميابي آخرڪار چندرگپت جي ٿي. يونانين جو ڳچ تعداد مارجي ويو. چندرگپت ۽ سيليوڪس (يوناني) ۾ صلح ٿيو ۽ پاڻ ۾ مٽي مائٽي به ڪيائون. ان طرح ايراني ۽ يوناني سياسي اثر ختم ٿيو. سنڌو ماٿري هندستان جي موريا خاندان جي راڄڌانيءَ ۾ اچي وئي. (سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ، باب پنجون) چندرگپت موريا جا نشان، سنڌ ۾ اڄ به مورو شهر، موريا ذات ۽ ميرپورخاص طرف ’چند موريي‘ جو ميلو ۽ مقام موجود آهن.
اشوڪ اعظم 273 ق.م ڌاري، موريا خاندان جو بادشاهه ٿيو. دنيا ۾ چند بادشاهه يا شهنشاهه ٿي گذريا آهن، جن کي اعظم (The Great) جو لقب حاصل ٿيو. اشوڪ به انهن مان هڪ هو. موريا راڄ هن جي دور ۾ پنهنجي عروج کي پهتو. 256 ق. م ڌاري هن جا 14 فرمان جاري ٿيا، جن کي اتر- اولهه وارن علائقن ۾ کروشتي/ خروشتي ۽ باقي هندستان ۾ ’براهمي رسم الخط‘ ۾ لکيو ويو. اهي مختلف ماڳن تي نصب ڪيا ويا. اشوڪ 232 ق. م ۾ فوت ٿيو. ان کان پوءِ سندس سلطنت تيزيءَ سان ختم ٿيڻ شروع ٿي. (ايم. ايڇ پنهور: سنڌ جي واقعاتي لغت، ص 87-88) ليمبرڪ پنهنجي تحقيق ۾ هن دور ۾ سنڌ تي پوندڙ ٻُڌ ڌرم جي اثرن جي ڏاڍي کُليل ڳالهه ڪئي آهي: هن ڳالهه ۾ شڪ ڪونهي ته سنڌ کي به ٻُڌ جي انهن يادگارن مان حصو مليو، جيڪي شهنشاهه اشوڪ پنهنجي سڄيءَ سلطنت ۾ ورڇي ڇڏيا هئا... اشوڪ طرفان مختلف پرڳڻن ڏانهن جيڪي پرچاري جماعتون روانيون ڪيون ويون هيون، تن جي مکيه منتظم، اُپ گُپت، سنڌ ۾ ڪافي ڊگهو عرصو گذاريو هو. هو هتان جي ماڻهن کي قانون جي سمجهاڻي ڏيندو رهيو... هن جتي به قيام ڪيو اتي هن مڙهيون ۽ ٺُل/ ٺُلهه تعمير ڪرايا. (سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص 176)
ايم. ايڇ پنهور سنڌ ۾ موريا دور کي ٻڌ مذهب، عقيدي ۽ خيالن جي پرچار ۽ وسعت جي پس منظر ۾ پرکي ٿو. سندس خيال ۾ موريا حاڪمن پاران وقت به وقت گورنر ايندا رهيا، پر پوءِ به سنڌ جو مجموعي مقامي اقتدار هتان جي ماڻهن جي هٿ ۾ رهيو. (حوالو مٿي ڏنل)
هينري ڪزنس پنهنجي مکيه ڪتاب: ’سنڌ جا قديم آثار‘ (انگريزي، 1929ع)، ۾ سنڌ اندر تعمير ٿيل ڏيورين، مڙهين ۽ ٺلن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن مان ڪي اشوڪ جي دور ۾ تعمير ٿيا ته ڪي وري بعد جي زمانن ۾ جُڙي راس ٿيا. البت مؤرخن جي هيءَ راءِ وزندار آهي ته، اشوڪ جو ڪو به فرمان اڃا تائين سنڌ جي حدن مان نه مليو آهي. (ڊاڪٽر ڊي. سي سرڪار: اشوڪ جا ڪتبا، انگريزي، دهلي 1957ع)
يوناني باختري:
سنڌ جي قديم تاريخ جي تاڃي پيٽي جي تشڪيل هڪ ڏکيو مرحلو آهي. يوناني باختري حاڪمن جي سنڌ ۾ حاڪميت لاءِ مختلف اندازا اختيار ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر ليمبرڪ ۽ ايم. ايڇ. پنهور هن ڏس ۾ ٿوري فرق سان هن دور جو تخمينو لڳايو آهي. ايم. ايڇ پنهور جي راءِ ۾، باختر (اڄ به افغانستان جو هڪ صوبو آهي) جا يوناني حاڪم 187ق. م کان 80 ق. م تائين تاجدار رهيا. يعني انهن لڳ ڀڳ هڪ صدي باختر تان ويهي راج ڪيو. ڊيميٽريس، اگاٿوڪلس ۽ مينئڊر (مينا در) ڪي مکيه حڪمران ٿي گذريا آهن. انهن مختلف وقتن تي سنڌو ماٿريءَ جي جدا جدا علائقن کي فتح ڪيو، جن ۾ خاص ڪري ڪشمير، کنڀات (گجرات) ۽ سنڌ شامل آهن. هن خطي کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ، يوناني باختري گورنرن پٽالا کي پنهنجو مرڪز بنايو. هڪ راءِ موجب سنڌي ٻُڌن (ڀڪشن) جو هڪ وفد، مينئڊر جي حڪم تي سيلون ۾ ٿيندڙ ٻڌ ڌرم جي هڪ عظيم اجلاس (Council) ۾ شريڪ ٿيو هو. وڌيڪ هي ته اُهي ان دور ۾ افغانستان، هندستان ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ رهندڙ، مقامي تهذيب ۾ سمائجڻ شروع ٿي ويا هئا. ان ڪري يوناني اثر جي خاتمي جو وقت اچي چڪو هو، جيڪو سڪندراعظم جي دور ۾ شروع ٿيو هو. (سنڌ جي واقعاتي لغت، ص 90-94) مولائي شيدائيءَ موجب موريا خاندان 184 ق. م ڌاري ختم ٿيو ۽ هندستان ۾ ان جي جاءِ ’سنگا‘ (سنگهه) خاندان والاري. يوناني باخترين جو مرڪز سگالا (سيالڪوٽ) هو. انهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته اتي به ڪي نوان شهر تعمير ڪيائون. انهن جا مقامي حاڪم (گورنر) هميشه پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا. مينئڊر، سنگا خاندان کي هڪ مرحلي تي شڪست به ڏني، پر هو پاڻ به ٻڌمت جو پيروڪار ٿي ويو. يوناني باختري پاڻ ۾ وڙهي وڙهي چاليهن حصن ۾ تقسيم ٿي ويا. ان ريت هندستان تان سندن قبضو ختم ٿي ويو. (جنت السنڌ، ص 47)
هن عنوان تي ليمبرڪ به پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن. سيليوڪس جي خاندان جي وارثن مان جي باختر جا حاڪم ٿيا، انهن نه فقط پاتلين (پٽالا) تي قبضو ڪيو، پر ان سان گڏ سموري لاڳاپيل علائقي کي به والاريو. هنن ايتريون ته فتحون ڪيون، جي خود سڪندر کي به هن خطي ۾ نصيب نه ٿيون هيون. اهو ممڪن ڪونهي ته ’سنگهه‘ قبيلي ڪو جلد سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو هوندو. ان افراتفريءَ واري دور ۾ اهو به ممڪن آهي ته، ٻڌ ڌرم جي عقيدي رکندڙن سنڌ ۾ حاڪميت نروار ڪئي هجي. سنڌ ملڪ جا ان دور وارا مکيه لوڪ سؤوير- سِنڌو هئا، جي قدم به قدم سنڌو ماٿريءَ وچان هيٺ لهندا آيا هئا ۽ ان جي اڀرندي طرف واري علائقي ۾ وڃي گڏ ٿيا هئا. سنڌو لوڪن خاطريءَ سان پنهنجي ملڪ جي آزاد ۽ خودمختيار رُتبي لاءِ ضرور ڪي ڪوششون ڪيون هونديون. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص 177، 179، 186)
سٿيا دور ۽ سنڌ:
ايم. ايڇ پنهور، ليمبرڪ جي برعڪس ’سٿيا ۽ پارٿيا دورن‘ کي جدا جدا پيش ڪندي، انهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پنهور صاحب جي تحقيق موجب سنڌ جي ساڪا يا سٿيا راڄ جي شروعات 80 ق. م ڌاري ٿي ۽ انهن جو خاتمو 19ع يا 10ع ڌاري ٿي ويو. ان جو مطلب ته هي دور جملي 90 يا 99 سالن تي مشتمل هو. پنهور صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ چارٽ ذريعي سٿين حاڪمن کي نروار ڪيو آهي، جن جو راڄ سڄيءَ سنڌو ماٿري ۽ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين موجود ڏسجي ٿو. (پيرائتي سنڌ ڪٿا، ص 125-126)
سنڌ ۾ پارٿيا راڄ:
سٿيا راڄ کي پارٿيا خاندان اچي دربدر ڪيو. ايم. ايڇ پنهور جي تحقيق موجب پارٿيا دور ڪل پنجاهه، پنجونجاهه سالن تي مشتمل آهي. پنهور صاحب جي ڏنل چارٽ موجب گونڊو فيرس (گونڊ فرنس) هن گهراڻي جو مکيه حڪمران ٿي گذريو آهي. (پيرائتي سنڌ ڪٿا، ص 127-128)
ڊاڪٽر ايڇ. ٽي ليمبرڪ، جنهن سنڌ جي قديم تاريخ تي، پهريون ڀيرو سنجيدو ڪم ڪيو هو، ان سٿيا ۽ پارٿيا دورن جو ڪي قدر مناسب تجزيو پيش ڪيو آهي. هن جي راءِ آهي ته 160 ق. م کان اڳ، منگوليا کان ڌِڪي ڪڍيل مرڪزي ايشيائي قبيلي جي هڪ وڏي ڪٽڪ جي اولهه طرف لڏ پلاڻ، سنڌو ماٿريءَ جي اتر- اولهه ۾ واقع ملڪن ۾ زبردست تبديليون آنديون. ان ڪري يونانين جي قائم ڪيل بادشاهين جو خاتمو اچي ويو ۽ هتي سنڌو ماٿريءَ ۾ نين حڪمران قومن جو وجود عمل ۾ آيو... هندستان ۾ پهرين ساتهه (سَٿيا/ ساڪا) بادشاهي، جنهن جي متعلق اسان وٽ سِڪن ۽ ڪتبن جي صورت ۾ پڪي ثابتي موجود آهي، جنهن جو بنياد ميئوس (ميئوز)، يوناني ’بادشاهين‘ جا ڪجهه علائقا فتح ڪري، اتر الهندي پنجاب ۾ قائم ڪيو هو... ساڪا قبيلي جا اوائلي ڪتبا هزاره گلگت ۾ مليا آهن، جن اتي حڪمراني مضبوط ڪري پوءِ ٽيڪسيلا کي فتح ڪيو هو... ان کان پوءِ اهي سنڌو ماٿريءَ ۾ اڳتي وڌيا. سنڌ جي سياسي حيثيت بابت هيءَ راءِ وڌيڪ درست آهي ته، ان دور ۾ آرڪوسيا (آرچوسيا) جو حاڪم اعليٰ (وائسراءِ) سنڌ کي پنهنجي ماتحت هڪ پرڳڻو سمجهندو هو، جڏهن سيستان کان آيل سٿيا لوڪن ان تي قبضو ڪيو هو... پارٿيا حاڪم گونڊو فرنس لاءِ خاطري آهي ته ان هن سموري خطي کي فتح ڪيو هو ۽ سنڌ ملڪ تي به پنهنجي حاڪميت قائم ڪئي هئي. ان دور ۾ سنڌ جو تجارتي ڪاروبار بندرگاهه باربريڪون (باربريڪان) ذريعي ٿيندو هو. ياد رهي ته باربريڪان کي موجوده دور ۾ ’ڀنڀور‘ جي نالي سان سڃاتو ويو آهي. باوجود ان جي ته سٿيا ۽ پارٿيا دورن ۾ مرڪزي ايشيا کان وٺي، سنڌي سمنڊ تائين حالات ٺيڪ نه هئا، پر پوءِ به ان دور ۾ پرڏيهه ۾ لکيل هڪ ڪتاب ذريعي، سنڌ جي خوشحالي ۽ دنيا سان هلندڙ وڻج واپار متعلق سٺي ڄاڻ ملي ٿي. ليمبرڪ لکي ٿو: اهو هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ وڏي مقدار ۾ اناج ۽ چانور پيدا ٿين ٿا. تِرن جو تيل، مکڻ، ململون ۽ ڪورا ڪپڙا ٺاهيا وڃن ٿا. اهي ڪپڙا هندستاني (سنڌي) ڪپهه مان ٺهن ٿا، اتي چوپائي مال جا وڏا وڏا ڌڻ آهن. مڪاني ماڻهن جو قد ۽ بت وڏو ۽ رنگ ڪارو آهي. ضلعي (ملڪ) جي گاديءَ وارو شهر مين نگر (مينا نگر) آهي، جتان وڏي مقدار ۾ سوٽي ڪپڙا ’بيري گازا‘ ڏانهن برآمد ٿين ٿا. ملڪ جي انهيءَ حصي ۾ اڄ ڏينهن تائين سڪندر جي حملي جا يادگار، قديم مندر، ڇانوڻين جا بنياد ۽ وڏا وڏا کوهه محفوظ رکيا ويا آهن. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص: 189، 193، 197، 198، 201، 203)
ڪُشان دور ۾ سنڌ:
ڪي عالم ’ڪشن‘ (ڪشان) خاندان کي ’يوچي خاندان‘ به سڏين ٿا. ڪجهه وري سٿين ۽ يوچي قومن کي ’هُن‘ (Hun) جي نالي سان ياد ڪن ٿا. 165 ق. م ڌاري يوچي قوم چين جي علائقي ڪاسوا مان نڪرڻ کان پوءِ، ترڪستان جي رستي کان بلخ ۽ ڪابل توڙي ڏکڻ ايشيا جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪيو. ڪُشن خاندان تمام تڪڙو ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. سن 73 ق. م ۾ مگڌ جي سنگا خاندان جي پڄاڻي ٿي. سن 78ع ۾ يوچي راجا ڪنشڪ، ڪشمير، يارقند، ڪاشغر، قنڌار، سنڌ ۽ نربدا نديءَ تائين قبضو ڄمايو. (جنت السنڌ، ص 47-47) ايم. ايڇ پنهور سنڌ ۾ ڪشن دور جو عرصو 65ع کان 283ع تائين ٻڌايو آهي. (سنڌ جي واقعاتي لغت، انگريزي، ص 102-107)
