سنڌ جا لوڪ ناچ (تاريخ ۽ پسمنظر) لوڪ ناچ يا عوامي ناچ، لوڪ سنگيت جو اهم حصو آهي، جيڪو انسان جي خوشيءَ وارن جذبن جي اظهار جو هڪ ذريعو آهي. ناچ جسم جو گيت آهي. جڏهن ٻولي اڃا وجود ۾ نه آئي هئي، تڏهن جسم جي مختلف حصن کي حرڪت ڏيڻ ۽ اشارن ذريعي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انساني ذهن جي واڌويجھه سان گڏ هي ذريعو پڻ دلچسپ ۽ خوشيءَ جو هڪ ذريعو بڻجي ويو. لوڪ سنگيت انساني خوشيءَ جي جذبي ۽ احساس جو آئينو آهي. ان جي خوشيءَ جي هر روپ ۾ چاهي اهو گيت هجي يا ناچ، ان ۾ نهايت سلوڻي انداز ۾ اندر جا اڌما پيش ڪيا ويندا آهن. ناچ ۽ سنگيت انسان ذات وچ ۾ ڳانڍاپي جو ذريعو آهي. سنڌ اندر لوڪ ناچ جا آثار موهن جي دڙي واري تهذيب کان موجود آهن، جنهن جو ثبوت موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران مليل ناچڻيءَ جي مورتي آهي. سنڌ ۾ مردن توڙي عورتن جا جدا جدا ناچ به ٿيندا آهن ته گڏ به ٿيندا آهن. شادين مرادين ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن تي سمورا گهر ڀاتي گڏجي جهمر پائيندا آهن. البته گهر کان ٻاهر زالن ۽ مردن جي گڏجي نچڻ جو رواج ڪونهي. سنڌ ۾ خوشيءَ جي موقعن لاءِ جدا جدا ناچ ۽ ٻول آهن، جيئن دهل جو تار ۽ ٻول جو سر پڻ جدا ٿئي ٿو. سنڌ ۾ اٽڪل ڏهاڪو کن اهڙا ناچ آهن، جيڪي مختلف موقعن تي تمام گھڻا ڪيا وڃن ٿا ۽ مقبول آهن. انهن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي اهڙا ناچ آهن، سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ جيڪي ناچ ٿين ٿا، انهن ۾ ڏانڊيا ناچ، ڏونڪا، جمالو، ٽلو، ڇيڄ، موائي، مگرمان، جھمر ۽ گھڙو نالي ناچ شامل آهن. ڏانڊيا يا ڏونڪا ناچ: مڱڻي، شاديءَ توڙي طهر جهڙن خوشيءَ جي موقعن تي ماڻهو هيءُ ناچ ڪرائيندا آهن. هن ناچ لاءِ ڪوٺ ڏني ويندي آهي، جنهن ۾ هڪ مڱڻهار يا ڪو منجهانئن ئي همراهه، دهل کڻي وچ تي بيهي، ڍانڍ جي وڄت ڍيرڙي ڍيرڙي بيهي وڄائيندو آهي، جنهن جون هي پنج ماترائون آهن: ڍينجان، ڍينجان، ڍينچڪ، ڍينچڪ، ڍين... وڄت پئي ٿيندي، ناچ جا شوقين هٿن ۾ جنڊيءَ جا ڏونڪا يا فوٽ ڏيڍ جيتريون ووڻاٺين جهڙيون ڪاٺيون کڻي، مڱڻهار جي چوڌاري گول صف ۾ ڦرندا، پير پير سان ملائي، ڏونڪا هڻندا، تار ڀريندا ويندا آهن. ڪجهه مهل ائين ڪرڻ کانپوءِ ڏاڍيءَ جهيل ۽ سريلي آواز سان سبحان جي صف ڪندا آهن: اول نانءُ الله جو، سو ته ٻانها ٻيءَ مَ لڳ، وو... لڳ ته ڀلي جي آسري، جنهن پر سارو جڳ، وو... گهوريو گهوريو وڃان تنهنجي نالي تان، صدقي صدقي، سڄڻ، تنهنجي نالي تان! صفت پوري ٿي ته پوءِ تکي لئي وڄندي: ڌنتڪ، تنتڪ، ڌنتان، تان، تان.... ان تي همراهه تکو تکو ڏانڊيو ڏانڊي سان وڄائيندا ۽ ڪافيون چوندا، انهن ۾ ڪليءَ ڪليءَ جون ٻه ٽي اُٿلاڻيون ڪندا، ٿلهه لوڙائو سُر ۾ کڻي، نرت يعني ناچ وجهندا آهن. بحراڻي جو ڇيڄ ناچ: درياپنٿي هندن جو رواج هوندو هو ته سانوڻ جي مند ۾ جڏهن نئين آيل پاڻي ڪري درياهه اوج تي هوندو هو، تڏهن درياهه شاهه تي ناريل جي ڀيٽا چاڙهيندا هئا، ان لاءِ ’بحراڻو‘ ڪڍندا هئا. نواڙ سان مڙهيل جنڊيءَ جي هڪ منجي، ان تي ٽامي جو وڏو ٿالهه رکي، تنهن ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ڏيئا ٺاهي، گيهه سان ٻاري رکندا هئا، ٻيون شيون ناريل، مصري، پتاشا خوشبو پڻ رکندا هئا ۽ اگربتيون پيون دکنديون هيون. اهو بحراڻو ڪلهن تي کڻي هلندا هئا. دهلاري ۽ شرنائي وارا، ’بحراڻو، وڄت، يعني تکيءَ وڄت ۾ ڪلواڙو وڄائيندا هلندا هئا. درياهه-پنٿي توڙي ٻيا شامل هندو، هٿن ۾ جنڊيءَ جا رنگي رتا ڏونڪا کڻي، جن کي گهُنگرو به ٻڌل هوندا هئا، هڪ ٻئي تي هڻندا، نچندا، جهانجهون وڄائيندا هئا. اها ڇيڄ ڏهه پندرهن منٽ تکيءَ لي تي پئي پوندي هئي ۽ مڱڻهارن جي ٽڪي وٺڻ تي، تار ڀري چوندا هئا: ’چئو، لال جا جاٽي، جهولي.... لال ٻيا وراڻيندا: ’جهولي... لال!‘ ڇيڄ پوري ٿيڻ بعد وري هلڪي لئي تي هلڪو ناچ شروع ٿيندو هو، تان جو درياهه شاهه يا ڪنهن ويجهڙي وهندڙ واهه تي پهچي اهو بحراڻي وارو سامان درياهه تي ڀيٽا چاڙهيندا هئا، يعني منجهس اُڇليندا هئا. وري ڳائيندا وڄائيندا، ڇيڄون هڻندا گهر موٽندا هئا. بحراڻي جو ڇيڄ رات جو ٿيندو هو. جمالو ناچ: هو ’جمالو‘ هڪ لوڪ گيت آهي، جنهن جي پس منظر ۾ ’جمالو‘ نالي ڪنهن مرد جو پرديس مان موٽي اچڻ جو واقعو آهي. اهو راڳ ۽ ناچ، گول صفن ۽ تاڙين وڄائڻ سان، زالون توڙي مرد، ٻار توڙي وڏا گڏجي ڪندا آهن. دهل جي وڄت تي جهڪي جهڪي به ڪيو ويندو آهي، ته ڇڙو تاڙين وڄائڻ سان به هي ناچ ڪيو وڃي ٿو. جمالي جا ٻول هي آهن: ٿلهه: هو جمالو ... هو جمالو جمالو جتن سان.... (جمالو جتن جو) جيڪو لڙي ويو لاڙ ڏي- هو جمالو! جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾- هو جمالو! جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾- هو جمالو! جنهن جون اکيون رب رکيون، لا- هو جمالو! جنهن جا ڏند دلبند، لا- هو جمالو! جنهن جا پير پنج سير، لا- هو جمالو! مون کي راڻو ته ريجهائي ڏيو- هو جمالو! مون کي پنهل ته پرچائي ڏيو- هو جمالو! کٽي آيو خير سان- هو جمالو! لڙي آيو لاڙ مان- هو جمالو! ٽلو ناچ: هيءُ نج سنڌي ناچ آهي، جيڪو دهل جي ٽلو ڌن تي ٿيندو آهي. هي ناچ به خوشيءَ جي موقعي تي ڪيو ويندو آهي. هن جي نچڻ جو