عيسوي سن جي پهرين صديءَ جي آخري اڌ ۾، ڪشن لوڪن جي هٿان پارٿي راڄ جو خاتمو ٿيو، جيڪي اتر- اولهه هندستان ۾ حاڪم هئا. ڪشن وچ ايشيائي غول ’يوچي‘ جي پنجن قبيلن مان هڪ قبيلو هئا. انهن ٻه صديون اڳ ’ساڪا‘ ماڻهن کي به باختر مان ڊوڙائي ڪڍيو هو. ڪشن قبيلي جي سردار ڪجولا ڪَد فائيسز پاڻ کي سڄي ’يوچي قوم‘ جي مٿان اعليٰ ترين طاقت جو مالڪ بنايو ۽ هن 50ع ڌاري ڪابل ماٿريءَ تي قبضو ڪيو. سندس پٽ وِما، ٽيڪسيلا ۽ لاڳاپيل علائقا پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيا. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص 206) وِما، جو جاءِ نشين ڪنشڪ 78ع ڌاري، ڪشن گهراڻي جو تاجدار بنيو. هن پارٿين سان طويل جنگ ڪري انهن جو خاتمو ڪيو. ان ريت هن چين کان ڪاشغر، يارقند ۽ ڪي ٻيا صوبا به کسي ورتا. هن تمام جلد اتر سنڌ جي ڳچ علائقن تي به قبضو ڪيو. ڪنشڪ جي سوڀن ۾ هي به شامل آهي ته، هن ڪشمير، گنگاماٿري ۽ اتر- اولهه هندستان جي اڪثر علائقن تي به پنهنجي حاڪميت قائم ڪئي. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص 206) ڪنشڪ ٽيويهن سالن جي راڄ کانپوءِ ٻي صدي عيسويءَ جي شروع ۾ گذاري ويو. بعد ۾ ’هوويشڪ‘ ۽ ’واسديو‘ حڪمران ٿي گذريا. ثبوتن موجب هوويشڪ، ڪابل، ڪشمير ۽ جمنا جي ڪناري تي مٿرا تي بادشاهي ڪندو هو. آخر ۾ هو مالوا جو قبضو وڃائي ويٺو هو. البت ٻه صديون پوءِ به اتر سنڌ ڪشن راڄ جو حصو رهي. آر. ڊي. بئنرجي، جنهن موهن جي دڙي جون کوٽايون ڪيون، اُن هن ماڳ تان ٻڌ ڌرم جي جاين وٽان، هوويشڪ ۽ واسديو جا سِڪا هٿ ڪيا، جي وڏي مقدار ۾ هئا. لاڙڪاڻي جي ڀرسان جُهڪڙ (جهڪر) جي دڙي مان به هن خاندان جي بادشاهه واسديو جا سڪا مليا هئا. وڌيڪ اهو به ته اتان ڪشن گهراڻي جي زوال واري وقت جا سڪا به مليا آهن. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص 206-209)
ليمبرڪ ڪشن دور تي بحث ڪندي، هيءُ سوال اٿاريو آهي ته، ان وقت هيٺينءَ سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو هو؟ لکي ٿو ته ڪنشڪ جي مرڻ کانپوءِ ٻي صدي عيسويءَ ۾ ساڪا سردارن ٻيهر اولهه هندستان ۾ شاهي رتبو حاصل ڪري ورتو. انهن اعليٰ خطابن بجاءِ ’کشتريه‘ ۽ ’مهاکشتريه‘ جهڙن لقبن کي ئي قائم رکيو. انهن ’مغربي والين‘ جي نالي واري گهراڻي جو باني چيستنه هو، جو مالوا جو حڪمران هو. 130ع ڌاري هن سان گڏ سندس پوٽو ’رودرادمن‘ بادشاهي ڪري رهيو هو. 150ع جي هڪ ڪتبي موجب هن جي بادشاهي گجرات، مالوا، وچ ۽ ڏکڻ اولهه راجپوتانا، ڪاٺياواڙ، ڪڇ ۽ ’سنڌو ۽ سؤوير‘ علائقن تي پکڙيل هئي. رودرادمن هڪ باشعور حاڪم هو، جيڪو وزارتي ڪائونسل جي صلاح سان حڪومت ڪندو هو. اهو يقين سان چئي نه ٿو سگهجي ته لوئر سنڌ، ڪيتري عرصي تائين اُجين جي مغربي ’کشترپائن‘ جي حاڪميت هيٺ رهي. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص: 210-211)
ساساني ۽ سنڌ:
ايران تي ساساني خاندان 226ع کان 652ع تائين بادشاهي ڪئي. اردشير هن گهراڻي جو پهريون بادشاهه هو. آخري بادشاهه جو نالو يزدگرد (ٽيون) هو. سرپرسي سائيڪس جي راءِ ۾، هخامنشي حاڪمن کان پوءِ ساسانين حقيقي معنيٰ ۾ ايراني قوم جي تشڪيل ڪئي ۽ ان کي پنهنجي سڃاڻپ ڏني، پنهنجي وطن جي جاگرافيءَ کي يڪجهتي فراهم ڪئي ۽ ننڍين ننڍين حاڪميتن جي برعڪس، هڪ پختي ۽ پائدار بادشاهت کي وجود ۾ آندو. (هسٽري آف پرشيا، جلد 1، ص 391) نامور محقق ايم. ايڇ. پنهور، سنڌ ۽ ساساني بادشاهن جو تعلق 283ع کان 499ع تائين ڄاڻايو آهي. اُن ريت ڏسجي ٿو ته سنڌ ۽ ساساني خاندان جو تعلق ٻن صدين تي محيط آهي، مقبول بيگ بدخشانيءَ (تاريخ ايران، جلد اول، اردو) پنهنجي ڪتاب ۾، ساساني بادشاهن جو سنڌ سان تعلق، سنڌو ماٿر طرف پيش قدمي ۽ انهن جو هندستان ڏانهن رويو، تحقيقي انداز سان نروار ڪيو آهي. پروفيسر مقبول بيگ موجب اردشير بادشاهه، هند جي ڪشان بادشاهه ڏي وفاداريءَ جي اعلان لاءِ واجهايو. هند جي حاڪم ايراني درٻار ۾ سفير ۽ تحفا موڪليا. اردشير ان عمل کي پسند ڪيو. شاپوراعظم (309-379ع)، ’هُن‘ (Hun) قبيلن کي مطيع ڪيو. ان بعد هن هند ۽ سنڌ جي بادشاهن کان خراج جو مطالبو ڪيو. ٻنهي ملڪن سفير موڪلي اطاعت ڪئي ۽ بادشاهه سلامت لاءِ تحفا ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. ان کان پوءِ وري بهرام گور (420-440ع)، جي دور ۾ تعلقات جي بحالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. بهرام گور هند (سنڌ) طرف لشڪر ڪشي ڪئي. هتي جي حاڪم سندس وڏي آجيان ڪئي، ڇو ته هند ۽ سنڌ کي ’هُن‘ (HUN) قبيلن گهڻو تنگ ڪيو هو، جن کي بهرام گورَ چيڀاٽيو هو. مڪران طرف ڪي علائقا به ايران جي حوالي ڪيا ويا. هتان جي راجا پنهنجي ڌيءَ جو رشتو به بهرام گور کي ڏنو هو. (تاريخ ايران، جلد اول، ص 335، 336، 396، 417، 418)
ڊاڪٽر لئمبرڪ ساساني خاندان ۽ سنڌ جي تعلق تي مختلف رُخن کان روشني وڌي آهي. اردشير ۽ بهرام ثاني (275-282ع)، سنڌ طرف پيش قدمي ڪئي. خراج وصول ڪيو ۽ ڪي علائقا به کسيا. هن جي راءِ موجب سنڌ جو علائقو ذري گهٽ، چوٿين صدي عيسويءَ جي اڌ تائين ايران جي ماتحت رهيو. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص 209-212) جيتوڻيڪ ان دور ۾ هندستان ۾ گپتا خاندان جو راڄ هو، پر اهي سنڌو ماٿريءَ کي والارڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا هئا. ايراني اثر جي زوال تي مقامي ماڻهو پنهنجي حاڪميت بحال ڪري وٺندا هئا. ليمبرڪ موجب پنجين صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾، اتر- الهندي هندستان ۾ ايراني اثر وري بحال ٿيو هو. جُهڪر مان لڌل ٺڪر جي ٿانون تي نڪتل شڪلين مان اها تصديق ٿئي ٿي ته ان دور ۾، سنڌ تي وري ايراني حاڪميت غالب هئي. لاڙڪاڻي جي ڀرسان سون جا ساساني سڪا به مليا آهن. ڏسجي ٿو ته اهي سڪا خاص سنڌ ملڪ لاءِ ٺهيا هئا. ڇو ته ٻئي ڪنهن به ماڳ تان اهڙا ساساني سِڪا نه مليا آهن. (ص 211-214، ليمبرڪ) آخري عظيم ساساني بادشاهه خسرو اول عرف نوشيروان عادل (531-578ع) جي دور ۾ سنڌ تي ايراني حاڪميت جا آثار ملن ٿا.
هڪ راءِ آهي ته بادشاهه خود سنڌ (هند) آيو هو. ليمبرڪ موجب، هن جي حڪم تي سڀ ماڻهو سندس حضور ۾ آيا. انهن پاڻ کي پيش ڪيو. سنڌوءَ جي ڪپ سان ٻن ميلن ۾ رڳو گهوڙا، هاٿي، ڪيمخاب ۽ سِڪا نظر پئي آيا. وڏا ماڻهو دل جي حضور ۽ وفاداريءَ سان شاهه جي اڳيان آيا، جنهن کانئن حال معلوم ڪيو ۽ انهن سان سندن مرتبي مطابق هلت ڪئي. (ص 217) ليمبرڪ جو رايو آهي ته هيءَ ڳالهه غير امڪاني ناهي ته، سنڌ جي راءِ گهراڻي پنهنجي شروعات، نوشيروان جي ڏن ڀروءَ طور ڪئي هجي. راورٽي لکي ٿو ته سنڌ جيتوڻيڪ سڌيءَ طرح ايران جي تابع نه هئي، پر پوءِ به هتان جا حاڪم شاهه ايران جي بالادستيءَ کي مڃيندا هئا، ۽ ان کي نالي ماتر ڏن به ڏيندا هئا. (ليمبرڪ، حوالو مٿي ڏنل، ص: 217- 218)
ساساني بادشاهن جي دور ۾ سنڌ ۽ ايران جو تعلق ٻن صدين تي پکڙيل آهي. اڄ سنڌ تي ساسانين جي دور جي اثرات جو جائزو وٺڻ ڪي قدر مشڪل آهي. ان هوندي به ان دور ۾ سنڌ تي ايراني اثر جا ڪيئي پهلو آهي، جن تي تحقيق ڪرڻ سان ڪجهه نه ڪجهه مواد ملي سگهي ٿو. ان زماني جي ايراني ٻوليءَ، علم، لکت، تهذيب، مذهب ۽ فن تعمير، سنڌ تي لازمي طرح پنهنجا نقش ڇڏيا هئا. سون جا ساساني سِڪا، جيڪي خاص سنڌ لاءِ ٺهيا، اهي اتر سنڌ مان مليا آهن. جهڪر جي دڙي وٽان مليل ٺڪر جي ٿانون تي ٿيل چٽسالي به ساساني تعميرات سان مطابقت رکي ٿي. موجوده ڄام شوري ضلعي ۾ موجود ’رني ڪوٽ‘ ضلعي جي اڏاوت ۽ تعمير بابت جيتوڻيڪ عالمن ۾ اختلاف آهن، پر ڪيترا اسڪالر ان جي تعمير ساساني بادشاهن ڏانهن منسوب ڪن ٿا، جن ۾ سائين جي. ايم. سيد ۽ ڪرنل رشيد ۽ ٻيا شامل آهن.
سنڌ ۾ راءِ خاندان جي حڪومت:
ساساني حاڪمن جي ڪمزوري ۽ انهن جي سنڌ کان دوري، سنڌو ماٿر ۾ هڪ ڏيهي خاندان جي حاڪميت کي اسرڻ ۽ وڌڻ جو موقعو مهيا ڪيو. هونئن به ٻن صدين جي تعلق واري دور ۾، جڏهن ساسانين بار بار حملا ڪري سنڌ ملڪ تي قبضو ڪيو، ڦرلٽ ڪئي ۽ ڏيهي ماڻهن کي ڊيڄاريو، ان صورتحال ۾ به، مقامي اقتدار هتان جي عوام جي هٿ ۾ هو. راءِ خاندان وارا ڪير هئا؟ اسلام کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ ماڻهن کي نسلي طرح ٻن طبقن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو. هڪ سورج ونسي، ٻيو چندرونسي. هن خاندان (چندرونسي) دکن کان وٺي گجرات، سنڌ، بلوچستان، زابلستان ۽ ڪابل تائين پنهنجيون حڪومتون قائم ڪيون هيون. چندر ونسين جا به پنج خاندان هئا. انهن ۾ ’يادو‘ سنڌ جا حاڪم هئا. مؤرخن انهن کي ئي ’راءِ‘ جي لقب سان ياد ڪيو آهي. (جنت السنڌ، ص 69) وڌيڪ هي به چيو وڃي ٿو ته اهي (راءِ) سنڌ جا ’سما‘ هئا، کين سنڌ جو اصل رهاڪو ئي سمجهڻ کپي.
تاريخدانن جي راءِ انهيءَ ڏس ۾ تقسيم ٿيل ڏسجي ٿي ته، هي خاندان ڪڏهن سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ ان ڪيترا ورهيه راڄ ڪيو؟ ان ڏس ۾ ڌار ڌار سن ۽ سال درج ڪيا ويا آهن. ايليٽ، جنهن اوڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري، هندستان جي تاريخ جو، اتان جي (هند ۽ سنڌ) ڏيهي ماخذن جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو هو، اهو پڻ هن سڄي مامري تي خاموش آهي. سندس ڪتاب جو پهريون جلد سنڌ بابت آهي، جنهن کي عطا محمد ڀنڀري ڇپايو آهي. (سنڌ جي تاريخ- مؤرخن جي زباني: 2000ع) ان عرصي ۾ مشهور انگريز اسڪالر رچرڊ برٽن جو سنڌ بابت هڪ ڪتاب لنڊن مان ڇپيو. برٽن جي راءِ موجب مسلمانن جي فتح کان اڳ جزوي واقعن کي ڇڏي ڪري، سنڌ جي تاريخ ڏندڪٿائن سان ڀري پئي آهي. برٽن لکي ٿو ته، مسلم مؤرخن جي چوڻ مطابق، سنڌ جي سندر زمين تي راءِ گهراڻي جي پنجن حاڪمن، جن جي گادي الور ۾ هوندي هئي، اٽڪل 140 ورهيه سُک ۽ سانت سان راڄ ڪيو. اسان جي (عيسوي) ستين صديءَ ڌاري، راءُ سهاسي ٻيو بنا اولاد جي فوت ٿي ويو. سندس راڻيءَ سڀني حقي وارثن کي رستي تان هٽائي تخت پنهنجي چاهيندڙ چچ جي حوالي ڪيو. (سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون: سنڌي، ص: 13-14) برٽن، ’راءِ خاندان‘ کي راجپوت سڏيو آهي. هي مصنف هن گهراڻي جي دور جو تعين ڪرڻ کان پرهيز ڪري ٿو.
حقيقت ۾ ساساني دور کانپوءِ جي سنڌ جي تاريخ بابت مواد، اسان کي تحريري طور ملي ٿو، جو خود سنڌ ۾ لکيو ويو. جيتوڻيڪ ان ۾ ڳچ نقص آهن، پر پوءِ به هي مواد سنڌ جي تاريخ لاءِ ڪارائتو آهي. علي بن حامد ڪوفي (مترجم) جو ڪتاب ’چچ نامه‘ سنڌ بابت لکيل پهريون ڪتاب آهي، جنهن ذريعي اسان کي عرب فتوحات کان اڳ سنڌ جي تاريخ ۽ پڻ محمد بن قاسم جي حملن ۽ فتحن بابت گهڻي ڄاڻ ملي ٿي. هن ڪتاب ۾ ٽن رائن (راجا) جو ذڪر ٿيو آهي: راءِ ساهسي (اول)، راءِ سهيرس (ٻيو)، ۽ راءِ ساهسي (ٻيو). هي به ٻڌايو ويو آهي ته انهن جو تختگاهه ’اروڙ‘ (الور) ڏاڍو سهڻو ۽ خوبصورت شهر هو، ۽ اهو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي آباد هو. (چچ نامه، سنڌي، ص: 21- 24) پوءِ جي دور ۾ ننگر ٺٽي جي رهاڪو مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ نالي تاريخي ڪتاب ۾، راءِ خاندان جي پنجن بادشاهن جا نالا هن ريت ڏنا آهن: راءِ ديوائج (ڏياچ)، راءِ سهيرس (اول)، راءِ ساهسي (اول)، راءِ سهيرس (ٻيو)، ۽ راءِ سهاسي (ٻيو). (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 9-10) ڪجهه اسڪالرن راءِ سهيرس کي راءِ سهارس ۽ راءِ ساهسي کي ’سهاسي‘ به لکيو آهي. اڄ جي دور ۾ نالن جي جزوي ڦيرڦار کي ڇڏي ڪري، ان ڳالهه تي اتفاق ڏسجي ٿو ته، راءِ خاندان جي پنجن بادشاهن سنڌ تي حڪمراني ڪئي.
راءِ خاندان ڪڏهن حڪومت جو آغاز ڪيو ۽ انهن جو خاتمو ڪڏهن ٿيو، اهو هڪ اهم سوال آهي. مولوي نور محمد نظاماڻيءَ راءِ خاندان جو سرسري ذڪر ڪيو آهي، ليڪن انهن جي زماني بابت ڪاٿو نه ڪري سگهيو. (سنڌ جي تاريخ، ڀاڱو پهريون، ص: 62-66، سنڌالاجي، 1982ع) نظاماڻي صاحب کانپوءِ مولائي شيدائي (جنت السنڌ، ص: 7)، هنن جي حاڪميت جو دور 450ع کان 662ع تائين ڄاڻايو آهي. پنهنجي ٻئي ڪتاب ۾ ساڳئي مصنف راءِ گهراڻي جو دور حڪومت 450ع کان 643ع لکيو آهي. (تاريخ تمدن سنڌ، ص: 122) ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، شايد هن ڏس ۾ وڌيڪ معقول راءِ پيش ڪئي آهي. هن جي تحقيق موجب راءِ خاندان جو دور حڪومت، سن 550ع ڌاري شروع ٿيو ۽ سال 644ع ۾ ختم ٿي ويو. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ) هنن متعلق نامور اسڪالر ايم. ايڇ. پنهور به پنهنجي راءِ ڏني آهي. پنهور صاحب هن دور جي ڪَٿَ 500ع کان 640ع تجويز ڪري ٿو. (سنڌ جي واقعاتي لغت، انگريزي، ص: 114- 126)
مشهور ساساني بادشاهه نوشيروان (531- 579ع)، خود سنڌ تي ڪاهي آيو هو، جيئن اڳ ۾ مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. ليمبرڪ جو هي خيال وڌيڪ وزندار آهي ته ابتدا ۾ ’راءِ‘ خاندان، نوشيروان بادشاهه جو ڏن ڀرو رهيو هجي. بعد ۾ ايراني سلطنت جي ڪمزوري ظاهر ٿيڻ سان انهن پنهنجي خود مختياريءَ جو اعلان ڪيو هجي. ان پسمنظر ۾ ليمبرڪ جي اها راءِ ته، انهن (راءِ) سن 550ع ۾ سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت جو آغاز ڪيو، وڌيڪ مستند لڳي ٿي.
هتي اهو سوال به اڀري ٿو ته راءِ خاندان جي حڪومت ڪڏهن ختم ٿي. مٿي جدا جدا مؤرخن جا رايا پيش ٿي چڪا آهن. ليمبرڪ خاتمي جو سال 644ع سمجهي ٿو. ليڪن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق وڌيڪ موزون لڳي ٿي. سندس تحقيق آهي ته 32هه/ 652ع) ۾ آخري راءِ فوت ٿيو. ان بعد برهمڻ خاندان سنڌ جو تاجدار بنيو. (ممتاز مرزا: سنڌ صدين کان، ص: 453) اها تحقيق قبول ڪرڻ بعد، چئي سگهجي ٿو ته راءِ خاندان، سنڌ تي 102 سال بادشاهي ڪئي.
هن بحث کان پوءِ موجود مواد جي آڌار تي، راءِ خاندان جي بادشاهت، بادشاهن ۽ ان وقت جي حالتن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
روهڙيءَ جي ڏکڻ- اوڀر ۾ انهن حاڪمن جو تختگاهه ’اروڙ‘ جو شهر، سنڌو درياهه جي ڪناري تي موجود هو. اروڙ جو شهر، جو هند ۽ سنڌ جو تختگاهه رهيو آهي، سو اڳئين زماني ۾ سيحون نديءَ تي، جنهن کي مهراڻ چوندا آهن، قسمين قسمين ماڙين، چراگاهن، گلن، باغن، حوضن، نهرن، باغيچن ۽ گلڪارين سان سينگاريل، هڪ وڏو شهر هو (چچ نامو، سنڌي، ص: 21). راءِ خاندان جي دور ۾ ملڪ جي حدن بابت لکيو ويو آهي ته، انهن جي ملڪ جون حدون اڀرندي (حقيقت ۾ اوڀر- اتر) کان ڪشمير تائين، الهندي کان مڪران تائين، ڏکڻ کان سمنڊ جي ڪناري ۽ ديبل تائين، اتر کان (اولهه- اتر) ڪردن جي جبل ۽ ڪيڪانان تائين پکڙيل هيون (چچ نامو، سنڌي، ص: 21). انتظامي طرح سان ملڪ کي چئن پرڳڻن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو: هڪ برهمڻ آباد، جنهن ۾، نيرون ڪوٽ (رنيڪوٽ؟) جي قلعي کان وٺي ديبل، لوهاڻو يعني لاکا ۽ سما ايراضين وارو علائقو، ويندي سمنڊ تائين، ٻيو سيوستان [مرڪزي] شهر، جنهن ۾ ٻُڌيه (ساهتي پرڳڻو ؟)، جنگان، رونجهاڻ، ڪوهه پايه، ويندي مڪران جي حد، ٽيون اسڪلنده [اُچ] ۽ ڀاٽيه جو قلعو، جنهن کي تلواڙو ۽ چچ پور به چوندا آهن، ۽ اتي جي آسپاس وارا ملڪ ديوَهپور تائين، ۽ چوٿون ملتان، جنهن ۾ سرڪا، برهمپور، ڪرور، اشهار ۽ تاڪيھ ويندي ڪشمير جي حد تائين، وارو سمورو ملڪ راءِ جي هٿ هيٺ هو. (چچ نامو، سنڌي، ص: 21-23) واضح ٿيو ته ملڪ جا چار پرڳڻا: برهمڻ آباد، سيوستان (سيوهڻ)، اسڪلنده (اُچ) ۽ ملتان هئا، جتي اروڙ پاران حاڪم، حڪومت ڪندا هئا. راءِ گهراڻي جي حاڪمن جي باري ۾ هن ريت احوال ملي ٿو:
راءِ ديوائج: راءِ خاندان جو پهريون بادشاهه راءِ ديوائج، جنهن کي ڪي مصنف راءِ ڏياچ به لکن ٿا، امڪاني طرح سان 550ع ڌاري سنڌ جو راجا بنيو. ابتدا ۾ گهٽ طاقتور هو. بعد ۾ ساسانين جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي ملڪ ۽ حڪومت کي وسعت ڏنائين. مير علي شير قانع لکيو آهي ته، راءِ ديوائج عاليشان بادشاهه هو. هندستان جا سڀ بادشاهه، سندس مخلص ۽ خيرخواهه هئا. ڄاڻو ڪامورن جي هٿ هيٺ ساري ملڪ ۾ دل گهرئي نموني ملڪي ڪاروبار هليو ٿي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 9) هن جي وفات جو سال معلوم نه ٿيو آهي.
راءِ سهيرس (پهريون): هن جي اقتدار ۾ اچڻ ۽ خاتمي بابت تذڪرا خاموش آهن. هي راءِ گهراڻي جو ٻيو بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن جي حڪومت ۽ دور بابت گهڻي ڄاڻ نه ٿي ملي. البت هي لکيو ويو آهي ته والد جي رستي تي هلندي حڪومت ڪيائين. عيش ۽ آرام سان زندگي گذاري، جهان ڇڏيائين. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 9- 10)
راءِ ساهسي (اول): راءِ خاندان جو ٽيون بادشاهه، جنهن کي راءِ سهاسي به سڏيو ويو آهي، اُن اروڙ ۾ شان ۽ شوڪت سان حڪومت ڪئي. مير علي شير قانع موجب، راءِ ساهسي حڪومت جي گادي ۽ بادشاهيءَ جي تخت تي مرادون ماڻي، ڪيترو عرصو گذاريو ۽ وڏن واريون روايتون چڱيءَ طرح جاري رکيون. سندس حڪومتي دور متعلق گهڻي معلومات نه ٿي ملي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 10)
راءِ سهيرس (ٻيو): هي راءِ گهراڻي جو چوٿون بادشاهه ٿي گذريو آهي. مير قانع ٺٽويءَ هن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي (تحفة الڪرام). البت وڌيڪ تفصيل ’چچ نامه‘ ۾ ملن ٿا. هن جي حڪومت جي آغاز بابت ڄاڻ نه ٿي ملي. پاڻ هڪ عادل ۽ انصاف ڪندڙ حاڪم ٿي گذريو آهي. ڪشمير کان سمنڊ ۽ مڪران تائين بادشاهي ڪيائين. هي هڪ عالي دماغ حاڪم ٿي گذريو آهي. تاريخن ۾ لکيو ويو آهي ته، پنهنجن حڪمرانن (صوبائي گورنرن) مان هرهڪ کي لڙائيءَ جي تياري، گهوڙن، هٿيارن ۽ ٻئي جنگي سامان جي تياريءَ بابت ڏاڍو تاڪيد ڪيو هئائين ۽ ساڳئي وقت ملڪ جي حفاظت، رعيت جي دلجوئي ۽ حڪومت جي بالادستيءَ لاءِ پڻ حڪم جاري ڪيائين، ته جيئن هو پنهنجي ولايت جي سرحدن کي محفوظ رکندا اچن، ۽ سندس ملڪ ۾ اهڙو ڪو به ظالم نه هو، جو سندس ملڪ جي ڪنهن به طرف کان ڇيڙڇاڙ ڪري. (چچ نامو، سنڌي، ص: 23) وڌيڪ اها ڄاڻ ملي ٿي ته اوچتو تقدير سان ايران جي طرف کان نيمروز بادشاهه جو لشڪر حملو ڪري اچي ڪرمان ۾ پهتو. اها خبر ٻڌي راجا سهيرس بنا ڪنهن کُٽڪي جي، ڏاڍي فخر سان اروڙ جي قلعي مان خاص لشڪر وٺي سندس سامهون ٿيو ۽ ساڻن جنگ ڪيائين. جڏهن ٻنهي طرفن کان ناليرا مرد ۽ جنگي بهادر، خونخوار تلوارن جو لقمو ٿي چڪا، تڏهن ايرانين جي لشڪر سخت حملو ڪيو. راجا سهيرس جو لشڪر شڪست کائي ويو، مگر سهيرس پنهنجي عزت ۽ نالي خاطر بيٺو رهيو ۽ شهادت تائين جنگ ڪندو رهيو. (چچ نامو، صفحو: 23) نيمروز جو بادشاهه موٽي ويو، ۽ سهيرس جو پٽ راءِ ساهسي (ٻيو) پيءُ جي ملڪ جي تخت تي ويهي ملڪ جو خودمختيار حاڪم ٿيو.
مير علي شير قانع ڪجهه اختلافن سان هن جنگ کي بيان ڪيو آهي. هن تي نيمروز جي بادشاهه ڪاهه ڪئي. انهيءَ خبر ٻڌڻ شرط، هن ڪيچ جي حدن وٽ سندس سامهون ٿي جنگ جو ميدان سينگاريو. صبح کان شام تائين جنگ جي باهه ڀڙڪندي رهي. اوچتو سندس نڙيءَ ۾ تير وڃي لڳو ۽ ساهه ڏنائين. نيمروز جو بادشاهه سندس لشڪرگاهه لُٽي پوئتي موٽي ويو. سهيرس جي لشڪر گڏ ٿي، سندس پٽ ساهسيءَ کي تخت تي ويهاريو. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص: 10) نيمروز جو بادشاهه ڪير هو، هي سوال حل طلب آهي. هن وقت نيمروز افغانستان جو هڪ صوبو آهي. البت قديم دور ۾ فارس، بست، زابل، سجستان ۽ ڪرمان وغيره نيمروز جي علائقي ۾ شامل هئا. (چچ نامو، سنڌي، ص: 405) ڊاڪٽر ليمبرڪ هن واقعي کي هن ريت سلجهايو آهي. ان وقت خود ساساني بادشاهت ۾ اندروني ويڙهه جاري هئي. موقعي جو فائدو وٺي هڪ صوبي (نيمروز، سيستان) جي حاڪم، خود پنهنجي طاقت لاءِ شايد هي مهم جوئي ڪئي هجي. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص: 232- 233) ان جو مطلب هي بيٺو ته نيمروز واري لڙائي، جنهن ۾ سنڌ جو راءِ مارجي ويو، ان ۾ ساساني بادشاهن جو ڪو به ڪردار نه هو. سوال هي آهي ته هي جنگ ۽ واقعو ڪڏهن پيش آيو؟ روايتي تذڪرن بجاءِ جديد تحقيق موجب هي واقعو 626ع (4 هجري) ۾ پيش آيو. (ممتاز مرزا، سنڌ صدين کان، ص: 153، 1982ع)
راءِ ساهسي (ٻيو): راءِ ساهسي (ٻيو) هن خاندان جو پنجون ۽ آخري بادشاهه ٿي گذريو آهي. سن 626ع کي قبول ڪندي، چئي سگهجي ٿو ته راءِ سيهرس (ٻئي) جي جنگ ۾ مارجڻ کان پوءِ سندس پٽ راءِ ساهسي (ٻيو) سنڌ جو بادشاهه بنيو. جيتوڻيڪ هن جو پيءُ راءِ سهيرس جنگ ۾ مارجي چڪو هو، پر پوءِ به راءِ ساهسي وڏي همت سان فوج ۽ عوام جي طاقت سان، سنڌ ملڪ کي سنڀاليو ۽ پنهنجي بادشاهي برقرار رکڻ ۾ سرخرو ٿيو.