انداز چيڻي، جهمر، وهل ۽ جهمٽ وارو ٿئي پر ٻولن جي لحاظ کان ادائن ۾ فرق اچي ٿو. هي ناچ اڪثر ڪري عورتون نچنديون آهن. هن ناچ ۾ گهڻو ڪري هي ٻول استعمال ٿيندا آهن: لئي لئي لاڙو، ڙي، ٽلو، لئي لئي لاڙو. ٿلهه- ٽلو! ڊومني اُچار... ٽلو! ڊومني اُچار. ڪلي- لئي لئي لاڙو... ٽلو، لئي لئي لاڙو! همت بڊوڪو، ڙي... ٽلو، همت بڊوڪو! مورڙو ناچ: هن ناچ ۾ ٻار جي تنجڻ جو سمورو نمونو ڏيکاريندا آهن، جنهن جا ٻول هن طرح آهن: ٿلهه- اوئان اوئان، ڙي رات ڄائو مورڙو! تيل جي تري تارونءَ تي مکجانس، سوئري جي ڪاني اکين ۾ وجهجانس، وهنجاري صبح جو دُڪو کارائجانس، اوئان اوئان، ڙي، رات ڄائو مورڙو! سئيءَ ناچ: هن ۾ ناچ، ناچو نچندي پَٽ تان سُئي ڳولڻ لڳندو آهي، هن جا ٻول هن طرح آهن: ٿلهه- سُئي وڃايم- اتي نهار ڇوري، اتي نهار! ڪلي- مائٽ منهنجا زوراور- سُئي وڃايم! ڀرت ڀرڻ جي- سُئي وڃايم! سانگ ناچ: هن ناچ جا ڪيترا قسم آهن، جن ۾ ٻه ٻه يا ٽي ٽي ماڻهو گڏجي ڀاڳ وٺن ٿا: اهي قسم هيٺ ڏجن ٿا: (الف) هڪڙو ماڻهو لٺ کڻندو، ٻيو گدڙ ٿيندو ۽ ٻول چوندا: ٿلهه: واه ڙي ماما، مار گدڙ کي، گدڙ مئو پيو گهٽ گهيڙ تي، گدڙ مئو پيو... واه ڙي ماما! ڪلي- اها دهري سُونهي گدڙ زال کي- گدڙ مئو پيو ... (ب) هڪڙو پٽو ويڙهي، بلا ٺاهي رکندا آهن، هڪ ماڻهو لٺ کڻي ان کي مارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هي ٻول چوندا: ٿلهه: ڪنگر ۾ ڪوراڙ! ٻڙي، ڪنگر ۾ ڪوراڙ! ڪلي- سا ته منهنجي ڀاءُ ماري! ڪنگر ۾ ڪوراڙ.... (ج) آڱر کي پٽي ٻڌي هي ٻول چوندا: ٿلهه: آيل ڙي، منهنجي آڱر ڏکي، حيلو ڪريو ته منهنجي آڱر ڇُٽي! ڪلي- ڪراچي ويس، حيدرآباد ويس، ڪوٽڙي ويس، دارون ڪونه لڳي.... حيلو ڪريو ته منهنجي آڱر ڇُٽي (د) ڪاٺ جي مهري مٿي تي رکي، ان جي مٿان پاڻيءَ سان ڀريل گهڙو آٿر پاٿر رکي، هڪ هٿ ۾ گهنگرين وارو ڏانڊيو کڻي، ناچو ناچ ڪندو ۽ ٻول هي چوندو آهي: ٿلهه- پاڻيئڙي تي ٿي وڃان، ڙي مٺڙا! پاڻيئڙي تي.... ڪلي- هن کوهه جو کارو پاڻي، مٺي تي ٿي وڃان، سنج ناهي مٺي تي، گهڙو گهڙي تي ڀڃان! ڙي مٺڙا! پاڻيئڙي تي.... ٿلهه- نارو ڪيئن ترندي؟ سا ڍورو ڪيئن ترندي؟ ڙي مٺڙا.... ڪلي- هن ڍوري جو تار پاڻي، سا تار منجهان ترندي- ڙي مٺڙا... کڳي: (ذ) هڪ عورت بغل ٺوڪيندي، آواز گگهو ڪندي، پڇاڙيءَ جو کاڏيءَ هيٺان اُبتو هٿ هڻي، ’ٽڙاخ‘ جهڙو آواز وات مان ڪڍندي، ٻول هي چوندي: ٿلهه: هين، جهين، گو، ايگ به ايگو! ڪلي: اي مائي ملوڪان! اي پلو ماني! اي نارو ڍو! ايگ به ايگو! راسوڙو: هي ناچ اصل ڪڇ ۽ گجرات جو آهي. سنڌ جي لاڙ ۽ ٿر ۾ انهن ذاتين ۽ قبيلن ۾ عام آهي، جن جو ڪڇ ۽ گجرات سان واسطو