البيرونيءَ جي ’ڪتاب الهند‘ جي مدد سان ڊاڪٽر بلوچ هن جنگ جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ لکي ٿو ته، هڪ فاتح حاڪم بجاءِ ان جي، جو سنڌين جي ملڪ طرف پيش قدمي ڪري، پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس موٽي وڃي، اهو ڏيکاري ٿو ته سهارس جنهن طريقي پنهنجي موت تائين بهادريءَ سان جنگ ڪئي، ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو حملي آور فوج کي اڳتي وڌڻ جي جرئت ئي ڪا نه ٿي. سهارس (سيهرس، ٻيو) جي هار ۽ موت دراصل فتح ۾ تبديل ٿي ويا. جنهنڪري راءِ سهاسي، جيڪو شڪست کاڌل جوڌي جو پُٽ هو، سو پنهنجي ملڪ ۾ وڌيڪ طاقتور ٿي ويو ۽ 4 هجري برابر 626ع ۾ نئين سنڌو سنبت جي ابتدا ٿي. (ممتاز مرزا: سنڌ صدين کان، ص 154)
شڪست، سوڀ ۾ تبديل ٿي. راءِ سهاسي وڌيڪ مضبوط حاڪم طور اڀريو. ان خوشيءَ ۾ سنڌ ملڪ جو پنهنجو ڪئلينڊر ’سنڌو سنبت‘ جاري ڪيو ويو. چئي نه ٿو سگهجي ته هي ڪئلينڊر ڪيترو وقت استعمال ۾ رهيو؟ تذڪرن راءِ ساهسيءَ جي دور جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي: نيمروز جو بادشاهه موٽي ويو ۽ سيهرس جو پٽ راءِ ساهسي، پيءُ جي ملڪ جي تخت تي ويهي انهيءَ ملڪ جو خودمختيار حاڪم ٿيو. سندس پيءُ جي هٿ هيٺ رهندڙ چئني حاڪمن سندس تابعداري ۽ موافقت ڪري، سندس فرمان مڃيو ۽ پنهنجا خزانا هن جي حوالي ڪري، سندس اطاعت ۽ اخلاص پنهنجو امتياز بنايائون، جنهنڪري وڏي راءِ ساهسيءَ جي سموري بادشاهي، هن جي اثر ۽ اقتدار هيٺ آئي ۽ رعيت سندس عدل ۽ انصاف کان آسودي ٿي. (چچ نامو، سنڌي، ص 24)
راءِ خاندان جي دور ۾ ’سنڌو سلطنت‘ جو پنهنجو هڪ مڪمل انتظامي ڍانچو موجود هو. خاص وزير ’ٻڌيمن‘ هو. وزير جو هڪ سيڪريٽري ’رام‘ هو. ان ريت ٻيا به ڪي وزير ۽ عملدار هوندا، جن متعلق گهٽ معلومات آهي. راءِ ساهسي (ٻئي) جي دور ۾، هڪ ڏينهن رام وٽ ’چچ‘ نالي هڪ نوجوان ڪشميري برهمڻ پهتو، هن جي پيءَ جو نالو ”سيلائج“ هو، چچ جي علم ۽ صحبت کان سيڪريٽري رام گهڻو متاثر ٿيو. آخرڪار، رام جي معرفت چچ وزير ٻڌيمن وٽ پهتو، جنهن هن کي ملازمت ۾ رکيو. اڳتي هلي چچ سنڌ جي حڪومت ۾ اهم درجو ماڻي ورتو. تذڪرن وڌيڪ بيان ڪيو آهي ته چچ درٻار ۾ داخل ٿي، ٻڌيمن کي چيو ته ”آءٌ هڪ پڙهيل لکيل انسان آهيان، چار ئي ويد ياد اٿم، منهنجو ڀاءُ چندر ۽ پيءُ پڻ اروڙ جي شهر جي ٻهراڙيءَ ۾، هڪ مندر ۾ عبادت ڪرڻ ۾ مشغول رهي، ساهسي راءِ ۽ رام کي دعائون ڪندا رهن ٿا.“ (چچ نامو، سنڌي، ص 24-25)
راءِ خاندان جي اٽڪل روءِ هڪ صدي خانداني سلطنت جي خاتمي جي سببن مان، هڪ سبب خود چچ جي سنڌ جي درٻار ۾ پهچ ۽ رسائيءَ کي ڄاڻايو آهي. هڪ ڏينهن وزير بيمار ٿي پيو، تڏهن ڪجهه ضروري ڪاغذن جي اُڪلاء جو مسئلو پيش آيو. ان وقت چچ برهمڻ کي مسئلي جي حل لاءِ سڏ ٿيو. راجا محلات ۾ موجود هو ۽ چچ کي اندر سڏايو ويو. راجا جي زال، راڻي ’سوهندي‘ (سونهن ديوي) پردي ۾ وڃڻ گهريو، پر ساهسيءَ چيو ته برهمڻ کان ڪهڙو پردو ڪبو؟ راجا کي برهمڻ چچ جو ڪم ۽ چال چلت تمام گهڻي پسند آئي. ان ڪري راءِ ساهسيءَ حڪم ڏنو ته، ”اڄ کان پوءِ پرائيويٽ سيڪريٽريءَ جو عهدو کيس (چچ) کي، ڏنو وڃي، جيئن محلات ۾ اندر اچي ضروري سوال جواب ڪندو رهي“. (تحفة الڪرام سنڌي، ص 10-11)
ان عرصي ۾ ڄاڻايو وڃي ٿو ته راڻي، چچ تي عاشق ٿي پئي ۽ چچ سان ملڻ لاءِ کيس ڪيئي پيغام موڪليائين، پر هو هميشه لنوائيندو رهيو. چچ جي حڪومت ۽ عوام ۾ وڏي مڃتا ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ راءِ ساهسي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو. ان حالت ۾ راڻي پريشان ٿي، چچ کي گهُرائي چيو ته، ”راءِ جو حال اجهو هي آهي، کيس ڪو به فرزند ڪونهي. ضرور سندس مائٽ ملڪ جا وارث ٿيندا، جي توکي ۽ مون کي ڪين ڇڏيندا، تنهنڪري ارادو اٿم ته ڪو حيلو هلايان، جيئن راجا ئي توکي ملي وڃي.“ چچ جڏهن ها ڪئي، تڏهن راڻيءَ اميرن کي پيغام موڪليو ته، ”راءِ ساهسيءَ کي ڪجهه افاقو ٿيو آهي، ليڪن ٻاهر نڪرڻ جي طاقت نه اٿس. گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، جو ملڪ جو ڪاروبار يعني رياستي ڪم ڪار بيهي ويو آهي، تنهنڪري حڪم ڪيو اٿس ۽ پنهنجي مهر چچ جي حوالي ڪئي اٿس ته سندس پاران تخت تي ويهي، نائب جي حيثيت ۾ ملڪ جو ڪاروبار هلائي. توهان سڀ حاضر ٿيو.“ (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 11-12) ٿورو پوءِ سڀني اميرن ۽ مکيه ماڻهن حاضر ٿي چچ جو سلام ڪيو ۽ سندس تبعداري ڪئي. ان بعد راءِ ساهسي تمام ٿوري عرصي ۾ گذاري ويو. راجا چچ ۽ راڻي سونهن ديويءَ مختلف حيلن سان، اقتدار تي مڪمل قبضو ڪري ورتو ۽ مخالفن کي تابع بنايو. ان ريت راڻيءَ پنهنجي من جون مرادون ماڻي ورتيون. ان کان پوءِ راءِ ساهسيءَ جي لاش کي ٻاهر آڻي، مذهبي رسمن سان سندس ڪريا ڪرم ڪيو ويو. راءِ خاندان جو حڪومتي دور پورو ٿيو.
مير قانع لکيو آهي ته هن گهراڻي جي پنجن بادشاهن جملي هڪ سئو ستٽيهه سال حڪومت ڪئي، تنهن کان پوءِ برهمڻن جي حڪومت شروع ٿي. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 12) ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب (حوالو مٿي ڏنل)، آخري راءِ ساهسي ڪل اٺاويهه سال (626ع-652ع)، سنڌ تي حڪومت ڪئي. راءِ خاندان جو دور حڪومت، سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي مڃتا ۽ اهميت جي ڪري، تمام وڏي اهميت رکي ٿو. چچ جي دور ۾ ٻڌ ڌرم جو زوال شروع ٿي ويو هو ۽ هندو ڌرم پوري شدت سان اڀريو هو، جنهن کي رياست جي سرپرستي حاصل رهي هئي.
برهمڻ دور حڪومت:
راءِ خاندان جي آخري بادشاهه راءِ ساهسيءَ (ٻئي) جي وفات کانپوءِ برهمڻ ’چچ‘ سنڌ جو راجا بڻجي تخت نشين ٿيو. چچ راءِ جي بيوه سُهنديءَ (سونهن ديويءَ) سان شادي ڪري هڪ سگهاري پوزيشن ۾ نروار ٿيو. ڊاڪٽر ايڇ. ٽي ليمبرڪ جي تحقيق موجب، اقتدار جي هيءَ تبديلي 644ع (24هه) ۾ آئي. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ موجب، سنڌ ۾ برهمڻ راڄ 652ع (32هه) ۾ قائم ٿيو، جيڪا راءِ وڌيڪ دُرست لڳي ٿي. ان زماني ۾ عرب دنيا ۾ اسلامي انقلاب اچي چڪو هو ۽ اسلام تيزيءَ سان ايشيا ۽ آفريقا ۾ پکڙجي رهيو هو. اهي اثر سٺ سال پوءِ سنڌو ماٿريءَ تي به پيا، جنهن جو ذڪر اڳتي ڏنو ويو آهي.
سنڌ تي راءِ خاندان ۽ برهمڻ گهراڻي جي اٽڪل روءِ ٻن صدين جي حڪمرانيءَ جي هڪ خاص اهميت رهي آهي. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته، سنڌو سڀيتا جي بانين يا راڄ گهراڻي بابت اسان کي مڪمل ڄاڻ نه ملي آهي. ٻيو ته قديم سنڌ جي تاريخ تي اڪثر بيروني حملي آورن ۽ فاتحن توڙي قابض گهراڻن يا بادشاهن جو غلبو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان پس منظر ۾ خود سنڌ اندر لکيل ڪتاب ’چچ نامه‘ ذريعي، اسان کي پهريون ڀيرو جا قديم سنڌ جي جيڪا ڏيهي تاريخ لکيل ملي ٿي، اها راءِ خاندان ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪومتن بابت آهي. ٻنهي گهراڻن آزاديءَ، عزت ۽ وقار سان سموري سنڌو ماٿر تي حڪمراني ڪئي. سندن حد حڪمرانيءَ جي حد اٽڪل روءِ موجوده پاڪستان وارن علائقن ۽ ڪشمير تائين پکڙيل ڏسجي ٿي.
راجا چچ: برهمڻ خاندان جو پهريون راجا چچ، چاليهه سال، ٻيو حاڪم راجا چندر (چچ جو ڀاءُ) ساڍا ست سال ۽ ٽيون يا آخري راجا ڏاهر (چچ جو پٽ) تيرهن سال سنڌ جا حاڪم رهيا. هيٺ هڪ چارٽ ذريعي، راءِ ۽ برهمڻ خاندانن جي حاڪمن ۽ زماني کي نروار ڪجي ٿو:
راءِ خاندان:
(1) راءِ ديوا جي (ڏياچ) 550ع کان .... ؟
(2) راءِ سيهرس (اول) ؟- ؟
(3) راءِ ساهسي (اول) ؟- ؟
(4) راءِ سيهرس (ٻيو) ؟- ؟
(5) راءِ ساهسي (ٻيو) 626ع- 652ع
برهمڻ گهراڻو:
(1) راجا چچ 652ع- 691ع
(2) راجا چندر 691ع- 699ع
(3) راجا ڏاهر 699ع- 712ع
راجا چچ، پورا چاليهه ورهيه سنڌ تي راڄ ڪيو، جيڪو هڪ وڏو عرصو آهي. سنڌ جي پهرين لکيل تاريخي ڪتاب ’چچ نامه‘ ۾ سندس دور بابت تفصيلي ڄاڻ ملي ٿي. ان جي مدد سان ڪجهه مکيه واقعن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
چچَ، سنڌ جي راجا بنجڻ ۽ سونهن ديويءَ کي پنهنجي راڻي بنائڻ کانپوءِ ملڪ طرف ڌيان ڏنو. سڀ کان اول هن پنهنجي ڀاءُ چندر کي، جيڪو ٻڌ پوڄاري هو، اروڙ ۾ آڻي مکيه مرتبي تي فائز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيتوڻيڪ چندر هن سان اتفاق نه ڪيو، پر راجا چچ جي زور ڀرڻ تي اروڙ ۾ آيو، ۽ کيس ’اپيلن جي ڪورٽ‘ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. ان بعد چندر کي اروڙ ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪيائين. چندر جي مقرريءَ بابت جيڪو پروانو جاري ٿيو، اُن جو متن ڪجهه هن ريت آهي:
”جڏهن سيلائج جي خدا، اسان کي تخت ۽ تاج جو لائق بنائي، اسان جي بادشاهيءَ جو حڪم جاري ڪيو، تڏهن واجب آهي ته رعيت، جا خدا تعاليٰ جي امانت آهي ۽ اسان جي هٿ هيٺ آهي، تنهن جي نگرانيءَ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ عدل ۽ انصاف جي رستي سندن خوشحالي ۽ حالات سڌارڻ لاءِ تمام گهڻو سَعيو عمل ۾ آندو وڃي، جيئن ڪو به طاقتور، هيڻي تي ظلم نه ڪري ۽ اسان کي خدا تعاليٰ جي درٻار ۾ بي تميزيءَ ۽ بي تدارڪيءَ جي ڪري وٺ پڪڙ نه ٿي سگهي؛ تنهنڪري هي وڏو ڪاروبار ۽ نازڪ ڪم منهنجي ڀاءُ ”راهبن جي ڇـَٽ“ چندر جي ذمي لڳايو ويو آهي ته هو روبرو خواه پرپٺ انهيءَ کي سنڀالي ۽ پوءِ سپاهه، ڏسڻن وائسڻن ماڻهن خواه رعيت تي لازم آهي ته سندس حڪم ۽ صلاح کان ٻاهر نه وڃن ۽ سندس فرمانبرداري لازمي سمجهن. (چچ نامو، سنڌي، ص: 42-43)
اهڙي بندوبست ۽ اطمينان کانپوءِ، هڪ ڏينهن راجا چچ، پنهنجي وزير ٻڌيمن کي طلب ڪيو ۽ معلوم ڪيو ته راءِ ساهسيءَ جي دور ۾ سنڌ ملڪ جون حدون ڪهڙيون هيون ۽ انهن چئن حاڪمن بابت پڇيو ته اهي ڪير آهن، ته جيئن ساڻن ملاقات ڪري ملڪي حالات معلوم ڪجن، جي وفاداري ڏيکارين ته انهن کي برقرار رکجي ۽ جي مخالفت ڏيکارين ته کين هٽائجي. ان لاءِ ته جيئن ملڪ جي انتظام ۾ ڪو رُخنو نه پوي ۽ رعيت سُک سانت سان رهي. وزير ٻڌيمن راجا کي گهربل ڄاڻ ڏني ۽ عزت توڙي نهٺائيءَ سان، ملڪ جي ڀلي خاطر ڪي تجويزون به ڏنيون. وزير جي گفتگوءَ مان راجا چچ ڏاڍو خوش ٿيو. ان ريت هن مطمئن ٿي بادشاهيءَ تي مڪمل ضابطي حاصل ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪئي. اروڙ جي حڪومت جي حدن ۽ انهن کي نروار ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. آسپاس جي حاڪمن کي خط لکي حالتن کان آگاهه ڪري، ڪي هدايتون به ڏنائين. اروڙ مان لشڪر ساڻ ڪري بياس نديءَ جي ڪناري تي ڀاٽيا جي قلعي تي ڪاهه ڪيائين. خونريز جنگ کانپوءِ ڀاٽيا جو راجا اسڪلنده ڏانهن ڀڄي ويو. چچ قلعي تي قبضو ڪيو. جنگ جي ڪري اتي جي ماڻهن کي گهڻي تڪليف پهتي. ڀاٽيا جو راجا اسڪلنده پهتو، جو هي علائقو پڻ سندس قبضي ۾ هو. خاطر خواه بندوبست ڪري راجا چچ ڀاٽيا کان اسڪلنده ڏانهن روانو ٿيو. اسڪلنده کي ’اُچ‘ پڻ چوندا آهن. هن قلعي (اسڪلنده) ۾ شجاع (؟) نالي هڪ سپهه سالار رهندو هو، جيڪو چچ جي طرف گهڻو مائل هو، ان ڪري چچ هڪ خاص ماڻهوءَ کي امين ڪري قلعي تي مقرر ڪيو ۽ ان جي معرفت شجاع سان معاملا حل ڪرڻ جو سوچيو. شجاع کي پيغام موڪليو ويو ته راجا چتر (ڀاٽيا جي حاڪم) کي حيلي بهاني سان قتل ڪري يا گرفتار ڪيو وڃي. بدلي ۾ اسڪلنده جي حاڪميت جو پڪو پروانو سندس نالي جاري ڪيو ويندو. آخرڪار راجا چتر ڪُسجي ويو ۽ اتي جي حاڪميت شجاع منهيي کي ڏني وئي، جنهن راجا چچ جو فرمانبردار حاڪم ٿي رهڻ جو انجام ڪيو. شهر جي معتبر ماڻهن به پوءِ، راجا چچ سان ملي پنهنجي وفاداري ڏيکاري ۽ کيس نذر نياز توڙي تحفا پيش ڪيا. چچ، اتي جي اميرن کي شجاع سان وفادار رهڻ جو تاڪيد ڪيو ته جيئن ملڪي معاملا ڪنهن به رنڊڪ کان سواءِ هلندا رهن.
اسڪلنده جي فتح کانپوءِ راجا چچ سِڪّھ ۽ ملتان طرف منزل ڪئي. سِڪّھ جو قلعو، ملتان جي سامهون اڀرندي طرف کان هو. ملتان جو حاڪم بجهراءُ، راءِ ساهسيءَ جو مائٽ هو. بجهراءَ جو ڀائٽيو سيهول، سِڪّھ جي قلعي جو ڪمانڊر هو. ملتان جي حاڪم وٽ وڏو ملڪ ۽ گهڻو لشڪر هو. راجا چچ جي اچڻ جو اطلاع ملندي، هو وڏي لشڪر سان راويءَ جي ڪناري تي اچي پهتو. بجهراء جو سوٽ اجسين ڪافي وڏي فوج سان چچ جي مقابلي لاءِ تيار ٿيو. چچ فيصلي ڪن معرڪي لاءِ ٽي مهينا انتظار ڪيو. جڏهن نديءَ جو پاڻي گهٽ ٿيو، تڏهن ڪنهن ماڳ تان راوي ندي ٽپي، سِڪّھ جي شهر ۾ پهچي سيهول سان جنگ جوٽيائون. جنگ ۾ ٻنهي طرفن جا بهادر ڪسجي ويا. شهر جا ماڻهو به گهڻو تنگ ٿيا، تڏهن سيهول شهر ڇڏي ملتان ڏانهن هليو ويو. ملتان جي حاڪم لشڪر سميت راوي نديءَ تي پهچي مقابلي جي تياري ڪئي. سِڪّھ جي قلعي ۾ موجود پنج هزار لشڪر کي ناس ڪيو ويو. مقامي ماڻهن سان به ڪا رعايت نه ٿي. سِڪّھ جو بندوبست ڪري چچ ملتان طرف روانو ٿيو. راجا بجهراءُ زبردست لشڪر، جنگي هاٿي ۽ بهادر جَٿا وٺي چچ جي سامهون ٿيو. زبردست جنگ لڳي. ٻنهي طرفن کان بي شمار لشڪر مارجي ويو. آخرڪار بجهراءِ ميدان ڇڏي ملتان جي قلعي ۾ اچي ويٺو. هن ڪشمير جي بادشاهه ڏانهن عيوضي موڪلي چچ جي ارادن ۽ فتوحات کان کيس آگاهه ڪيو. ان سان گڏ چچ جي رستي روڪ لاءِ فوجي مدد به گهري. ڪشمير ملڪ مان کيس اها موٽ ملي ته هتي جو بادشاهه تازو فوت ٿيو آهي، سندس پٽ تخت نشين ٿيو آهي، پر هو ننڍيءَ عمر جو آهي ۽ ننڍا ننڍا حاڪم ۽ عملدار به نافرمان ٿي ويا آهن، ان ڪري ڪشمير جي راجا مان مدد جي اميد رکڻ نه کپي.
قاصد بجهراءِ کي اچي رپورٽ پيش ڪئي، تڏهن کيس گهڻي مايوسي ٿي. چونڊ ماڻهن معرفت صلح لاءِ راجا چچ سان ڳالهيون شروع ڪيون ويون. ان موجب بجهراءِ کان سواءِ سندس تابيعدارن، واسطيدارن ۽ پوئلڳن سميت، سڀني جي جان جي امان طلبي وئي، ڪنهن طرف وڃڻ لاءِ رستي جي حفاظت جي به درخواست ڪئي وئي. چچ هنن شرطن کي قبول ڪيو. بجهراءِ ۽ سندس ماڻهو ملڪ ڇڏي ڪشمير طرف روانا ٿيا، تڏهن چچ قلعي ۾ داخل ٿي ملتان جي شهر ۽ سموري علائقي جو انتظام سنڀالي ورتو. ملتان جي قلعي تي هڪ ٺڪر کي نائب مقرر ڪري، شهر جي بت خاني ۾ ويو. عبادتون ڪيائين ۽ خير خيراتون ڪري اڳتي وڌڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. برهمپور، ڪروڙ ۽ اشهار جي راجائن خدمت جا شرط بجا آندا. اتان کان پوءِ راجا چچ تاڪيھ ۽ ڪشمير جي حد تائين پهتو. واٽ تي ڪنهن به راجا ۽ بادشاهه سامهون ٿي سندس رستي روڪ نه ڪئي. جتي پهتو ٿي، اُتي سندس سوڀ ٿي. تاڪيھ کان مٿڀرو شاڪلهار پهتو، جتي ڪشمير جي سرحد آهي. آسپاس جي راجائن ۽ زميندارن کي مغلوب ڪري، انهن سان پڪا پختا عهدناما ڪري، سنڌ ملڪ جي انتظام کي مضبوط ڪيائين. پنج ماهيات نديءَ جي ڪناري تي هڪ چڪي بيد جي وڻ جي ۽ ٻي صنوبر جي وڻ جي هنيائين. اتي راجا چچ ڪافي وقت ترسيو. جڏهن هر لحاظ کان مطمئن ٿيو، تڏهن اعلان ڪيائين ته سنڌ ملڪ جي ڪشمير تائين هيءَ حد مقرر ڪجي ٿي ۽ اسان کي اڳتي نه هلڻ گهرجي.
راجا چچ اتر پاسي کان دلجوئي ڪري اروڙ موٽي آيو. هڪ سال تائين آرام ڪري سفر جي تڪليف جو ٿڪ لاٿائين. ان عرصي ۾ سپهه سالار ۽ سپاهه نئين مهم جي زبردست تياري ڪري ورتي. بعد ۾ وڌيڪ سفر ۽ مهم لاءِ پنهنجي وزير کان صلاح ورتائين، جنهن پڻ ان جي تائيد ڪئي. چڱو ستارو ڏسي راجا چچ، ٻڌيه (ساهتي؟) ۽ سيوستان (سيوهڻ) جي قلعن ڏي روانو ٿيو. چچ ان جاءِ کان درياهه ٽپيو، جنهن کي ’ديهات‘ چوندا هئا. هي علائقو ان وقت سمن ۽ اروڙ جي وچ وارو دنگ سمجهيو ٿي ويو. اتان کان چچ ٻڌيه روانو ٿيو. اتي جي مرڪزي شهر کي ڪاڪا راڄ چوندا هئا. انهن جو حاڪم سرڪونڌ پٽ ڀنڊرکو ڀڪشو هو. ٻڌيه جي رهاڪن کي سيويس چوندا هئا. چچ انهن تي حملو ڪري سيويس جو قلعو فتح ڪيو. ڪاڪي جي پٽ وڪيي اڳتي وڌي، پنهنجي پيءُ ۽ تابيعدارن لاءِ امان گهري ۽ چچ پاران مڙهيل ڍل قبول ڪري فرمانبرداري قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو. چچ ٻڌيه جي ڪامياب مهم کانپوءِ سيوستان ڏانهن رُخ رکيو. اتي راجا متو راڄ ڪندو هو. متي وڏي دٻدٻي ۽ شان شوڪت سان لشڪر وٺي چچ کي للڪاريو. ليڪن مختصر جنگ کانپوءِ متي ڀڄي وڃي قلعي ۾ پناهه ورتي. چچ قلعي جي گهيري جو حڪم ڏنو. هڪ هفتي اندر ماڻهو تنگ ٿي پيا. پڪو انجام ٻڌي ٻاهر نڪتا ۽ ڪوٽ جون ڪنجيون چچ جي اميرن جي حوالي ڪيائون. چچ کين امان ڏيندي معاف ڪري نوازيو. ان بعد راجا مَتي سان عهد اقرار ڪري، علائقي جي حڪومت به کيس سپرد ڪيائين. چچ ڪجهه ڏينهن سيوستان ۾ ترسي انتظام کي درست ڪري، پنهنجو هڪ اعتماد جوڳو ماڻهو اتي جي لاءِ نگران مقرر ڪري، اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو.
راجا چچ جي نئين منزل برهمڻ آباد طرف هئي. راجا پاران لوهاڻي جي بادشاهه اگهم يعني لاکا، سما ۽ سهتا قبيلن جي حاڪم ڏانهن فرمان موڪلي، انهن کان پنهنجي فرمانبرداريءَ جي اميد ڪيائين. جاسوسن هڪ ماڻهوءَ کي هڪ خفيه خط سان پڪڙيو. هي خط اگهم لوهاڻي پاران سيوستان جي حاڪم مَتي جي دِلجوئيءَ خاطر لکيو ويو هو. جيتوڻيڪ متي ۽ چچ ۾ ٺاهه ٿي چڪو هو، پر هو حالتن مان مطمئن نه هو، ان ڪري بعد ۾ ريگستان جي بادشاهه (ڀَٽيءَ) کيس (مَتو) پناهه ڏني هئي. راجا چچ هڪ فرمان ذريعي اگهم لوهاڻي کي پنهنجي بادشاهيءَ متعلق آگاهه ڪيو ۽ هن کان فرمانبرداريءَ ۽ اطاعت جو مطالبو ڪيو. ان وقت اگهم، برهمڻ آباد کان ٻاهر ويل هو. هن کي چچ جي ارادن جي خبر پئي ته هو تمام تڪڙو دارالحڪومت پهتو ۽ لڙائيءَ جو سامان ۽ هٿيار تيار ڪيائين. ٻنهي ڌرين ۾ زبردست جنگ لڳي ۽ ڪيئي جوڌا جوان ڪسجي ويا. آخرڪار اگهم مجبور ٿي ڀڳو ۽ وڃي قلعي بند ٿيو. راجا چچ ۽ اگهم جي وچ ۾ هڪ سال تائين جنگ جاري رهي. ان عرصي ۾ ڪنوج (هندستان) جو راجا ستبان پٽ راسل هو، اگهم خط لکي هن کان مدد گهري، پر جواب اچڻ کان اڳ ۾ اگهم وفات ڪري ويو ۽ سندس پٽ گادي سنڀالي ورتي.

اگهم جي علائقي ۾ هڪڙو ٻڌمت جو شمني (پروهت) پوڄاري رهندو هو. ان جو نالو ’ٻُڌ رکو‘ چيو وڃي ٿو. هي پروهت راجا اگهم جو ذاتي دوست به هو. اگهم ڌرمي طرح سان سندس پوئلڳ به هو. اگهم هڪ سال تائين چچ سان لڙائي ڪئي، ان ۾ سڌي ۽ اڻ سڌي طرح سان، ’ٻُڌ رکي‘ پروهت جو اهم ڪردار هو. ٻڌ رکو هڪ بتخاني کي سنڀاليندو هو، جنهن کي ’ٻُڌ نو وِهار‘ چوندا هئا. ساڳيو پروهت ’ڪنوهار‘ بت جو راهب به هو. هي پروهت بندگي ۽ ڀڳتيءَ ۾ مکيه ڪردار جو مالڪ هو. هن جا ڪيئي پوئلڳ هئا. ’ٻڌ رکي‘ حالتن جو اندازو ڪري، چيو ته اڳي پوءِ هي ملڪ چچ جي حڪومت ۾ ايندو، ان ڪري پنهنجي عزت ۽ مال ملڪيت بچائڻ لاءِ، اگهم جي پٽ کي چچ سان صلح جي صلاح ڏنائين. هن جي لشڪر وڌيڪ جنگ ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏهن راجا چچ سان ٺاهه ڪري پنهنجو قلعو ان جي حوالي ڪيائين.