رهيو آهي. لاڙ ۽ ٿر جا ڪولهي ۽ ميگهواڙ وڏن ڏينهن تي هي ناچ ڪندا آهن. زالين مڙسين گڏجي نچندا آهن. راسوڙي ناچ ۾ ڪنواريون توڙي پرڻيل ڇوڪريون ۽ زالون حصو وٺنديون آهن. ناچ مهل ڪرشن مهاراج جو بوتو وچ ۾ رکندا آهن. دهلاري خاص وڄت ۾ دهل وڄائيندو آهي. ڪولهين ۽ ميگهواڙن جي وڄت ۾ فرق آهي. مسلمانن ۾ راسوڙو ناچ فقط ’خواجه‘ ۽ ’اسماعيلي‘ برادريءَ ۾ رائج آهي. رات جي خاموش وايومنڊل ۾ نوجوان نينگريون دهل جي خاص وڄت تي هرڻين وانگر ڇال ڏينديون، دهلاريءَ جي چؤڦير گول دائري ۾ بيهنديون آهن. دهلاري وڄت شروع ڪندو ته نينگريون ساڄي کان کاٻي ڦرنديون وينديون آهن. دهلاريءَ جي وڄت موجب ڇوڪريون ناچ ۾ ڦيرو آڻينديون آهن. پير کڻي، ساڄي کاٻي چپٽيون وڄائي، تاڙيون هڻي ناچ ڪنديون آهن. وڄت سان گڏ پيرن جو کڄڻ، هٿن جو هلڻ، چوڙين جو کڙڪو ۽ جهانجهر جو ڇمڪو عجيب نظارو پيش ڪندو آهي. خواجه جماعت جون نينگريون پنهنجي حاضر امام جي تشريف آوريءَ جو ٻڌي هن ناچ ذريعي خوشيءَ جو اظهار ڪنديون آهن. جُهمرِ: جهمر سنڌي لوڪ ناچ جو هڪ اهم قسم آهي، جيڪو سنڌ جي اڪثر قبيلن ۽ ذاتين ۾ موجود آهي. جهُمر هڻندڙ دهل جي تال تي گول دائري ۾ ٻئي ٻانهون اُڀيون ڪري، ساڄي پاسي ڪُلهن جي سامهون آڻي، آڱرين جون چوٽيون پٺئين پاسي موڙي يڪدم سامهون ڪندا آهن. اهڙيءَ ريت کاٻي پاسي ڪلهي وٽ ”تال“ پورو ڪري وري اچي منهن سامهون هٿن کي گول چڪر ڏيندا آهن. جهمر جا ڪيترا قسم آهن. جهڙوڪ: پٺاڻڪي جُهمر، جتڪي جهمر، بلوچڪي جُهمر، مڪراني جُهمر، سنڌي سماٽڪي جُهمر، ٿري جُهمر، جابلو جُهمر ۽ سنڌڙ جهمر اهم آهن. جهمر جي ٻين قسمن ۾: تاڙي جهمر'>ٽه تاڙي جهمر، پَلِي ڪپڻ واري جهمر، جَهَمٽ جهمر، ڌرتيءَ تي ليٽي نغزه هڻڻ، ڌڻڪي جهمر، ڏاڪي ڇوهه جهمر، رَهڪي (پوک) راڌڻ واري جهمر، ڦيري واري جهمر، ڪنڊي ڪڍڻ واري جهمر، گول دائري ۾ نغزه هڻڻ، لَونڊَڪَ، منڊي جهمر، نغزه جهمر، واري واري جهمر وغيره آهن. مريڙو (لوڪ ناچ): سنڌ ۾ عورتون سرنهن، ڄانڀي، جھل، للر، پلي، لوڻڪ، پالڪ ۽ مريڙي جو ساڳ رڌينديون آهن، جيڪو ٻنين مان پٽڻ وينديون آهن. مريڙو خاص ساڳ آهي، جنهن لاءِ پهاڪو آهي: ”لڀي لوڻڪ ڪا نه، سڌون مريڙي جون ڪرين.“ عورتون خاص تفريح لاءِ مريڙو پٽينديون آهن. ان شفل ۾ هارياڻيون توڙي مجيرياڻيون شامل هونديون آهن ۽ وڏي واڪي چار پنج ڄڻيون گڏجي لوڪ گيت ’مريڙو‘ ڳائينديون، نچنديون ۽ مريڙو چونديون آهن ۽ ڪانبن ۾ وجهنديون وينديون آهن. هاري ناري پاسي ڪريو، مائي مريڙو چونڊي، ڪمي ڪاسي پاس ڪريو، مائي مريڙوچونڊي. هي مريڙو ناچ سانگ جي انداز ۾ شادي وهانءَ جي موقعي ۾ گھوٽيتن جون ننڍيون