راجا چچ کي جڏهن معلوم ٿيو ته، اگهم ۽ سندس پٽ جي ان پروهت (ٻڌ رکي)، جادو ۽ مڪاريءَ ذريعي مدد پئي ڪئي، ان ڪري هڪ سال تائين جنگ هلي ۽ خون خرابو ٿيو، تڏهن هن (چچ) قسم کنيو ته جڏهن قلعو فتح ڪري اگهم ۽ سندس خاندان تي ضابطو ڪري وٺندس، ان وقت ’ٻڌ رکي‘ پروهت جي کَلَ لاهي هن کي سخت ترين سزا ڏيندس. پروهت کي هيءَ خبر پئي ته کِلي ڏنائين ۽ چيائين ته: چچ کي ايتري طاقت ڪانهي جو مون کي برباد ڪري سگهي. برهمڻ آباد جي قلعي لاءِ ڊگهي لڙائي هلي، مقابلا ٿيا ۽ گهڻا ماڻهو مُئا ۽ برباد ٿيا، تڏهن انهن لڙائي بند ڪري امان گهرندي، صلح جي آڇ ڪئي. مکيه ماڻهن ۽ اڳواڻن جي معرفت ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿيو ۽ قلعو چچ جي حوالي ڪيائون. چچ اندر اچي چيو ته: جيڪڏهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا ته ڀلي وڃو، ڪو به اوهان کي نه روڪيندو. جيڪڏهن توهان رهڻ جو فيصلو ڪيو هجي ته ڀلي ويٺا رهو. اگهم جي پٽ ۽ سندس تابيعدارن پنهنجي مٿان چچ جي مهرباني ڏٺي، سو رهي پوڻ پسند ڪيائون. چچ هن فيصلي تي خوش ٿيو. اگهم جي بيوهه سان پاڻ شادي ڪيائين. پنهنجي ڀائٽي ڏهيسي جي ڌيءُ اگهم جي پٽ سربند کي شادي ڪري ڏنائين. راجا چچ هن علائقي ۾ هڪ سال رهي ڍل وصول ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ۽ آسپاس جي راجائن کي پڻ مطيع بنايائين.
ان بعد راجا چچ، ’ٻڌ رکي‘ پروهت بابت معلومات ورتي. کيس پروهت جي پرهيزگاري، عبادت ۽ مشغولين جي باري ۾ ٻڌائي، اها به خبر ڏني وئي ته خدا جي وڏي خلق هن جي اثر ۾ آهي. ان تي راجا کيس روبرو ڏسڻ جو فيصلو ڪيو. ان لاءِ پاڻ ٻڌ جي مندر ’ڪنوهار‘ پهتو. محافظن کي چيائين ته منهنجي اشاري ملندي ئي پروهت جو ڪم پورو ڪيو وڃي. راجا مندر ۾ پهتو ته ان وقت پروهت ڪرسيءَ تي عبادت ۾ مشغول هو. هن جي هٿ ۾ سخت ڳوهيل مٽي هئي، جنهن مان بت ٺاهي مهر جهڙي هڪ شيءِ انهن بتن تي هڻندو ٿي ويو، جنهنڪري انهن تي ٻڌ جي تصوير چٽجي ٿي پيئي ۽ هو مڪمل ٿي ٿي پيا. تنهن کان پوءِ انهن کي هڪ جاءِ تي رکندو ٿي ويو. هڪ ڪلاڪ جي وقفي کان پوءِ هن جي راجا چچ تي نظر پئي. ٻنهي ۾ گفتگو ٿي. چچ کي پروهت کي مارائڻ جي همت نه ٿي. کانئس دعائون وٺي کيس برهمڻ آباد ۾ ڪو سرڪاري عهدو قبول ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين. پر پروهت انڪار ڪيو. البت راجا کي ’ٻڌ نو وهار‘ جي مرمت لاءِ چيائين، جنهن جي تعمير جو انجام ڪري چچ برهمڻ آباد موٽي آيو. هت هي ڳالهه به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته اگهم جو ماڳ لاڙ ۾ هو، جو پوءِ سندس نالي جي نسبت سان ’اگهم ڪوٽ‘ ۽ ’اگهاماڻي‘ سڏجڻ ۾ آيو.
ان بعد راجا اگهم ڪوٽ مان برهمڻ آباد واپس آيو، جتي قلعي ۾ ترسي ملڪ جي ڪاروبار ۽ آمدني ۽ رعيت جي سک جا بندوبست ڪيائين. هو هتان جي جتن تي گهڻو ڏمريو. جتن جي اڳواڻن کي سزا ڏيندي، کانئن ضمانتون وٺي قلعي ۾ بند ڪري مٿن سخت قسم جا شرط نافذ ڪيائين. تاريخي ڪتاب چچ نامي ۾ شرطن بابت لکيو آهي ته، ”اُهي سواءِ ڪن خاص حالتن جي ترار نه کڻندا، بخمل ۽ ريشم جا ڪپڙا نه پهريندا، مٿين چادر کڻي سوٽي به هجي، پر هيٺين چادر ضرور اوني ڪاري يا ڳاڙهي رنگ جي ٻڌندا، گهوڙي تي هَنو نه رکندا، مٿو ۽ پير اگهاڙا رکندا، گهر کان ٻاهر نڪرندا ته ڪُتا پاڻ سان کڻندا، برهمڻ آباد جي گورنر جي بورچي خاني لاءِ ڪاٺيون پهچائيندا رهندا، مخبري يا جاسوسيءَ جو ڪم به اهي ڪندا (چچ نامو، سنڌي: ص: 65). ائين ڪرڻ سان جتن تي ڀروسو ڪيو ويندو. کين سربند پٽ اگهم سان به سچو رهڻو پوندو. برهمڻ آباد تي حملي جي صورت ۾ به کين ثابت قدم رهڻو پوندو. ان بعد راجا چچ برهمڻ آباد جي بهتريءَ لاءِ ڪي فيصلا ڪيا. باغين کي سخت سزائون ڏنيون ۽ مٿن ڳرا ڏنڊ وڌا. ان پس منظر ۾ مملڪت جو ڪاروبار ٺيڪ ڪيو ويو.
برهمڻ آباد جي اطمينان کانپوءِ، راجا چچ کي ڪرمان ذريعي مڪران جي حد نروار ڪرڻ جو فڪر لاڳو ٿيو. ڇو ته مڪران جي علائقي سنڌ (هندستان) جي خطي سان لاڳاپو رکيو ٿي. ان وقت ايران جا حالات ٺيڪ نه هئا، ان ڪري فطري طرح سان راجا کي ان طرف ڌيان ڏيڻو پيو.
راجا چچ نجومين سان صلاح مصلحت ڪري، وڏي فوج سان مڪران لاءِ ڪرمان جي طرف کان پيش قدمي ڪئي. هن سفر لاءِ پهريان ارمابيل (لسٻيلي؟) روانو ٿيو. اهو علائقو ٻڌمت جي هڪ شمنيءَ جي ضابطي ۾ هو، هن جو تعلق راءِ سهيرس جي گورنرن جي اولاد مان هو، جنهن کي سچائيءَ ۽ ڪنهن خصوصيت جي مدنظر مقرر ڪيو ويو هو. وقت جي تبديليءَ سان اهو شمني حڪومت جو مخالف ٿي پيو هو. چچ ارمابيل (لسٻيلي) پهتو ته شمني اڳتي وڌي سندس استقبال ڪيو. هن چچ جي سچائيءَ کي پرکي ڏانهنس دوستيءَ جو هٿ وڌايو. جڏهن سنڌ جي راجا چچ کي ارمابيل مان خاطري ملي، تڏهن اتان مڪران جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو. ماڻهن ۾ نافرمانيءَ جي ڪيفيت ڏٺائين. نيٺ مڪران جا لڪ ۽ جبل لتاڙي ٻين شهرن ۾ پهتو. اتي پنجپور (پنج گور؟) نالي هڪ پراڻي قلعي ۾ پهتو. هن قلعي کي نئين سر ٺاهڻ جو حڪم ڏنائين. اتي شام ۽ باک ڦٽڻ جي مهل هندن جي پنجتوري يعني پنجن سازن واري نوبت رسم موجب مقرر ڪيائين. سڀني ڳوٺاڻن کي گڏ ڪري عمارت جي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. راجا چچ اتان منزل کڻي ڪرمان پهتو ۽ انهيءَ نَهر تي لٿو، جيڪا ڪِرمان ۽ مڪران جي وچ تي آهي. اتي پهچي اڀرندي جي حد نروار ڪيائين ۽ نَهر جي ڪناري تي کجين جو وڏو انگ لڳائي، اعلان ڪيائين ته مڪران ۽ ڪرمان جي وچ جي حد هي کجين جا وڻ آهن. پوءِ چچ ارمابيل ڏانهن موٽي آيو ۽ ملڪ توران مان گذري اچي پورالي ندي ٽپيو. ڪنهن به هن سان جنگ نه ڪئي. اتان کان چچ قندابيل (قنڌار) پهتو. رڻ پٽ اُڪري ’حصار‘ جو رخ رکيائين، جتي جا ماڻهو قلعي بند ٿي ويٺا. چون ٿا ته راجا چچ سيبي (سبي؟) جي نهر تي منزل انداز ٿيو. آخرڪار ماڻهو تنگ ٿيا ۽ پيش پيا. چچ بادشاهه کين معاف ڪندي، طئه ڪيو ته هڪ سؤ جابلو گهوڙا ۽ هڪ لک درهم سالياني ڍل ڏيندا. هي ڏنڊ ڏوهه سال جي حساب سان اڳواٽ وصول ڪيو ويو. ان ريت ڏوهارين لاءِ جزا ۽ سزا جو هڪ مثال قائم ٿي ويو. اهڙيون تاريخ ساز سوڀون حاصل ڪري راجا چچ واپس تختگاهه اروڙ موٽي آيو. زندگيءَ جا باقي ڏينهن خير سان پورا ڪري، سنڌ ملڪ تي چاليهه سال بادشاهي ڪرڻ بعد وفات ڪيائين. حڪمراني ڪرڻ لاءِ هي هڪ ڊگهو عرصو آهي، جيڪو شايد ئي ڪنهن بادشاهه يا شهنشاهه کي نصيب ٿيو هجي. جيتوڻيڪ ’چچ نامه‘ جي ليکڪ چچ جي شاديءَ بابت، ڪجهه متضاد بياني ڪئي وئي آهي، ان هوندي به ساڳئي ڪتاب موجب، چچ کي ٻه پٽ: ڏاهر ۽ ڏهرسينه هئا، ۽ پڻ کيس هڪ نياڻي هئي. جنهن جو نالو مايين لکيو ويو آهي. ڪتاب ’چچ نامه‘ جي شرح لکندڙ چچ جي اولاد جي سلسلي ۾ هڪ چارٽ تيار ڪيو آهي. پڙهندڙ هي چارٽ ڏسي چچ جي وڏن ۽ اولاد جي باري ۾ واضح ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا. جيئن مٿي برهمڻ خاندان جي راڄ متعلق هڪ چارٽ ڏنل آهي، ان موجب راجا چچ ڊگهي مدّت جي حاڪميت کان پوءِ 72هه/ 691ع ۾ فوت ٿي ويو. چچ بابت هي اڪثر مواد ’چچ نامه‘ تان کنيل آهي.
راجا چندر جو دور: چچ جي چاليهن سالن جي دور کانپوءِ، سندس ڀاءُ چندر اروڙ جي شهر ۾ سنڌ جو نئون راجا بنجي ويٺو. هو هڪ زاهد ۽ عبادتگذار شخص هو. هندو ڌرم کي ٽيڪ ڏنائين ۽ ان جو خوب پرچار ڪيائين. هندستان جي بادشاهن سان به رسمي لاڳاپا قائم ڪيائين. سيوهڻ جو راجا مَتو، ڪنوج ملڪ ڏي هليو ويو. هندستان تي ان وقت بارانسي بادشاهه هو ۽ ڪنوج سندس تابع هو. ڪنوج تي سهيرس پٽ راسل حاڪم هو. آخرڪار متو، سهيرس جي معرفت بارانسي بادشاهه وٽ پهتو. کيس عرض ڪيائين ته، چندر ڀڳت آهي ۽ سارو ڏينهن ڀڳتن سان مندر ۾ ٿو گذاري. هن کان ملڪ وٺڻ آسان آهي. ملڪ مون کي وٺي ڏيو. آءٌ فرمانبرداري به ڪندس ۽ پاڻ تي مقرر ٿيل ڍل به ڏيڻ لاءِ تيار رهندس. (چچ نامو، سنڌي، ص: 69) سهيرس هي ڳالهيون ٻُڌي تيار ٿي ويو. سنڌ ملڪ وٺڻ کان پوءِ مَتي کي به ان ۾ شامل ڪرڻ جي حامي ڀريائين. ان بعد سهيرس پنهنجي ڀاءُ برهاس پٽ ڪسائس کي لشڪر سان چندر جي ملڪ ڏانهن روانو ڪيو. وڏي چچ جو ڏوهٽو، جيڪو ڪشمير ۽ رسل جو راجا هو، ان به سهيرس جي اطاعت ڪئي. لشڪر وٺي چندر طرف روانا ٿيا. هاسي نديءَ وٽ پهچي منزل انداز ٿيا. ديوَهپور جي قلعي کي چندر جي ماڻهن کان خالي ڪرائي، اتي مخالف حاڪمن پنهنجو لشڪر مقرر ڪيو. ڪجهه وقت اتي رهي عبادت ڪيائون، ۽ پوءِ اڳتي روانا ٿيا. بند ڪاهويه وٽ اچي چندر کي ماڻهو موڪلي خط ذريعي امان گهرڻ ۽ فرمانبرداريءَ لاءِ تاڪيد ڪيائون. ليڪن چندر ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هن جنگ جي تياريءَ جو حڪم ڏنو. ڏهرسينه پٽ چچ کي برهمڻ آباد موڪليو ويو. هن شهزادي لوهاڻن کي مطيع ڪري کانئن فرمانبردار رهڻ جو وچن ورتو. ٻنهي طرفين زبردست جنگ ٿي. سهيرس جي لشڪر کي شڪست نصيب ٿي. هن اٽڪل ذريعي ڏاهر (يا ڏهرسينه؟) کي، ٻاهر آڻي قتل ڪرڻ يا قيد ڪرڻ جي رٿا ذريعي راجا چندر جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ليڪن راجا چندر جا مخالف هن مهم جوئيءَ ۾ ناڪام ٿيا. تڏهن سيهرس صلح جو در کڙڪايو. هن سوچيو ته ائين ڪرڻ سان مخالفن کي ٻاهر ڪڍي عام قتلام ڪري سنڌ ملڪ تي قبضو ڪندو، ۽ بادشاهي به سندس هٿ ۾ اچي ويندي. ان سموري ماجرا ۾ راسل جي طرف کان نيت صاف هئي. نيٺ هنن کي ڏاهر سان مد مقابل ٿيڻو پيو. هڪ ٻئي کي ناڪام ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ ماضيءَ جي جنگين ۾ جيڪي طريقا استعمال ڪيا ويندا هئا، سي راسل جي طرف کان ڪتب آندا ويا. ليڪن ڏاهر هڪ ذميدار ۽ سمجهدار سپهه سالار طور کين ناڪام بنايو. ڪتاب ’چچ نامه‘ جي لکندڙ هن صورتحال کي چِٽو ڪندي سمجهايو آهي ته، ”ڏاهر چيو ته اسان کي معلوم ٿي چڪو آهي ته تو کي اسان سان ٺڳي ڪرڻ جو خيال هو، تنهنڪري اسان کي تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪونهي. ٺڳي ۽ بداعتماديءَ جي سزا پهريائين تنهنجي وزير کي ملي، جو ونگ هيٺان دٻجي مُئو. پوءِ وري تون اسان جي هٿان گرفتار ٿيو آهين. هاڻي ضمانت ڏي ته ديوهه پور جو قلعو ۽ جيڪا اسان جي ضمانت تو وٽ آهي، سا واپس ڪندين، تنهن کان پوءِ تنهنجي ضمانت واپس ڪنداسين.“ راسل پنهنجا ضامن اروڙ موڪليا، جن مان پنج ڄڻا مشهور اڳواڻ اروڙ جي قلعي ۾ جهليائون، تنهن کانپوءِ انجام وٺي کيس ڇڏيائون. ڏاهر انهن (راسل جي ضامنن) کي پنج سؤ بهادرن سان برهمڻ آباد موڪليو. راسل، ڏاهر جا اعتماد جوڳا ماڻهو پاڻ سان وٺي ويو، ۽ وڃي قلعو سندن حوالي ڪيائين. جيڪي ماڻهو وٽس رهيل هئا، تن کي به آزاد ڪيائين، جڏهن قلعي مان معتمدن جو خط ڏاهر کي پهتو. تڏهن راسل جي ضامن کي باعزت واپس موڪليائين، ۽ سندن وچ ۾ صلح ۽ موافقت ٿي. (چچ نامو، سنڌي، ص: 71-70)
ان بعد راجا چندر آرام سان بادشاهي سنڀالي. هي رعيت جو گهڻو خيال رکندو هو. ملڪ ۾ امن، سک ۽ صلح سانت هو. ملڪ جو ڪاروبار ٺيڪ طرح سان هلڻ لڳو. تذڪرن موجب هن ست سال بادشاهي ڪئي ۽ اٺين سال هي لاڏاڻو ڪيائين.
راجا ڏاهر: راجا چندر جي فوت ٿيڻ کانپوءِ، راجا چچ جو پٽ راجا ڏاهر سنڌ جي تخت ۽ حڪومت جو مالڪ ٿيو. جيتوڻيڪ مختلف مؤرخن ڏاهر جي دور بابت، مختلف اندازا لڳايا آهن، پر امڪاني طرح مٿي ڏنل ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ، ڏاهر جي زماني ۽ سالن جي حساب سان قريب قريب درست لڳي ٿي. جديد تحقيق موجب راجا ڏاهر تيرهن سال حڪمراني ڪئي. هن جي حڪومت جو آغاز 80هه/ 699ع کان شروع ٿي. سن 93هه/ 712ع تي ختم ٿئي ٿو. سنڌ جي برهمڻ گهراڻي جو هي آخري راجا ثابت ٿيو. بلڪ ان کان پوءِ سنڌ تان برهمڻ دور ختم ٿيو ۽ ايندڙ ڊگهي عرصي لاءِ مختلف مسلمان گهراڻن هتي حڪومت ڪئي.
هيٺ راجا ڏاهر جي دور جي مکيه مکيه واقعن جو ذڪر ڪجي ٿو:
ان دور جي ڪجهه واقعن ۾ ڪي اهڙا به افسانوي رنگ ڀريا ويا آهن، جن متعلق ڇنڊڇاڻ ڪندي، پڙهندي ۽ پرکيندي تمام گهڻي احتياط جي ضرورت آهي. تذڪرن ۾ اچي ٿو ته راجا ڏاهر اروڙ جو تخت سنڀالڻ شرط راڄ پٽ چندر کي برهمڻ آباد جو حاڪم مقرر ڪيو. هو هڪ سال هِتي رهيو. بعد ۾ ڏاهرسينه پٽ چچ هن عهدي تي مقرر ٿيو. هن جي ڀيڻ مايين سندس اطاعت ڪئي. ڏهرسينه بعد ۾ اگهم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ پنج سال برهمڻ آباد ۾ رهيو. هر ماڻهوءَ سندس فرمانبرداري ڪئي. ڏهرسينه راوڙ جي علائقي ۾ آيو. راجا چچ اتي هڪ قلعي جي اڏاوت شروع ڪرائي هئي، جنهن کي بعد ۾ ڏهرسينه مڪمل ڪرايو ۽ لشڪر رکڻ جو حڪم به ڏنو. پوءِ ڏهرسينه برهمڻ آباد واپس موٽي آيو. ان عرصي ۾ سندس ڀيڻ مايين جوان ٿي. تڏهن راءِ ڀاٽيا جا قاصد سڱ گهرڻ لاءِ پهتا. ڏهرسينه ادب ۽ حفاظت سان ڀيڻ کي راجا ڏاهر ڏانهن موڪلي ڏنو. راجا کي خط لکيائين ته، مايين کي ڀاٽيا جي راجا جي حوالي ڪر، ۽ راءِ سوڀن جو شرط هي آهي ته سندس مهر ۽ ڏاج ۾، هڪ قلعو سندس حوالي ڪيو ويندو، جنهن جو هو مالڪ ٿي ويندو. (چچ نامو، سنڌي، ص: 74-75)
بدقسمتيءَ سان جنهن راجا سڄيءَ سنڌ تي وڏو وقت (13 سال) حڪومت ۽ شان شوڪت سان راڄ ڪيو هجي، جنهن جي مملڪت جون حدون لڳ ڀڳ موجوده پاڪستان وارين حدن جي برابر هجن. جنهن جي انهن ڳالهين کي غير اهم سمجهي، درٻاري دور ۾ سنڌ جي آسپاس ۽ خاص ڪري اولهه ۾ زبردست فوجي ۽ سياسي تبديليون آيون هجن. تاريخ لکندڙن تاريخ جو سمورو رخ راجا ڏاهر ۽ سندس ڀيڻ جي شاديءَ واري مفروضي طرف موڙي ڇڏيو. اها تاريخ جي ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي، جو برهمڻ دور جو آغاز به هڪ عورت ۽ مرد (راڻي سُونهن ديوي ۽ راجا چچ) جي عشق ۽ شاديءَ سان ڏيکاريو وڃي ۽ ان دور جي خاتمي وقت به ساڳئي افساني کي دهرايو وڃي يعني راجا ۽ سندس ڀيڻ جي شاديءَ کي اهميت ڏئي نروار ڪيو وڃي.
هن داستان تي ٽيڪاٽپڻي اڳتي ايندي، البت ڪتاب ’چچ نامه‘ ۾ آيل ڊيگهه کان بچڻ لاءِ، هتي تاريخي ڪتاب ’تحفة الڪرامتان، شاديءَ واري هن قصي کي مختصر طور پيش ڪجي ٿو. جيتوڻيڪ اڪثر پوين ڪتابن جو ماخذ به ’چچ نامو‘ ئي آهي.
مير علي شير قانع لکي ٿو ته: چندر کانپوءِ سندس ڀائٽيو ڏاهر بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، ۽ پنهنجي ڀاءُ ڏهرسينه کي پنهنجي پاران برهمڻ آباد موڪليائين، جو وڃي اتي رهيو. هڪ ڏينهن نجومين کان طالع بابت پڇا ڪيائين، جن چيس ته تنهنجي ۽ تنهنجي ڀاءُ جي طالع ۾ ڪابه نحوست ڪانهي. البت توهان جي ڀيڻ جي ويڏي، اهڙي ماڻهوءَ سان پڙهبي، جو اروڙ ۽ ملڪ جو وارث ٿيندو.“ تنهنڪري هن (راجا ڏاهر) ملڪ جي کسجي وڃڻ جي خوف کان، حيلو بهانو ڪري، ڀيڻ سان شادي ڪئي، پر مباشرت کان پاسو ڪندو رهيو. سندس ڀاءُ ڏهرسين، هيءَ خبر ٻڌي ڪاوڙجي حملو ڪيو. هو اروڙ پهتو ته ڦرڙين جي بيماريءَ وگهي گذاري ويو. ڏاهر هن کي ساڙي (اگني سنسڪار ڪري) تعزيتن وصول ڪرڻ کانپوءِ برهمڻ آباد ويو. ڏهرسينه جي زال، جيڪا اگهم لوهاڻي جي ڌيءَ هئي، تنهن کي پنهنجي نڪاح ۾ آندائين. هڪ سال برهمڻ آباد ۾ رهي پيو. ڏهرسينه جي پٽ (چچ) کي اُتي جو حاڪم مقرر ڪري اروڙ موٽي آيو. چچ جي دور ۾ اروڙ جي قلعي جي نئين اڏاوت شروع ٿي هئي، ان کي مڪمل طرح سان تعمير ڪرايائين. دستور العمل هي ٺاهيائين ته سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد ۾، ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو. ان ريت سڪون جا اٺ سال ڪٽيائين ۽ ملڪ جو نظام دل گهرئي نموني تي هلايائين. ان بعد اوڀر جي سرحدن جو سير ڪري، ڪشمير جي حد تي سرحد جي نشان واسطي، سَروَ جا ٻه وڻ ويهاري موٽي آيو.
(تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو، ص: 16-17)
علي بن حامد ڪوفي ’چچ نامه‘ نالي تاريخي ڪتاب ۾، راجا ڏاهر ۽ سندس ڀيڻ جي شاديءَ کي لڳ ڀڳ ويهه عدد ذيلي عنوانن ۽ رنگين بيانيءَ ذريعي پيش ڪيو آهي، جنهن جو خلاصو مٿي ڏنو ويو آهي. البت ڪجهه خاص ڳاليهن جي اپٽار لازمي طور ڏجي ٿي. وزير ٻڌيمن جو بار بار ذڪر ۽ سڄي معاملي تي نگاهه ۽ مداخلت ڌيان طلب آهي. ٻڌيمن، راءِ دور کان وزير رهيو ۽ آخري برهمڻ راڄ تائين سندس وزير هجڻ، ڪي سوال پيدا ڪري ٿو. مثال طور: پنجن بادشاهن جو دور ڏسڻ کانپوءِ به هو زندهه آهي ۽ سندس حڪومت ۾ اهم ڪردار آهي! وڌيڪ هي ته ٻڌيمن جي ڪردار کي ’چچ نامه‘ ايترو ته مٿي کنيو آهي، جو ڄڻ راجائن ۽ بادشاهن جي ڪا به حيثيت ڪانه هئي. راوڙ، برهمڻ آباد يا اروڙ جي قلعن جي اڏاوت بابت به، مختلف راجائن جي حوالي سان، جدا جدا لکندڙن ۾ اختلاف راءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. البت جڏهن ڏاهر ۽ سندس ڀيڻ جي شاديءَ جو معاملو کنيو وڃي ٿو، تڏهن ڪتاب ’چچ نامه‘ جي ذريعي ڪي نوان نڪتا به ظاهر ٿين ٿا.
ڏهرسينه جي اگني سنسڪار ڪرڻ ۽ تعزيتي رسمن کان فارغ ٿي، راجا ڏاهر سڌو برهمڻ آباد جي قلعي طرف هليو آيو، ڇو ته ان جي سرحدي اهميت جي ڪري، هڪ ڏيهي راجا ان کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهيو. هن قلعي جي ان دور جي لحاظ کان دفاعي طور غير معمولي اهميت ڏسجي ٿي. (غلام محمد لاکو: برهمڻ آباد جي قلعي جو دفاعي لحاظ کان مطالعو، ماهوار ’پيغام‘ مارچ- اپريل 1984ع، ڪراچي) برهمڻ آباد جي لوهاڻي گهراڻي جي ايتري ته سياسي ۽ فوجي اهميت ڏسجي ٿي، جو اتي پهچڻ سان ڏاهر اگهم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جا اڳ ۾ غالباً هن جي ڀاءُ ڏهرسينه جي زال هئي ۽ مرڻ وقت ڏهرسينه جي عمر فقط ٽيهه سال هئي. ياد رهي ته ان کان اڳ راجا چچ، جڏهن پهريون ڀيرو برهمڻ آباد ويو هو، ۽ اچانڪ اگهم فوت ٿيو، تڏهن اگهم جي بيوهه سان چچ شادي ڪئي هئي، ۽ پنهنجي ڀائٽي اگهم جي پٽ سربند کي شادي ڪري ڏني هئي.
هت هڪ اهم سوال هي آهي ته، راجا ڏاهر پنهنجي ڀيڻ سان (ڏيکاءُ خاطر) شادي ڪئي هئي؟ خود ’چچ نامه‘ ۾ ان متعلق متضاد راءِ پيش ڪئي وئي آهي. راجا ڏاهر ۽ ڏهرسينه ۾ هن عنوان تي بحث موجود آهي، جڏهن ڏهرسينه هن راءِ جو آهي ته جيتوڻيڪ مايين کي اسان جي پيءُ ڏانهن نسبت آهي، پر حقيقت ۾ هوءَ جتن جي ڌيءَ آهي، جيڪي اصل ۾ مخالف ۽ جرائم پيشه آهن. خاص ڪري جتن جون زالون (چچ نامو، سنڌي، ص: 83)، جڏهن ته ساڳيو ڪتاب ڪنهن ٻئي صفحي تي صاف طرح سان لکي ٿو ته، چچ کي راڻي سونهن ديويءَ مان ٻه پٽ ڏاهر ۽ ڏهرسينه، ۽ هڪ ڌيءُ ’مايين‘ نالي ڄائي. (ساڳيو ڪتاب، حاشيو، ص: 83) شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ سنڌ بابت لکيل پهرئين تاريخي ڪتاب ’چچ نامه‘ جو انگريزي زبان ۾ ترجمو ڇپرايو هو. هو مختلف صفحن تي حاشين ۾ لکي ٿو ته، ٻائي، هن جي حقيقي زال هئي، جڏهن ته ’مايين‘ سندس نالي ماتر زال هئي. ان کان سواءِ ڏاهر جي هڪ وڌيڪ حقيقي زال ’لاڏي‘ نالي به هئي. (دي چچ نامه، ص: 146، ص: 163) هن قصي/ مفروضي کي پڙهندڙن تي ڇڏيندي، اصل سنڌ جي تاريخ ڏانهن اچجي ٿو.