نينگريون ۽ وڏيون مايون گڏجي ڪنديون آهن. هنبوشي (ناچ): سنڌ ۾ هنبوشي رقص خاص ڪري شادين جي موقعن تي ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنوار ۽ گھوٽ کي هڪ ٻئي سان گڏ ويهاريو ويندو آهي ۽ پوءِ دهل تي دوست احباب گول دائرو ٺاهي نچندا آهن ۽ زور سان تاڙيون وڄائي ۽ پوءِ ’شيدي باشا، هم باشا‘ چوندا ويندا آهن. مگرمان- مڪراني ناچ: سنڌ ۾ مگرمان/ مڪراني ناچ، شيدي لوڪ نچندا آهن. هي ناچ ڏانڊيا ناچ وانگر ٿئي. ڌمر (مغرمان) کي واس، ڌوپ ڏئي ميدان ۾ رکندا آهن، پوءِ ڌمر کي پهرين جهڪي لئي ۾ وڄائين ۽ ان سان پهلو داري به رکن، پوءِ شيدي، ڌمر کي چوڌاري ڦري ويندا ۽ هٿن ۾ ڏؤنڪا کڻي به نچن ۽ هٿين خالي به نچن. جيئن جيئن ڌمر جي لئي تکي ٿيندي ويندي، تيئن شيدي ويندا مچندا. ائين چوٽ لئي تي ناچ ختم ٿئي. ڌمال: فقيراڻي ڌمال سنڌ ۾ اوليائن جي ميلن ۾ وڄندي آهي. ميلا اڪثر ٽي ڏينهن هلن ۽ ٽي ڏينهن نوبت وڄندي آهي. ڀيرين ۽ نفيلن وڄائڻ وقت يا علي ۽ قادر قلندر مست جا نعرا هنيا ويندا آهن. نوبت وڄڻ سان فقير اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ ڌمال تي وجد جي ڪيفيت ۾ ناچ ڪندا آهن. هن ناچ ۾ ادائن جي ڪا خاص بندش ناهي. ڌمال ۾ اٺن ماترائن جو تال ٿئي. گھڙي جو ناچ (ناچ): گھڙي جو ناچ، سنڌ جي ناچن جو نڪ آهي. هي وڏا ڪاريگر ناچو نچي سگھندا آهن. ناچو هڪ چار فوٽ ڊگھي ۽ ٽي چار انچ موڪري گول جنڊي تي لٿل ڪاٺي کڻندا آهن. ان ڪاٺي جا ٻئي پاسا مُڇيل هوندا آهن. هڪڙو گھڙو پاڻي تان تار کڻندا. گھڙي کي ڪاٺي جي هڪ مُڇي تي ٽڪائي پوري وزن ۾ بيهاريندا. پوءِ فنڪار مٿي تي سينهون رکندو. پيرن ۾ ڇير ٻڌندو. ڪاٺي دلي سوڌي سينهي تي پوري وزن ۾ ٽڪائيندو . ٻنهي هٿن ۾ چپڙي يا ڏاڪا کڻندو، جن جي هڪ پاسي گھنگھرو ٻڌل هوندا آهن. دهل وڄندو ۽ ناچ جي وڄت تي فنڪار نچندو، ڏاڪا هڻندو، پيرن سان ڇير ڇمڪائيندو، پر دلي مان پاڻي نه ڇلڪندو. ڪي فنڪار ٻه ٻه دلا به ڪاٺي تي رکندا آهن. هي خوشيءَ جو ناچ صرف مرد نچن ۽ گھڻو ڪري شاديءَ جي موقعي تي نچندا آهن. چيڻو (ناچ): هي ناچ سنڌ کان وٺي ملتان تائين مشهور آهي. سنڌ ۾ نچڻ اورا، پيرن ۾ ڇير ٻڌي، هٿن ۾ ڇير دار ڏونڪا کڻي نچندا آهن. اڪيلا به نچندا آهن، ته ٻه چار ڄڻا گڏجي به نچن. سنڌ ۾ مڱڻهار چيڻي کي ڄمائي بلمپت لئي ۾ آهستي وڄائين. شاديءَ ۾ ڪنواريتي گھر پڙو کڻي وڃڻ مهل دهلاري چيڻو وڄائيندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ تي ناچ ٿيندو آهي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا ڪيترائي لوڪ ناچ مشهور آهن، جن ۾ مٽڪُو ۽ مور ناچ وغيره اچي وڃن ٿا.