ان عرصي ۾ رمل جو بادشاهه، راجا ڏاهر سان جنگ لاءِ حملو ڪري پهتو. مخالف بادشاهه وڏو ڪٿڪ، مست هاٿي ۽ سوار توڙي پيادا بهادر وٺي لڙائيءَ واسطي روانو ٿيو، ۽ ٻُڌيه جي طرف کان اروڙ جي پسگردائيءَ ۾ پهتو ۽ ڪيئي علائقا قبضي ۾ آڻي، اتان درياهه ٽپي اروڙ تي ڪاهيائين. (چچ نامو، سنڌي، ص: 94) هن خبر ٻُڌڻ شرط ڏاهر وزير ٻڌيمن سان صلاح مصلحت ڪئي. وزير باتدبير پنهنجي راجا کي دشمن سان زبردست جنگ ڪرڻ لاءِ تمام سهڻيون رٿون پيش ڪيون، جنهن بعد ڏاهر چيو ته، ”منهنجي آڏو ٻئي جي خدمت ۾ ذلت جي نموني سر جهڪائڻ کان موت پيارو آهي، ۽ هيءَ ذلت آءٌ ڪيئن کڻي سگهندس؟“ (ساڳيو ڪتاب، ص: 95) هت هڪ سوال اڀري ٿو ته رمل جو راجا اروڙ تي حملو ڪرڻ لاءِ ٻڌيه جي طرف کان ڪيئن ٿو اچي سگهي؟
هي اهو دور آهي، جڏهن عرب ايران کي فتح ڪري، ساساني بادشاهت کي ختم ڪري، مڪران جي علائقي ۾ سنڌ جي سرحد کي نظر ۾ رکندا پئي آيا. ان دور ۾ هڪ واقعو پيش آيو، جنهن سنڌ- عرب لاڳاپن ۾ بگاڙ پيدا ڪيو، ۽ طرفين ۾ ڇڪتاڻ وڌي. محمد علافي سنڌ- مڪران (ايران) سرحد جو ڪمانڊر هو. هن 85 هه/ 704ع ۾ مقامي بغاوت ۾ شڪست کاڌي ۽ سنڌ جي راجا ڏاهر وٽ اچي پناهه گزين ٿيو. (تحفة الڪرام، راشدي ايڊيشن، ص: 660) انهن حالتن ۾ سمجهڻ آسان آهي ته، سنڌ عرب لاڳاپن ۾ ڪيتري ڇڪتاڻ پيدا ٿي هوندي. عرب حاڪمن علافيءَ جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو، جيڪو سنڌ جي حاڪم قبول نه ڪيو. مٿي رَمل جي راجا پاران سنڌ تي حملي جو ذڪر ٿيو آهي. جنهن وقت علافي ڏاهر وٽ پهتو (هن سان گڏ پنج سؤ عرب بهادر به هئا)، ان وقت راجا رمل جي حملي ۽ جنگ جو ماحول سنڌ جي درٻار تي ڇانيل هو. وزير ٻڌيمن چيو ته، ”جنگ جو طريقو جهڙو عرب ڄاڻن ٿا، اهڙو ڪو ڪونه ڄاڻي. تنهنڪري علافيءَ کي گهرايو ۽ صلاح طور کانئس پڇو ته هن معاملي ۾ هو رهبري ڪري.“ (چچ نامو، سنڌي، ص: 95) ان باري ۾ محمد علافيءَ ڪي مفيد مشورا ڏنا، جنهن تي عمل ڪندي رمل جي راجا سان جنگ ڪئي وئي. ان ۾ راجا ڏاهر جي لشڪر کي سوڀ ٿي ۽ رمل جي لشڪر جا پير اُکڙي ويا. راجا ڏاهر خوش ٿي، ٻڌيمن وزير کي چيو ته جيڪو گهرڻو هجيئي، سو مون کان گهُر.“ وزير عرض ڪيو، ”مون کي اولاد ڪونه آهي، جنهن سان منهنجو نالو دنيا ۾ زندهه رهي. تون حڪم ڪر ته تنهنجي شاهي ضربخاني ۾ جيڪي چانديءَ جا سِڪا تيار ٿين ٿا، ۽ شاهه (بادشاهه) جي نالي جو شرف حاصل ڪن ٿا، تن جي ٻئي طرف تي بندي جو نالو اڪيريو وڃي، جيئن راجا جي چانديءَ جي سڪن جي طفيل بندي جو نالو باقي رهي، ۽ هند سنڌ جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين قائم هجي، ۽ ان جي ياد نه ميٽجي“. راجا ڏاهر جي حڪم سان (سِڪو) جيئن وزير عرض ڪيو هو تيئن، تيار ڪيائون. (چچ نامو، سنڌي، ص: 97) تاريخن ۾ لکيل آهي ته ان بعد راجا ڏاهر جا پير کپي ويا، ۽ ايڏي ته وڏي طاقت ۽ شان شوڪت حاصل ڪيائين، جو دارالخلافه جو مال ڦري سرڪشي ۽ بي پرواهي ڏيکارڻ شروع ڪيائين. هن جملي ۾ دارالخلافه جي مال ڦرڻ واري ڳالهه ۾ ڪا حقيقت ڪانهي. البت سنڌ جي راجا ڏاهر جي عاليشان طاقت ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سندس ناماچار ۽ شان شوڪت جي خبر پوي ٿي.
ان بعد هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جو عربن کي سنڌ تي حملي ڪرڻ ۽ راجا ڏاهر جي حڪومت جي خاتمي جو موقعو ملي ويو. تذڪرن ۾ اچي ٿو ته سرانديپ (سيلون) جي راجا، عراق جي وائسراءِ حجاج لاءِ ٻيڙيءَ رستي تحفا ۽ ڪي سوکڙيون موڪليون هيون. ان سان گڏ عجيب موتي ۽ جواهر، حبشي ٻانها ۽ ٻانهيون، ڪي ٻيا تحفا ۽ سانڍڻ لائق سوکڙيون دارالخلافت (خليفي) ڏانهن به روانيون ڪيائين. ڪي مسلمان زالون پڻ ڪعبة الله جي زيارت ۽ ملڪ شام جي سفر لاءِ روانيون ٿيون هيون (چچ نامو، سنڌي، ص: 124). مخالف هَوا لڳڻ ڪري عربستان ويندڙ ٻيڙو، اصل رستو ڇڏي اچي ديبل جي ڪناري تي پهتو. ان دور ۾ سنڌ جي سامونڊي حدن ۾، نڱامره قبيلي جا ماڻهو ڦرلٽ ڪندا هئا، جن تي وقت جي سرڪار جو ڪو به ضابطو نه هو. نڱامرن عربن کي ڦريو ۽ زالن ۽ ٻارن کي ديبل ۾ قيد ڪيو. اها خبر حجاج بن يوسف کي پئي ته هن داد رسيءَ لاءِ، راجا ڏاهر کي هڪ خط لکيو. ڏاهر خط جي جواب ۾ چيو ته، ”هي ماڻهو چور آهن ۽ انهن کان وڌيڪ طاقتور ڪو ڪونه آهي، اهي اسان جي به تابعداري نه ڪندا آهن.“ (چچ نامو، سنڌي، ص: 125- 126) هي اطلاع ملڻ تي حجاج، خليفي وليد بن عبدالملڪ کان سنڌ تي حملي ۽ ملڪ کي فتح ڪرڻ جي اجازت گهري. اهڙي اجازت ملڻ تي حجاج پنهنجي عزيز محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاهه ۽ فتح لاءِ مقرري ڪئي. ان کانسواءِ جنگ جي باقاعدي تياري شروع ڪري ڏني. ڪتاب ’چچ نامه‘ کانپوءِ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ ’تاريخ معصومي‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو ويو. مير معصوم لکي ٿو ته، سن 92 هه (710ع) ۾ حجاج بن يوسف جو سوٽ ۽ داماد محمد بن قاسم اسلام جو لشڪر وٺي بدلي وٺڻ لاءِ سنڌ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ ڪجهه وقت ڪرمان ۾ رهي لشڪر جو بندوبست، جنگ ۽ قلعي ڀڃڻ جا اوزار ۽ هٿيار تيار ڪري ڪيچ ۽ مڪران ۾ پهتو، جتان سنڌ جي فتح لاءِ روانو ٿيو. (تاريخ معصومي، سنڌي، ص: 56- 57) تاريخ معصوميءَ ذريعي عرب مهمن ۽ فتوحات جي باقاعدي تاريخ (سن يا سال)، يعني 92 هه/ 710ع سامهون اچي ٿو. محمد بن قاسم ۽ حجاج جي تعلق تي ’چچ نامه‘ (سنڌي) ۾ هڪ چارٽ تيار ڪري ڏنو ويو آهي، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پڙهندڙن لاءِ اهو چارٽ هتي شامل ڪجي ٿو:
ديبل جي واقعي ۽ محمد بن قاسم جي مقرريءَ کانپوءِ، عربن ۽ سنڌين لڙائيءَ جي تياري ڪئي ۽ پڻ ٻنهي طرفن کان اعلان جنگ جو طبل به وڄي ويو. جڏهن محمد بن قاسم موجوده بلوچستان (جو اُن وقت سنڌ ملڪ جو حصو هو) فتح ڪري، آخرڪار ديبل وٽ پهچي ويو. ان وقت ديبل سنڌ جو بندرگاهه ۽ هڪ اهم سامونڊي شهر به هو، جنهن ذريعي سنڌ جو پرڏيهه سان واپار ۽ ڪاروبار هلندو هو. ديبل جي فتح کان پوءِ ظاهر آهي ته عربن جا حوصلا ۽ همٿون وڌي ويون. بعد ۾ مختلف ماڳن، شهرن ۽ علائقن ۾ جنگيون ٿيون. ڪٿي جنگ جي ذريعي عربن کٽيو ته ڪٿي وري مقامي سنڌي نئين طاقت کي ڏسي مرعوب ٿيا ۽ هٿيار ڦٽا ڪندا ويا. مختلف ماڳن تي مقامي ڪمانڊرن ڏاهر جو ساٿ ڇڏي، عربن جي حمايت ڪئي. ائين عربن لاءِ سنڌ فتح ڪرڻ آسان ٿيندي وئي. آخرڪار فاتح محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر ۾ لاڙ جي شهر ’راوڙ‘ (جنهن کي ڀُلُ مان اروڙ به سڏيو وڃي ٿو، جڏهن ته هنڌ ٽنڊي الهيار ڀرسان هڪ ڍنڍ وارو ڄاڻايو وڃي ٿو) جي ڀرسان ’مهراڻ‘ جي ڪناري سان، زبردست جنگيون ٿيون. آخري ۽ فيصله ڪن معرڪو 10 رمضان 93هه (خميس جو ڏينهن) تي ٿيو. عيسوي سن جي حساب سان 712ع جو سال هو. زبردست لڙائيءَ کان پوءِ راجا ڏاهر سر ڏنو. ان ريت 712ع ۾ سنڌ ۾ برهمڻ راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ هن ملڪ تي عربن جي حڪومت قائم ٿي. هن وڏي سوڀ کان پوءِ محمد بن قاسم، سنڌ جي مختلف شهرن ۽ قلعن کي هٿ ڪندو، آخرڪار ملتان تائين پهتو. ملتان کي فتح ڪري اڃا وڌيڪ مُهمن جو ارادو هئس ته، اسلامي دنيا جي مرڪز ۾ سياسي تبديليون اچڻ شروع ٿيون. انهن تبديلين جو اثر لازمي طرح سنڌ جي علائقي ۽ اتي ٿيندڙ فتوحات تي به پوڻو هو، جو پوءِ واقعي به ڏسڻ ۾ آيو. خليفي وليد بن عبدالملڪ جي حڪم تي، سنڌ جي فتح جي منظوري ڏني وئي. ان ڪم لاءِ خليفي پنهنجي خاص معتمد ۽ عراق جي وائسراءِ، حجاج بن يوسف جي سفارش تي محمد بن قاسم جي نالي جي منظوري ڏني. ابن قاسم ان وقت فارس جي شهر شيرازياريءَ ۾ مقرر ٿيل هو. هو (ابن قاسم) حجاج بن يوسف جو ناٺي ۽ ويجهو عزيز به هو.
محمد بن قاسم سنڌ جي فتوحات ۾ مصروف ئي هو، تڏهن 95هه/ 714ع ۾ حجاب بن يوسف فوت ٿي ويو. خليفو وليد، جنهن سنڌ جي فتح جي منطوري ڏني هئي، سو 715ع ۾ وفات ڪري ويو. جيتوڻيڪ خليفي پنهنجي ڀاءُ سليمان بن عبدالملڪ کي نئون خليفو مقرر ڪيو هو پر ڪجهه ماڻهن جي راءِ هئي ته، وليد کي پنهنجي پٽ عبدالعزيز کي ولي عهد مقرر ڪرڻ کپندو هو. هن ڏس ۾ حجاج بن يوسف ۽ سندس ويجها عملدار هم صلاح هئا، پر تجويز تي عمل نه ٿيو، وَليد جهان ڇڏي ويو ۽ نئون خليفو سليمان بن عبدالمڪ (وفات: 715ع)، اسلامي دنيا جو نئون حاڪم اعليٰ بنجي ويو. ان پس منظر ۾ محمد بن قاسم جي معزوليءَ ۽ عربستان واپس پهچڻ جا حڪم جاري ٿي ويا. هي حڪم 96هه/715ع ۾ جاري ٿيا. حقيقت ۾ فاتح سنڌ جي معزوليءَ جا ڪي خاص سبب هئا. (چچ نامو، سنڌي، صه 535-557) اعجاز الحق قدوسيءَ لکيو آهي ته ابن قاسم جي معزولي سياسي بنيادن تي ٿي هئي. ملتان جي فتح کان پوءِ سنڌ جو فاتح قنوج جي طرف حملي آور ٿي رهيو هو، ليڪن ان وقت کيس حجاج بن يوسف جي وفات جي خبر ملي. کيس اها خبر ٻڌي گهرو صدمو پهتو. هن قنوج جي فتح جو ارادو ملتوي ڪري ڇڏيو. ملتان کي ڇڏي اروڙ پهتو. ان وقت پاڙي جي ڪجهه ننڍن شهرن تي حملا ڪيائين. سليمان بن عبدالملڪ اوڀر جي علائقن جي ڪمانڊ يزيد بن مهلب جي حوالي ڪئي. يزيد خارجه کاتو صالح بن عبدالرحمان کي ڏنو. صالح خارجي هو ۽ حجاج بن يوسف خارجين کي خوب مارايو هو. صالح جي حڪم تي ڳچ تعداد ۾ ’ثقفي‘ قتل ڪيا ويا ۽ پڻ گرفتار ڪيا ويا. اهو ئي سبب آهي جو محمد بن قاسم کي معزول ڪري، عربستان واپس پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو. ابن قاسم کي بريءَ حالت ۾ وطن واپس ڪيو ويو، جتي صالح جي حڪم تي کيس واسط جي جيل ۾ قابو ڪيو ويو. قيد جي حالت ۾ به هن کي ڳريون سزائون ڏنيون ويون. هن تمام بريءَ حالت ۾ واسط جي جيل ۾ وفات ڪئي. ان وقت سندس عمر ٻاويهه سال هئي. (تاريخ سنڌ، اردو، جلد اول، صه 217-225، اعجاز الحق قدوسي) سليمان رڳو محمد بن قاسم جو خاتمو نه ڪيو، پر نئين انتظاميه جي دور ۾، چين جي فاتح قتيبه بن مسلم ۽ اندلس جي فاتح موسيٰ بن نصير جي معزولي ۽ انهن جو عبرتناڪ انجام، تاريخ جا منفرد واقعا آهن. ان کان پوءِ شام (دمشق) جي خلافت، يزيد بن ابي ڪبشه سڪسڪيءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ پڻ سنڌ جي آزاد حيثيت کي ختم ڪري ان کي هڪ پرڳڻي جو درجو ڏنو ويو. ابتدا ۾ بنو اميه جي گورنرن 132هه/ 750ع تائين، پوءِ بغداد جي عباسي خليفن جي حاڪمن، سن 240هه/ 855ع تائين ۽ آخر ۾ عرب هبارين آزاد حاڪمن جي حيثيت ۾، سال 401هه/ 1010ع تائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي.

وڌيڪ ڏِسو: سنڌ ۾ اسلامي دور جي تاريخ يا وچئين (Medieval) دور جو اتهاس


لفظ سنڌ تي سڪندراعظم جي ڪاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو